سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ

باب: --

صفحو :2

هِتي، ڇا اهو سوال اٿارڻ فطري ناهي ته انهن سڀني ٻولن ۾ ڌاتو ٻول ڪهڙو آهي؟

ليکڪ اهو سوال اٿارڻ به ضروري ٿو سمجهي ته ڌاتو ٻول ڇا انهن ئي مان ڪو هڪ هئڻ ضروري آهي؟

ڇا اهو ممڪن ناهي ته انهن سڀني ٻولن جو ڌاتو متان مورڳو ئي ڪو ٻيو هجي!؟

مٿي ڏنل سڀني ٻولن کي ڏيان سان جاچڻ کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته وڌيڪ نروار ٻول /هڪ، هيڪ، اڪ، ايڪ ۽ يڪ/ آهن، ۽ وڏو امڪان اهو آهي ته ڌاتو ٻول انهن ئي مان ڪو هڪ هوندو پر ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته حقيقي پاڙ (root)، اصولي ڌاتو ٻول اڃا ڪو ٻيو آهي. ڪهڙو؟ ليکڪ ائين ڇو ٿو چوي؟

اچو ته لفظن جي آوازن تي ڌيان ڏيون:

     /هِڪۡ/ = ]هه[ + ]اِ[ + ]ڪ[

     /هِيڪۡ/ = ]هه[ + ]اي[ + ]ڪ[

     /اِڪۡ/ = ]اِ[ + ]ڪ[

     /ايڪۡ/ = ]اي[ + ]ڪ[

     /يَڪۡ/ = ]ي[ + ]اَ[ + ]ڪ[

ڪو اعتراض اٿاري سگھي ٿو ته صحيح اچار /هڪۡ/ نه پر /هِڪُ/ آهي ۽ اهڙيءَ طرح /هيڪۡ/ درست ناهي پر /هيڪُ/، جيئن ج س ل ڄاڻايو آهي، يا وري /هيڪِ/ درست آهي ۽ /ايڪۡ/ جي بدران درست اچار /ايڪَ/ ٿيندو. پر، ڀانيان ٿو ته، /اِڪۡ ۽ ايڪۡ/ جي اچار تي ڪو به اعتراض نه اٿاريو ويندو، ۽ جن سببن جي ڪري انهن ٻولن جي اچار تي اعتراض نه ٿو اٿي ٺيڪ انهن سببن جي ڪري /هِڪۡ، هيڪۡ ۽ ايڪۡ/ تي به اعتراض نه ڪرڻ گھرجي پر پوءِ به مختصر ڳالهه ٻول ۽ وضاحت جي گھرج، بهرحال،  موجود آهي.

(1)  هيءُ هِڪُ هٿ آهي.

(2) هيءَ هڪَ آڱر آهي.

پهرئين جملي ۾ /هِڪُ/ ۽ ٻئي جملي ۾ /هِڪَ/ ٻول ڪم آيو آهي.

/هِڪُ/ = ]هه[ + ]اِ[ + ]ڪ[ + ]اُ[

/هِڪَ/ = ]هه[ + ]اِ[ + ]ڪ[ + ]اَ[

ٻنهي ٻولن جو (تۡرت)-ڌاتو ساڳيو آهي، ٻئي صفت آهن پر ٻنهي جي مفهوم ۾ معنوي فرق موجود آهي، ۽ اهو معنوي فرق انهن ٻنهي ٻولن جي ڇيهه وٽ آيل صرفيائن }اُ{ ۽ }اَ{ جي ڪري آهي جن کي پروس صورت يا پڇاڙي به سڏي سگھجي ٿو.

/-اُ/ پڇاڙيءَ واسطيدار ٻول ۾ مذڪر واحد جو مفهوم وڌايو آهي.

/-اَ/ پڇاڙيءَ واسطيدار ٻول ۾ مؤنث واحد جو مفهوم وڌايو آهي.

