سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀُٽي چيو

باب: --

صفحو : 3

اڳرائي

 

جيڪڏهن اڳرائيءَ جي ڪا جامع وصف آهي ۽ جيڪڏهن اڳرائيءَ جا سڀئي قسم بيان ڪجن ته اُنهن ۾ اقتصادي اڳرائيءَ کي ضرور شامل ڪيو ويندو..... جيڪڏهن ڪنهن هٿياربند حملي کان سواءِ ۽ فوجي طاقت جي استعمال ڪرڻ بنا جان ۽ مال جو وڌيڪ موتمار نقصان ڪري ڪنهن وڏي پئماني تي تباهي مچائي سگهجي ٿي، ۽ انهيءَ کان گهڻو وڏي بيرحمي ۽ انسانذات سان غداريءَ جي ذريعي ائين ڪري سگهجي ٿو ته انهن مڙني ذريعن کي پڻ هٿياربند حملي وانگر جارحيت جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي.

] اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي ڇهين ڪاميٽيءَ کي خطاب:

25- آڪٽوبر، 1957ع. [

(2)

 

                هيءَ اڌ کـَتِي ويهين صدي هڪ بيحد ڊرامائي نظرياتي جنگ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آهي.... اهڙي نظرياتي ڦهلاءُ واري ماحول اندر، دنيا جي هر حصي ۾ نظرياتي اڳرائيءَ جو نظارو ڏسي سگهجي ٿو.

] اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي ڇهين ڪاميٽيءَ کي خطاب:

25- آڪٽوبر، 1958ع. [

(3)

 

                اعليٰ اختيار رکندڙ سياست لاءِ انهيءَ کان مٿي ڪو اهم معاملو نه هوندو آهي ته هوءَ پنهنجي خلاف اڳرائيءَ کي واقعي روڪي سگهي.

] 17- جولاءِ، 1963ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ کي خطاب. [

 

امداد

 

جيڪڏهن (بيروني) امداد کي سفارتڪاريءَ جو هڪ مخصوص ذريعو بڻايو ويو ته انهيءَ جو مطلب مڪمل طور تي اخلاقي قدرن کي ماديت جي ماتحت ڪرڻ ٿيندو.

] 13- جون 1964ع تي ا پ پ کي ڏنل انٽرويو. [

 

(2)

 

                اقتصادي يا ڪنهن به ٻئي قسم جي امداد جو ڪهڙو فائدو، جيڪڏهن انهيءَ ۾ پاڪستان جي اقتدارِ اعليٰ جو سودو ڪرڻو پوي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال. [

 

(3)

 

                اهو ڪنهن به طرح ڪو اتفاقي امر نه آهي جو اڪثر جن به ملڪن آمريڪي امداد حاصل ڪئي آهي، اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اندروني مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن يا اشتراڪي قوتن سان ٽڪراءَ ۾ آهن . . . . پاڪستان انهن چند خوشنصيب ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي اهڙين مصيبتن کان بچي ويا آهن، ليڪن اها صورتحال سدائين نه رهندي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا. [

 

ايشيا

 

ايشيا ۾ ڪار فرما معاملا ۽ حالتون محض اشتراڪيت ۽ خلاف_اشتراڪيت جي معنيٰ ۾ پيش ڪري نٿا سگهجن.

] 16- مارچ 1966ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ کي خطاب. [

 

وڏا واپاري

 

                اسان جو ملڪ وڏن واپارين جي نه ڍاپندڙ پيٽ ۽ غلط تعليم حاصل ڪيل سياستدانن جي چَلـُوِلائيءَ جو شڪار ٿيندو رهيو آهي.

] عظيم سانحو.[

 

ڀائپي

 

آفريڪا ۽ ايشيا، دنيا جي سڀني ملڪن ۽ ماڻهن کي سبق ڏيئي رهيا آهن ته معيار جو انتخاب ڪيو وڃي ۽ لوڀ کان ڀڄي جان ڇڏائجي، برداشت جو مادو ڌارجي ۽ نفرت کان پاسو ڪيو وڃي، دشمنيءَ کي ڌوڙ ۾ لٽجي ۽ ڀائپيءَ کي ڀاڪر پائجي.

