سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ

باب: --

صفحو :4

سنڌيءَ ۾ يارهن ٻول ڇو آهي، ايڪارهه ڇو ناهي؟

ويهه (20) تائين ڳڻپ ۾ يارهن ۽ انهن کان پوءِ وارن انگن ۾ لڳ ڀڳ سڀ ٻوليون ايڪي جو انگ اڳ ۾ رکن ٿيون ۽ ڏهاڪو پوءِ چون ٿيون، ان جو ڪارڻ، ٻنهي هٿن ۽ ٻنهي پيرن جي آڱرين کي مثال بنائيندي سمجهيو ٿو وڃي ته انسانذات وٽ اوائلي ۽ جهوني ڳڻپ ويهن تائين هوندي هئي. سنڌيءَ ۾ ويهه بدران ڪوڙي لفظ به ڪم ايندو آهي ۽ اڄ به ٻه ويِهون، ٻه ڪوڙِيون، ٽي ويهون، تي ڪوڙيون وغيره چوندي وڏي ڳڻپ ڪئي ويندي آهي.

سنڌي ۾ يارهن کان ارڙهن (اٺرهه، اٺارهه) تائين ڳڻپ ۾ ڏهه  جي بدران /-اَرهه/ يا /-آرهه/ ڪم اچي ٿو، سواءِ چوڏهن جي (۽ چوڏهن نرالو ڇو آهي، ان تي ايندڙ واري ڳالهه ٻول ڪبي) جڏهن ته سنسڪرت ۾ /دشن/ ڪم اچي ٿو. ڪن عالمن جي راءِ آهي ته سنسڪرت جو /دشن/ ڦري /-اَرهه /-آرهه/ ٿيو آهي.

     ايڪادش > ايڪارهه > اي آرهه > يارهه > يارهن.

(سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ليکڪ غلام علي الانا، ص 108)

]نوٽ الانا صاحب جن فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته لاڙ ۾ بدين طرف گهڻا ئي ماڻهو ڪارهه ۽ يارهه به چوندا آهن. لطيف به ڪارهن لفظ ڪم آندو آهي:

ڪارهين ڏينهن ڪرم، وريو ويراڳن جو.

۽ اهو حوالو ڀيرومل جن جي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (ص 133) تان ورتل ڄاڻايو آهي. حوالو ڏنل ڪتاب ۽ صفحي تي اگيارهه يا گيارهه لفظن جي ڄاڻ به ڏنل آهي.[

ڇا اهو فطري ناهي ته ايڪادش > ايڪارهه > اي آرهه > يارهه > يارهن جي لڙهه ۾ ڪارهن، اگيارهه يا گيارهه کي رکڻ جي هنڌ بابت پڇا ڪئي وڃي؟

ڇا سنڌي ٻوليءَ ايڪادش کي بگاڙي يارهن ڪيو آهي؟

جامع سنڌي لغات تان ورتل ٻولن ۾، جيڪي هن مقالي جي ابتدا ۾ ڏنل آهن، /ايڪادَسي، ايڪادَشي/ ٻول ڄاڻايل آهن، جيڪي ساڳئي اچار سان سنڌ جي هندن ۾ مروج آهن. سنڌي ٻوليءَ انهن کي بگاڙيو ناهي.

     يارهن: صفت. (سن. ايڪادش. اڪادشن. پرا. ايڪادهن) ڳڻڻ جو انگ 11 - هڪ+ڏهه - ڪارهن - گيارس (ج س ل)

جامع سنڌي لغات پراڪرت ٻول ايڪادهن ڄاڻايو آهي پر مرزا قليچ بيگ جن اهو ٻول ايئاره ٻڌائن ٿا.

     يارهن، پراڪرت ايئاره، سنسڪرت ايڪادشن.

                        (سنڌي وياڪرڻ، ص 245)

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ بلڪل چٽو ڪري اي آرهه ڄاڻايو آهي ۽ الانا صاحب جن سندس حوالو سنڌي ٻولي جو بڻ بنياد ۾ ص 88 تي آندو آهي.

