سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :24

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران، جڏهن دنيا اقتصادي بدحاليءَ ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي. هر طرف قحط ۽ مصيبت اچي منهن ڪڍيو هو. اهڙن آزمائشي ڏينهن ۾ هن مخير انسان پنهنجي خداداد ملڪيت جو انبار سستن دوڪانن ۾ اچي لڳايو، جتان غريبن کي نالي ماتر ملهه تي ان ارزان پئي مليو. انهن ئي خدمتن عيوض انگريز سرڪار کي 1918ع ۾ ”بينچ ڪورٽ جو چيئرمن“ مقرر ڪيو هو. حالانڪ هي عهدو آءِ-سي-ايس (I.C.S) آفيسرن لاءِ محدود هو. سندس دوستيءَ جو دائرو به وسيع هو. وٽس دوست ۽ دوستيءَ جو پورو پورو احترام هو. انهيءَ حلقي ۾ ڏيهي خواه پرڏيهي شخصيتون : آخوند محمد قاسم هالائي، احمد خان ”احمد“ قلاتي، امير حبيب الله بن امير عبدالرحمان (تاجدار افغانستان) پير احمد شاه جيلاني، پير حزب الله شاه ”مسڪين“، پير خميس الله شاه (گمبٽ)، پير رفيع الدين سرهندي، پير صالح شاه جيلاني (راڻيپور)، پير محبوب شاه (گهوٽڪي)، حافظ عبدالله ”بسمل“، حافظ محمد اجمل صاحب دهلوي، حافظ محمد حيات شاه، حافظ محمد صديق سميجو (ڀرچنڊي شريف)، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، خانبهار الله بخش سومرو، خانبهادر جان محمد خان پٺاڻ (سلطان ڪوٽ)، خانبهادر حسن علي مغل، خانبهادر سول بخش ”راهي“، خواجه حافظ حسن جان سرهندي، خواجه عبدالباقي ”باقي“ سرهندي، خواجه عبدالرحمان جان سرهندي، ديوان بهادر مرليڌر (وڪيل، شڪارپور)، ڊبليو - ايڇ - ليوڪس سيد امير علي شاه (ڪلڪتو)، سيد حسن شاه لکوي، سيد علي اصغر شاه راشدي، سيد غلام محمد شاه ”گدا“ سيد فاضل شاه ”فاضل“، سيد مير محمد تقي ”تائب“ (قنڌاري)، سيد ميران محمد شاه (اول)، شمس الدين ”بلبل“ قاضي اسدالله شاه ”فدا“ (ٽکڙائي)، قاضي عمرالدين، لارڊ هارڊنج (وائسراءِ هند)، مخدوم الله بخش کهڙائي، مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح، مخدوم عطا محمد کهڙائي، مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ مسڪين ٺٽوي، مولانا تاج محمود امروٽي رح، مولوي الله جيوايو، مولوي عبدالحڪيم قنڌاري، مولوي عبدالحميد، مولوي عبدالرحمان (سکر)، مولوي غلام رسول چشتي شڪارپوري، مولوي غلام محمد، مولوي محمد اشرف پشاوري، مولوي محمد عاقل ”عاقلي“، مولوي محمد حيات شاه قريشي شڪارپوري، مولوي محمد صديق حنفي، مولوي محمد عثمان نورنگزاده (ڪور واهي)، مولوي محمد قاسم (ڳڙهي ياسين)، مولوي لعل محمد عثمان نورنگزاده (ڪور واهي)، مولوي محمد قاسم (ڳڙهي ياسين)، مولوي لعل محمد قنڌاري، مولوي محمد هاشم (ڳڙهي ياسين)، مولوي نظام الدين رنگپوري، مير امام بخش خان ٽالپر، مير چاڪر خان ڊومبڪي، مير عبدالحسن ”سانگي“، مير نظر علي خان ٽالپر ”خاڪي“، ميمڻ محمد هاشم ”مخلص“، نواب حاجي امير علي خان لاهوري ۽ هزهائينس مير فيض محمد خان ٽالپر وغيره شامل هيون.

مير علوي صاحب حنفي سني مذهبي رکندو هو. اڪثر سندس اوطاق تي علمي مجلسون ۽ ادبي محفليون ٿينديون رهيون. پاڻ جيد عالم جي حيثيت ۾، پنهنجي مطالعي کي سامهون رکي، ”الشارة لاهل الاشارت“ ”الصارم المسلول عليٰ منڪر علم الغيب الرسول“ ، بياض علوي ۽ ”ڪليات علوي“ .... هزارين ڪتابن جي حوالن ۽ معتبر روايتن سان قلمبند ٿيل آهن. جعلي ٽي شاديون ڪيائين، مگر آخري گهر (بيگم بقا، وفات 10 ڊسمبر 1969ع) مان نياڻي ڄايس، اُها به ڄمڻ سان ئي خدا کي پياري ٿي ويئي. پاڻ 68 سالن جي عمر ۾ 23 جماديل الاول 1239هه مطابق 2 جنوري 1920ع تي پيوند خاڪ ٿيو . سندس تربت، شاه فقير الله علوي رح جي مقري جي اوڀارين طرف آهي.

