سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀُٽي چيو

باب: --

صفحو : 6

  فخر

                 اسين مسڪين ڇو نه هجون، پر اسان جي مسڪيني اسان کي پاڻ تي فخر ڪرڻ کان وانجهي نٿي سگهي.

] قومي اسيمبليءَ جو اجلاس:

13_ جولاءِ، 1965ع .[

 اصول

                 ”اقتدار“ ڪڏهن به ”اصول“ سان اُپڙي نه سگهندو. نيٺ آخري طور تي ”اصول“ ضرور ”اقتدار“ تي غالب ٿيندو. اهو مسيحي نظريو آهي، اهو هڪ مهذب نظريو آهي.

] سلامتي ڪائونسل جو 1244هون اجلاس: 22_سيپٽمبر، 1965ع . [

 

نِجو ڪاروبار

                 اهو هڪ مڪمل طور تي غلط عقيدو آهي، جيڪو سرڪاري پرچار ذريعي پيدا ڪيو ويو آهي ته هڪ آزاد معيشت ۾ آزاد ڪاروبار ذريعي اُنهن خاص اهليت رکندڙ ڪاروباري ماڻهن کي موقعو فراهم ٿئي ٿو، جنهن ۾ هو پنهنجي محنت جو سونو ڦل لُڻن ٿا.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

(2)

                 خانگي شعبي کي وڌڻ ويجهڻ گهرجي، جنهن لاءِ اهي حالتون پيدا ڪجن، جيڪي هڪ نجي ڪاروبار لاءِ هئڻ گهرجي، يعني چٽا ڀيٽيءَ جو ماحول_ ۽ نه ائين، جيئن هاڻي آهي، يعني سرڪاري سرپرستي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

پروپئگنڊا

                 پروپئگنڊا معنيٰ رُسوائي، پروپئگنڊا معنيٰ بهتان تراشي، پروپئگنڊا معنيٰ گارگند.

] قومي اسيمبلي جو اجلاس: 16_ مارچ، 1966ع .[

 

خوشحالي

                 غريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي، سو سندن ڪروڙ پتي اميرن جي خوشحاليءَ سبب نه آهي پر انهيءَ نسبت سبب آهي، جيڪا سندن عوام ۽ خواص جي خوشحاليءَ جي وچ ۾ قائم آهي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

  

قائدِ اعظم

                 اسان کي ياد رکڻ گهرجي ۽ ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ ”قائد“ هاڻي اسان ۾ موجود نه آهي، تاهم سندس پاڪ صاف جذبو اسان جي ذهن ۾ سدائين سرسبز رهندو . . . . سندس سڀ ڄمار پنهنجي عوام جي بهتري ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۾ گذري.

] مسٽر ايم. اي. ايڇ . اصفهاني ڏانهن لکيل خط: 11_سيپٽمبر، 1948ع .[

 

انقلاب

                 ”انقلاب“ جي ڪاميابي انهيءَ ۾ آهي ته هو ڪيتريقدر ماضيءَ سان تعلق ختم ڪري ڇڏي ٿو.

] قومي اسيمبليءَ جو اجلاس: 10_ جولاءِ، 1962ع .[

 

 (2)

                 حڪومت تي هڪ فوجي قبضي ۽ هڪ انقلاب جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، ڇاڪاڻ ته انقلاب جا محرڪ انهيءَ جا نظريا هوندا آهن ۽ انهيءَ ۾ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان عوام جو ڪثير تعداد شامل هوندوآهي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

 (3)

                 مون کي معلوم آهي ته چونڊن ذريعي آمريت جو خاتمو آڻي نٿو سگهجي. آمريت کي صرف انقلاب جي ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو. ووٽ ۾ پوشيده راءِ شماريءَ جي اهميت فقط جمهوريت ۾ آهي، آمريت ۾ اهي ڪنهن ڪم جا نه آهن.

] حيدرآباد ڪنوينشن: 21_ سيپٽمبر، 1968ع . [

 

حق

                 سڀ بنيادي (انساني) حقَ اهم آهن. اُهي گڏجي قائم ۽ ختم ٿين ٿا. هڪ آزاد سماج جي جوڙجڪ اُنهن سڀني (انساني) حقن تي ٻـَڌل آهن، جيڪي بنيادي آهن.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

 (2)

                 عوام جا انفرادي ۽ اجتماعي حقَ (ملڪ جي) دستور ۾ تسليم ڪيا وڃن. اهو غلام سماج چئبو، جنهن ۾ شهري آزاديون نه هجن يا فقط نالي ۾ هجن.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

قرباني

                 جنهن ۾ ڏي _ وٺ جو عنصر آهي، اُنهيءَ ۾ قربانيءَ جو جزو شامل آهي.

] قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير:

20_ جون، 1964ع .[

 

علحدگي

                 جمهوريت، حڪومت جي نوعيت ۾، عوام کي فقط سندن رياست جي حدن اندر حاصل آهي ۽ اها خودبخود اهو حق نٿي ڏئي ته رياست کان علحدگي اختيار ڪجي.

] عظيم سانحو.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org