سنڌي ۾:      يارهه، يارهن

پراڪرت ۾:   اي آرهه

فارسي ۾:     گيارهه

سنسڪرت ۾: ايڪادشن

ايڪيهه کان ايڪانوي تائين جيڪي به انگ هڪ (ايڪ) اچار رکن ٿا انهن سڀني کي سنڌي ٻولي ايڪ ئي اچاري ٿي، پوءِ نيٺ ڪهڙا ممڪن ڪارڻ ٿي سگهن ٿا جن جي ڪري رڳو هڪ ٻول ايڪادشن جو ايڪ قائم نه رکي سگهي؟

ڇا سنڌي ٻوليءَ سچ پچ به ايڪادشن بگاڙي يارهه ۽ پراڪرت اي آرهه ۽ فارسيءَ گيارهه ڪيو آهي؟

فارسي اڄ به يڪ ٻول قائم رکيو اچي، بيست يڪ (ايڪيهه) چوي ٿي، پر ان ۾ به ڏهه جي نمائندگي ڪندڙ /-آرهه/ ڇو آهي؟

انهن سوالن جو جواب، هڪ حد تائين هڪ آوازي تبديليءَ جي ذڪر کان پوءِ ڪيو ويندو.

سنڌي ۾ مضارع جو متڪلم واحد ۽ جمع جوڙڻ لاءِ /-آن/ ۽ /اُون/ پڇاڙيون ملايون وڃن ٿيون:

/مَـــرۡ/ + /آن/ = مَران

/مَـــرۡ/ + /اُون/ = مَرون

/مَــارۡ/ + /آن/ = ماريان

/مَــارۡ/ + /اُون/ = ماريون

ٻنهي ڌاتن جو ڇيهڪ آواز عام چواڻي ساڪن آهي پر هڪ ڌاتو سان /-آن ۽ -اُون/ پڇاڙيون ملن ٿيون ته ]ي[ جو آواز نه ٿو اڀري پر ٻئي ڌاتوءَ سان ساڳيون ئي پڇاڙيون ملڻ مهل ]ي[ جو آواز اڀري اچي ٿو، ڇو؟

     ساڳيءَ طرح ماريان (= مار+آن) ـــــــــــ هتي به آن پڇاڙي گڏجي ٿي ۽ يه جو اچار پاڻمرادو پيدا ٿئي ٿو.

(وڏو سنڌي وياڪرڻ ليکڪ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ص 128)

الانا صاحب جن به ساڳي ئي ٻول جو ذڪر ڪيو آهي ۽ /مار/ جي بدران /مارِ/ ٻول آندو آهي. (سنڌي ٻولي جو اڀياس، ص 115) سندن راءِ موجب جن ٻولن جي ڇيهه وٽ آواز /اِ ۽ اِي/ هجي ۽ انهن سان جڏهن اهڙي ڪا پڇاڙي ملي ٿي جنهن جو شروعاتي آواز /اَ- ۽ آ-/ هجي تڏهن ]ي[ پيدا ٿئي ٿو.  (ص 115-116) ۽ پنهنجي راءِ سان تضاد بياني ڪندي ص 41 تي چون ٿا ته سڀ زمان ڌاتن مان ڦٽي نڪرن ٿا... ۽ زمان مضارع ۾ ضميري پڇاڙين جا ٻه سيٽ آهن: (01) -آن، -اُون؛ مثال: هلان، هلون، ۽ (02) -يان، -يون، مثال: ماريان، ماريون. هڪ هنڌ ٻڌائن ٿا ته /مارِ + آن/ = ماريان ۽ ٻئي هنڌ چون ٿا /مارۡ+يان/ = ماريان! ليکڪ جو موضوع انهن ڳالهين تي وڌيڪ بحث جي موڪل نه ٿو ڏئي. هتي ليکڪ جو مقصد رڳو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي ته ٻن صورتن جي ميلاپ وٽ مخصوص حالتن ۽ شرطن هيٺ ]ي[  جو آواز اڀري اچي ٿو.