مير علي نواز علوي صاحب، هڪ مخير انسان، قومي همدرد، مسيح الزمان حڪيم، مهربان طبيعت جو مالڪ، مصنف، محقق، فلسفي ۽ قادرالڪلام شاعر هو؛ جنهن سموري زندگي اخلاص، رواداريءَ ۽ نهايت سنجيدگيءَ سان گذاري هئي. شاعريءَ جي سلسلي ۾ شروعاتي تخلص ”مجرم“ ۽ پوءِ ”علوي“ اختيار ڪيائين. ظاهري طرح حسن ۽ نزاڪت جو قائل هو. جوانيءَ ۾ مجازي چوٽ آيل هيس؛ جنهن ممٽ سندس دل ۾ هيجان پيدا ڪري، منجهس جذبن ۽ امنگن کي اڀاري، هجر ۽ وصال جي آه و فغان کي سوز و فراق، عشق و محبت، درد ۽ الفت جي پيغام سان ظاهر ڪيو. فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبانن ۾ طبع آزمائي ڪئي هئائين. ٻنهي جهانن جي سردار جي زيارت جو پڇاڙيءَ تائين شوق هيس. عقيدت ۾ سندس مشهور ”ڪافي“ هيٺ ڏجي ٿي:-

تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا انسان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي شان برابر شاه نه ڪو، تنهنجي سونهن سندو مٽ ماه نه ڪو،

تنهنجي خيال کان خالي ساه نه ڪو، خواهان هزارين مان نه رڳو،

قرآن سراسر شان تنهنجو، آهي واصف خود رحمان تنهنجو،

ٻيو ڪهڙو ڪري ته بيان تنهنجو، حيران هزارين مان نه رڳو.

ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا، ڪن سهسين سڪ سان سلام تنهنجا،

ٿيا حلقه بگرش غلام تنهنجا، سلطان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجا مداح ميڪائيل جهڙا، ڪيئي عاشق اسرافيل جهڙا،

تنهنجي در تي جبرئيل جهڙا، دربان هزارين مان نه رڳو.

توتان پاڻ فدا ڪن شاه و گدا، ريءَ ناڻي ٻانها ٻول ٻڌا،

ٿيا خادم تنهنجي خلق سندس، خاقان هزارين مان نه رڳو.

ناهي ”علوي“ هڪ مفتون تنهنجو، آهي، عالم سڀ ممنون تنهنجو،

ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو، قربان هزارين مان نه رڳو.

مير معصوم بکري

[ 1528ع – 1606ع ]

مشهور مؤرخ ”امين المالڪ“  نواب مير محمد معصوم ولد سيد صفائي بکري، سومر 7 رمضان المبارڪ 944هه مطابق 7 فيبروري 1528ع تي بکر ۾ تولد ٿيو. سندس سلسله نسب امام موسيٰ ڪاظم رضه سان وڃي ملي ٿو. سندس مؤرث اعليٰ ”ترمذ“  جا رهاڪو هئا، جتان سندس وڏو ڏاڏو بابا حسن ابدال (وفات 165هه)، ڪافي وقت قنڌار جي شهر ”اشڪلچه“ ۾ مقيم هو، جتي مشهور اولياءُ سيد حسين بن زنجيريا بن رضا رح جي درگاه جو متولي هو. انهيءَ ڦريءَ مان يارهين واسطي سان سيد صفائي وقت جو وڏو عالم، فاضل، سخي، بلند اخلاق، صاحب- ڪرامت ۽ شرافت جو مجسمو هو. غالباً 928هه (1521ع) ڌاري سلطان محمود خان جي خاص دعوت تي بکر  ۾ آيو، جتي ”شيخ الاسلامي“ جي عهدي تي سرفراز رهيو. ٿورن ڏينهن بعد کاٻڙوٽ (سيوهڻ) جي سيدن مان شادي ڪيائين؛ جنهن مان کيس ٽي پٽ ڄاوا هئا. زندگيءَ جو باقي وقت نهايت استقلال، عزت ۽ احترام سان پورو ڪيائين – 2 ذوالقعد 991هه (1582ع) تي مٽيءَ پنوڙو ٿيس؛ ۽ سکر ۾، مير معصوم جي قبرستان ۾ ڇٽي هيٺان آرامي آهي. فارسي زبانن ۾ شعر تي طبع آزمائي ڪئي هئائين. مير ابوالقاسم (وفات 991هه)، سيد محمد فاضل (وفات 997هه) ۽ مير محمد معصوم نالي پونير پڌرا ڪيائين.

مير معصوم ننڍپڻ کان ئي ذڪي هو؛ جنهن ڪري ستن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽان ابتدائي علم جا مرحلا طيءَ ڪيا. صرف و نحو، نظم ۽ نثر جي سکيا ملا محمد ڪنگريءَ  واري وٽان روتائين. پوءِ قاضي الهڏنو سيوهاڻي جون خدمتون حاصل ڪندي، فارغ التحصيل ٿيو. آخر گجرات مان مخدوم حميد درٻيلائيءَ وٽان مشڪوات شريف، حديث ۽ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ورجائي، وڏيءَ ڄاڻ جو مالڪ بڻيو.

پاڻ پنهنجي ذاتي صلاحيتن، بهادريءَ جي ڪارنامن توڙي علمي فضيلت کان 984هه (1576ع) ۾ اڪبر بادشاه جي شاهي اعتبار ۽ اعتماد ۾ اضافو امتياز حاصل ڪيائين. ملازمت دوران 1003هه (1594ع) ۾ کيس ”ٻه سؤ پنجاهي“  جو رتبو به مليو هو. ٽن سالن (1004هه کان 1007هه) تائين قنڌار ۾ رهيو، جتي بکر مان خوشنوس ۽ قابل مان سنگتراش گهرائي، ”بابر بادشاه جي هال“ تي لکيل ڪتبي ۾ همايون ۽ اڪبر بادشاه جي نالن جو اضافو ڪرايائين. اڪبر جي سلطنت ۾ آيل ملڪن جو پڻ اندراج ڪرايائين. اهڙيءَ طرح فتوحات اڪبر، ناگور، اسير ڳڙهه، دکن، نيل ڪنٺه محل، مهيشور ۽ فتحپور سڪري وغيره ۾ به ڪافي ڪتبا تاريخي مادن سان لکي محفوظ ڪرايائين. دکن جي فتح بعد ايران ۾ سفير مقرر ٿيو، جتان 1013هه (1604ع) ۾ واپس آگري پهتو. ستت ئي کيس ”مين الملڪ“ لقب ڏيئي 17 رمضان المبارڪ 1014هه (1606ع) ۾ بکر اماڻيو ويو، جتي ٻن مهينن جي لڳاتار بيماريءَ بعد، 70 ورهين جي ڄمار ۾ سندس وفات 6 ذوالحج 1014هه مطابق 4 اپريل 1606ع تي ٿي. کيس سندس اَباڻي قربستان (سکر) ۾، والد جي وٽ ۾ آرامي ڪيو ويو.

