سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ

باب: --

صفحو :6

اهڙيون هزارين قسمن جون شيون جامع سنڌي لغات ۾ کٽل آهن، پر رڳو اِهي شيون کٽل ناهن، ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي.

جامع سنڌي لغات ۾ ڪيترائي سوَ ڀيرا لفظ ڏسڻا پيا اٿم. ڪيترائي ڀيرا ان نيت سان لفظ ڳوليو اٿم ته اهو منجهس موجود آهي يا نه. ڪي مليا آهن ۽ ڪي نه. جيڪي نه مليا اهي اڳي نوٽ نه ڪندو هوس، هاڻي ڪندو آهيان. ڪجهه لفظن جي معنى غلط به نظر آئي ته ڪن جي مورڳو بيگر لٿل ۽ ٻُڌ سڌ واري. مثال طور اشتراڪيت ۽ اشتماليت ٻنهي جي معنى هڪجهڙي ڏنل آهي، جڏهن ته اشتراڪيت (سوشلزم) ۽ اشتماليت (ڪميونزم) جي معنائن ۾ علمي ۽ فلسفيانه لحاظ کان ڏاڍو وڏو فرق به آهي.

اواٽ جي معنى ڪُواٽ ۽ الکڻو جي معنى ڪلکڻو به ڏنل آهي جڏهن ته اڳياڙي اَ ۽ اڳياڙي ڪُ جي اچڻ سان واريسر نه ۽ ڪِنو (ڪڌو) جي معنى ظاهر ٿيندي. اواٽ معنى جنهن لاءِ يا جتي واٽ نه هجي ۽ ڪواٽ معنى ڪِنو يا خراب دڳ. متارو جي چالو معنى ڏٽو مٽو، ٿلهو ٿنڀرو وغيره ته ڏني وئي آهي پر ان جي علمي ۽ حقيقي معنى مت+وارو يعني اڪابر، سمجهدار، ڏاهو وغيره نه ڏنل آهي.

ڪٿي ڪٿي ته سنڌي لفظن جي معنى عربي ۽ فارسي ۾ ڏني وئي آهي ــــــــ اگم ڄاڻ جي معنى ۾ غيبدان ڄاڻايو ويو آهي جڏهن ته غيب جي حوالي سان به صحيح معنى غيبداني ٿيندي. اچمڀو جي معنى فوق العارت ۽ اچل جي معنى  بي جنبش ڪيئن ٿا ڀانيو؟

حياتيءَ جي هر شعبي سان واسطيدار ۽ هر ڄمار جي ماڻهو سان حال احوال رهي ٿو. مختلف وقتن تي انيڪ اهڙا لفظ ڳالهايا وڃن ٿا جو مَن کي ڏاڍا ڀانءِ پون ٿا. هڪ پوڙهي چيو پئي ته ... ابا، اسين به تر ۾ نالي وارا گهڻ-کائڪ هئاسون... يا وري ... ابا، ڀِرُون به اڇا ٿي ويا، اسيءَ ۾ پير اٿم، ايترو به ڄاڻڪ نه هوندم ڇا...

جامع سنڌي لغات ۾ نه گهڻ-کائڪ لڌو ۽ نه ئي وري ڄاڻڪ. ٻي واري ڪو ٻيو لفظ پئي ڏٺم ته اوچتو اڊ ۾ گهڻ-کائڪ تي نظر پئجي وئي. مون سوچيو گهڻ-کائڪ هڪ ته عام لفظ آهي ۽ ٻيو ته لغت رٿيندڙن جي نظر ۾ به آيو، پوءِ ڇو پنهنجيءَ گهربل جاءِ تي موجود ناهي؟ اهو سوال رچي وڃي هيئن بيٺو ته جيڪي لفظ خود جامع سنڌي لغات ۾ موجود آهن، عالمن ۽ راٿيُن (واحد راٿي= رٿيندڙ) جي نظرن مان به نڪتا، ڇا انهن مان هر هڪ جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي؟