/هِه، اِ/ + /-اَرهه، -آرهه/ = هيارهه، اِيارهه

۽ اسان پرکيو آهي ته ننڍو سُر ]اِ[ ڪن ٻولن ۾ وڌي /اِي/ ۽ /اي/ ٿئي ٿو.

اي آرهه سَو سيڪڙو سنڌي مزاج موجب ڦري ايارهه، يارهه ٿي سگهي ٿو.

پراڪرت جو اي آرهه ۽ سنڌي جو يارهه ڪنهن به طرح سنسڪرت جي ايڪادشن مان اسريل ناهي.

ايڪادشن ته اي آرهه ۽ يارهه جي ڀيٽ ۾ گهڻو پوءِ، سماجي اوسر جي اهڙي ڪنهن ڏاڪي تي ٺهيو آهي جڏهن ڌاتو ٻول /هِه، اِ/ سان /ڪ/ پڇاڙي ڳنڍجي ۽ پوءِ مخصوص مفهوم وڃائي /اي، هي/ جو مستقل جز ٿي چڪي هئي.

هيٺ ڏنل ٻن تبديلين تي ڌيان ڏيو:

1.   ايڪادشن مٽجي گيارهه ٿيو آهي.

2.  هيارهه، ايارهه مَٽجي گيارهه ٿيو آهي.

 انهن ٻنهي مان ڪهڙي تبديلي وڌيڪ ممڪن ۽ عقل جي ويجهو آهي؟

جواب (2) جي حمايت ۾ وڃي ٿو.

ليکڪ گيارهه کي هيارهه ايارهه جو مٽيل يا بگڙيل اچار نه ٿو سمجهي پر ڪنهن آڳاٽي سمي، جڏهن اڃا سنسڪرت هِتي نه پهتي هئي يا ان جو سماجي طرح ڇائنجڻ عمل ۾ نه آيو هو تڏهن هِتي جي ٻولين ۾ اها تبديلي اچي چڪي هوندي (اهو نڪتو اڃا وڌيڪ ويچار گهري ٿو).

۽ ليکڪ اويستا جي ايئوا ۽ هيڪرت ۽ فارسيءَ جي يَڪۡ ۽ گيارهه ٻولن کي ان روشني ۾ جاچڻ جي سڌ رکي ٿو.

(ٽماهي مهراڻ ]جولاءِ-ڊسمبر 199[ جي ٿورن سان)

 

جامع سنڌي لغات جو جائزو

(پهرين جلد جي حوالي سان پهرين پڙهڻي)

جامع سنڌي لغات  انهن ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪو هر سنڌي سُڄاڻڪ ۽ ڄاڻ-ڪوڏيو پاڻ وٽ سانڍڻ ضرور پسند ڪندو. سنڌيءَ مان سنڌيءَ ۾، سنڌيءَ جي ادبي توڙي عاماڻن يا لوڪ لفظن جي هيءَ پهرين لغت (ڊڪشنري، ٻولَسُڌ) آهي، جنهن تي اهڙن سنڌي عالمن لاڳيتو پنجاهه ورهيه ڪم ڪيو آهي جيڪي سنڌ توڙي پَرسِنڌ ۾ مانَ جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا، جنهن ۾ اڳ ڇپيل سمورن سنڌي لغتن جي ڀيٽ ۾ گهڻا لفظ ۽ اصطلاح ڏنل آهن، جنهن جي ترتيب ۽ تدوين، جنهن کي سوڌڻ ۽ سنوارڻ لاءِ ڪيترن ئي سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻڪن ۽ گهڻگهرن گڏجي سڏجي، هڪ ٻي جو ٻانهه ٻيلي ٿي اهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جي سڄي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيو. سڄيءَ سنڌ ۾ جتي ڪٿي پکڙيل لک کان وڌيڪ موتين جهڙا جرڪندڙ لفظ ۽ اصطلاح گڏ ڪري جامع سنڌي لغات جي لڙهيءَ ۾ پوئي سنڌيءَ جي پڙهندڙ کي مٽيءَ مُٺ ۾ آڇيا آهن. اهي سمورا لفظ-جاکوڙي ۽ اکر-ڪوڏيا جَس لهڻن ٿا.

