سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تلقين السالڪين

باب:

صفحو:1

تلقين السالڪين

تحقيق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ڇپائيندڙ پاران

 

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو ناميارو قومي ادارو آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، شاعري، سنڌي لغات ۽ تحقيق تي مبني ڪتابن کان علاوه تصوف جي اهم ماخذن مان ڪيترائي جامع ڪتاب شايع ڪرايا آهن. انهن مان هي ڪتاب ”تلقين السالڪين“ جيڪو تيرهين صديءَ ۾ نقشبندي سلسلي بابت مخدوم محمد صالح کهڙوي لکيو. جنهن جي اهميت ۽ افاديت کي پَرکيندي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب اُن جي سنڌي ترجمي تي نظرثاني ڪئي ۽ پاڻ تحقيقي مقدمو ۽ تعليقات لکي هن ناياب ڪتاب کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي حوالي ڪيو. ان کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ تصوف جي اڻ کٽ خزاني مان تمام گهم ماخذن مان ڪجهه ڪتاب ”ڪيمياءِ سعادت“، ”ڪشف المحجوب“، ”پکين جي پارليامينٽ“، ”ڇوٽڪارو“، ”بيان العارفين“، ”رساله فتحيه“، ”صوفي لاڪوفي“، ينابيع الحياة الابديه في طريق طلاب النقشبنديه“، شاهه جو رسالو: مثنوي رومي جي روشنيءَ ۾ سمجھاڻي ۽ مفهوم سميت“، ”احوال و آثار عبدالقادر بيدل صوفي القادري“ ۽ ”معارف سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ وارو“ کانسواءِ ايران جي معروف شاعر شيخ محمود شبستري جي فارسي مثنوي ”گلشن راز“ سنڌي منظوم ترجمي ”ڪشف اعجاز“ سان گڏ شايع ڪرائي چڪو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، تصوف جي حوالي سان اهم ماخذ شايع ڪرائي منظرعام تي آڻجن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ٿي رهي آهي.

هن ڪتاب ”تلقين السالڪين جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش عام پڙهندڙن ۽ خاص طور تي تصوف سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

14- شوال المڪرم 1443هه      سيد سڪندر علي شاهه

16- مئي 2022ع                                               سيڪريٽري

 

ٻه اکر

 

سنڌ ۾ اهڙن تمام ٿورن ڪامورن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا، جن پنهنجي ملازمت جو عرصو ديانتداري ۽ ايمانداريءَ سان گذاريو ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. اهڙن مڙني ڪامورن ۽ اديبن جو صدر ۽ سرواڻ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هو، جنهن ملازمت جا فرض انتهائي ايمانداريءَ سان ادا ڪيا ۽ گڏوگڏ سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. ٻين اهڙن ڪامورن ۾ شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر حامد علي خانائي ۽ ڪي ٻيا عالم اديب اچي وڃن ٿا. موجوده دور ۾ اهڙن عالمن ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جو نالو سرفهرست آهي.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت ۾ اعليٰ عهدن تي رهيو ۽ پنهنجا فرض ايماندريءَ سان ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ هن سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي، خاص طور سنڌ ۾ تصوف سان تعلق رکندڙ جيڪي اهم ڪتاب هئا، تن جي ترجمي، تشريح ۽ تحقيق ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو ڪتاب ”ينابيع الحيات الابديه في طريق طلاب النقشبنديه“ (ٽن جلدن ۾) صُوفي لاڪُوفي، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون (ٻن جلدن ۾) بيان العارفين و تنبيہ الغافلين، (شاهه ڪريم بُلڙي واري جي ملفوظات) تصنيف محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي ٺٽوي (ٽيون ڇاپو) شاهه جو رسالو (سمجھاڻي ۽ مفهوم سميت) محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي رسالي جي اها شرح اهڙي اهڙي اعليٰ علمي ۽ صوفياڻي شرح آهي، جو ان جهڙي شرح هن وقت تائين ڪو عالم لکي نه سگھيو آهي. ان کان سواءِ سندن ٻيا ڪتاب پڻ سنڌي ادب جو قيمتي سرمايو آهن. هتي نموني طور فقط هڪ ڪتاب بيان العارفين تي ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل محنت جا ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ان ڪتاب جي اهميت بيان ڪندي لکيو آهي ته، ”بيان العارفين سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو. سنڌ ۾ ملفوظاتي سلسلي جي اها سڀ کان پهرين تصنيف آهي، جنهن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي پنهنجي شاعري يعني مستند بيت ملن ٿا.... ازانسواءِ ’بيان العارفين‘ مان اها خبر پڻ پوي ٿي ته شاهه ڪريم پاڻ مثنوي مولانا روم کان ڪيترو متاثر هو ۽ اهو ورثو شاهه لطيف تائين ڪيئن پهتو، جيڪو قرآن شريف کان علاوه مثنوي رومي ۽ بيان العارفين هر وقت پاڻ سان گڏ رکندو هو.