انهيءَ نيت سان جامع سنڌي لغات جي پهرين جلد جو جائزو ورتو  اٿم. پهرين پڙهڻيءَ ۾ جيڪي لفظ پنهنجي جاءِ تي نظر نه آيا انهن کي، معنى صحيح يا غلط، ان کان لاتعلق رهندي نوٽ ڪيو اٿم، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا. اميد اٿم ته جامع سنڌي لغات جي ٻي ڇاپي ۾ انهن کي پنهنجيءَ جائز جاءِ تي آندو ويندو. (باقي چارئي جلد ته محض بيگر طور ڇپيل آهن، انهن کي ته نئين سر سوڌڻ سنوارڻ جي گهرج آهي.)

ننڍڙي ڏنگي ۾ ڏنل انگ جامع سنڌي لغات جي صفحي نمبر کي ظاهر ڪري ٿو.

 

الف

1.               لغات - جلد پهريون ٽائيٽل.

2.              بسعي - جلد پهريون ٽائيٽل.

3.              زيرنگراني - جلد پهريون ٽائيٽل.

4.              مرتبه - جلد پهريون ٽائيٽل.

5.              اهتمام - جلد پهريون ٽائيٽل.

6.              شعبهء - جلد پهريون ٽائيٽل.

7.              آرتو، آب آرتو (2) ۽ آرتا (41) ۾.

8.              آب زلال (2) ۾. لفظ زلال جنهن جي معنى هڪ ڪينئون ڄاڻايل آهي. ڇا آب زلال معنى هڪ ڪينئين جو پاڻي؟

9.              بسته، آب بسته (2) ۾.

10.           ٿم ٿم، آب زمزم (4) ۾.

11.            گريه، آب زمزم (4) ۾.

12.           شور، آبِ شور (4) ۾.

13.           وسُنئن، آباداني (5) ۾.

14.           علوي، آباء علوي (6) ۾.

15.           ضعيفه، آبري (7) ۾.

16.           ٻالو (اٻوجهه)، آڀام (9) ۾.

17.           ڇوپجڻ، آبڙجڻ (10) ۾.

18.           ڌاڌرڻ، آڀامڻ (10) ۾.

19.           ڀاڀن (ج)، آڀو (10) ۾.

20.          بيمار گهر (اسپتال)، آترا شالا (10) ۾.

21.           بيمارستان، آترا شالا (11) ۾.

22.          وڄ سار، آتشبار (12) ۾.

23.          کيڙائو (تارو)، آتش بان (12) ۾.

24.          نفس شناسي، آتم ٻڌ (14) ۾.

25.          بي مڙسيو، آتڻ (14) ۾.

26.          گگ گروڙ، آٽورو (18) ۾.

27.          گينداڙو، آٽورو (18) ۾.

28.          آگرٿ، آٺاڳ (19) ۾.

29.          ڦول ڦيري (؟)، آٺڻ (19) ۾.

30.          گهٻ (وڻ جي اک-ڦرڙي)، آجورو (22) ۾.

31.           آنچون (ج)، آچڙو (25) ۾ (آنچ لفظ پنهنجي جاءِ تي ڏنل آهي، پر هن جي اهڙي ڪا به معنى ڏنل ڪانهي جيڪا آچڙو جو مطلب ٻڌائي.)

32.          کاٻاري، آچڪ (25) ۾.

33.          اڪشوهڻي، آڇوڻي (27) ۾ (اڪشوڻي ۾ اڪهشوهڻي هڪ سنسڪرت لفظ طور ڄاڻايل آهي.)

34.          آنهن، آخور (28) ۾.

35.          آدسماديه، آسماد (29) ۾.

36.          تانئر، آڌار (31) ۾.

37.          ساڌاري، آڌاري (31) ۾.