انهن ٻنهي ٻولن جو (ترت)-ڌاتو ٿيندو /-هِڪۡ/ = ]هه[+]اِ[+]ڪ[

/اِڪو/ ۾ /-او/ ۽ /-اِڪِي/ ۾ /-اِي/ پڇاڙيون آهن جيڪي ٻول ۾ معنوي فرق پيدا ڪندي صرفيه جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. ٻنهي ٻولن جو (ترت)-ڌاتو /اِڪۡ/ آهي.

]نوٽ: سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو ليکڪ واحد بخش شيخ، وڏو سنڌي وياڪرڻ ليکڪ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، سنڌي معلم ليکڪ ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي وياڪرڻ (4-ڀاڱا) ليکڪ مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌي وياڪرڻ جي حوالي سان لکيل ٻين ڪتابن ۾ مٿي ڄاڻايل پڇاڙين جو تفصيلي ذڪر موجود آهي.[

/هيڪاڻي/ ۽ /هيڪائي/ ٻولن ۾ واريسر /-آڻي/ ۽ /-آئي/ پڇاڙيون آهن تنهنڪري انهن ٻولن جو (ترت)-ڌاتو ٿيندو /ايڪ/.

/ايڪ/ جو ڦري، مَٽجي /هيڪ/ ٿيڻ ۽ /هيڪ/ جو ڦري، مَٽجي /ايڪ/ ٿيڻ ۽ ساڳيءَ طرح /هِڪ/ ۽ /اِڪ/ جي هڪ ٻئي ۾ مَٽ سٽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان بحث جوڳي ڳالهه ئي ناهي. سنڌيءَ ۾ ضمير غائب جي نمائندگي ڪندڙ ٻول ان جو چٽو مثال آهن.

     اِيءُ: ضمير. ]سن. اِوَمۡ[ هيءُ.                   (ج س ل)

-  اِي ڪم الاهي، نه ته ڪُنن ۾ ڪير گھڙي. (شاهه: سهڻي)

-  هِي منهن ڏئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين. (شاهه: مارئي)

هِنَ = اِنَ

هُنَ = اُنَ

هُننۡ = اُنَن، اُنهن

هِنَنۡ = اِنَن، اِنهن

هو = او

هي = اي

ليکڪ پاران اهو سوال اٿارڻ بلڪل فطري آهي ته /هِڪ/ ڦري، مَٽجي، وڌي /هيڪ/ ٿيو آهي يا /هيڪ/ ڦري، مٽجي، گھٽجي /هڪ/ ٿيو آهي؟

مختلف لغتن تان چونڊيل، مٿي جيترا به ٻول ڏنا ويا آهن انهن مان ڪنهن ۾ به، جيڪڏهن، ڪو ٻول ڌاتو طور نشانبر ڪيل آهي ته اهو /ايڪ/ ئي آهي، تنهنڪري، چئبو ته انهن عالمن جي نظر ۾ ڌاتو ٻول /ايڪ/ آهي جيڪو ڦري، مَٽجي، سُسي يا گَهٽجي /اِڪ/ ٿيو آهي ۽ ساڳين بنيادن تي چئبو ته /هيڪ/ پڻ ڦري، مٽجي، گھٽجي /هڪ/ ٿيو آهي.

ڪن ٻولن ۾ جڏهن تبديلي اچي ٿي تڏهن ڇا سُر آواز سُسندا يعني ڊگھي سُر مان بدلجي ننڍا سُر ٿيندا آهن؟

جي، ها، ته ان جي ڪا ثابتي؟

۽ جي مڃجي ته /ايڪن/ ڦري /ايڪ/ ۽ اهو ڦري /اڪ/ ٿيو آهي ته انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجھ وڌيڪ دليلن جي گھرج پوندي.