شاهه ڪريم جي بيتن جي سمجھاڻي سڀ کان پهرين مرزا قليچ بيگ لکي هئي اهو ڪتاب ’رساله ڪريمي‘جي عنوان سان 1904ع ۾ شايع ٿيو هو. ان ڪتاب جي لغت مرزا صاحب لکي هئي اهو ڪتاب ’لغات ڪريمي‘ جي عنوان سان 1924ع ۾ شايع ٿيو هو.ان کان پوءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو ڪتاب ’شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام‘ جي عنوان سان 1937ع ۾ شايع ٿيو. بعد ۾ ان ڪتاب جا ٻه ڇاپا ڇپيا هڪ 1958ع ۾، ٻيو 1977ع ۾. ان کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو ڪتاب ’ڪريم جو ڪلام‘ جي عنوان سان 1963ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ميمڻ صاحب بيان العارفين تي Ph.D جو مقالو لکيو ۽ پوءِ ان پهرين ڇاپي کي سڌاري سنواري ان جو ٻيو ڇاپو 1976ع ۾ شايع ڪرايو.

مٿي بيان ڪيل عالمن بيتن جي صحيح پڙهڻين ۽ ان جي سمجھاڻي کي اهم سمجھي، ان تي ئي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد جي ڪتابن ۾ ملفوظات جا ڪي حصا شامل آهن. مڪمل ملفوظات، تشريح حوالا ۽ ضميما ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب ئي ڏنا آهن، جيڪي انتهائي اهم آهن. ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب جو جيڪو مقدمو لکيو آهي، سو عالماڻو آهي، جنهن جا ذيلي عنوان ’شاهه ڪريم جي سوانح‘، شاهه ڪريم جي سماع جي روايت، ’حڪايتن ۾ حقيت جو پهلو، شاهه ڪريم جي دور جو سياسي ۽ سماجي پس منظر، سنڌ ۽ هند ۾ تذڪرن ۽ ملفوظات جي روايت، بيان العارفين ۾ صوفي فڪر ۽ ان جا ماخذ ۽ شاهه ڪريم جو عرفان وڏي اهميت رکن ٿا. خاص طور آخري ذيلي عنوان هيٺ تحقيق قابلِ تعريف آهي.

مطلب ته ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي بيان العارفين بابت ڪيل تحقيق مثالي آهي. هينئر مڪمل بيان العارفين، تشريحن ۽ ضميمن سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، نه ته اڳ ۾ ملفوظات کان وڌيڪ گهڻو زور فقط بيتن ۽ ان جي سمجھاڻي تي ڏنو ويو هو.

هن ڪتاب’تلقين السالڪين‘ جو قلمي نسخو منهنجي ذاتي لائبريري ۾ موجود هو، جيڪو مون ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب کي ان لاءِ ڏنو هو ته ان تي ڪم ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان قسم جي مخطوطات تي ڊاڪٽر سومرو صاحب ئي بهترين نموني ڪم ڪري سگهيو ٿي، جيڪو هن تمام شاندار نموني ڪري ڏيکاريو.

گذريل سال مخدوم عبدالرحمان شهيد رح جي عرس جي موقعي تي، مخدوم نديم احمد هاشمي جي دعوت تي کهڙا وڃڻ ٿيو. اتي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمن هٿان ”تلقين السالڪين“ ڪتاب جي رونمائي ڪرائي وئي. ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو محترم حافظ حبيب سنڌي ڪيو آهي ۽ اهو ڪتاب مخدوم عبدالرحمان شهيد ڪلچرل ٽرسٽ پاران ڇپرايو ويو هو. اهو ڏسي مون کي حيرت ٿي ته هي ڇا ٿي ويو؟ ٻن ڏينهن کان پوءِ ادبي بورڊ جي پبليڪيشن ڪاميٽي جي ميٽنگ جي موقعي تي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب سان ميٽنگ هال ۾ ملاقات ٿي، جنهن ڪاميٽي جي معزز ممبرن کي حقيقت حال کان واقف ڪيو ۽ تلقين السالڪين وارو ڪمپوز ٿيل مسودو ڪاميٽي آڏو پيش ڪيو.

تلقين السالڪين وارو قلمي نسخو ۽ مخدوم عبدالرحمان شهيد ڪلچرل ڪاميٽيءَ پاران ڇپرايل ڪتاب مون وٽ موجود هئا. مون قلمي نسخي جي آڌار ان ڇپيل ڪتاب ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب واري ڪمپوز ٿيل مسودي سان ڀيٽي جائزو ورتو، ته ٻنهن ۾ وڏو فرق نظر آيو. هتي مختصر طور ڪي ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حافظ حبيب عربي ۽ فارسي جو عالم آهي. پر پراڻي مخطوطي کي پڙهڻ مشڪل هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو حافظ حبيب واري سنڌي ترجمي ۾ ڪي ڪوتاهيون رهجي ويون آهن. ڪن هنڌن تي حافظ صاحب مخطوطي جي متن جا ڪي لفظ صحيح طور پڙهي نه سگهيو آهي، تنهن ڪري ترجمو غلط ٿي ويو آهي. خاص طور شعرن پڙهڻ ۾ کانئس ڪي ڪوتاهيون ٿي ويون آهن. هتي نموني طور ان جا ٻه مثال پيش ڪجن ٿا.