38.          اڌڙي، (ڳوڻ جو اڌ)، آڌڙيو (31) ۾.

39.          ٽسانگ، آڌڙو (31) ۾.

40.          ڊوماهي، آڌيڙو (32) ۾.

41.           بدنجان بري، آڏيري (36) ۾.

42.          پسڻئان، آر (37) ۾.

43.          آرهاڙي، آراڙي (39) ۾.

44.          ڦوڳيسي، آراڙي (19) ۾.

45.          اولانبي، آرانبي (40) ۾.

46.          آياس، آرجوڻ (40) ۾.

47.          آرگا (؟).

48.          اڙهو، آرلي (43) ۾.

49.          مُونهان، آرو (44) ۾.

50.          ڪِئو، آرو (44) ۾.

51.           آڌائين، آئڻ (45) ۾ (آڌائون موجود).

52.          باغائڻ، آرياڻي (46) ۾.

53.          ڪُرَءُ، آريج (46) ۾ (ڪَرَءُ موجود).

54.          اظلام، آريچو (46) ۾.

55.          اِرڙِي، آريڙي (46) ۾.

56.          ٽَنُٽَڪڻ، آڙاگوڙي (48) ۾.

57.          ڪلوئڙو، آڙيڪڻ (48) ۾.

58.          ڳاروڻي، آزار (49) ۾.

59.          ساڻيها، آسابند (51) ۾.

60.          گولڪي، آساجي گولڪي (51) ۾.

61.           ڀاڙتِ، آساپُري (51) ۾.

62.          آساروسِ، آسارو (52) ۾ (هتي ضميري پڇاڙيءَ جي مفهوم موجب معنى ڏنل ناهي.)

63.          آسائو، آسروند (53) ۾.

64.          بَهُه، آسڪت (53) ۾.

65.          فدائيت، آسڪتا (53) ۾.

66.          آبي چڪي (آبي برج ۽ آبي حرف جيان آبي چڪي به ساڳي سلسلي ۾ اچڻ/ملڻ گهرجي)، آسياب (56) ۾.

67.          وارن پرسٿ (ويدانتي علم جو شاگرد آشرم (57) ۾ (وان ۾ ويدانتي علم ڄاڻايل ناهي ۽ پرسٿ! لفظ پنهنجيءَ جاءِ تي ناهي. ٿي سگھي ٿو پرسٿ حقيقت ۾ پرست هجي.)

68.          مت اکڙيل، آشفته عقل (57) ۾.

69.          مت کِٿل، آشفته عقل (57)، اٻڌ (101)، اِسئو (199) ۽ اولادي چريو (303) ۾.

70.          چگهوٽو، آشنا (57) ۾ (چگهوٽو لفظ ڌڳڙي جي هم معنى طور ڪم آندو ويو آهي. چگهوٽو لفظ ڄاڻايل ته آهي پر معنى ڏنل ناهي.)

71.           سهيپو، آشنائي (57) ۾.

72.          حد نظر، آفاق (58) ۾. (حد بلوغ ۽ حد بندي لفظ ڏنل آهن ته حد نظر به هجڻ گهرجي.)

73.          سمسٿان، آفاق (57) ۾.

74.          دريده دهن، آفاقو (58) ۾.

75.          ناگهاني، آفت ناگهاني (59) ۾.

76.          سانڊو، آفتاب پرست (59) ۾ (جتي لفظ سانڊو آيو آهي اتي اصطلاحن آفتاب پرست ڄاڻايل ناهي.)

77.          اَڦو، آڦو (60) ۾.

78.          هاتفي آواز، آڪاس ٻاڻي (61) ۾ (هاتف لفظ ۾ ئي آسماني آواز معنى ڄاڻايل آهي.)

79.          سمٿان، آڪاس گرڀ (61) ۾ (سمٿو لفظ ڏنل آهي، ساڳيءَ معنى لاءِ سمسٿان (69) به ڏنل آهي.)