]24- اپريل 1964ع تي ٻي ائفرو ايشيائي ڪانفرنس جي موقعي تي منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس.[

 

نوڪر شاهي

 

مان پاڪستان جي پوري نوڪر شاهيءَ کي تحرڪ ۾ آڻي به اهڙو تحريري مواد تيار ڪرائي نٿو سگهان، جهڙو هندستان جي پرڏيهي وزير اڄ پوياڙيءَ جو پنهنجي بيان دؤران پيش ڪيو آهي.

]5- نومبر 1965ع تي، نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب.[

 

سرمائيداري نظام

 

                ٽين دنيا جي ترقي فقط سوشلزم جي ذريعي ٿي سگهي ٿي، ليڪن مخصوص مفاد رکندڙن لاءِ سوشلزم حرام شيءِ آهي. اُنهن مان گهڻا سرمائيداريءَ نظام جي خاتمي کان اڳ پاڪستان جو خاتمو ڏسڻ پسند ڪندا.

] عظيم سانحو.[

 

سرمائيدار

 

دنيا جي ملڪن ۾، پاڪستان غريب ترين ملڪن مان هڪ ملڪ آهي. تنهن هوندي به اسان جي سرمائيدارن مان ڪجهه دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا.

] عظيم سانحو.[

 

 

مقصد

 

جيڪڏهن اسان جو مقصد آهي، ته پوءِ اسين هر صورتحال جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن ضرورت پوي ته مڪمل طرح دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي سگهجي ٿو- جيتوڻيڪ هڪ صحيح مقصد مشڪل سان الڳ ٿي سگهندو آهي.

] خودمختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

تبديلي

 

                جيئن اونهارو سرءُ ۾ ۽ سرءُ سياري ۾ تبديل ٿيندا آهن، تيئن (معاشرتي) تبديليءَ جو عمل پڻ رفتي رفتي، لڳاتار ۽ اڻلـَکي انداز ۾ ٿيڻ گهرجي.

] 16- مارچ 1966ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ کي خطاب.[ .

 

(2)

 

                جمهوري آزادي ضروري آهي، ليڪن اقتصادي برابري ۽ انصاف اعليٰ ترين اهميت رکن ٿا. قومي زندگيءَ ۾ وڏيون تبديليون، اقتصادي تبديلين کان سواءِ، اچي نٿيون سگهن.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

چين

 

                جيڪڏهن پنهنجي چوطرف نگاهه ڊوڙائي ڏسون ته ڪهڙو وڏي طاقت رکندڙ ملڪ اهڙو آهي، جنهن جا موضوعاتي مقصد پاڪستان جي مقصدن سان ٺهڪي اچن، ۽ ڪهڙو واحد ملڪ آهي، جيڪو پاڪستان جي مدد ڪري سگهي ٿو، ته اهو ”پيپلز ريپبلڪ آف چائنا“ آهي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

چين_آمريڪي لاڳاپا

 

                . . . .  آهستي آهستي، استدلال جي قوت ۽ مذاڪرات ۽ مفاهمت جو عمل، گڏجي پنهنجو اثر ڏيکاريندا ۽ چين _ آمريڪي لاڳاپن ۾ بهتري طرف وٺي هلندا.

] 21_آگسٽ 1964ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ کي خطاب.[

 

(2)

 

                مستقبل قريب ۾ پيپلز ريپبلڪ آف چائنا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا کي ايشيا ۾ اهڙي باعزت ٺاهه جي ضرورت پيش ايندي، جهڙو ٻن مخالفن جي وچ ۾ آخري فيصلي ٿيڻ تائين ڪيو ويندو آهي. جهڙِي ريت سوويت يونين ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي وچ ۾ موجود آهي.

] پاڪستان جي سياسي صورتحال.[

 

 (3)

 

                چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جهڳڙا هميشه لاءِ هلي نه سگهندا، هي ايشيا ۽ شايد انهيءَ کان اڳتي واقع ملڪن جي مڪمل تباهيءَ طرف وٺي ويندا يا خود ماٺا ٿي ويندا.

] خود مختياريءَ جي ڏند ڪٿا.[

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org