مثال-1. مخدوم عبدالرحمان شهيد ٽرسٽ پاران ڇپرايل ڪتاب جي ص 48 تي هڪ رباعي هن ريت ڏنل آهي.

کمشبي درميان مبين خود را
قطره را چو سيل مي بيني
هر کسي در طفيل تو گردد
گرتو خود را طفيل کس داني

ترجمو: رات جي وچ ۾ پاڻ کي نه ڏس. جڏهن قطري کي هڪ وهڪري وانگر ڏسين، هر ڪو منهنجي ئي طفيل ۾ ٿئي، جيڪڏهن تون پاڻ کي ڪنهنجي طفيل ڄاڻين.

جيئن ته شعر جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ نقل ڪرڻ ۾ مترجم کان غلطي ٿي وئي آهي، تنهن ڪري مصرع جو مفهوم بدلجي ويو آهي، جيڪو عجيب معلوم ٿئي ٿو.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب واري مسودي ۾ اها رباعي صحيح صورت ۾ موجود آهي. ملاحظه فرمايو اها رباعي:

نخشبي درميان مبين خود را
قطره را چو سيل مي بيني
هر کسي را طفيل تو گردد
گرتو خود را طفيل کس داني

ترجمو: اي نخشبي! پاڻ کي وچ ۾ نه آڻ، بلڪه تون قطري کي به درياء وانگر سمجھ؛ سڀڪو تنهنجي پناهه وٺندو، بشرطيڪ تون پاڻ کي ان (الله) جي پناهه ۾ ڄاڻين.

هن شعر جي پهرين مصرع جو لفظ نخشبي آهي، جنهن کي حافظ حبيب کمشبي پڙهيو آهي، غلط پڙهڻ سبب معنيٰ به غلط ٿي وئي آهي، نخشبي مشهور شاعر هو، هيءَ سندس رباعي آهي.

مثال –2: حافظ حبيب واري ترجمي ۾ آيل هڪ شعر ۽ ان جو سنڌي ترجمو هن ريت ڏنل آهي:

پيءِ عنايات حق خاصان حق
گر ملک باشد سيايقشُ ورق.

ترجمو: سواءِ الله تعاليٰ جي خاص بندن جي عنايت جي، جيڪڏهن ملڪ به آهي ته انهيءَ جا خالي ورق ڪارا آهن.

جيئن ته شعر صحيح نموني نقل نه ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري معنيٰ به غلط ڪئي وئي آهي.

ڊاڪٽر سومري صاحب واري ڪتاب ۾ اهو شعر هن ريت ڏنل آهي:

بي عنايات حق و خاصان حق
گر ملک باشد سياهستش ورق

ترجمو: الله تعاليٰ ۽ سندس خاص بندن جي مهربانيءَ کان سواءِ جيڪڏهن ملائڪ صفت انسان آهي، ته به ان جا سڀئي ورق ڪارا آهن.

ان مان معلوم ٿيو ته حافظ صاحب کان شعر نقل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ٿي آهي ۽ ترجمو به فصيح نه آهي. مگر ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب هڪ ته شعر صحيح نموني نقل ڪيو آهي ۽ ٻيو ته سندس ترجمي جي زبان به فصيح آهي.

حافظ حبيب واري ترجموڪيل ڪتاب جو مقدمو 12 صفحن تي مشتمل آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جي هن ڪتاب جو مقدمو 30 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو جامع ۽ معياري آهي. حافظ حبيب واري ڪتاب جو متن 170 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر سومري صاحب وارو هي ڪتاب 256 صفحن تي مشتمل آهي، ۽ ان ۾ 42 صفحن تي مشتمل جيڪي تعليقات شامل آهن، سي علمي معلومات جو وڏو خزانو آهن. ڊاڪٽر سومري صاحب ڪتاب کي اٺن فصلن ۾ ورهائي پڙهندڙن لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي، جڏهن ته مخدوم عبدالرحمان شهيد ٽرسٽ پاران ڇپرايل ڪتاب ۾ اهڙو علمي انداز نظر نه ٿو اچي. ٽرسٽ پاران ڇپرايل ڪتاب جي ٻولي غير فصيح آهي، جڏهن ته سومري صاحب واري تصحيح ۽ تحقيق ڪيل ڪتاب جي ٻولي فصيح ۽ سهڻي آهي.

درحقيقت حافظ حبيب واري ترجمي تي نظرثاني جي ضرورت هئي، پر اهو اداري پاران تڪڙ ۾ ڇپرايو ويو، تنهن ڪري ان ۾ ڪيترائي نقص رهجي ويا آهن. جيڪي هتي بيان ڪرڻ مناسب معلوم نه ٿو ٿئي.