مير صاحب ڪافي يادگار قائم ڪيا، جن مان ”ڇٽي“ (والد جي قبر مٿان 1001هه)، ”منارو“ (خانداني قبرستان سکر ۾ 1002هه ”قبررون“ (والد، ڀاءُ، والده ۽ ٻين عزيز و اقارب جي قبرن مٿان اُڪر وغيره) – مثالي آهن. پاڻ نهايت بلند اخلاق، خدا ترس، پرهيزگار، علم دوست، فقير منش، دوريش صفت ۽ چڱن ۾ چونڊيل شخص هو. سندس زندگيءَ جو وڏو حصو سير سفر ۾ گذريو. البته واءُ واچوڙي جيان چند سان بکر ۾ رهڻ جو موقعو به مليس. مير بزرگ (وفات 1044هه = 1634ع) نالي سندس پٽ هوس، جيڪو پڻ سندس جيان ناليرو بزرگ ٿي گذريو آهي.

مير صاحب جتي قومي ۽ سياسي مصروفيتن ۾ محو زندگي گذاري، اتي علم ادب کي به هٿان نه ڇڏيو. سندس قلم مان نڪتل ڪتاب : تاريخ ذوق ۽ طبقات اڪبري، تاريخي سنڌ، پنج گنج، دوواين، ديوان رباعيات، ذخيرة الخوانين، طب يا مفردات نامي، ساقي نامه ۽ معمه بي بها تحفو آهن. هي معصوم طبيعت جو مالڪ، زماني سارو انسان، اسرار حقيقت جو رازدار، عارف ۽ ڪامل هو. ظاهري علم ۽ ايتري قدر ته يڪتا ۽ بلند مقام پئي رکيائين، جو وڏا وڏا فاضل به سندس سامهون سخن جي طاقت رکي نه سگهندا هئا. ٻه ”ديوان“ به موجود اٿس. سندس قريبي رشتيدار، آخوند محمد اسحاق بکري همدرس ۽ سهيوگي هوس. ڪافي سندس مداح هئا.

نواز علي ”نياز جعفري

[ 1892ع – 1959ع ]

نواز علي ولد محمد آچر سومرو، لاڙڪاڻي ۾ 19 شعبان 1310هه مطابق 8 آڪٽوبر 1892ع تي تولد ٿيو. سندس گهراڻي جي اهل بيت سڳورن سان حد درجي جي عقيدت هئي؛ انهيءَ ڪري پاڻ کي ”جعفري“ سڏائڻ لڳو. ”نياز“ ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان ورتي. پاڻ پينگهي کان ئي علم ادب جون لوليون لهندي، شاعريءَ طرف شوق رکيائين.

سرڪاري ملازمت ۾ رهندي، 1947ع ۾ مختيارڪار جي عهدي تان رخصت ورتائين. مهراج ليڪچند ۽ مولوي عطا محمد عطائيءَ جي رهبريءَ هيٺ، طبي ۾ طبع آزمائي ڪيائين. نئين زندگي، ڳوٺ سڌار ۽ اديب سنڌ ۾ سندس شعر شايع ٿيندو رهيو. 21 شوال 1380هه مطابق 11 نومبر 1959ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪيائين. سندس دوستن جو حلقو وسيع هجڻ سبب ”خادم“ لاڙڪاڻوي، ”سگير“ درياني، ”عبد“ عاقل، فقير غلام سرور قادري، علي محمد قادري، هدايت علي نجفي ”تارڪ“، ”نظامي“ ميمڻ ۽ حافظ ”احسن چنه جن سان رهاڻيون رهيون.

سندس مڪمل ”ديوان“ آهي؛ جنهن کي ميمڻ عبدالغفور سنڌي مرتب ڪيو آهي. سندس ڪلام ۾ نواڻ ۽ فني خوبين کان علاوه صنعتي خوبيون پڻ جهجهي انداز ۾ نظر اينديون. ”نائين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ (27 – 3 – 1948ع، ميهڙ – دادو) ۾ کيس ”عمدت الشعراءُ“ جو خطاب مليو. ”مداح محمدي“، ”جوهر سخن“ ۽ ”تحفئه نياز“ سندس تصنيفون آهن.

نموني طور سندس ننڍپڻ جو هڪ ”خوش آمديد گيت“ (Wel Come Song) هيٺ ڏجي ٿو:-

ڀلي ڪري آيؤ سڀئي مرد خاص و عام،

واجب هي آهي جو ڪريون اوهان سندو سلام،

وئي آر ويري هيپي ٽو سي اِيچ ائنڊ ايوري ون

(We are very happy to See each & every one)

هر کس که آمدست بود خوش و نيڪ نام.

جس ني اڻها کي رنج غريبون کو کيا شاد،

اُون ڪون ڪريندا يا هي هرڪوئي صبح و شام.

فاز کڪروني ازکرکم قال کبريا،

جيڪو ڪري پيار، اسين انهيءَ جا غلا.

