سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ

باب: --

صفحو :3

هاڻي، عدد 3 ۽ عدد 6 ساريو.

/ٽِڪَ (ٽِرڪَ)، ٽِڪو (ٽرڪو) ۽ ٽڪي (ٽرڪي)/ ۽ /ڇَڪو ۽ ڇَڪِي/ ۾ ڇيهڪ آواز، جيڪي پروس صرفيائون، پڇاڙيون آهن. ڌار ڪيون وڃن ته باقي ٻول بچندا: /ٽِڪ (ٽرڪ)/ ۽ /ڇَڪۡ/ پر ڇا انهن ٻولن کي ڌاتو سڏي سگهبو.

جواب آهي، نه

/ٽِ (ٽِر)/ = ]ٽ[ + ]اِ[

/ٽي/ =  ]ٽ [+ ]اي[

/ٽِڪ (ٽرِڪ)/ جو ڌاتو /ٽي (ٽري) يا ٽِ (ٽِر)/ آهي.

َڪ/ جو ڌاتو /ڇَ (ڇهه)/ آهي.

بلڪل ساڳي طرح /هِڪ، اڪ/ جو ڌاتو /هِه، اِ/ آهي ۽ /ڪ/ ان ۾ پڇاڙي هڪ پروس صرفيه آهي.

/هِڪ، اِڪ/ مفرد ٻول ناهي.

واضح دليلن جي روشنيءَ ۾ ليکڪ /اِڪ، ايڪ، هِڪ، هيڪ/ مان ڪنهن هڪ به ٻول کي اصولي ۽ عملي طرح ڪنهن مفرد ٻول، ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي معندار جز، هڪ پاڙ (Root) جي ڪسوٽيءَ تي پورو لهندي نه ٿو ڀانئي. انهن سڀني ٻولن ۾ هڪَ پروس صرفيه، هڪ پڇاڙي /-ڪ/ ڳنڍيل آهي جنهن ڪري چوي ٿو ته اهي سڀ مفرد ٻول نه آهن پر مرتب ٻول آهن. ليکڪ جي نظر ۾ انهن سڀني جو حقيقي پاڙَ ٻول، هڪ ٻئي ۾ مٽجي سگهندڙ، /اِ، هِه/ آهي.

 

/اِ، هِه/ هڪ مفرد ٻول:

هتي، اهو سوال اٿڻ/اٿارڻ بلڪل فطري آهي ته، ڇا اهو مفرد ٻول سنڌيءَ جي ٻولَ کاڻ ۾ ڪٿي به پنهنجو ڪو وجود رکي ٿو؟

هڪ صاف ۽ سنڌو جواب آهي، ها.

هن مقالي جي ابتدا ۾ /هڪ، هيڪ، اڪ، ايڪ/ (ترت)-ڌاتو رکندڙ جيڪي به ٻول ڏنا ويا آهن، انهن سڀني ۾ اهو عملي طرح پرکيل، اصولي، حقيقي پاڙ ٻول موجود آهي. تِهائين وڌيڪ چِٽو ۽ کَرو ٿيڻ لاءِ اسان کي اوس اهو سمجهڻو پوندو ته سنڌي ٻول-کاڻ ۾ موجود ڌاتو ٻول عام طرح ڪهڙيءَ صورت ۾ وجود رکن ٿا، ۽ ڇا اهي پنهنجيءَ مفرد، ڌاتوئي صورت ۾، هڪ مڪمل لفظ طور ڳالهايا وڃن ٿا.

(1) انهيءَ سوال جو جواب آهي، بيحد گهٽ، ورلي. سنڌيءَ ٻولي جي ٻول-کاڻ ۾ ڌاتو ٻول عام طرح پنهنجي اصولي ڌاتوئي صورت ۾ وجود نه ٿا رکن، انهن سان ڪا نه ڪا پروس صرفيه عام طرح ڳنڍيل رهي ٿي.

     سنڌي ٻوليءَ جي پهرين مکيه خاصيت يا خاص ڳالهه هيءَ آهي ته: سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون اکر ساڪن ڪونهي، سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته ڪو حرف علت، يا ته ڪا اعراب، آهي ئي آهي.

(ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ص 323)

ليکڪ کي ڀيرومل جن جي راءِ سان هڪ قسم جو اختلاف آهي. ٻئي پاسي اها حقيقت آهي ته سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني عالمن سنڌي ٻولن جي ان خاصيت جو ذڪر پئي ڪيو آهي پر ليکڪ جي نظر مان اڃا سوڌو اهڙي ڪا ڀرپور ۽ مدلل لکت نه گذري آهي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ان گڻ جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي هجي.

