سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀٽي چيو

باب: --

صفحو :1

ڀـُٽي چيو

حبيب الله صديقي

 

پيش لفظ

                 قوم جي آدرشن ۽ اُمنگن جو اهڃاڻ، چيئرمن ذوالفقار علي ڀٽو، هاڻوڪي وقت جو سڀ کان نامور سياسي اڳواڻ آهي. سندس احساس بيحد اُونها ۽ سندس آواز بيحد بي غرض آهي. سندس پيغام زورائتو ۽ طريقه ڪار سياڻپ ڀريو آهي

                ڀـُٽي جا جي ويچار ۽ ارادا سندس تقريرن ۽ لکتن ۾ سمايل آهن. شاگرديءَ جي زماني کان وٺي اڄ تائين، هو پنهنجا جذبا پنهنجيءَ زبان ۽ قلم وسيلي ماڻهن تائين لڳاتار پهچائيندو رهيو آهي. سندس اهي لفظ انقلابي فڪر جو خزانو بنجي ويا آهن، جنهن لاءِ قوم کي سدائين اُميد ۽ اعتماد رهندو.

هن ڪتاب کي سهيڙڻ وقت آءٌ هر وقت ڀٽي صاحب جي بيباڪيءَ، خيالن جي بلنديءَ ۽ اصولن تي سندس ڄمت کان متاثر ٿيندو رهيس، ۽ جيڪڏهن سندس تقرير ۽ تحريرن مان ڪوريل، سندس قولن جي هن ننڍڙي ڳٽڪي مان پڙهندڙن کي سندس ذهن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي، ته آءٌ پنهنجو هي حقير پورهيو ساب سمجهندس.

پروفيسر نبي داد خان جي مدد بنا هي ڪم مڪمل نه ٿئي ها، تنهن لاءِ آءٌ سندس گهڻو ٿورائتو آهيان. سندس مهرباني جو هن سڄي ڪتاب تي نظر وڌي ۽ پڻ ان لاءِ تعارف لکي، منهنجي همت افزائي ڪئي.

بشير احمد

ڪراچي،

22- نومبر، 1971ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org