 

نور محمد لاکير

[ 1845ع – 1937ع ]

سنڌ جو سچو سپوت ۽ همدرد، نور محمد ولد ميان محمد سجاول لاکير، تعلقي ڏوڪري (لاڙڪاڻو) جي ڳوٺ چڪرو ۾ 21 شعبان 1261هه مطابق 16 سيپٽمبر 1845ع تي تولد ٿيو. سندس والد پرائمري استاد هو؛ جنهن ملازمت دوران تعلقي ڪڪڙ جي ڳوٺ ”جمعو لاکير“ ۾ لڏو لاهي وڃي ويٺو. نهايت باوقار ۽ سچو سنڌي مسلمان هو. پينشن تي پهچڻ بعد، زمين جو ٽڪرو وٺي، باقي حياتي اتي ئي گذاريائين. کيس ٽي پٽ هئا، جن مان نور محمد اورچ ۽ ذهين هو؛ جنهن ڪري کيس پڙهڻ لاءِ پهريائين پنهنجي نظر هيٺ آندائين. جتان چار درجا سنڌي پاس ڪرائي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ مئٽرڪ تائين پڙهايائينس. ان کان پوءِ سردار محمد يعقوب جي ذاتي دلچسپيءَ سان، ”مير علي مراد اسڪالر شپ“ وٺي عليڳڙهه مان بي - اي ۽ بعد ۾ قانون جي سنڌ (LL.B) وٺي، حيدرآباد دکن ۾ پنهنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏجي وڪالت شروع ڪيائين.

ٻه شاديون ڪيائين، پر پڇاڙيءَ تائين پٽيلو اولاد ڪو نه ٿيس. کيس دکني آب هوا ڀانءِ نه پئي؛ جنهن ڪري ڪجهه وقت بعد واپس وطن وريو؛ ۽ خيرپور رياست ۾ جج مقرر ٿيو. عهدو ته وڏو مليس، مگر سندس طبيعت سرڪاري ملازمت ۾ نه لڳي. پوءِ حيدرآباد ۾ وڪارت کي باقاعده پيشو بڻايائين. محنت ۽ اورچائيءَ سان خوب نالو ڪڍيائين. سندس طبيعت غريبن جي واهر ڪرڻ ۽ مسلمان ٻارن جي تعليم لاءِ آتي هئي. ويتر آنر بل رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي (1878ع – 1924ع) جهڙي مخلص جو ساٿ مليو؛ جنهن ڪري تعليمي خدمتن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪيائين. نتيجو اهو نڪتو، جو حيدرآباد (سنڌ) جهڙي مرڪزي شهر ۾، 1924ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول ۽ 1925ع ۾ هاسٽل  قائم ڪري ورتائين. پوءِ ته پنهنجي ذاتي مفادن کي پاسيرو رکي هن خير جي ڪم ۾ راتيان ڏينهان رڌل رهيو. مسلمان شاگردن کي، سرنديءَ وارن کان اسڪالر شپون به وٺي ڏنائين.

پاڻ جتي تعليم جي ميدان ۾ ايتري قدر سرگرم پئي نظر آيو، اتي سياسي لحاظ کان قومي خدمتن کي به ترجيح ڏيندو آيو. انهيءَ سلسلي ۾، 1923ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به منتخب ٿيو. سندس اها آخري تمنا هئي، ته حيدرآباد شهر ۾ ”مسلم يونيورسٽي“ قائم ڪرايان. مگر افسوس جو حياتيءَ بقاءُ نه ڏنس؛ جنهن ڪري 3 ذوالقعد 1356هه مطابق 22- آگست 1937ع تي حيدرآباد ۾ ئي وفات ڪيائين. وصيت موجب کيس مسلم هاسٽل حيدرآباد ۾ احاطي اندر دفنايو ويو.

وتايو فقير

[ 1768ع – 1831ع ]

وتايو فقير، اصل هندو نسل مان هو. سندس پتا امر سنگ اجواڻي هو، جيڪو تاجپور (پنجاب) جو رهاڪو هو. سندس ماتا جو نالو رڪمڻي ٻائي هو . مائٽ کيس پيار وچان ”وتو“ ڪري ڪوٺيندا هئا. سندس جنم وسپت ڏينهن، تهه سياري جي 12 جنوري 1768ع تي ٿيو هو. ڪن سبنن ڪري سنڌ ۾ لڏي آيا، جتي نصرپور ۾ ٺڪاڻو ٺاهي ويٺا.

ظاهري طرح تي وتائي کي ننڍپڻ کان وٺي ڪابه تعليم ڪانه ملي هئي، مگر ڌڻي سڳوري سندس ذهن ۽ ذڪاءُ اهڙو ته تيز ڪيو هو؛ جو وڏن عالمن کي به شهه ڏيئي ٿي ڇڏيائين. هو طنز جي اوٽ ۾ اهڙا ته عالمانه گفتا بيان ڪندو هو، جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا، سندس سادگيءَ مان ماڻهو اڪثر چريائپ جو اندازو لڳائي، ساڻس ٽوڪ طور ڳالهائيندا هئا، مگر پاڻ انهن کي اهڙو ته منهن تي معقول جواب ڏيندو هو، جو ڏندين آڱريون ڏئي هليا ويندا هئا .

سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي فقيرڻي هئي؛ جنهن ڪري اسلام لاءِ کيس وڏي عزت هئي. ستت ئي عمرڪوٽ مان سندس شادي به ٿي. ٿورن ڏينهن بعد سندس پتا پرلوڪ پڌرايو. پوءِ ته پاڻ، ماءُ ۽ زال سميت مسلمان ٿيو. جيئن ته پاڻ اصل نالي ”وتو“ سان مشهور هو؛ ان ڪري پاڻ کي ”وتايو فقير“ سڏائڻ لڳو . سندس جيون ساٿي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. پوءِ پاڻ کي اڪيلو پئي ڀانيائين. البته پوڙهي والده جي خدمت کي افضل عبادت ڪري ڄاتائين. زندگيءَ جا 63 ورهيه دم کڻي، والده کي وڇوڙو ڏئي، اربع ڏينهن 22 ذوالحج 1247هه مطابق 19 جون 1831ع تي ٽنڊوالهيار (حيدرآباد) ۾ وفات ڪيائين. کيس شهر کان ٻاهر ٽن ميلن جي مفاصلي تي ابدي ننڊ ۾ آرامي ڪيو ويو آهي.