80.          اگُن (اگن گولو)، آڪاس اگن گولو (61) ۾ (اگنِ ڏنل آهي.)

81.           عامي، آکر (64) ۾.

82.          پاکلو (!)، آکلو پاکلو (64) ۾.

83.          پاکنڊو (!)، آکنڊو پاکنڊو (64) ۾.

84.          پَڇانِ، آگاهه (65) ۾ (پڇاڻ لفظ ڏنل آهي.)

85.          بڪتا (!)، آگم بڪتا (66) ۾.

86.          پيڇيل، آگيل  (67) ۾.

87.          آڳيئڙو، آگيه (67) ۾.

88.          آڳانجهه، آڳاجهه (67) ۾.

89.          ساڳٽ (!)، آڳٽ ساڳٽ (68) ۾.

90.          جيندي، آڳهه (69) ۾ (جيئندي لفظ به ڏنل آهي.)

91.           پاڳيڙ، آڳيئڙو (69) ۾.

92.          وٽ سٽ، آلس (73) ۾.

93.          ڪَر موڙ، آلس (73) ۾ (ڪڙ موڙڻ لفظ ڏنل آهي.)

94.          فرعونيت، آمريت (75) ۾.

95.          ڳاراڻي، آميز (76) ۾.

96.          ٻاهي، آنٽي (77) ۾.

97.          پيٽوڙي، آنڊي اڀو (78) ۾.

98.          سُٽگ، آنڪي (80) ۾.

99.          لَٻو، آبوَ (80) ۾.

100.       دوبارو، آنئڻ (81) ۾.

101.        انڀئي، آوارج (82) ۾.

102.       ليبي، آڻي (82) ۾.

103.       ڀنان، آواج (82) ۾.

104.       يغديون (ج)، آواري (83) ۾ (يغدي به ڏنل آهي.)

105.       چاولي، آولو (84) ۾.

106.       مهاوڙِ (مهاڙيي)، آهتي (86) ۽ آهت (85) ۾.

107.       ٽُڪَڻُ، آهوڙڻ (87) ۾.

108.       وارئو، آهم (87) ۾.

109.       ٽاڪڻي، آهوڙو (87) ۾.

110.        زحاف، ابتر (92) ۾.

111.         مقربن (ج)، ابليس (96) ۾.

112.        پِسر، ابن (96) ۾.

113.        غير فنائيت، ابناس (97) ۾.

114.        مؤخر، ابن الفارض (97) ۾.

115.        برگزيدو، ابن سيرين (97) ۾.

116.        ڪَڍرون (ج)، اُٻ (100) ۾.

117.        اَوِيارُلَ، ابيار (100) ۾.

118.        سڪندڙ، اٻاڻڪو (101) ۾.

119.        اُڀکڙائي، اٻاهر (101) ۾.

120.       ٻگهڻو، اٻنگ (103) ۾.

121.        هُٻو، اٻو (103) ۾.

122.       هلاچو (!)، اٻو (103) ۾ (هل هلاچو موجود آهي.)

123.       اڻ ونڌيل، اٻوهيو (103) ۽ اونڌ (306) ۾ (ونڌيل لفظ ونڌڻ 2972 ۾ به ڏيکاريل آهي.)

124.       جاهليت، اڀ ۾ ٿڪون اڇلائڻ (104) ۾.

125.       ماچ، اڀار (104) ۾، (ماچُ ۽ ماچَ لفظ موجود آهن.)

126.       سج سنئون ڪرڻ، اڀارڻ (104) ۾.

127.       جڳديس، اڀاس (104) ۾.

128.       کِنوايو، اڀاڳ (104) ۾ (لفظ کنوائڻ موجود آهي ان ۾ جامع سنڌي لغات جي ترتيب موجب کنوايو، کنوائيندو ۽ کنوايل ڏيڻ گهرجن.)

129.       اُنين، اڀاڳ (104) ۾.