بيشڪ قلمي ڪتاب ’تلقين الساڪلين‘ جو سنڌي ترجمو حافظ حبيب ڪيو آهي، پر ان تي نظرثاني جي ضرورت هئي. ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب جڏهن ترجمي جو مطالعو ڪيو ته کيس ان ۾ ڪافي نقص نظر آيا. جيڪي هن درست ڪري، عالماڻو مقدمو لکيو ۽ محنت ڪري تعليقات شامل ڪيا.تنهن ڪري ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته ٻين ڪتابن وانگر ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪتاب پڻ هر لحاظ سان معياري آهي.

ڪراچي سنڌ

8 جون 2021ع                                    ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

مهاڳ

 

سنڌ ۾ تصوف جا اهم ماخذ (sources) طور هن مهل تائين هيٺيان ست ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:1 بيان العارفين، 2. رساله فتحيه، 3. ينابيع الحيات الابديه، 4. منهاج المعرفت، 5. مڪمل شرح ابيات سنڌي، 6. شاھ جو رسالو مثنوي رومي جي روشنيءَ ۾ سمجھاڻي ۽ مفهوم، 7. معارف سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواريءَ وارو. هي ان سلسلي جو اٺون اهم ڪتاب آهي جيڪو تيرهين صديءَ ۾ انگريزن جي دور ۾ نقشبندي سلسلي بابت لکيو ويو ۽ ان جو مصنف مخدومان کهڙا جو فرد مخدوم محمد عاقل رابع آهي.

مون کي هي ڪتاب فوٽو اسٽيٽ حالت ۾ ڪجھه سال اڳ دوست مهربان ڊاڪٽر نواز علي شوق کان مليو، جنهن ’بيان العارفين‘ جي شايع ٿيڻ بعد اهو منهنجي حوالي ڪيو ته جيئن ان تي تحقيق ڪري پيش ڪيو وڃي. هن ڪم جي تڪميل ۾ ڪافي سال لڳي ويا ڇو ته پهريائين ان جي سنڌي ترجمي جو مسئلو هو جيڪو آخر حافظ حبيب سنڌي ڪري ڏنو. ليڪن جڏهن اهو ترجمو سامهون آيو ته خبر پئي ته ان ۾ تمام گهڻي اصلاح جي ضرورت هئي جنهن لاءِ خلاصو وقت گهربل هو ۽ اها فرصت تڌهن ميسر آئي جڏهن آءٌ ٻن مهينن لاءِ مئنچيسٽر انگلينڊ ۾ ترسيل هوس. ليڪن اها اصلاح ان ڪري وڌيڪ مشڪل هئي ته اسان وٽ صرف مسودي جي هڪ سا به فوٽو ڪاپي موجود هئي جنهن ۾ پڻ هڪ ٻه صفحا کٽل هئا.

کهڙن ۾ جڏهن خاندان وارن سان رابطو قائم ڪيو ويو ته ٻڌايو ويو ته انهن وٽ به اهو ڪتاب يا ان جو ڪو نقل ڪونه هو. وڏي ڳالھه ته مولانا دين محمد وفائي جنهن کي شروعات ۾ مخدومان جي ڪتب خاني ڏسڻ جو موقعو مليو ان هن ڪتاب جو ذڪر ئي ڪونه ڪيو آهي. هڪ لحاظ کان معلوم ٿئي ٿو ته شايد مصنف جو هي پهريون بياض هو ڇاڪاڻ ته ان ۾ باب ۽ فصل به ڪونه رکيا اٿس. هاڻي اهي اسان پنهنجي طرفان قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

بهرحال تحقيق هلندي هن ڪتاب جي اصل ماخذن جي خبر پئجي وئي، جنهن ڪري انهن سان مقابلو ڪري ڪافي عبارتن ۽ شعرن کي درست ڪري لکيو ويو آهي. ڪن ڪتابن، عبارتن ۽ اقتباسن جو ملڻ هڪ قسم جي غيبي امدد هئي، تاهم اڃا ڪجھه عبارتون ان لحاظ کان رهجي ويل آهن جن لاءِ شايد وڌيڪ وقت گهربل هو.

آخر ۾ آءٌ پنهنجي دوست مڪرم ڊاڪٽر محمد ادريس جو شڪر گذار آهيان جنهن فارسي، عربي ۽ سنڌي ڪتاب ضرورت پوڻ تي مهيا ڪري ڏنا، بلڪ ڪن ڏکين عربي ۽ فارسي عبارتن جي درست پڙهڻين ۾ معاونت جو حق ادا ڪيو. اهڙيءَ طرح آءٌ پياري دوست سائين بخش قبولائي جو به نهايت ٿورائتو آهيان جو هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ ۽ مخدوم خاندان ڏانهن ڪتابن جي سلسلي ۾ پنڌ ڪرڻ کان ڪونه گهٽايو جنهن ۾ البته کيس ڪابه وڏي ڪاميابي ڪونه ٿي سگهي.

آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي معزز ميمبرن، انتظاميه ۽ خاص طور چيئرمين جناب مخدوم سعيد الزمان جي شڪريه ادائي لازمي سمجھان ٿو جن جي تعاون سان هيءُ ڪتاب منظر عام تي آيو.

 عبدالغفار سومرو

ڪراچي

9 ڊسمبر 2019ع

 

مقدمو

 

خانداني پس منظر

 

کهڙن جا مخدوم اصل ۾ عباسي آهن هو پنهنجو شجرو شيخ ابراهيم تائين پڄائين ٿا جيڪو خليفي معتصم بالله جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيو هو. انهيءَ خاندان مان سترهين پيڙهيءَ ۾ مخدوم محمد عاقل اول ٿي گذريو، هڪ قطعه تاريخ موجب سندس وفات جو سال 1092/ 1681 ملي ٿو. مخدوم عبدالرحمٰن شهيد ان جو پوٽو ۽ مخدوم محمد ثانيءَ جو پٽ هو.

هن خاندان جي شهرت جو وڏو سبب مخدوم عبدالرحمٰن جي 1145/1732 ۾ شهادت آهي، جڏهن سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو هو. مخدوم عبدالرحمٰن جي تعليم ۽ تربيت خانداني ماحول ۾ ٿي پر سندس گهڻو واسطو ۽ قرب گهوٽڪيءَ جي سادات خاندان جي فرد ۽ هم مسلڪ قادري طريقي سان منسلڪ موسيٰ شاھه سان هو جيڪو اڪثر وٽس ايندو هو. مخدوم عبدالرحمٰن غير معمولي صلاحتين جو مالڪ هو جنهن ڪري هن جو پنهنجي علائقي ۾ روز بروز اثر ۽ مريدن جو حلقو وڌي رهيو هو. اهڙيءَ حالت ۾ روهڙيءَ جي رضوي سيدن جي جاگيرن جا پروانا جيڪي گهڻو وقت اڳ ۾ کين مليل هئا، ميان نورمحمد ڪن سببن ڪري رد ڪري ڇڏيا، اهي سيد مخدوم عبدالرحمٰن وٽ اچي گڏ ٿيا ته توهان اسان سان گڏجي ميڙ وٺي هلو ۽ اسان کي پروانا بحال ڪرائي ڏيو. روايت موجب مخدوم عبدالرحمٰن پاڻ پنهنجي مريدن ۽ خادمن سميت ميان نور محمد وٽ هلي آيو ۽ سندس هلي اچڻ جي نتيجي ۾ سيدن جي اها جاگير بحال ٿي.

ان کان پوءِ هڪ ٻيو واقعو کهڙن جي پسگردائي ۾ ٿيو جنهن ۾ مخدوم صاحب هڪ مقامي سيد جي غير شرعي نڪاح خلاف شرعي فيصلو ڏنو جنهن ڪري سيد ۽ سندن ڌر وارا ماڻهو مخدوم صاحب جي سخت خلاف ٿي ويا، ويتر جو ان ڇوڪريءَ ۽ سندس ماءُ مخدوم صاحب وٽ اچي پناھه ورتي ته معاملو چوٽ چڙهي ويو، مخالف ڌر وارن وڃي سرڪار کي دانهن ڏني. روهڙيءَ جي ڪاردار سموري ماجرا کان ميان نور محمد جي وزير راڄي ليکيءَ کي آگاھه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سيدن کي سرڪار جي سرپرستي حاصل ٿي ۽ چڱو خاصو لشڪر تيار ڪري اچي کهڙن ۾ مخدوم صاحب جي حويلي ۽ مسجد جو گهيرو ڪيائون. اهي هٿياربند ماڻهو جڏهن کهڙن ۾ پهتا ته اهو انتظار ڪرڻ لڳا ته مخدوم صاحب جا ماڻهو ضرور مقابلي لاءِ ايندا پر ٻنپهرن تائين ائين ڪونه ٿيو. معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب ڪنهن به ريت جھيڙي ۽ ويڙھه جي حق ۾ نه هو. انهيءَ صورتحال جو غير معمولي فائدو وٺندي مخالفن اچي مسجد جو گهيرو ڪيو ۽ مسجد جي ٻاهران مخدوم صاحب کي شهيد ڪيو ۽ پوءِ مسجد ۾ گهڙي سندس ٻه سو ٻاويھه ساٿين کي جيڪي بغير هٿيارن جي هئا مٿان حملو ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. هن سانحي جون ڪيتريون تاريخون لکيون ويون جن مان ڪجھه هيٺ پيش ڪجن ٿيون:

چو تاريخ آن سالار جُست
خرد گفت ’شمع هد
يٰ کُشته‘ شد

 

1145ھ

ٻي تاريخ هن ريت آهي:

بتاريخ قتال آن قوم عباس
ندا آمد ’يدخلهم بجنات‘

 