وتايو، سچ پچ هڪ لاطمع انسان هو. پئسي سان سندس ڪا نه پئي. سندس تعليم جو طريقو به بالڪل نرالو هو. کلندي کلندي عام انسانن کي اهڙا ته دانائيءَ جا سبق سيکاريندو هو، جو سڄي حياتي سندن دل تان ميسارجي نه سگهيا. اسان کي سينه به سينه طنز و مزاح جي اوٽ ۾ ڪافي نقل ياد آهن، جن کي جيڪڏهن يڪجاءِ ڪجي، ته هوند هڪ ضخيم ڪتاب تيار ٿي وڃي. نموني طور هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:-

”پاڻ هڪ ڀيري گڏهه تي چڙهي ڀر واري ڳوٺ ڏانهن پئي ويو. واٽ تي گڏهه گوهي ڪري، ڦيرائي پٽ تي کڻي اڇلايس. پاڻ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي، گڏه ڏانهن گهوري چيائينس، ته بس، وڌيڪ توکي چوڻ مناسب ناهي، ڇاڪاڻ جو جيڪو تولاءِ منهنجي زبان تي تري آيو هو، سو تون ته اڳ ئي آهين، باقي ڇا چئي ٻڌايانءِ!“

[مطلب ته ارڏي جي ارڏائي ظاهرڪرڻ مان ڪو به سود نه ٿو سري، ڇاڪاڻ جو ڏنگيءَ هلت واري مان ڪڏهن به چڱائيءَ جي توقع ڪري نه ٿي سگهجي].

هوند راج ”دکايل“ کري

[ جنم 1908ع ]

ديوان هوند راج ”دکايل” پٽ ليلارام کتري ، 11 جنوري (1908ع) تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو آهي. سندس پتا هڪ سنت هو؛ جنهن سموري زندگي صوفي فقيرن ۽ ساڌن جي سنگت ۾ گذاري هئي. ٻڍاپڻ تائين کيس پٽ جو اولاد ڪونه ٿيو، آخري ٻي شادي ڪيائين؛ جنهن مان سندس پٺ پڌري ٿي؛ ۽ نالو ”هوند راج“ رکيائينس. جيڪو ادبي دنيا ۾، ”دکايل“ جي نالي سان اڄ سڃاتو وڃي ٿو. سندس ماتا کيس جنم ڏيئي پرلوڪ پڌرايو؛ جنهن ڪري سندس پرورش ماٽيلي ماءُ ڪئي.

نينگراج، لاڙڪاڻي ۾ پرائمري تعليم بعد ڪجهه وقت انگريزي به پڙهيو- سمجهه سوائي ٿيڻ سان سونارڪي …… ڌنڌي تي ويٺو. جيئن ته هن نينگر جي طبيعت ننڍپڻ کان ئي علم ادب ۽ سماجي خدمتن طرف مائل هئي؛ انهيءَ ڪري ڌنڌي کي ڌڪي، گيت ۽ سنگيت جي دنيا ۾ پير پاتائين. پوءِ ته زندگيءَ کي انهيءَ ماحول ۾ ترسائي ڇڏيائين – 1923ع ۾ سندس ڏيٺ ويٺ مشهور ڪري، ديوان ڪشنچند ”بيوس“ (1885ع – 1947ع) سان ٿي. کانئس شعر جي پوري پوري سکيا وٺي، ”دکايل“ تخلص مان سخن جو ميدان سنواريائين. راڳ روپ ۽ ڀڳت وغيره جي محفلين ۾ وڏي چاه سان ويندو هو.

”دکايل“ غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مسڪينن جو بي غرض مددگار هو. سماجي خدمتن جي سلسلي ۾ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پهچي، سندن تڪليفون معلوم ڪري، انهن جي تلافيءَ لاءِ وس آهر مدد ڪندو هو. ڳوٺاڻن جي مدد لاءِ سرڪار جا در کڙڪائڻ ۾ به ڪو عار نه سمجهيائين. علمي ۽ ادبي دلچسپيءَ سان گڏ سياسي طرح ”ڪانگريس“ ۾ به شموليت اختيار ڪيائين. انساني خدمت جي جذبي تحت 1934ع ۾ پنهنجي ساٿين جي سهڪار سان رتيديري شهر ۾ ”ڳوٺ سيوا دل“  نالي هڪ سماجي ادارو قائم ڪري، انسان ذات جي خدمت ڪرڻ لڳو. هن اداري ۾ هندو خواه مسلمان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. منجهن ڪنهن به قسم جو مذهبي ويڇو نه هو، اتري تائين جو کائڻ پيئڻ جا برتن (ٿانو) به ساڳيا هوندا هئا.

زماني جي ڏيک ويک لاءِ بنگلديري مان شادي ڪيائين؛ جنهن مان پڇاڙيءَ تائين ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو اٿس. کيس ديس سان وڏو پيار آهي. ولايتي شين جي واپرائڻ کان ملڪي شين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ترجيح ڏيندو آهي. سندس جاري ڪيل اداري تحت تعليم، صحت ۽ هنر وغيره جي بلامعاوضه خدمت ڪئي ويندي هئي. هندو خواه مسلمان رضاڪارانه طور تي پنهنجو خدمتون آڇيندا هئا. دوا دارونءَ لاءِ هڪ ”شفا گهر“ (اسپتال) پڻ قائم ڪيائين؛ جنهن ۾ شهر کان علاوه ڳوٺن ۾ وڃي علاج معالج جون سهوليتون مهيا ڪيائين. انهيءَ لاءِ موهن لال ۽ گوبند رام شڪارپوريءَ جهڙن مخير ڊاڪٽرن پنهنجو مفت خدمتون آڇيون هيون. سندس صلاحيتن مان انسان ذات کي ڪافي فائدو رسيو. روزگار جي سلسلي ۾ خالص تيل پيڙڻ جو گهاڻو پڻ لڳايو ويو؛ جنهن مان ”آشرم“ کي خاصي آمدني ملڻ لڳي. ازانسواءِ هنري لحاظ کان هتي خاص قسم جا جنڊ (بال بيرنگ سان) تيار ڪرايا ويا، جيڪي عام جنڊن جي مقابلي ۾ آسان ۽ سٺي پيسائي ڪندا هئا. ازانسواءِ ڇڙائيءَ لاءِ ڪاٺ جا جنڊ استعمال ٿيڻ لڳا؛ جنهن مان عملي جي ماڻهن کان علاوه پوري پسگردائيءَ کي فائدو ملڻ لڳو.