ڀيرومل جن سنڌيءَ جي ان گڻ جي ساراهه ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ جي سنڌي گرامر (ص 31) تان هڪ ٽڪرو به آندو آهي جنهن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو.

     ان واڪيدار (Vocalic) پوڇڙائپ (Termination) جي ڪري سنڌيءَ پاڻ وٽ هڪ لچڪ سانڍي رکي آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ واڄيداري (Sonorousness) پڻ، جنهن کان ٻيون جديد ڏيهي ٻوليون پوريءَ طرح وانجهيل آهن.

سنڌيءَ جي اها خوبي پنهنجي جاءِ تي پر سندس اهو ئي گڻ ان جي ڌاتو ٻولن جي اصولي صورت کي لڪائي ڇڏڻ جو ڪارڻ ٿي پيو آهي.

رڳو ٻه مثال ڏجن ٿا:

/ڊُڪ، ڦوڪَ، ڪوڪَ، تورَ، ڊڄُ، ڄمُ، لڪُ، چيرُ، کاڌِ، لاٿِ، ڏيٺِ/ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي اسم ٻولن جو اصولي (ترت)-ڌاتو ٻول /ڊُڪۡ، ڦوڪۡ، ڪوڪۡ، تورۡ، ڊڄۡ، لِڪۡ، چِيرۡ، کاڌۡ، لاٿۡ ۽ ڏيٺۡ/ آهن.

اهڙا سمورا ڌاتو ٻول عام طرح پنهنجي ڌاتوئي صورت ۾ ڪم نه ٿا اچن، اهي پنهنجي ڇيهه وٽ متحرڪ رهن ٿا. ظاهر آهي ته انهيءَ تحرڪ جو ڪارڻ ٻول جي ڇيهه وٽ ڪم ايندڙ سُر آواز آهي، جيڪو بهرحال، هڪ پروس صرفيه ٿي ڪم اچي ٿو.

(2) ]اِ[ هڪ سُر آواز آهي ۽ اهو به ننڍو. جڏهن ته، سنڌيءَ ۾ گهڻي کان گهڻيون ڪم ايندڙ پڇاڙيون سر آواز تي ئي ٻڌل آهن، اهي جڏهن ان آواز سان، ۽ ڪنهن به ٻئي سر آواز سان ملنديون تڏهن جوڙپ بدران جذب پذيريءَ جو عمل وڌيڪ ٿيندو. (مثالَ هيٺ)

  ]هه[ هڪ گسڪيدار (Fricative) اوسرڳ (Aspirated) آواز آهي ۽ ان جي ٺهڻ جو هنڌ يا مخرج (Point of articulation) نڙگهٽ آهي پر سمورن وينجن (Consonant) آوازن ۾ اهو اڪيلو آواز آهي جيڪو بي ڀُڻو (Voiceless) به آهي ته ڀڻڀڻو (Voiced) به. (ڏسو علم لسان ۽ سنڌي زبان، ليکڪ علي نواز حاجن خان جتوئي، ص 65، 66، ۽ 70-71)

۽ ]هه[ جي ئي سلسلي ۾، ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه جيڪا ليکڪ چوڻ گهري ٿو، اها هيءَ ته، دنيا ۾ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪو به ٻيو اهڙو سُر يا وينجن آواز موجود ناهي جيڪو وات کي پوريءَ طرح بند رکڻ وسيلي اچاري سگهجي جڏهن ته ]هه[ اڪيلو آواز آهي جيڪو وات کي پوريءَ طرح بند رکندي ڦڦڙن جي هوا کي نڙ گهٽ وٽ ڌوڪ ڏئي نڪ مان خارج ڪبو ته به ]هه[ جهڙو ڀڻڪو پيدا ٿي سگهندو.

وينجن آوازن جي وسرڳائي پنهنجي جاءِ تي پر سنڌيءَ جي خاص ڪري ]ڦ[ ۽ ]ڇ[ جهڙن بي ڀڻن ۽ ]م[، ]ن[، ]ڻ[، ]ل[، ]ر[، ۽ ]ڙ[ جهڙن اوسرڳ ڀڻڀڻن جي ڪڍ هوا جو هڪ ]هه[ جهڙو ڦڦڪو به ڪن حالتن ۾ پنهنجي ليکي اڀريو اچي.

سنڌي جيئن ته بنيادي طرح هڪ سُريلي ٻولي آهي ۽ گهڻي کان گهڻيون سرائتيون پڇاڙيون ڪم آڻي ٿي ان ڪري ]هه[ جهڙي آواز سان به سندن پائداري قائم نه ٿي رهي سگهي جڏهن ته اهو ]هه[ ڪنهن مهل به، ڪنهن به، خاص ڪري ننڍي سر ۾ بدلجي سگهي ٿو.