130.       بي ڀاڳائي، اڀاڳ ۽ اڀاڳائي (104) ۾.

131.        بي بختي، اڀاڳ (104) ۾.

132.       بي نصيبي، اڀاڳ (104) ۾.

133.       ڇُلندي، ڀاڳي (104) ۾.

134.       اڀامندڙ، اڀامڻي (105) ۾.

135.       پلٽندڙ، اڀامڻي (105) ۾.

136.       پرلئه، اڀاءِ (105) ۾.

137.       بي ڀتيو، اڀت (105) ۾.

138.       بي ڍنگو، اڀت (105) ۾.

139.       هاٿيڙو، اپڀوت (105) ۾.

140.       ڦرنڊو، اپڀوت (105) ۾.

141.        ابلاکا، اڀلاشا (106) ۾ (ابلاشا سان گڏ ئي ابلاکا ڏنل آهي، اصولن ڌار عنوان هجڻ گهرجي.)

142.       اڻ ٺهڪيل، اڀورڪڙي (107) ۾.

143.       اڻڀائي، اڀوڳائي (107) ۾.

144.       بي سودائي، اڀوڳائي (107) ۾.

145.       اڀومي، اڀومو (107) ۾.

146.       بي برڪت، اَڀَهو (107) ۾.

147.       ڌيانائي (هڪ ڏيانائي)، اڀياس (107) ۾.

148.       نرجو، اتابو (107) ۾.

149.       اٽهرجڻ، اتاڙجڻ (109) ۾.

150.       وڻاءُ، اتانهم (109) ۾ (وَڻاءُ لفظ موجود آهي.)

151.        اُپَسوڻ، اتپات (110) ۾ (اَپسوڻ لفظ موجود.)

152.       ڊرو، اتر قطب (110) ۾ (هتي ڊرو ۽ درو سهواً لکجي ويل لڳي ٿو، دُرو موجود آهي.)

153.       دور ترين، اتراڻ (110) ۾.

154.       منقلب صيفي، اتراڻ (110) ۾ (صفي به ڏنل آهي.)

155.       ستمڻي، اتمڻي (112) ۾.

156.       ياترائي، اتيت (113) ۾.

157.       هشڪاريندڙ، اتيجڪ (113) ۾.

158.       بي پهچ، اتيم (113) ۾.

159.       اٿپ، اٿ (113) ۽ اٿڻي ۽ اٿ ويهه (116) ۾.

160.       لڳائڻ، اٿارڻ (114) ۾.

161.        ڪابوس، اٿارو (114) ۾.

162.       رستاخيز، اٿاڻ (114) ۾.

163.       غير مقرر (!)،اَٿت (114) ۾ (غير مفرر پڙهڻ ۾ ايندڙ لفظ موجود آهي، شايد پروف ريڊنگ جي چڪ!)

164.       هٿڙ پٿڙ، اٿر پٿر (114) ۾ (هَٿَڙَ ٻِٿَڙَ لفظ موجود جنهن جي معنى بي حجاب سنئون سڌو... ڏنل آهي!)

165.       هاٿڙ ٻاٿڙ، اٿڙ پٿڙ (114) ۾ (هاٿڙ پاٿڙ ڏنل آهي. شايد پروف ريڊنگ جي چڪ!)

166.       هلڙو ڦلڙو، اٿل (114) ۾ (هلڙو موجود.)

167.       لوٽ پوٽ، اٿل پٿل (114) ۾ (لوٿ پوٿ موجود.)

168.       گٺل پيٺل، اٿليل پٿليل (155) ۾ (گٺل موجود.)

169.       مڏي مال، اٿڻ (155) ۾.

170.       ٽُڪيندڙ، اُٿو (166) ۾.

171.        ڇُٽو، اٿو (166) ۾.

172.       ڏُٿو، اٿو (166) ۾.