1145ھه

اها عجيب ڳالھه آهي ته سنڌ جي ڪنهن مستند تاريخي ڪتاب ۾ هن واقعي جو ذڪر نٿو ملي، ليڪن ان وقت جي هڪ همعصر عالم ۽ شاعر مخدوم غلام محمد بگائي ان واقعي کي قديم سنڌي شاعري ۾ منظوم ڪيو جنهن ۾ هن واقعي جو پورو تفصيل ۽ ان جا اسباب ۽ ڪردار چڱيءَ ريت واضح ڪيا آهن. مخدوم بگائي شهيدن جو انگ 222 ٻڌايو آهي جڏهن ته خانداني روايت موجب اهو انگ 208 چيو وڃي ٿو. عام روايت موجب غلام محمد بگائي وجھه وٺي اهو پورو نظم ميان نور محمد جي آڏو پڙهيو جنهن ۾ ميان جي ظلم جي داستان کي چڱيءَ طرح وائکو ڪيو ويو. ان نظم جي خاص ڳالھه اها آهي ته ان نظم ۾ ميان صاحب جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ پِٽ پاراتن کان سواءِ مستقبل ۾ ايران اصفهان پاران سندس شڪست ۽ خواري جي پيش گوئي ڪيل آهي. ان سلسلي ۾ هيٺيان شعر قابل توجھه آهن:

ويئي حڪومت هٿ مان پاپي، پٽ مرنداءِ
ڪاتي پوندءِ قهر جي، ٻُنڀان ڪِ ٻرنداءِ
جھڙي ڪيئي جھان ۾، آڏي سا اينداءِ
اچي ڪڙڪي قهر جا، گهوڙا گهر پونداءِ
اصفهان ۽ ايران ۾، ٻچا ٻانها ٿي وڪباءِ
عرب ۽ ايران جا، گهوڙا گهر اينداءِ
سگها زنجير ظلم جا، ڳٽ ڳانا پونداءِ
اڄ يا سُڀان مرندين، پاپي ڏينهن پُناءِ

 

هن سانحي کان فقط ست سال پوءِ يعني 1152ھ/1739ع ۾ نادر شاھه سنڌ مٿان مصيبت بنجي نازل ٿيو. ميان نور محمد سنڌ جي ريگستان عمرڪوٽ ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۾ عافيت سمجهي. ليڪن نادر شاھه جا ماڻهو اتي به پهچي ويا جن سان گڏجي هو اچي نادر شاھه وٽ پيش پيو جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي ۾ منزل انداز هو. صلح جي صورت ۾ ميان ساليانو خراج ڏيڻ قبول ڪيو ۽ ضمانت طور سندس ٻه پٽ محمد مراد ۽ غلام شاھه ايران جي درٻار ڏانهن روانا ٿيا. 1160ھ/1747ع ۾ جڏهن نادر شاھ قتل ٿي ويو ته موجوده افغانستان ۾ احمد شاھ ابدالي ’دُر دوران‘ (دُراني) جي لقب سان تخت نشين ٿيو ۽ هن نادر شاھ جي جانشين طور ميان نور محمد کان خراج جي تقاضا ڪئي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مخدوم بُگائي مٿئين نظم ۾ جيڪو هن دل جي سچي جذبي سان لکيو ۽ جنهن ۾ جرئتِ اظهار جو بيمثال مظاهرو ڪيو، عوام ۾ گهڻو مقبول ۽ مشهور ٿيو. هونئن به مخدوم بگائي عوامي انداز جو شاعر هو جنهن جو ثبوت سندس مولود ۽ مداحون آهن. ليڪن هتي اهم سوال آهي ته بگائي اهو نظم ڪڏهن لکيو هوندو يا اهو موقعو ڪڏهن آيو هوندو جو هن اهو نظم ميان نور محمد جي سامهون پڙهيو هوندو. هن سلسلي ۾ خاص ڳالھه هيءَ آهي ته بگائي جي وفات جو سال يا سندس عمر جي ڪا پڪي خبر نٿي پوي. البت هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ميان نور محمد ”محمد آباد“ نزد مورو جتي هينئر دفن آهي، اتي سال 1163ھ/1750ع ڌاري اچي رهائش اختيار ڪئي هئي. ان لحاظ سان اهو وڌيڪ صحيح ٿيندو ته بگائي جيڪو پاڻ موري جي ڀرسان رهندڙ هو ۽ هاڻي اتي ئي مدفون آهي، اهو نظم ان زماني ۾ گھڻو مشهور ۽ ماڻهن جي زبان تي هو. جنهن ڪري اهو ميان نور محمد جي ڪنن تائين ضرور پهتو هوندو. ان ڪري اهو گمان ڪڍي سگهجي ٿو ته اهو نظم ان عرصي دوران گويا نادر شاھ جي سنڌ ۾ آفت بنجي اچڻ کان پوءِ لکيو هوندائين ۽ ان ڪري منجهس اصفهان ۽ ايران جو ذڪر آهي ڇو ته اصفهان ئي نادر شاھ جي طاقت جو مرڪز هو. اسان جي خيال ۾ نظم جي ٻولي پڻ ان حقيقت تي شاهد آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ غلام محمد بگائي جي لوڪ شاعريءَ کي ’واقعاتي بيت‘، ’مناقبا‘ ۽ ’مولود‘ وارن ڪتابن ۾ پيش ڪندي سندس عمر جي باري ۾ ڪا راءِ قائم نه ڪري سگهيو. ليڪن جڏهن ڪافي عرصي کان پوءِ ’شاھ عبداللطيف ۽ 12 - 13 صدي هجريءَ جا ڪي ٻيا شاعر‘ مرتب ڪيائين ته کيس بگائي جي وڌيڪ سنڌي ۽ فارسي شاعري دستياب ٿي. ان جي آڌار تي اهو نتيجو قائم ڪيائين ته غلام محمد بگائي 1188ھه ۾ زنده هو. ان لحاظ کان ڏسجي ٿو ته هن وڏي عمر ماڻي ۽ سندس سنڌي نظم گهڻو پوئين دور جو ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ مخدوم عبدالرحمٰن جي شهادت بابت بُگائي جو هڪ اڻ لڀ فارسي قطعو به ڏنو آهي:

کاين چنين گنج روان را زير خاک انداخته
وين چنين کنز علم بر بود بعياري مگر
هر دعاي کز خلوص دل ’غلام محمد‘ نمود
استجب يا رب بحرمت سيد خير البشر

کهڙن جي مخدومن جي باري ۾ ٻي اهم ڳالھه ڪابل جي حڪمران احمد شاھ درانيءَ توڻي سندس پونيرن مان پٽ تيمور شاھ ۽ پوٽن شاھ زمان ۽ شاھ شجاع سان خاص تعلقات هئا. مخدوم خاندان جي روايت موجب 1167ھ ۾ جڏهن احمد شاھ ابدالي سنڌ مان گذريو هو ته مخدوم عبدالرحمٰن شهيد جي پٽ مخدوم محمديءَ سان سندس ملاقات ٿي هئي جنهن جي عمر ان وقت فقط چوويھ سال هئي. اهو ان ملاقات جو نتيجو هو جو 21 تاريخ محرم الحرام 1167ھه تي احمد شاھ ابداليءَ طرفان مخدومن جي حق ۾ شاهي مهر ۽ طغرا سان هيٺين سَند جاري ڪئي وئي جنهن ۾ مخدومن جي ديني خدمتن ۽ دعا جي گهر هجڻ جو اعتراف ڪيل آهي:

مهر

هوالفتاح

احمد شاه دُرّ دوران

آنکه غازيان نصرت نشان و ملازمان ومحصلان ديواني بشفقت شاهانه سرفراز گشته بدانند که چون وارد کهره شدند و يا آن محل مذکور عبور نمايند، مي بايد که بخلاف حق و حساب متعرض ومزاهم احوال فضائل و کمالات پناهان مخدوم ميان محمدي وميان احمدي و مخدوم عبدالله وکسان متعلقان ايشان نه گرديده که مشاراليهم از اهل دعا از علماءِ دين متين ودرويشان سالک مسالک راه يقين مي باشند گذارند برفاه وحال و فراغ بال - بدعا گوي دولت روز افزون اقدس مشغول باشند و در اين باب قدغن لازم دانسته در عهده شناسند في تاريخ 21 ماه محرم 1167ھ

ترجمو: فتح ۽ نصرت جي نشان وارا غازي ۽ اسان جا ملازم جيڪي سرڪاري وصوليون ڪندڙ آهن ۽ جيڪي بادشاهي شفقت سان نوازيل آهن، انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته جڏهن اهي شهر کهڙا ۾ وارد ٿين يا ان جي ڀرپاسي کان سندن گذر ٿئي ته هر قسم جي حق حساب يا لوازمن گهرڻ کان درگذر ڪن. ڇو ته فضيلت ۽ ڪماليت جا صاحب مخدوم ميان محمدي ۽ ميان احمدي ۽ مخدوم عبدالله جھڙا ٻيا بزرگ دين اسلام جا صحيح عالم ۽ دعا جو هنڌ آهن، بلڪ اهي راھ طريقت جا سالڪ ۽ درويش آهن جن جي اها مشغولي، خوشحالي ۽ فراغت حڪمرانيءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ضروري آهي. هن سلسلي ۾ هر ڪم جي بجا آوري ۽ پابنديءَ کي ضروري سمجهي ان جو احترام ڪيو وڃي. تاريخ 21 محرم 1167ھه

 اهو ساڳيو مخدوم محمدي آهي جنهن سان شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ملاقات جي روايت ملي ٿي. هن 1171ھ ۾ وفات ڪئي ۽ کانئس پوءِ ننڍو ڀاءُ مخدوم احمدي گادي نشين ٿيو جنهن کي احمد شاھ ابدالي 16 صفر 1172ھ تي موجوده ضلعي شڪارپور ۾ مرزانپور جاگير ڏني. اهڙو پروانو خاندان وٽ محفوظ آهي. ان کانسواءِ هڪ ٻيو پروانو 12 ربيع الثاني 1175ھ ۽ ٽيون پروانو 7 ربيع الاول 1178ھ ۾ به جاري ٿيل ملن ٿا.