 

ڌاتو ٻول

* /وَڍۡ/

* /سَتۡ/

* /ههِ/

* /اِ/

...+/اَ/

وڍَ

ستَ

هِئه. هَه

اِئَه، اَ

...+/اِ/

وڍِ

ــــــــــ

هِئه، هِه

اِئِه، اِ

...+/اُ/

وڍُ

ــــــــــ

هِئُه، هُه

اِئُه، اُ

...+/او/

وڍو ۽ وڍيو

ستو (هفتو)

هِئو، هو

اِئو، او

...+/آ/

وڍا

ستا

هِئا، ها

اِئا، آ

...+/اِي/

وڍِي

ستِي

هِئي، هِي

اِئي، اِي

...+/اُو/

وڍُو

(ستُو)

هِئُو، هُو

اِئُو، اُو

...+/اي/

وڍي (مضارع)

ستي (واحد جي

حالت عام)

هِئي، هي

اِئي، اي

...+/اَو/

وڍَو (ندائي حالت)

ستَو

هِئَو، هَو

اِئَو، اَو

...+/اون/

ــــــــــ

ستون

هِئون، هون

اِئون، اون

...+/اُون/

وڍون (وڍ جو

جمع ۽ مضارع)

ستُون، ستيون

هِئُون، هُون

اِئُون، اُون

...+/اين/

وڍين (مضارع)

ستين

هِئين، هِين

اِئين، اين

...+/اِين/

ــــــــــ

ستِين

هِئِين، هِين

اِئِين، اِين

...+/آن/

وڍان > وڍيان (مضارع)

ستان (جمع جي

حالت عام)

هِئان، هان

اِئان، اَن

نوٽ ڪريو ته /هِه، اِ/ سان ڪهڙا ٻول ٺهيا آهن جيڪي اڄ به ڳالهايا وڃن ٿا.

/اِ، هِه/ جي اهائي ڪمزوري اهو ممڪن ڪارڻ ڀائنجي ٿي جنهن جي ڪري /-ڪ/ پڇاڙي انهن ٻولن سان ڳنڍجي رهي ٿي. جڏهن ته /ٻ (ٻه)/ ۽ /ڇ (ڇهه)/ جهڙن ٻولن سان اها ساڳي ئي پڇاڙي پنهنجي ساڳئي ڪارج لاءِ ڳنڍجي به ٿي ته ڌار به ٿئي ٿي.

/ٻ/ + /ڪ/ = ٻِڪ + /او/ = ٻڪو

                    + /اِي/ = ٻڪِي

/ڇ/ + /ڪ/ = ڇڪ + /او/ =  ڇڪو

                   + /اِي/ = ڇڪي

/اِ/ + /ڪ/ = اِڪ + /او/ =  اِڪو

                 + /اِي/ = اِڪي

/هِه/ + /ڪ/ = هِڪ + /اُ/ = هڪُ

                   + /اَ/ = هڪَ

هاڻي هيٺ ڏنل ٻولن ۾ معنوي فرق کي محسوس ڪريو.

* /اِڪ/ + /او/=  اِڪو              * /ايڪ/ + /او/ = ايڪو

+ /آ/ = اِڪا                  + /آ/ =  ايڪا

+ /اِي/ = اِڪي                       .......

ڪنهن ٻول ۾ /اِ/ وڌي. مٽجي جڏهن /اي/ ٿئي ٿو تڏهن معنوي فرق پيدا ڪري ٿو.

(3) ڪنهن به ڌاتو ٻول سان جڏهن به ڪا ٺهڪندڙ پڇاڙي ڳنڍجي ٿي تڏهن ان ۾ هڪ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو. جيئن /ڇ ، ٻه/ ۽ /ڇَڪ، ٻِڪ/ جي وچ ۾ هڪ معنوي فرق موجود آهي تيئن اصولن /اِ، هه/ ۽ /اڪ، هڪ/ جي وچ ۾ به هڪ فرق موجود هئڻ گهرجي پر اڄ اسان وٽ /اِڪ، هڪ/ هڪ ڌاتو ٻول جي صورت ۾ موجود آهي. ائين ڇو ٿيو آهي؟

انهيءَ سوال جي جواب، ليکڪ سنڌ جي تاريخ، سماجي اٿل پٿل، ٻوليءَ جي اڻ-لکيل صورت، پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن بي ڌياني ۽ پرڏيهي ٻولين جي بالادستيءَ ۾ ڳولي لهي ٿو. تفصيلن ۾ وڃن بدران اچو ته هڪ ۽ هڪڙو ٻولن جي مثال ۾ ان کي ڳوليون.