جڏهن علمي ڪتابن جي ڳالهه ڪيون ٿا، انهن کي پڙهون ۽ پرکيون ٿا، انهن مان سِکون ۽ ڄاڻ پِرايون ٿا تڏهن هر طرح رڳو عالمن ۽ اڪابرن جي صحبت ۾ اچي ساڻن سِڌي واسطي ۾ رهون ٿا جن پنهنجين پروڙن ۽ پرکن جي سڄاڻ دنيا مان ملهائتا ماڻڪ چونڊي اسان کي آڇيا آهن. علمي ڪتاب ڪنهن سڄاڻوءِ پاران ولوڙيل رت جي نتيجي ۾ مليل منٺار مکڻُ آهي. انهن مکڻن کي جڏهن مون پارو تاساريل ماڻهو چکي ٿو تڏهن، سچ ته، ليکڪ ڪير به هجي، ڪٿان جو به هجي، ڪڏهن جو به هجي ان لاءِ هڪ قسم جو پيار، پنهنجائپ ۽ وڏائي محسوس ڪري ٿو.

سنڌي عالمن به اسان کي پنهنجي وِت سارو ماکي مکڻ پئي آڇيو آهي. سندن  ڪيترن ئي علمي ڪارنامن تي اسين بَجا طور پاٻوهه ڀري وڏائي محسوس ڪيون ٿا. پر اهو به سچ آهي ته سنڌي ڄاڻڪن ۽ ڄاڻ ڪوڏين کي جيترو ڪجهه علمي مواد ڏيڻ گهربو هو ۽ ڏئي ٿي سگهيا، اسين ان ماڳ جا سڌائتا پانڌيئڙا ئي مس ٿي سگهيا آهيون. اسين جڏهن انگريزي، جرمن، فرينچ، روسي، چيني ۽ ڪجهه ٻين ٻولين ۾ ڇپيل ۽ ڇپجندڙ علمي ۽ تحقيقي مواد بابت ٻڌون ۽ سوچون ٿا يا انهن مان ڪنهن سان به سڌو يا اڻ سڌو (ترجمي وسيلي) واسطو پئجي وڃي ٿو تڏهن انهن ٻولين ۾ موجود علمي ذخيرن تي، بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چئجي ته، نه رڳو اکيون کليو وڃن پر عالمن جي سمجهه ۽ ساڃاهه، اڪابري ۽ ڏاهپ تي واکاڻ ڀريا واڪا پاڻمرادو نڪريو وڃن. علمُ ۽ علمَ، ادبَ ۽ فن جي ڪا به شاخ وٽ وٽن وسيع علمي ۽ تحقيقي ڪتابن کان وانجهي نه رهي آهي ۽ نت نئين ڏينهن نت نئين کوجنا پئي ٿئي. ڌار ڌار موضوعن تي سوين ڪتاب ڏهاڙي ڇپجن ۽ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي وڃن ٿا. اهڙي ماحول ۾ جڏهن پاڻ تي، سنڌ ۽ سنڌيءَ تي نظر وجهجي ٿي تڏهن...

هڪ سنگتيءَ پڇيو، پنهنجي هڪ سنگتيءَ کي سوکڙي ڏيڻي آهي، موضوع فلسفو هجي، ڪهڙو ڪتاب ڏيان؟

ڏاهپ جو اڀياس، ليکڪ سڪندر مغل ۽ جيڪڏهن ترجمو ته افلاطون جو رعيتي راڄ ... فلسفي جو ابتدائي ڪورس به آهي... ڪجهه دير پوءِ هڪ ٻه ٻيا نالا به ذهن ۾ آيا پر جنهن سوال ذهن ۾ واسو ڪيو اهو هيءُ ته سنڌيءَ ۾ فلسفي جي موضوع ۽ ان جي ڌار ڌار شاخن تي ڪهڙا ڪتاب آهن؟ ۽ پوءِ ته سوالن جي لانڍ ڪونجن جي قطار جيان ذهني اڀ تي سواليا ونگڙ وجهي ويهي رهي. انهن سڀني سوالن کي گڏي هڪ سوال ڪجي: هر هڪ سائنسي، سماجي، ادبي، ۽ فني موضوعن تي سنڌيءَ ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪتاب آهن؟ (آءٌ پڇان ٿو ڪتاب!)

