سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڀُٽي چيو

باب: --

صفحو : 2

تعارف

 انهيءَ ڪتاب لاءِ تعارف جي ڪهڙي ضرورت آهي، جنهن ۾ چيئرمن ذوالفقار علي ڀـُٽي جا ويچار سهيڙيل هجن. سو به مون جهڙو ماڻهو ڇا لکندو، جنهن هميشه هن جي شخصيت مان اُتساهه ۽ رهبري پئي حاصل ڪئي آهي.

هڪ وڏي اعزاز سان گڏ، مون لاءِ اهو هڪ ڳريءَ جوابداريءَ وارو ڪم آهي. پر آءٌ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي هن ڪِتابڙي مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي سفارش ڪندس، جنهن کي تمام اُوچن ۽ سگهارن خيالن جي ڳولا آهي. منهنجي خيال ۾ هيءَ ڳالهه بيحد اطمينان بخش آهي ته چيئرمن ذوالفقار علي ڀـُٽي جا ويچار ادبي ۽ اخباري ليکڪن جي ذهنن کي لڳاتار متاثر ڪري رهيا آهن، جيڪي هن عظيم اڳواڻ ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ اثرائتو رابطو قائم رکندا اچن.

چيئرمن ڀٽو اهڙو اڳواڻ آهي، جنهن جهڙو، قائد اعظم کان پوءِ، پاڪستان وارن ڏٺو نه ٻڌو آهي. پر هو ڪو واحد فرد نه، بلڪ ادارو آهي، جيڪو اُنهيءَ پاڪستان جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي اڃا اڳتي جنم وٺڻو آهي. منهنجو پختو يقين آهي ته هو تاريخ ۾ نه رڳو هڪ عظيم اڳواڻ جي حيثيت سان زنده رهندو، بلڪ هڪ فلاسافر ۽ مفڪر جي حيثيت سان پڻ.

آءٌ پنهنجيءَ عقيدت کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڪجهه ٻولي ته رهيو آهيان، پر سچ پچ ته مون وٽ ان لاءِ ڪي لفظ ئي نه آهن، جيڪي هن انسان جي خوبين کي بيان ڪري سگهن.

اين . ڊي . خان

ڪراچي .

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org