ليکڪ وٽ اهو ڀروسو رکڻ لاءِ ڪيترائي سبب ۽ انهن لاءِ مثال موجود آهن ته ننڍو سر آواز ٻول جي ڪيترين ئي ترڪيبن ۾ ڦري، مٽجي، وڌي (اندروني تبديليءَ هيٺ اچي) ڊگھو سر ٿي سگھندو آهي، ۽ ڪيترين ئي ڄاتل حالتن ۾ هڪ معنوي فرق پيدا ڪندو آهي. ٿورا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

فعلي ٻولن جو ڌاتو ۽ اسم مصدر

لازمي صورت

اندروني تبديلي

متعدي صورت

ٻَـــــرۡ، ٻرڻ

] اَ [ وڌي ] آ [ ٿئي ٿو

ٻَـــــارۡ، ٻارڻ

تَــــرۡ، ترڻ

=

تَــــارۡ، تارڻ

ٺَـــــرۡ، ٺرڻ

=

ٺَـــــارۡ، ٺارڻ

ٺَـــــهۡه، ٺرڻ

=

ٺَـــــاهۡه، ٺرڻ

ڀَــــرۡ، ڀرڻ

] اُ [ وڌي ] او [ ٿئي ٿو

ڀَــــورۡ، ڀورڻ

تُـــــرۡ، تُرڻ

=

تــــورۡ، تورڻ

چُـــــرۡ، چُرڻ

=

چـــــورۡ، چورڻ

رُلۡ، رلڻ

=

رُولۡ، رولڻ

ٿِــــڙۡ، ٿڙڻ

] اِ [ وڌي ] اي [ ٿئي ٿو

ٿِــــيڙۡ، ٿيڙڻ

رِڙِهۡه، رِڙهڻ

=

رِيڙِهۡه، رِيڙهڻ

کِـــڙۡ، کڙڻ

=

کِـــيڙۡ، کيڙڻ

هِـــرۡ، هِرڻ

=

هِـيرۡ، هيرڻ

(اسم مصدر لفظ سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو تان ورتل)

/هِڪ، اِڪ/ ۾ سُر آواز ]اِ[ آهي ۽ مٿي ڏنل مثالن کي سامهون رکي سمجھي سگھجي ٿو ته اهو سر آواز جڏهن ڊگهو ٿئي ٿو تڏهن ]اي[ ۾ بلجي ٿو. /هڪ، اڪ/ مان سر آواز جي اهڙيءَ ئي تبديليءَ جي نتيجي ۾ /هيڪ، ايڪ/ جنم ورتو آهي ـــــــــ اها آهي ليکڪ جي راءِ.

ان تبديليءَ کي جيڪڏهن مڃيو وڃي ته اها ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ اڃا وڌيڪ ڳرن دليلن جي گھرج پوندي ته /ايڪن/ ۽ /ايڪ، هيڪ/ ڦري، مَٽجي، سُسي، اندروني تبديليءَ هيٺ اچي /اڪ، هڪ/ ٿيو هوندو، جڏهن ته /اڪ، هڪ/ جو بدلجي /ايڪ، هيڪ/ ٿيڻ هڪ مدلل ۽ ٺوس بنياد رکي ٿو.

ڪو اعتراض واريندي چئي سگھي ٿو ته مٿي ڏنل مثالن ۾ سندس راءِ موجب، متعدي فعل ڦري، مَٽجي، سُس، اندروني تبديليءَ هيٺ اچي لازمي فعل ٿيا آهن.

ڪير به ائين چئي سگھي ٿو ۽ ائين چئي سگھڻ جو کيس حق به آهي پر کيس پنهنجيءَ راءِ جي حمايت ۾ دليل، بهرحال، آڻڻا ئي پوندا.

لسانيات جي دنيا ۾ طيءِ ٿيل اصول آهي ته ڪو به ڌاتو ٻول ڪڏهن به ڪردنت صورت مان نه اسرندو آهي. ڌاتو ٻول ننڍي ۾ ننڍو معندار جزو ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختار صورت ئي هوندو آهي. ڌاتو ٻول سان ڪا به پروس صرفيه ڳنڍيل نه هوندي آهي.

شڪ جو ڪو به علاج ناهي. ان هوندي به هيٺ هڪ ڌاتو ٻول ڏئي ان مان ڪردنت صورتن جي نشاندهي ڪجي ٿي:

       /وَڍۡ/ = ]و[ + ]اَ[ + ]ڍ[

     + /اَ/ = وَڍَ

     + /آ/ = وڍا

     + /اِ/ = وَڍِ

     + /او/ = وَڍو/وڍيو

     + /اي/ = وَڍي

     + /اڻ/ = وَڍڻ

+ /او/ = وَڍڻو

+ /آ/ = وَڍڻا

+ /اِي/ = وَڍڻِي

+ /اون/ = وَڍڻيون...