محسوس ٿيو ته سنڌيءَ ۾ لوڪ ادب، سنڌيءَ ٻوليءَ، شاهه لطيف ۽ سنڌ جي تاريخ تي ئي ڪي ڳڻي سگهڻ جوڳا ڪتاب آهن ته آهن باقي ٻيو وڃي ٿيو ڪل خير! ۽ جي ٺَڪي ٺوڪي ڳالهه ڪجي ته انهن ۾ پڻ سائنسي بنيادن تي پرک ۽ پروڙ جي زبري گهرج آهي.

جامع سنڌي لغات به هڪ قسم جي عالمانه جتن جو نتيجو آهي. هن ڪتاب کي جڏهن اسان اڃا گهرائيءَ سان اڀياس هيٺ نه آندو آهي تڏهن ڪجهه نه ڪجهه فخر لائق لڳي ٿو پر جڏهن ان کي ڪجهه گهري، تنقيدي ۽ علمي نگاهه سان جاچجي ٿو تڏهن مٿي ڄاڻايل سائنسي بنيادن تي پرک ۽ پروڙ واري راءِ وزن وٺي وڃي ٿي.

جامع سنڌي لغات جي جلد پهرين ۾ مهاڳ جي صفحي (ج) تي ڄاڻايل آهي ...پر چوندا آهن ته جيئن دير تيئن خير ـــــــــ انهيءَ دير سببان هن بنيادي لغات کي ويتر وڌيڪ سُوڌڻ ۽ سنوارڻ جو موقعو مليو، ۽ لفظن جي تعداد، توڙي لغات جي فني سٽاء کي بهتر بنايو ويو. لفظن جي تعداد جي ڀيٽ انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿي، ته ڇپيل لغاتن مان ڪئپٽن سٽئڪ واري سڄي لغات ۾ اٽڪل 16900 الفاظ ۽ اصطلاح آهن، شرٽ، اڌارام ۽ مرزا صادق عليءَ واري لغات ۾ 21450، پرمانند واريءَ سنڌي-انگريزي لغات ۾ 25140، ۽ هن لغات جي فقط پهرين ٽن حرفن هيٺ 15735 الفاظ ۽ اصطلاح آهن.

پهرين نظر ۾ اها ڳالهه ڪجهه فخر لائق لڳي ٿي.

حقيقت ۾، جن ٽن لغتن سان لفظن جي ڳڻپ جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي اهي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ لفظن جي معنى ڏيندڙ آهن، جڏهن تهجامع سنڌي لغات سنڌيءَ مان سنڌي ۾ معنى ٻڌائي ٿي. ڀيٽ جو مزو تڏهن اچي ها جڏهن اها انگريزيءَ يا ٻي ڪنهن سڌريل ٻوليءَ جي لغت سان ڪئي وڃي ها. سنڌيءَ کان سنڌي ۾ لغت لاءِ لفظن جي سهيڙپ جو ڪم هن صديءَ جي چاليهن واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو ۽ 1988ع ۾ آخري جلد ڇپيو ۽ منجهس لفظن جي ڪُل ڳڻپ سوال لک مسَ ٿيندي. اهڙي، سوا لک لفظن ۽ اصطلاحن واري لغت اسان جا عالم سڳورا پنجاهه سالن يعني اڌ صديءَ ۾ مَس تيار ڪري سگهيا آهن! ۽ جيڪو ڪجهه تيار ٿيو آهي، ان ۾ به سوين غلطيون، هزارين کوٽون ۽ سائنسي لفظن جي اڻهوند! ۽ اهو به ايڪويهين صديءَ جي چائنٺ تي پهتل سائنسي ترقيءَ جي ان ڪمپيوٽرائزڊ دور ۾ جڏهن علم ۽ عرفان اُڀ پيو ڇاڇولي ۽ علمي بنيادن تي تيار ٿيل، مختلف ٻولين ۾ هزارين لغتون موجود آهن!