”گانڌي خدمت گهر“ ۾ ٻين نيڪ ڪمن سان گڏ ڪاغذ ٺاهڻ جو به جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو. پلال ۽ پراڻي ڪاغذ کي استعمال هيٺ آڻي، سستي اگهه تي وڪرو ڪيو ويندو هو. دراصل هي هڪ مثالي ڪم هو، جيڪو باوجود ايترين سهوليتن نه هجڻ سببان، هڪ وڏو ڪم ڄاتو ويندو هو. نتيجي طور هڪ طرف ولايتي مهانگي ڪاغذ جي استعمال کي ڌڪ لڳو ۽ ٻئي طرف (ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڪاغذ جو ڪافي انداز ۾ وڪرو ٿيڻ سان ”آشرم“ کي جهجهو ناڻو مليو.

هن حساس طبع انسان هميشہ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ وڙ ڪيا. پاڻ اوٺي ۽ گاڏر مزورن جي آسانيءَ لاءِ 1940ع ۾ ”سانتيڪي سوڀ“ نالي هڪ تحريڪ کي جنم ڏنائين. سندس تحريڪ بالڪل ڪامياب وئي، نتيجي طور اٺ سؤ غريب ڪٽنب سکي گذارڻ لڳا؛ ۽ لوڊنگ وغيره تي اناج ڍوئڻ گهٽجي ويو.

”دکايل“ کي ورهاڱي وقت هندستان وڃڻ جو ارادو ڪو نه هو. اهڙو وچن پنهنجي ساٿين سان به ڪيو هئائين. مگر ڪن دوستن نما دشمنن جي سازش جو شڪار بڻجي، مجبوراً سنڌ ڇڏي هند هليو ويو، جتي اڄ تائين گانڌي ڌام (ڪڇ ڀڄ) ۾ زندگيءَ جا لمحات گذاري رهيو آهي. ٻاهتر ورهين جي عمر کي رسندي، اڄ به سندس جذبو جوان آهي. پنهنجي علمي خدمتن کي برقرار رکندي ”ڌرتي ماتا“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪندو اچي ٿو . پروفيسر رام پنجواڻي سندس رازدان هو. ڌڻي سندس مان مٿاهون ڪندو. هيٺ سندس نظم جو نمونو نروار ڪجي ٿو:-


(1) – سندس نالي سان سکر ۾ ”ليوڪس پارڪ“ مشهور آهي، جيڪو اڄ ”محمد بن قاسم باغ“ سڏجي ٿو.

(1) – هي ڪتاب علمي دنيا ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي. ڇاڪاڻ جو حنفي فقہ متعلق ”التحيات“ پڙهڻ ۾ ”اشهد آڱر“ سان اشاري بابت پابندي ڄاڻائڻ کي رد ڪيو ويو آهي (مسئله تشهدين تي افغان حڪومت بل پاس ڪيو هو، ته جيڪو شخص ”التحيات“ ۾ آڱر کڻندو، ته ان جي آڱر ڪپي ويندي) 130 معتبر عالمن جي سندن سان لکيل هن ڪتاب ۾ امام رباني مجدد الف ثاني رح (1564ع – 1624ع) جي پڻ تائيد ڏيکاريل آهي. مير صاحب جي هيءَ تصنيف ڄڻڪ افغان حڪومت لاءِ چتاءُ هو. ان کان پوءِ افغان سرڪار پنهنجو عمل واپس ورتو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ 17 چوٽيءَ جي عالمن جون تقريظون پڻ درج ٿيل آهن.

(1) – چئن قلمي جلدن ۾، 1636 صفحات تي مشتمل آهي. منجهس قرآن پاڪ ۽ حديث بابت شهادتون، اصحاب سڳورن ۽ تابعين جا اقوال، فقہ حنفي ۽ امام صاحبن جا فرمودا، حضور صلعم جن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي ڄاڻ بابت عالمن جا اعتراف ۽ سندن وضاحتون شامل آهن.

(2) – 1916ع ۾ مير صاحب پنهنجي شاعريءَ (سنڌي، فارسي، سرائڪي ۽ اردو) جو هي مجموعو ليٿر ۾ ڇپايو هو، جيڪو اڄ بالڪل ناياب آهي. سنڌي ادبي بورڊ ان کي ٻيهر عام ڪرڻ لاءِ سنڌي جي مياري قلمڪار ۽ محقق، اڪٽر عبدالخالق ”راز“ ……صاحب جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.

(3) – سندس وفات متعلق مختلف روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون. ڪن مٿس فالج جو حملو ڄاڻايو آهي. ڪن سندس ذاتي نوڪر هٿاران زهر ڏيارڻ ڏيکاريو آهي، ته ڪن وري (خانداني روايتن مطابق)، هندو ڊاڪٽر موهن لال هٿاران زهر پيا، شهادت ٻڌايو آهي (والله اعلم باالصواب).

(1) – هي لقب مغل بادشاه جهانگير سندس قومي علمي خدمتن عيوض کيس ڏيئي، بکر جو جج بڻايو هو. [تاريخ معصومي (سنڌي ترجمو)، مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع، ص 20].