سُر آواز جي تبديل جي نتيجي ۾:

وڍ > واڍ

/واڍۡ/ =  ]و[ + ]آ[ + ]ڍ[

/واڍ/ + /او/ = واڍو

      + /آ/ = واڍا

      + /اِي/ = واڍي

      + /اُون/ = واڍيون

      + /ڪ/ = واڍڪ

   + /او/ = واڍڪو

   + /آ/ = واڍڪا

   + /اِي/ = واڍڪي

           + /اُون/ = واڍڪيون

وڍائڻ، وڍائڻي، وڍائڻيون... ۽ ٻيا سوين اهڙا /وڍ/ ڌاتو رکندڙ ٻولَ. ليکڪ پنهنجي هڪ مقالي استدلال جو اهو طريقو غلط آهي (ڪتاب اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون ]2000ع[) ۾ /لِک/ ڌاتو رکندڙ ڪردنت ٻولن جون لڳ ڀڳ 12-سؤ ممڪن سنڌي صورتون ڄاڻايون آهن.

پَنڌ ـــــــــ پانڌي مڇ، مڇي، ماڇي

مَنڊ ـــــــــ مانڊو  ڪڇ، ڪڇي، ڪاڇيلو

ٻڪر ـــــــــ ٻاڪرو        ٿر، ٿري، ٿاريلو

پُڇ ــــــــ پوڇڙ    ڪُڏ، ڪوڏ، ڪوڏيو

ٻُڌ ـــــــــ ٻوڌي   رُل، رولو، رولاڪ

ڏٿ ـــــــــ ڏوٿي  ڏڌ، ڏوڌي، ڏوڌيلو

مِڙ ـــــــــ ميڙو    مِٺ، ميٺ، ميٺاڄ

هِر ـــــــــ هيراڪ  تِک، تيک

ڏِٺ ـــــــــ ڏيٺ   پِن، پينو، پيناڪ

ڪي ئي ٻيا مثال پيش ڪري سگھجن ٿا.

هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا ٻول به موجود آهن جن ۾ ]اُ[ بدلجي ]اُو[ ۽ ]اِ[ بدلجي ]اِي[ ٿئي ٿو پر اهڙي تبديليءَ جي نتيجي ۾ ٺهيل ٻولن منجھ عام طرح ڪو خاص معنوي فرق نه ٿو اچي. ڪجھ مثال:

نِئڻ ـــــــــ نيئڻ          ٿئڻ (ٿيڻ) ــــــــــ ٿيئڻ

ڏيڻ ـــــــــ ڏيئڻ          جئڻ ـــــــــ جيئڻ

 

هڪ/اڪ ڇا مفرد ٻول آهن؟

     مفرد لفظ: اهو لفظ، جو هڪ ئي خودمختار صورت وارو هجي، ۽ جنهن سان ڪا به پروس صورت ملايل نه هجي، اهڙي لفظ کي مفرد لفظ چئبو آهي. ماهرن اهڙن لفظن کي بنيادي لفظ (Primary Word) به سڏيو آهي. مفرد لفظن جا مثال هي آهن:

/ڇوڪر، پيءُ، پٽ، پت، هاٿي ۽ ڄاڻ/ وغيره

مرتب لفظ: اهو لفظ، جنهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس صورتون شامل ڪيل هجن، اهڙي لفظ کي مرتب لفظ (Complex Word) چئبو آهي. مثال طور:

/سُپَت، واڄَٽ، پُٽيتو، کٽمٺڙو، اڻهوند، اَڄاڻ، اڻڄاڻپ، ڏُتــڙ، سڄڻ، سچيتائي، ڪُپتيو/ وغيره.