     جامع سنڌي لغات جي بنيادي مسودي کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ۽ ڇپائڻ کان اڳ ان تي خالص علمي اصولن موجب تحقيقي نظر ڪري، ان کي وڌيڪ اضافن ۽ اصطلاحن سان ايڊٽ ڪرڻ وارو مرحلو هو، ۽ پهرين جلد کي ان مطابق وڏي ڌيان سان ايڊٽ ڪري ڇاپايو ويو. هاڻي جئن ته ڇپائي  باقاعدي هلي رهي هئي، سو راقم ڇپائي هلندي ٻئي جلد کي ايڊٽ ڪرڻ شروع ڪيو. هيءُ ڪم نهايت خاطر خواهه نموني ۾ هلي رهيو هو ۽ ٻئي جلد جا 142 صفحا تصحيح  ۽ تحقيق سان ڇپائي هيٺ اچي چڪا هئا جو رڪاوٽن جو سلسلو شروع ٿيو... ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم ٻين صاحبن جي سپرد ڪيو ويو... پر جيئن ته هيءُ ڪم نهايت نازڪ، تحقيق طلب ۽ مشڪل هو تنهنڪري ڪنهن کان به پورو ٿي نه سگهيو. ]مهاڳ، جلد پنجون، جامع سنڌي لغات، ص (ب)[

هيءُ ٽڪرو اسان جي مٿي ڏنل راءِ کي وزنائتو ڪري ٿو. پر جيئن هن ٽڪري ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ڇا پهريون جلد ان راءِ تي ٺهڪي اچي ٿو، ڇا ان تي خالص علمي اصولن موجب تحقيقي نظر وڌي وئي؟

1) جامع سنڌي لغات (ادبي توڙي عام مروج ٻوليءَ جي) ڪتاب جو سرو آهي ۽ ان سان ئي هن ڪتاب جي جامعيت، ادبائپ ۽ عام مروجائپ شروع ٿي وڃي ٿي. منجهس لغات جي معنى ڏنل ناهي. سِرو پڙهڻ سان پهريون خيال اهو ٿو اڀري ته هن ڪتاب ۾ انهن لفظن ۽ اصطلاحن جي معنى ۽ سمجهاڻي جامع نموني ڏنل آهي جيڪي ادب ۽ لوڪ ۾ عام واهپي هيٺ آهن، پر سندس مُک تي ئي مروج، بسعي، مرتبه، اهتمام، زيرنگراني ۽ شعبهء جي منجهس معنى نه ٿي ملي (تنهنڪري اهي لفظ نه ته ادبي آهن ۽ نه ئي وري عام مروج) باقي لفظ به عام مروج ته ناهن، متان ادبي هجن!

2) ڪنهن به سٺي لغت ۾ اٿندي ئي ڄاڻايل هوندو آهي ته منجهس گهربل لفظ يا اصطلاح ڪيئن ڳولجي. لفظ کي ٺيڪ اچارڻ لاءِ گهربل هدايتون انهن جي وياڪرڻي بيهڪ، جنس، عدد ۽ ٻين سمجهاڻين سان گڏ جملن ۾ انهن جي واهپي بابت مثال وغيره ڏنل هوندا آهن ته جيئن گهربل لفظ تائين ترت پهچجي ۽ ان کي صحيح نموني سمجهي سگهجي. منهنجي آڏو هن وقت ٽين ۽ چوٿين درجي (جماعت) جا ڪتاب رکيا آهن ۽ هر هڪ ڏنل پهرين گيت جو هڪ هڪ بند هيٺ پيش ڪجي ٿو، انهن ۾ ڪجهه لفظ ۽ اصطلاح نرواريل آهن، ڇا انهن جي معنى ۽ سمجهاڻي جامع سنڌي لغات ۾ ملندي؟

       وڻ ٽڻ ٻوٽا ڌڻيءَ اُپايا،
قسمين قسمين پَن بنايا،
گل ڦل ميوا ڪئين گلزار،
جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار.