(2) – مير معصوم بن سيد صفائي بن سيد شير مرتضيٰ بن سيد علي بن سيد امام الدين بن سيد مير بزرگ بن سيد مير شاه بن سيد حسين شير قلندر بن سيد عينالدين بن سيد شمس الدين بن سيد علاءُ الدين بن سيد محمد بن احمد بن سيد هارون بن سيد امام مويٰ ڪاظم رضه [مير محمد معصوم بکري – سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع، ص 22].

(3) – ”ترمذ“، آمود درياهه جي اترين ڪناري تي، سرخان واه جي منڍ ۾ هڪ شهر آهي. سرڪاري طرح هن شهر جو نالو ”ترمذ“ (Termez) آهي [دائرة المعارف اسلاميه (اردو)، دانشگام پنجاب جلد 6، ص 384].

(1) – ”بکر“، سکر لڳ ستن واهن جي وچ تي هڪ ٽڪريءَ مٿان قلعي جي صورت ۾ اڏيل آهي. سندس ڏاکڻي پاسي روهڙيءَ جو شهر ٻڌل آهي؛ ۽ ٻئي طرف کان درياه جي وڪڙ وٽ، ٽڪريءَ تي ننڍو ڪوٽ جڙيل آهي؛ جنهن ۾ ”آستان“ اڏيل آهي. مير ابوالقاسم ”نمڪين“، ”صفه صفا“ نالي منجهس هڪ ڪشادو ٿلهو ٺهرايو هو، جتي چانڊوڪي راتين ۾ علمي ڪچهريون لڳنديون هيون. اتي آيلن جي خاطر تواضع، ڳوٺ ”بدره“ مان گهرايل سوادي گذرن سان ڪئي ويندي هئي مير ابوالقاسم ۽ سندس خاندان جون ڪافي مزارون موجود آهن. قلعي کان سڏ ڏنڌ تي اولاهين ٽڪريءَ مٿان کجين جي گهيري ۾ گنبذ ٺهيل آهي؛ جنهن کي ”ساڌ ٻيلو“ سڏجي ٿو. گنبذ جي سامهون جهازنيا مسجد پڻ جڙيل آهي. عيد جي خوشين ۾ سکر توڙي بکر جا ماڻهو گهڻي تعداد ۾ هتي پهچي لطف اندوز ٿيندا آهن. بکر، اٺن پرڳڻن (اروڊ، ٽاڪرو، جتوئي، چانڊڪا، درٻيلو، ڪاڪڙي، لڌو گاگن ۽ ماٿيلو) تي ڦهليل هو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي منجهس گادي رهي آهي. ابڙا بڪيجا؛ پنهور، ڌريجا، سانگي سيد، شيخ، مهر ۽ ميمڻ گهڻا آباد هئا. ارغونن جي صاحبيءَ جو مشهور شاعر، قاضي قاضن (1484ع – 1551ع) به هتي ملازمت ڪئي آهي [تاريخ مظهر شاهجهاني – يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم ”نمڪين“ (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، 1979ع، ص 110 – 121].

(1) – سندس خانداني لقب”نظام الدين هو. مگر هندستان رواج موجب نالي جي آڏو ”مير“ جو اضافو آندائين.

(2) – ”ڪنگري“، پير ڳوٺ جو پراڻو نالو آهي.

(3) – قاضي الهڏتو سيوهاڻيءَ، مخدوم بلال باغباني رح (1451ع – 1522ع) وٽان به درس ورتو هو. وڏو عالم ۽ ڪامل مدرس هو. شاه حسين ارغون به وٽانئس گوڏو ڀڄي پڙهيو هو.

(1) – ماثرالامرا (تاليف)، نواب شمس الدولة شاهنواز خان، جلد 3، ڪلڪته 1891ع، ص 327.

(2) – سکر شهر جي وچ تي ”معصوم شاه جو منارو“، 1003هه = 1594ع ۾ جڙي راس ٿيو هو. پيڙه ۾ پٿر پيل اٿسم ۽ مٿي سرون آهن. مناري جي تختي 84 فوٽ موڪري آهي ۽ اوچائيءَ ۾ 84 ڏاڪا ٺهيل آهين. سرن جي اوساري چيروليءَ سان ٿيل آهي. قطب مينار (دهلي)، غزني مينار (غزني)، منارو جام (افغانستان) ۽ مسجد عليءَ وارو منارو (اصفهان) وغيره جي اڏاوت جو هڪ يادگار نمونو آهي. انگريزن محققن (برٽن، ڪزنس ۽ هيوز) به اڏاوت جي واکاڻ ڪئي آهي. تقريباً چار صديون گذرڻ بعد اڄ به هي سارو ساڳئي ساحت سان نظر اچي رهيو آهي.

(1) – سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ”فتح نامه سنڌ“ المعروف ”چچ نامو“ (علي بن حامد ڪوفي 612هه = 1215ع) کان پوءِ ”تاريخ معصومي“ عرف “تاريخ سنڌ“ 1009هه (1600ع) آهي؛ جنهن ۾ سنڌ متعلق مفيد ۽ سينه به سينه مواد قلمبند ڪيل آهي. حالانڪ ٻنهي ڪتابن جي وچ تي صدين جي وٿي آهي. مگر انهيءَ وقفي ۾ ڪو به ڪتاب ڪونه لکيو ويو. حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ تي اهي بنيادي ماخذ آهن. سنڌ تي ٽيون ڪتاب ”تحفته الڪرام“ آهي، جيڪو مير عليشير ”قانع“ 1180هه (1766ع) ۾ لکيو هو.

(1) – نواز علي ”نياز“ جعفريءَ جي شاعري – ميمڻ عبدالغفور سنڌي [ ايم – فل (M.Phil) سنڌيءَ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان لکرايل ٿيسز (Theses)؛ 1975ع (قلمي) ص – 19].

(2) – مذڪوره گيت، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ تعليم دوران ٺاهيو هائين. منجهس ڇهه زبانون (سنڌي، انگريزي، فاسي، اردو، سرائڪي ۽ عربي) استعمال ڪيل آهن؛ جنهن مان ”نياز“ جي ذهانت جو بخوبي پتو پوي ٿو.