مرڪب لفظ: ...مرتب ۽ مرڪب لفظ ۾ اهو ئي ته خاص فرق آهي، يعني مرتب لفظ اهو آهي جنهن سان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس صورتون شامل هجن... پر مرڪب (Compound) لفظ جي حالت ۾، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خودمختار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هونديون آهن، ليڪن ان سان ڪا به پروس صورت گڏيل ڪا نه هوندي آهي. مثال طور:

/گھر ڌڻي، آگ گاڏي ۽ پروس/ لفظَ.

(ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ]1987[ ص 24 ۽ 30)

]نوٽ: ليکڪ کي الانا صاحب جن پاران ڏنل ڪجھ مثالن سان اختلاف آهي. هتي مقصد گھربل اصطلاحن جي وصف ۽ وضاحت آڻڻ آهي.[

/ايڪن/ ٻول جا /اي/ ۽ /ڪن/ جيڪڏهن ٻه جز آهن ۽ هر هڪ جز جي پنهنجي سر، آزاد صورت ۾، ڪا مقرر معنى آهي ته، /ايڪن/ کي هڪ مرتب ٻول قرار ڏيڻو پوندو. ليکڪ نه ٿو ڄاڻي ته سنسڪرت ٻولن جي ڊڪشنري ۾ ڪو اهڙو ٻول يا ڪي اهڙا ٻول موجود آهن يا نه جن ۾ /ايڪن/ (ترت)-ڌاتو ٻول طور ڪم ايندو هجي، جيئن /پروَسيڪو/ ٻول ۾ /پروس/ (ترت)-ڌاتو ٻول طور ڪم آيو آهي. ٻيو ته، /ايڪن/ جي اصطلاحي معنى سچ پچ هڪ ئي هجي، بحث جوڳي ڳالهه آهي، تنهنڪري /ايڪن/ بحث کان خارج آهي.

اچو ته اڳ ۾ ڪجھ ٻين ٻولن تي ڌيان ڏيون:

 لفظ  ترت ڌاتو  پڇاڙي

ليکڪُ = ليکڪ + /اُ/.

/-اُ/ سنڌيءَ جي ڄاتل سڃاتل مذڪر واحد لاءِ هڪ پڇاڙي

ليکڪا = ليکڪ + /آ/.

/-آ/ سنڌيءَ جي ڄاتل سڃاتل مؤنث واحد لاءِ هڪ پڇاڙي

ليکڪۡ = ليک + /ڪۡ/.

/-ڪ/ هڪ پڇاڙي جيڪا عام طرح دار يا وار جي معنى ڏئي ٿي ۽ مذڪر جي حوالي سان وارو ۽ مؤنث جي حوالي سان وارِي جو مفهوم پيدا ڪري ٿي.

     /ليکۡ/ سُر جي تبديليءَ وسيلي /لِکۡ/ مان اسريو آهي.

بيهڪَ = بيهڪ + /اَ/.

/-اَ/ سنڌيءَ جي ڄاتل سڃاتل مؤنث واحد لاءِ هڪ پڇاڙي

بيهڪۡ = بيهه + /ڪۡ/.

/-ڪ/ هڪ پڇاڙي جيڪا ڪيترن ئي ٻولن ۾ واسطيدار ٻول واري حالت جي نشاندهي ڪري ٿي.

ڪنڀارڪو=ڪنڀارڪ +/او/.

/-او/ سنڌيءَ جي ڄاتل سڃاتل مذڪر واحد لاءِ هڪ پڇاڙي.

ڪنڀارڪي=ڪنڀارڪ +/اِي/.

/-اِي/ سنڌيءَ جي ڪيترن ئي مقرر ٻولن ۾ مؤنث واحد لاءِ ڄاتل سڃاتل هڪ پڇاڙي.

ڪنڀارڪ =ڪنڀار +/ڪ/.

/-ڪ/ هڪ پڇاڙي جيڪا ڪيترن ئي ٻولن ۾ جڏهن اچي ٿي تڏهن ان ٻول سان واسطيداري جو مفهوم پيدا ڪري ٿي.

     /ڪنڀار/ ۾ /-آر/ هڪ پڇاڙي آهي.