 

       ڪوٽان ڪوٽ بڻايئه ڌرتيون،
سهسين سج، چنڊ، تارا ڪتيون،
جــن جــــو انــت نـــه پــــــارا، قـــــدرت وارا.

مثال طور، ڪو شاگرد ڪنهن ڪتاب ۾ هڪ جملو پڙهي ٿو خط ته ضرور لکندومانءِ پر ان جو جواب به ترت ڏِجَئينم. ان شاگرد کي لکندومانءِ ۽ ڏِجَئينم جي معنى نه ٿي اچي ۽ نه وري کيس انهن جي وياڪرڻي بناوت جي سُڌ آهي، تنهنڪري  هو جامع سنڌي لغات ڏسي ٿو ڇو ته ان کان وڌيڪ سٺو لغت جو ٻيو ڪو ڪتاب سنڌيءَ ۾ موجود ناهي. ڇا سڄي لغت جاچڻ باوجود کيس انهن لفظن جي معنى ۽ سمجهاڻي ملندي؟

 3) جلد پهرين جي مهاڳ ۾ صفحي (ز) تي ڄاڻايل آهي ته مصدر جي حالت ۾ معنى جي خاتمي بعد، ڏنگين ۾ ان فعل جي فاعل، ماضي توڙي اسم حاليي کي نروار ڪيو ويو آهي.

اها ڳالهه سراسر غلط آهي. مثال طور، اچو ته ٻين سڀني جلدن کان جيئن دير تيئن خير جي نتيجي ۾ وڌيڪ سوڌيل، سنواريل ۽ خالص علمي اصولن موجب تحقيقي نظر ڪيل پهرين جلد کي مختلف هنڌن تان کولي ڪجهه مصدر جاچي ڏسون.

- آبڻ ( آبيو - آبيندو - آبيل) ص - 8

- آڇلائڻ ( آڇلائيو - آڇلائيندو - آڇلائيل) ص - 26

- آڙڻ ( آڙيو - آڙيندو - آڙيل) ص - 47

- آڳٽڻ (آڳيٽو - !؟ - آڳٽيل ) ص - 68

- آهوڙڻ (آهوڙيو - آهوڙيندو - آهوڙيل) ص - 87

- اٿوڙڻ (اٿوڙيو - اٿوڙيندو - اٿوڙيل ) ص - 116

- اڌڻ ( !؟ - - !؟) ص - 162

- اڌهڻ (!؟ - - !؟) ص - 162

- اڏارڻ ( !؟ - - !؟) ص - 163

- اکولڻ (اکوليو - اکوليندو - اکوليل) ص - 230

- بانبرجڻ ( بانبريو؟ - بانبريو؟ - بانبريل!) ص - 341

- برغلائڻ ( برغلايو - برغلائيندو - برغلايل) ص - 372

- بڻگجڻ ( !؟ -- !؟ ) ص - 405

- بيهڻ (بيهندو! - بيٺو! - بيٺل) ص - 443

- ٻاهڻ ( ٻاهيو - ٻاهيندو - ٻاهيل) ص - 462

- ٻيڪائڻ (ٻيڪائيو - ٻيڪائيندو - ٻيڪايل) ص - 513

هنن مثالن مان پڌرو آهي ته مصدر جو ماضي، مستقبل (۽ اهي ٻئي شڪيلون به رڳو واحد ۽ مذڪر واريون، جمع ۽ مؤنث  واريون نه)  ۽ اسم حاليه ڏنل آهي ( ۽ اهو به ڪيترن ئي هنڌن تي کٽل، بي ترتيب ۽ غلط) نه ڪي ڄاڻايل علمي ۽ تحقيقي دعوى موجب فاعل، ماضي ۽ اسم حاليه! (باقي چئني جلدن ۾ ته اها ترتيب به رڳو ڪجهه هنڌن تي ڀل چڪ وچان درست اچي وئي آهي.)

