سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀُٽي چيو

باب: --

صفحو : 10

سڪون

                 تاريخ اڃا تائين بني آدم جي ڪنهن شاخ کي انتهائي سـُڪون جي نعمت سان نوازيو نه آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

حق

                 جيستائين حق جي آخري فتح ٿيندي رهي ٿي ۽ معقوليت ماڻهن جي ذهن تي حڪم هلائي ٿي، بي بنياد الزام ڪو به نقصان پهچائي نه سگهندا.

] سمنڊ جي قانون تي اقوام متحده جي ڪانفرنس جي فرسٽ ڪاميٽيءَ کي خطاب: 19_ اپريل، 1958ع .[

 

اتحاد

                 پاڪستان ۾ اتحاد تڏهن قائم ٿيندو، جڏهن عوام کي اقتصادي حقن سميت سياسي حق ڏنا ويندا. جيترو (حقن جو) استحصال زياده ٿيندو، اوترو قومي اتحاد خطري ۾ پوندو.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

(2)

                 اتحاد، جنهن جو مقصد استحصال کي ختم ڪرڻ آهي، انهيءَ کي بيروني طاقتون هر حالت ۾ روڪينديون، ڇاڪاڻ ته اُنهن کي جيڪي خاص رعايتون حاصل آهن، سي پاڻ وٽ سوگهيون رکڻ جو عزم ڪيو اٿن ۽ اُنهن کي وڃائي ويهڻ جي ڊپ کان هو ائين ڪنديون.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

 (3)

                 پاڪستان گهڻين ٻولين واري رياست آهي، جنهن ۾ انيڪ قسمن جون قديم ۽ شاهوڪار زبانون ۽ تهذيبون شامل آهن. اُنهن تهذيبن مان ڪا به هڪ قومي تشخص پيدا ڪرڻ لاءِ ناموافق نه آهي.

] عظيم سانحو.[

 

سوويت يونين

                 هاڻي جڏهن پاڪ_چين تعلقات ۾ سرد مهري آئي آهي، سوويت يونين آسانيءَ سان پنهنجي روايتي پاليسي طرف موٽي آئي آهي ۽ چين جي ڪنهن ردِعمل جي خوف بنا هندستان جي فوجي امداد بحال ڪئي اٿس . . . . هندستان جي فوجي امداد بحال ڪرڻ جو، سوويت يونين جو فيصلو ڏيکاري ٿو ته پاڪستان ڪيتريقدر خطرناڪ نموني اڪيلو ٿي ويو آهي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

ويٽنام

                 ويٽنام جي لڙائيءَ ثابت ڪيو آهي ته سپاهگيريءَ جي فن، ڌن دولت ۽ تعداد جي لحاظ کان ڪمتريءَ جي باوجود هڪ ننڍڙي غريب قوم، دنيا جي بيحد طاقتور قوم سان جنگ جوٽي سگهي ٿي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

لڙائي

                 مون اڪثر ماڻهن کي چوندي ٻڌو آهي ته عالمي جنگ جي شعلن ڀڙڪڻ بعد نه ڪوئي فاتح رهندو نه ڪوئي مفتوح. اهو ته ظاهر نظر اچي ٿو. ليڪن کڻي ڪا مصنوعي ۽ بي معنيٰ فتح ڪنهن کي حاصل به ٿي ته اِها مرندڙن جِي، مئلن تي فتح هوندي ۽ مرندڙن کي تهذيب جي مڪمل مسماري ڏسي سوڀ جي هڪ مشڪوڪ خوشيءَ جي لهر نصيب ٿيندي.

] اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي ڇهين ڪاميٽيءَ کي خطاب:

25_ آڪٽوبر، 1957ع .[

 

 (2)

                 دنيا ۾ جيڪا اقتصادي نابرابري آهي، سا جنگ جو مکيه ڪارڻ آهي.

] اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي سيڪنڊ ڪاميٽيءَ کي خطاب:

11_ سيپٽمبر، 1959ع .[

 

 (3)

                 تاريخ کي ٻن قسمن جي لڙائي معلوم آهي، هڪ پئسي جي هٻڇ ۽ ٻين جي استحصال لاءِ اخلاق کان ڪِريل ويڙهه، ٻي غلبي ۽ استحصال خلاف مقابلي جي جنگ.

] قومي اسيمبليءَ کي خطاب:16_مارچ، 1966ع .[

 

ڪمزوري

                 مان قبول ٿو ڪريان ته اسان ۾ اها ڪمزوري آهي ته اسين ٿوري وقت لاءِ ڏاڍا سرگرم ٿي وڃون ٿا، ليڪن پوءِ اسان جو جوش ٿڌو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ذهن ۽ جذبي کي بيدار رکيو وڃي ته سرگرمي ۽ جوش ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي.

] حيدرآباد ڪنوينشن:

21_ سيپٽمبر، 1968ع .[

 

ڌن دولت

                 منهنجي سوچ مطابق هڪ غريب انسان جي زندگي، مشهور ويهن خاندانن جي سموري ڌن دولت کان وڌيڪ قيمتي آهي.

] حيدرآباد ڪنوينشن:

21_سيپٽمبر، 1968ع .[

 

سياڻپ

                 هن روشن خياليءَ جي زماني ۾ عوام جي سياڻپ تي شڪ ڪري نٿو سگهجي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

نوجوان 

منهنجي هميشه اها راءِ رهي آهي ته اسان جي ملڪ جا نوجوان اسان جو سڀ کان زياده قيمتي سرمايو آهن. انهن کي مستقبل جي قيادت لاءِ تيار ڪرڻ جو صحيح طريقو اُنهن کي دٻائي زير ڪرڻ بجاءِ، اُنهن تي اعتماد ڪرڻ آهي.

] حيدرآباد ڪنوينشن کي خطاب:

21- سيپٽمبر، 1968ع .[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org