تاريخ ڪلهوڙا جو مصنف غلام رسول مهر احمد شاھ ابداليءَ جي سنڌ ۾ اچڻ جو انڪار ٿو ڪري جيتوڻيڪ هو مخدومن کي احمد شاھ ابداليءَ طرفان سَندون ملڻ جو انڪار نٿو ڪري. ليڪن ڪلهوڙن جي دور جو مؤرخ مير علي شير قانع جنهن انداز سان ’تحفة الڪرام‘ ۾ احمد شاھ ابداليءَ سان سکر جي پسگردائيءَ ۾ ميان نور محمد طرفان ديوان گدومل جي سفارتي ڪوششن جو ذڪر ڪري ٿو، ان مان غالب گمان آهي ته احمد شاھ ابدالي سنڌ ۾ آيو هو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته احمد شاھ ديندار ۽ علم دوست حڪمران هو. هن سلسلي ۾ هندستان اندر مرهٽن جي وڌندڙ ارھه زوراين خلاف شاھ ولي الله جا ڏانهس لکيل خط ان ڳالھه جي شاهدي ڏين ٿا. ان جا پڻ ڪيترا مثال موجود آهن ته هو عالمن ۽ مشائخن جي وڏي عزت ڪندو هو.

احمد شاھ ابدالي 1184ھ/1770ع ۾ وفات ڪئي. ان کانپوءِ وري سندس پٽ تيمور شاھ سان هن خاندان جا تعلقات قائم رهيا. انهيءَ دور ۾ جڏهن هڪ پوڙهي هندو عورت ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي پر ان جا مائٽ کيس پاڻ کان الڳ ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ته مخدوم احمدي تيمور شاھ وٽ شڪارپور جي حاڪم خلاف شڪايت لکي موڪلي، ڇو ته ان وقت شڪارپور درانين جي قبضي ۾ هئي، تڏهن تيمور شاھ تحريري حڪم نامو جاري ڪيو ۽ اها 9 ربيع الثاني 1192ھه جي تحرير آهي. تيمور شاھ جاگيرن جي بحاليءَ جو نئون پروانو پڻ 9 محرم 1194ھ تي جاري ڪيو. مخدوم احمديءَ جي 1203ھ ۾ وفات کان پوءِ وري جڏهن مخدوم محمد عاقل ثالث گادي نشين ٿيو ته تيمور شاھ سندس والد جي تعزيت سان گڏ کيس شرعي احڪامن ۽ قضا تي مامور ڪيو ۽ پنهنجن عملدارن کي اهڙي هدايت ڪئي. اهڙو پروانو 22 صفر سن 1204ھ تي جاري ٿيو.

1191ھه ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ مير سنڌ جا حڪمران ٿيا. انهيءَ زماني ۾ ميرپورخاص جي ڀرسان رهندڙ فقير برهان جي طرفان ڪلمي ۾ لفظ ’احمد‘ جي واڌاري جو قصو مشهور ٿيو، جنهن لاءِ مخدوم محمد عاقل پاڻ حيدرآباد جي ميرن وٽ هلي آيو ۽ برهان فقير جي ٻانهن وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن واقعي جو تفصيل اسان ’معارف سلطان الاولياء‘ ۾ ڏنو آهي.

ميرن جي زماني ۾ جڏهن تيمور شاھ جو پٽ شاھ شجاع پهريون دفعو قنڌار مان ناڪام ٿي سنڌ طرف رخ رکيو ته مخدوم محمد عاقل ثالث جي سربراهيءَ ۾ پير راشد روضي ڌڻي ۽ ميرن جي نمائندي نواب ولي محمد لغاري هن سان ملاقات ڪئي ۽ ساليانو ڏن ڏئي فساد کي ٽاريائون. اهو واقعو سال 1219ھه ۾ پيش آيو جيڪو ”از لب درياه از بکر باز گشت“ مان نڪري ٿو. مطلب ته مخدومن جا دراني خاندان سان اهي خصوصي تعلقات تيستائين قائم رهيا جيستائين افغانستان ۾ امير دوست محمد جي حڪومت قائم نه ٿي هئي.

مخدوم عاقل ثالث جي وفات بعد سندس وڏو پٽ مخدوم ضياءالدين شرعي مسند تي ويٺو جيڪو مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جو ڏوهٽو هو. سندس حياتي وفا نه ڪئي هو ستت ئي 1232ھ/ ۾ وفات ڪري ويو جنهن بعد سندس ڀاءُ مخدوم عبدالخالق لقب حضوري شرعي مسند تي مامور ٿيو. مخدوم محمد عاقل (رابع) پنهنجي والد عبدالخالق جي 1268/ 1852 ۾ وفات کانپوءِ خانداني مسند سنڀالي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org