سنڌيءَ ۾ فاعل ائين به ٺهندو آهي ته مصدر جو -ڻ ڪيرائي ان جي جاءِ تي -ايندڙ يا -اندڙ پڇاڙي ملائي ڇڏجي جيئن آهوڙيندڙ ڄاڻندڙ، برغلائيندڙ، گهمندڙ وغيره. مصدرن مان اهڙن ٺهيل سمورن فاعلن سان جيڪا تعدي جامع سنڌي لغات ۾ ڪئي وئي آهي اها شايد ئي دنيا جي ٻي ڪنهن به سڌريل يا اڻ سڌريل ٻوليءَ واري لغت ۾ ڪئي وئي هجي. پوين چئني جلدن تي جيڪڏهن تحقيقي نظرثاني ٿئي ها ته ان ۾ ڪٿي ڪٿي اچي ويل اهڙا فعل به شايد نظر نه اچن ها.

4) جلد پهرين جي مهاڳ ۾ صفحي (د) تي ڄاڻايو ويو آهي ته اصولي لفظ کي اڳ ۾ رکيو ويو آهي ۽ ان جي آڏو گول ڪاري ٻڙيءَ () جو نشان ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ انهيءَ اصولي لفظ مان ٺهيل ٻين لفظن ۽ اصطلاحن کي ترتيب ڏئي رکيو ويو آهي...

اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي ۽ ڪجهه غلط.

مثال طور، جهنگ، مَنجهه ۽ ٻيلو اصولي لفظ آهن جن مان جهانگي، مانجهي ۽ ٻيلاٽي لفظ ٺهيا آهن پر اهي پنهنجن اصولي لفظن کان اڳ ڏنل آهن.

آڀام لفظ جي معنى ڏيڻ کان پوءِ لکيل آهي: آڀامڻ مصدر مان اسم آهي جي ائين آهي ته پنهنجي اصولي مصدر آڀامڻ کان اڳ آيل آهي. آڍائڻ آڍڻ مصدر مان متعدي بالواسطه آهي پر پنهنجي اصولي مصدر کان اڳ ۾ آيل آهي. آٽجڻ آٽڻ جو فعل مجهول آهي ۽ آٽڻ، پنهنجي اصولي مصدر، کان اڳ ۾ آيو آهي.

آڀام جهڙا ڪيترائي اسم، آڍائڻ جهڙا ڪيترا متعدي بالواسطه ۽ آٽجڻ جهڙا ڪيترائي فعل مجهول، پهرين جلد ۾ ئي پنهنجي ڄاڻايل رٿابنديءَ جي ابتڙ ڏنل آهن. باقي چئني جلدن جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ جيڪڏهن اسين اڻ- (انڪاري معنى ڏيکاريندڙ صفاتي اڳياڙي) وارن لفظن جي اصطلاحن تي ڌيان ڏيون، مثال طور، اڻ ڀومو، اڻ تارو، اڻ پڙهيو، اڻ پهچ، اڻ ڄاتل، اڻ سانگو، اڻ سڌو، اڻ سرتو، اڻ سونهون، اڻ واقف، اڻ هيريو وغيره، ته ٿڏي تي ئي ڄاڻي وٺنداسون ته اصولي لفظ ڪنهن ٻي هنڌ آهي ۽ رڳو اڻ- اڳياڙي جي ڪري اڻ- واري ترتيب ۾ رکيو ويو آهي. اها ساڳي ڳالهه، باقي سمورين اڳياڙين ـــــــــ آ-، اَ-، بِ-، با-، بد-، بي-، ڏ-، سُ- (سَ-)، ڪُ- وغيره ــــــــــ سان به لاڳو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com