/هڪ/ ۽ /هڪڙو/، ڇا ٻنهي جي وچ ۾ ڪو معنوي فرق موجود آهي؟

مٿي لغتن مان جيترا به ٻول ڏنا ويا آهن انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به انهن ٻنهي ٻولن جي وچ ۾ ڪنهن به معنوي فرق جي نشاندهي نه ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو اشارو به نه ڪيو ويو آهي، پر ليکڪ انهن ٻنهي ٻولن جي وچ ۾ هڪ اصولي معنوي فرق کي محسوس ڪري ٿو.

ائين سمجهڻ يا مڃڻ ته /هڪڙو/ ۾ /ڙو/ ائين ئي اجايو، بيڪار، خواه مخواهه وڌي ويو/وڌايو ويو آهي ۽ ان جي ڪري ڪو به فرق پيدا نه ٿو ٿئي، ڀانيان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ سان هڪ مذاق برابر هوندو.

ڇا /ڄام ۽ ڄامڙو، هَٽ ۽ هٽڙو، ڳوٺ ۽ ڳوٺڙو، ڪَم ۽ ڪمڙو/ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي ٻولن جي وچ ۾ ڪو به معنوي فرق موجود ناهي؟

جي ها، ته /هڪ ۽ هڪڙو/ جي وچ ۾ معنوي فرق موجود نه هجي، عقل کان بعيد ڳالهه ٿيندي، پر لغتون شاهد آهن ته سنڌيءَ ۾، انهن ٻن لفظن جي وچ ۾، اهو اصولي فرق قائم نه رهي سگهيو آهي.

/هڪ/ + /ڙ/ + /او/ = هڪڙو

              +/اِي/=  هڪڙِي

/ڙ/ سنڌي جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ سان واسطيدار (جنهن ٻول جي پٺيان اچي ان سان واسطيدار) جو مفهوم ۽ ڪيترن ئي ٻولن ۾ تصغير (جنهن ٻول جي پٺيان اچي ان کان ننڍائي) جو مفهوم پيدا ڪري ٿي پر سنڌيءَ جي ٻول /هڪڙو/ سان /هڪ/ جي ڀيٽ ۾ اهڙو ڪو به مفهوم لاڳاپيل ناهي. ڇو؟

ائين ڇو نه چئجي ته هڪ ۽ هڪڙو جي وچ ۾ اصولي معنوي فرق کي گم ڪري، وڃائي ويٺا آهيون؟

بلڪل ائين يا لڳ ڀڳ ساڳين سببن جي ڪري /اِ، هِه/ سان لاڳاپيل پڇاڙي /-ڪ/ جو به عملي طرح ٺهندڙ مفهوم گم ڪري، وڃائي ويٺا آهيون ۽ اڄ،  /اِڪ، هڪ/ کي هڪ مفرد ٻول سمجهون ٿا.

(4) /اِ، هِه/ سان سُرائتيون پڇاڙيون ملائڻ کان پوءِ اسان ڏٺو ته /هِي، هو، هي ۽ هُو/، جيڪي ضمير غائب جا ٻول آهن، کان سواءِ ڪي ٻيا معندار ٻول /ها/ ۽ ڪنهن حد تائين /هان/ هئا.

هِي = /هِه/ + /اِي/

/اِي/ پڇاڙيءَ سان منسوب تصور هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو جنهن جي هتي گنجائش ناهي، اها رڳو مؤنث ڪندڙ پڇاڙي ناهي، ٻول ۾ ڪي ٻيون تبديليون به آڻي ٿي. ڏوڏي، ڌوٻي، ڏوٿي مرد به ٿي سگهي ٿو ته عورت به، ڇوڪرو به ٿي سگهي ٿو ته ڇوڪري به ۽ اهڙيءَ حالت ۾ انهن لفظن جي پويان ايندڙ اسم واحد به ٿي سگهي ٿو ته جمع به.

/هِي/ + /اُ/ = هيءُ

       + /اَ/ = هيءَ

/هِيءُ/ ـــــــــ مذڪر واحد

/هِيءَ/ ـــــــــ مؤنث واحد

/هِي/ ـــــــــ عدد واحد توڙي جمع ۽ جنس مذڪر توڙي مؤنث.