 

سنڌيءَ جا ڪي ٻول هيٺ ڏجن ٿا جن ۾ هڪ مرڪب ٻول سان ڪي پڇاڙيون ڳنڍجي انهن کي مرتب ٻول ۾ تبديل ڪن ٿيون:

ٻپاڙو = /ٻِه/ + /پاڙ/ + /او/

- ٻُپڙي، ٻُپور، ٻڄِڀو، ٻه لَڙهو، ٻه لَپي، ٻه هٿيو، ٻه تارو، ٻه ٽِڻ، ٻپارو، ٻه جويو، ٻچِتو، ٻرقمي، ٻِسَر، ٻِڪَنو، ٻلاٽو، ٻواٽو، ٻپهري.

هيٺ ڪي مرتب ٻول ڏجن ٿا جن م ڌاتو ٻول کي پرکڻو آهي:

ٻِل، ٻِلهه، ٻِلهڻ، ٻِلهڙ، ٻِياني، ٻِهار، ٻنهي، ٻِئڙ، ٻهاڻ، ٻيو، ٻيون، ٻِئُوڻ، ٻِيڻ، ٻِي، ٻن.

ٻِٽو  =  /ٻٽۡ/+/او/

ٻِٽي  =  /ٻٽۡ/+/اي/

ٻِٽا  =  /ٻٽۡ/+/آ/

ٻِٽيون  =  /ٻٽۡ/+/اُون/

ٻِٽائي  =  /ٻٽۡ/+/آئي/

ٻِٽُ  =  /ٻٽۡ/+/اُ/

ٻِٽَ  =  /ٻٽۡ/+/اَ/

توڙي جو هنن ٻولن ۾ ڌاتو ٻول /ٻٽ/ ڀائنجي ٿو پر ڇا اهو ئي سچ پچ ڌاتو ٻول آهي؟

جواب آهي، نه.

     ٻِٽَ: ث. ٻه پوتيون يا چادرون... ٻٽي چادر... ٻه ڳنڍيل ڪپڙا. تترن جا ٻه ڳنڍيل پڃرا. ٻه-سانگي ڪاٺي - ٻيلنگهه. ڪن به ٻن شين جي گڏ هجڻ جي حالت. ٻٽائي- ٻيڻ...

     ٻِٽَ ج ٻٽَ: ذ. ]س. دۡوِ = ٻه[ ٻن آڱرين سان مقعد کي هنيل ڌڪ...

     ٻِٽَ، ٻٽُ: صفت. ٻه گڏ - ٻيلهه - جوڙو - جُٽ. ڪلهو ڪلهي ۾ - شامل - گڏ... (ج س ل)

/ٻِٽ/ ۾ /ٻِ (ٻه)/ ڌاتو آهي ۽ /ٽ/ هڪ پڇاڙي آهي جيڪا ڌاتو جي معنوي موجودگي واري حالت يا ان سان واسطيداريءَ جو مفهوم پيدا ڪري ٿي.

هيٺ ڏنل ٻولن ۾ ساڳئي ڌاتو کي محسوس ڪريو:

ــــــــــ ٻارهو، ٻاراهي، ٻاروهي، ٻارهو، ٻارِس، ٻارَس، ٻاون، ٻاونجاهه، ٻائيتاليهه، ٻاهتر، ٻاهٺ، ٻاچُو، ٻاڪُو، ٻاڪَ، ٻٽونگر، ٻٽيهه، ٻٽيهو، ٻٽيهي ۽ ٻَٽورَ.

     ٻَکُ ج ٻَکَ: ذ ]سن. وڪشَسَ = ڇاتي[ ٻنهي ٻانهن سان وڌل ڀاڪر...

/ٻک/ ۾ /ٻَ (ٻه)/ ڌاتو آهي ۽ /ک/ هڪ پڇاڙي جيڪا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ /-ڪ/ جهڙي مفهوم جي نمائندگي ڪري ٿي. مثال: وائک.