173.       ڇڏارائي (ڇڏرائڻ)، اغوڙ (116) ۾.

174.       مٿو مونو، اٿومٿو (166) ۾.

175.       گيو (؟) (ويو!)، اٿياڪ (166) ۾.

176.       مجازيل، اٿيل (116) ۾.

177.       مُٿ، اِٽُ (117) ۾ (مَٿَ، مَٿُ ۽ مِٿُ موجود.)

178.       آماس، اٽاٽ (117) ۾ (اُماس موجود.)

179.       سيٽيل، اٽاٽي (117) ۾.

180.       اٽهڙجي (اٽهرجڻ، اٽهڙجڻ، اٽهرڻ؟) پڻ ڏسو (145)، اٽارجي پوڻ (117) ۾.

181.        اٽنجڻ، اٽارجي پوڻ (117) ۾.

182.       اٽهڙو، اٽاڙو (177) ۾.

183.       لٽار، اٽالي (117) ۾.

184.       ڇاڻڻو (پرڻ)، اٽائو (118) ۾.

185.       اَڻ اَڍيل (!)،اٽرمٽر (118) ۾.

186.       بي کرو، اٽرمٽر (118) ۾.

187.       کيڏندڙ، اٽڪ باز (119) ۾.

188.       ڳوراڻ، اٽڪل (119) ۾ (ڳورڻ موجود.)

189.       سببان، اٽل (119) ۾.

190.       بازولي، اٽل بازي (119) ۾.

191.        چُڀندڙ، اٽنگڻ (120) ۾.

192.       عيب جوئي، اٽي مان وار ڪڍڻ (120) ۾ (عيب جُو موجود).

193.       دوم شوم، اٽو مٽو ۽ اٽي مٽي (121) ۾ (دوم سوم ۽ دم سم موجود.)

194.       اَلهُوٽ، اٺئي الهوٽ (122) ۾.

195.       اٺي، اٺو (124) ۾.

196.       هائوڪاري، اثباتي (126) ۾.

197.       بوجا (ج)، اثقال (126) ۾.

198.       مڃيندڙ، اثناعشري (126) ۾.

199.       چُونڊيل، اثير (126) ۾.

200.      انحد (؟ اڻهد)، اپار (126) ۾.

201.       ڪرڇي، اپائڻ (127) ۾.

202.      ڀيڙيائي، اپٽڻ (128) ۾.

203.      دري، اپٽڻ (128) ۾.

204.      اپنا، اپڻا (131) ۾.

205.      اپنو، اپڻو (131) ۾

206.      جبريه، اجباري (133) ۾.

207.      بجاوري، اِجرا (133) ۾.

208.      آيوڪِ، اجرڻ (134) ۾.

209.      سانڀيل، اجوکو (136) ۾.

210.       اڻ جوڳ، اجوڳ (137) ۾.

211.        اڻ سوڀو، اَجي (137) ۾.

212.       لم يولد، اجوڻ (137) ۾.

213.       غير مغلوب، اجيت (137) ۾.

214.       مرده، اجيو (137) ۾.

215.       اڄوڻڪو، اڄ اڄوڪو (137) ۾.

216.       اڄوڻو، اڄ اڄوڪو (137) ۾.

217.       اڻاڻي، اُڄ (137) ۾.

218.       غير واقفيت، اڄاڻپ (137) ۾.

219.       سڄهندو، اڄهندو (137) ۾.

220.      ڪکائين، اَجها (137) ۾.

221.       ٻانڊين، اُڄهڻ (137) ۾.

222.      ڀِٽڪ، اجهه (137) ۾.

223.      شتابڪار، اجهڪو (139) ۾.

224.      جهانپي، اجهوڪو (140) ۾ (جامع سنڌي لغات جي ص-951 تي جهاٽپو ڇپيل آهي، جيڪو متان چڪ جي ڪري هجي ۽ اصل لفظ جهانپو هجي!)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com