هُو = /هِه/ + /اُو/

/-اَو/ پڇاڙيءَ سان منسوب تصور پڻ هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو جنهن جي هتي گنجائش ناهي. /ماڻهو، پَهرُو، واڳُو، تارُو، ڦورُو، لاڏُو، ناچُو/ ۽ اهـڙا ٻـيـا ڪـي ئـي ٻـول عام طرح مذڪر واحد سمجهيا ويندا آهن. پر /-اُو/ پڇاڙي اهڙو ڪو به مفهوم پيدا نه ٿي ڪري، جي ائين هجي ها ته انهن ٻولن جو مؤنث، واحد ۽ مذڪر ضرور هجن ها. /-اُو/ پڇاڙيءَ جي ڪري انهن ٻولن ۾ اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو مؤنث به آهن ته مذڪر به ۽ واحد به آهن ته جمع به.

 

/هُو/+/اَ/ = هوءَ

/ هُو/ کي عام طرح مذڪر واحد سمجهون ٿا.

/هو/ کي مؤنث واحد طور مقرر ڪيو اٿئون.

/هُو/ اصولي طرح مذڪر واحد به آهي ته جمع به ۽ مؤنث واحد به آهي ته جمع به.

هيءُ جو ڌاتو سنسڪرت اِوَم، هُو جو ڌاتو عربي هُوَ (۽ سنسڪرت هو = هِي) تي بحث ڪري سگهڻ ليکڪ لاءِ ممڪن ناهي پر سنڌيءَ جي /هُو، هِي، هي، هيءَ، هوءَ/ جهڙن ضمير غائب ٻولن کي سنڌي بڻ مان آيل سمجهي ٿو.

]نوٽ سنسڪرت هو ۽ اِوَم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. /-اَم/ هڪ پڇاڙي آهي.[

 

هڪ ۽ يارهن (يارهه):

  اهڙيءَ طرح يارهن کان ويهن تائين ڳڻڻ لاءِ ايڪا پهرين ڳڻبا آهن ۽ ڏهاڪا پوءِ ڳڻبا آهن. پر ويهن کان پوءِ سنڌيءَ ۽ ٻين ڏيهي ٻولين ۾ ساڳيو طريقو يعني ساڳي سٽاء رهندي آهي، يعني ته ايڪا پهرين چئبا آهن ۽ ڏهاڪا پوءِ چئبا آهن. پر سنسڪرت، فارسي، انگريزيءَ ۽ ٻين آريائي ٻولين ۾ سٽاء ان جي ابتڙ هوندي آهي يعني ته ڏهاڪا پهرين ۽ ايڪا پوءِ ڳڻبا آهن، تنهن ڪري چئبو ته سنڌي ٻوليءَ واري اها سٽاء غير آريائي آهي. مثال طور:

سنڌي سنسڪرت     فارسي       لاطيني (لئٽن)          انگريزي

ايڪويهه      -       بيست ويڪ      Viginti unus     Twenty One

ٻاويهه         -        بيست ودو       Viginti duo     Twenty Two

ايڪٽيهه      -         سِي وي        Triginti unus      Thirty One

ڪاش الانا صاحب جن ايڏي وڏي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان جو دليل آڻڻ کان اڳ سنسڪرت جا گهربل لفظ ڳوليا ۽ انهن جي بناوت تي غور به ڪيو هجي ها!

جنهن به ماڻهوءَ رڳو جامع سنڌي لغات، تحقيق لغات سنڌي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ کي ۽ انهن ۾ ڄاڻايل لفظن کي مٿاڇري نظر سان به ڏٺو هوندو اهو چٽيءَ طرح چوندو ته ڳڻپ بابت سنسڪرت جي حوالي سان مٿي ٻڌايل ڳالهه غلط آهي. (ڏسو هن مقالي جي ابتدا ۽ ايڪيهه ايڪٽيهه ۽ اهڙا ٻيا لفظ.)

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ويهه (20) کان مٿي انگن جي ڳڻپ ۾ جتي به هڪ استعمال ٿئي ٿو اتي ان جو اچار ايڪ آهي. ايڪويهه، ايڪٽيهه، ايڪيتاليهه، وغيره. پر ايڪ هروڀرو سنسڪرت جو لفظ ئي آهي ۽ سنڌيءَ ان تان کنيو آهي، بهرحال، هاڻي بحث جوڳو نه رهيو آهي. انگن جي حوالي سان سنڌيءَ ۽ سنسڪرت ۾ هڪ جهڙائي موجود آهي ۽ ٻنهي ٻولين ۾ ڳڻپ گڏوگڏ هلي ٿي، پر سنڌي ۾ يارهن ۽ سنسڪرت ۾ ايڪادش ٻول ڌيان اوس ڇڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com