ــــــــــ ٻپهري، ٻيجڙ، ٻيجهڙ، ٻيچتي، ٻيچرو، ٻيڌارو، ٻيڪڙ، ٻيکڙ، ٻيلهه، ٻيگهڙو، ٻيگهو، ٻيل، ٻيلهه، ٻيلاس، ٻيلانگ، ٻيلپ، ٻيلڙو، ٻيلپڻ، ٻيلڻ، ٻيلهار، ٻيلهاڙو، ٻيلهڙ، ٻيئي ۽ ٻيلي.

/ٻِي/ = ]ٻ[ + ]اي[

/ٻِ/ = ]ٻ[ + ]اِ[

انهن ٻنهي ٻولن ۾ به ڌاتو /ٻِ (ٻه)/ آهي.

ـــــــــ ٻيڻِ، ٻيڻُ، ٻيڻي، ٻيڻائي، ٻيڻائڻ، ٻيهار، ٻيهر، ٻيئر، ٻيئار ۽ ٻيئڙ.

/ٻي/ = ]ٻ[ + ]اي[

/ٻِ/ = ]ٻ[ + ]اِ[

انهن ٻولن ۾ به ڌاتو /ٻِ/ آهي.

/ٻُڪُ، ٻُڪڙ ۽ ٻُڪي/ ۽ /ٻِڪَ، ٻِڪو ۽ ٻڪي/ ۾ واريسر بظاهر ڌاتو ٻول /ٻُڪُ/ ۽ /ٻِڪ/ آهي، پر ڇا حقيقت ائين آهي؟

ڇا انهن ٻولن ۾ /ڪ/ هڪ پڇاڙي ناهي؟

     ٻِڪ ج ٻِڪون: ث. ]سن. دۡوِ = ٻه[ پتن جي تاس ۾ ٻن داڻن وارو پتو ـــــــــ دُڪي.

     ٻُڪڙُ ج ٻڪڙَ (ٿ): ذ. اهو هنڌ جتي ٻن  ڀٽن جا منهن اچي پاڻ ۾ ملن.

     ٻُڪي ج ٻُڪيون: ث. اَنَّ جي لپَ... (ج س ل)

]نوٽ: ج س ل ۾ /ٻُڪي/ ٻول جون جيتريون به معنائون ڏنل آهن انهن ۾ لپَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. لَپَ جي معنى ڪنهن شيءِ سان ڀريل مُٺ ـــــــــــ هٿ جي تريءَ جيترو مقدار ـــــــــــ جيترو هٿ ۾ اچي. هٿ ڏونگهيءَ وانگر جهلڻ جي حالت... ڏنل آهي، ۽ اها نسبتاً درست آهي. ٻُڪي ۽ لَپ ۾ فرق آهي.[

     ٻُڪُ ج ٻُڪَ: ذ. هٿن جي چيچ وارن پاسن کي پاڻ ۾ ملائي جهلڻ جي حالت.

]نوٽ ٻه گڏيل لپون برابر آهن هڪ ٻڪ جي. اڳي هڪ عورت ويهي جنڊ ڦيرائيندي هئي ۽ ٻي عورت ٻڪي وجهندي هئي، اهڙيءَ طرح شاديءَ مراديءَ تي جيڪا ٻڪي ورهائبي هئي ان ۾ عام طرح مٺائي جو ٻُڪ ڀري ڏبو هو.[

ٻن جو تصور مٿي ڏنل سڀني ٻولن ۾ موجود آهي، ان ڪري، /-ڪ/ کي هڪ پڇاڙي ئي سمجهڻو پوندو.

/جَتڪو، ڄٽڪو ۽ واڻڪو/ ۽ /جتڪي، ڄٽڪي ۽ واڻڪي/ ٻولن تي ڌيان ڏيو. انهن سڀني ٻولن ۾ /-او/ ۽ /-اي/ پڇاڙيون آهن، جيڪي ڌار ڪرڻ کان پوءِ باقي (ترت)-ڌاتو ٻول /جتڪۡ، ڄٽڪۡ ۽ واڻڪۡ/ بچن ٿا. ڇا انهن کي مفرد يا ڌاتو ٻول سڏي سگهبو؟

جواب آهي، نه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com