(1) – حيدرآباد شهر اندر 1275هه (1858ع) ۾ گورنمينٽ اي – وي اسڪول قائم ڪيو ويو هو؛ جنهن کي 1934ع ۾ نور محمد جي ذاتي ڪوششن سان ”سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس“ ذريعي، عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، صاحبزادي آفتاب احمد صاحب جي صدارت هيٺ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، جيڪو اڳتي هلي ”نور محمد هاءِ اسڪول“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

(2) – شاگردن جي رهائشي سهولتن لاءِ 1344هه (مئي 1925ع) ۾ هن هاسٽل جو بنياد پيو؛ ۽ ساڳئي سال سيپٽمر ۾ عمارت بالڪل تيار ٿي، جيڪا پهرين آڪٽوبر کان باقاعده استعمال هيٺ آئي. سندس افتتاح بمبئي جي تڏوهڪي گورنر ليسلي ولسن (Leslie Wilson) ڪيو هو.

(1) – امرسنگ اجواڻيءَ کي ٻيا ٻه پٽ: ورايو، وسايو ۽ ورائي ٻائيءَ نالي هڪ نياڻي به هئي.

(1) – چون ٿا ته سندس مڱ عمرڪوٽ ۾ رهندي هئي. هڪ ڏينهن جيئن ئي پاڻ عمرڪوٽ کان وڃي نتڪو، ته پريان ڪجهه عورتون کوهه تي پاڻيءَ جا گهڙا ڀري رهيون هيون. مڄاڻ ڪا انهن ۾ سندس مڱ به موجود هئي. عورتن کيس چريو ڄاڻي، مڱ کي منهن ۾ ڏيئي کيڪار ڪرائي؛ جنهن جي جواب ۾ پاڻ مشڪي چيائينس، ته ”چريا کريا ضرور آهيون، مگر سڃاڻون سڀ کي ٿا!“ اهو جواب ٻڌي عورتون وٺي ڀڳيون.

(2) – ان وقت سندس عمر 37 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. سندس اسلامي نالو ”طاهر“ رکيو ويو هو.

(1) -  سنت ليلارام کتري، لاڙڪاڻي شهر ۾ گرناڻي بنگلي (موجوده) بئنڪ اسڪوائر) جي ڀرسان رهندو هو.

(1) – ”ڳوٺ سيوا دل“ اڳتي هلي ”گانڌي خدمت گهر“ جي نالي سان مشهور ٿيو؛ جنهن کي ”آسرم“ به سڏيو پئي ويو؛ ۽ سرڪاري رڪارڊ موجب رجسٽرڊ به ٿيو. هن سلسلي ۾ سندس مددگار: گوپالداس، فرمان علي ڇڄڙو، قاضي عبدالحمي ”قائل“ جيوڻ، لالا، نانڪ رام، حاجي صحبت جاگيراڻي، طوطارام، ڪوڏومل ۽ مهراج رام چند ۽ ٽلو رام هئا. موجوده لاڙڪاڻي واري ناڪي سان لڳ هن اداري جو بنياد رکيل هو. سٺ لعل چند پنهنجي زمين جو ٽڪر، ”آشرم“ جي حوالي ڪيو هو، جنهن مان ڪنهن حد تائين اداري جي ضروريات جو پورائو ٿيندو رهيو.

(1) – حالانڪ انهيءَ يڪجهتي4 تي ڪيترن ڪٽر هندن ”دکايل“ جي پڌري پٽ مخالفت به ڪئي هئي. ايتري قدر جو پاڻيءَ پيئڻ جا مٽ به ڀڃي پئي ڇيڏائين، مگر هن انسان ذات جي پيئڻ سچي خدمتگار، ڪڏهن به همت نه هاري ۽ لڳاتار جذبي سان ”خدمت خلق“ کي رياضت جو درجو ڄاڻي، مصروف رهيو.

(1) – هن علائقي ۾ سارين جو فصل بالڪل ڀلو ٿئي ٿو. تعلقي ۾ گهرج کان وڌيڪ اناج ٻاهر اماڻيو ويندو آحي. جيئن ته رتيديري ۾ ريلوي اسٽيشن ڪانه آهي. مال جي آدمني ۽ روانگي وغيره نئون ديرو (موجوده شاهنواز ڀٽُ) ريلوي اسٽيشن تان ٿيندي آهي، جيڪا ڏهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. سالن کان انجام ۽ ٻيو سامان وغيره اُٺن وارا بروهي ۽ گاڏر ڍوئي پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا، جن جو تعداد اٺ سئو کن هو. سنڌ سرڪار فيبروري 1946ع “ ”سنڌ پرچيزنگ بورڊ“ قائم ڪيو؛ جنهن تحت لارين (لوڊنگين) هلائڻ لاءِ ليسن جاري ڪيا ويا، ته جيئن رتيديري کان نئو ديرو ريلوي اسٽيشن تائين بار کڻڻ پائن. نتيجي طور اٺ سؤ ڪٽنب بيروزگاريءَ جو شڪار بڻيا. آخر ”گانڌي خدمت گهر“ جي سهڪارن سان ”انٽرنيشنل ٽريڊنگ ڪارپوريشن“ کي مجبور ڪيو ويو؛ ۽ مقامي اوٺي ۽ گاڏر ٻيهر روزگار سان لڳا. [”سانتيڪي سوڀ“ – هوند راج ”دکايل“، هندستان پرنٽنگ ورڪس، ڪيمبال روڊ، ڪراچي؛ 1946ع، ص 3 ].

(1) – ازانسواءِ ”جهونگار“ (نومبر 1946ع)، ”سانتيڪي سوڀ“ (1946ع ) ”چونڊن جا آلاپ“ (1947ع) نالن سن ڪتاب پڻ پڌرا ڪيائين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org