سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تلقين السالڪين

باب:

صفحو:10 

فصل يارهون

مڪتوبات شيخ مظفر بلخي

 

           شيخ محمد مظفر بلخي خدائي رازدان هو. هو پنهنجي وقت جي وڏي صوفي شيخ شرف الدين منيري قدس الله سره جن جي خدمت ۾ پنهنجي ذاتي واقعن، معاملن ۽ حالتن بابت جيڪي سلوڪ جي راھ ۾ پيش آيا، اُهي لکي سندس خدمت ۾ موڪليا. شيخ کيس انهن سوالن بابت جيڪي جواب لکي موڪليا هئا انهن مان چند ”مڪتوبات“ هتي نقل ڪيا ويا آهن ته جيئن انهن کي پڙهي فائدو حاصل ٿئي ۽ صاحبِ حال ۽ سالڪن بابت مناسب صوفيانه نڪتا معلوم ڪري سگھن. هتي انهن مان ڪجھ مڪتوبات جو انتخاب ڪيو اٿئون.

مڪتوب پهريون: لله الحمد! (الله تبارڪ وتعاليٰ جي هميشه حمدوثنا.]

هر بلا کين قوم را حق داده است
زير آن گنج کرم بنهاده است
 

[هن ٽولي کي حق طرفان هر مصيبت ڏنل آهي، پر انهن جي هيٺان ئي پنهنجي فضل و ڪرم جا خزانا رکيا اٿس.]

اي ڀاءُ! توکي جڳائي ته پنهنجي ڪم ۾ سختين جي باوجود مڙسيءَ کان ڪم وٺين. ڀلي ڪمن جي گھڻائيءَ ۾ ڪيتريون ئي آزمائشون ۽ امتحان اچن. جيڪي هڪ سالڪ جي راھ ۾ تمام گھڻا آهن. اهو نٿو جڳائي ته ڪنهن به صورت ۾ (ڏوهن) فتنن واري واٽ وٺي هلجي.

اي ڀاءُ! الله تعاليٰ جو ڪم هڪ طريقي يا نموني تي نه آهي. اها خبر نٿي پئجي سگھي ته الله طرفان عزت ۽ ڪاميابي ٻانهي کي ڪهڙي طرح حاصل ٿئي ٿي. اُها راھ يا ته نعمت جي راھ آهي يا محبت جي آهي، يا عطا جي راھ يا بَلا (مشقت ۽ مصيبت) کان. حضرت موسيٰ عليه السلام پيغمبر جڏهن ڄائو ته کيس تنور ۾ ڦٽو ڪيو ويو. وڏو ٿيو ته سندس هٿان قبطيءَ جو موت واقع ٿيو. بس، ان خون جي بدلي ۾ دربدر ٿي ڦرندو رهيو ۽ جوانيءَ جا ڏھ سال ڌنار بنجي گذاريائين. اهڙو وقت به مٿس آيو جو اونداھا ڪڪر ۽ وِڄُ جون تجليون کيس ورائي ويون. چوڌاري بگھڙ ورائي ويس ۽ سندس رڍون گم ٿي ويون. هُو پنهنجي راھ به وڃائي ويٺو. چورن کانئس گھرواري به ڦري ورتي ۽ سخت سردي اچي گھيريس ايتريقدر جو باھ به نٿي ٻاري سگھيو. جيتوڻيڪ وٽس چقمق هو پر ان سان باھ ڪونه ٻري. مطلب جڏهن سڀني سببن ۽ حالتن کان بلڪل عاجز ۽ لاچار ٿي پيو ته اوچتو غيبي مدد اچي ظاهر ٿي. تڏهن چوڻ لڳو إِنِّي آنَسْتُ نَارًا (طٰہٰ: 10) [مون کي باھ نظر آئي آهي.] جڏهن انهيءَ باھ وٽ پهتو ته گل ٽِڙي پيا ۽ اهو آواز ٻڌائين: إِنِّي أَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ [121] إِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى (طٰہٰ: 12) [اي موسيٰ! بيشڪ آئون تنهنجو رب آهيان. تون پنهنجي جُتي لاھ. بيشڪ تون پاڪ وادي طويٰ ۾ آهين.] وَأَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوحَى (طٰہٰ:13) [۽ مون توکي پسند ڪيو. هاڻ ڪنُ لڳائي ٻُڌ جيڪو توکي وحي ڪيو وڃي.] ”اسرار الربوبية غير معلومة وجرت الاحوال کلّها عليٰ العبد عليٰ سنن واحدة لاحاط علم العبد عليٰ الربوبية والله تعاليٰ بضهاتہ غير محاطة“ [الله تعاليٰ جا اسرار غير معلوم آهن پر ٻانهي جا سڀ احوال هڪ طريقي سان مٿان جاري ٿين ٿا ته ٻانهي کي انهن جو علم ٿي وڃي ٿو، ليڪن الله تعاليٰ جي ربوبيت کي ٻانهي جو علم سندس ذات ۽ صفات جو احاطو نٿو ڪري سگھي.]

هرچه در خلق سوزي و سازيست
اندران هم خداي را رازيست
 

[خلق ۾ جو ڪجھ سوز ۽ ساز ڏسين ٿو انهيءَ جي اندر پڻ خدا جو راز آهي.

اي ڀاءُ! آدمي هڪ اهڙو مورچو آهي جيڪو خلوتن ۾ سرگردان آهي. نازڪ زماني ۾ مڪي تائين پهچڻ گھري ٿو. جيڪو محال (مشڪل) آهي:

دردا که غم کوه بکاه افتاد است
معشوق دل مورچه ماه افتاد است
اين واقعه طرفه براه افتاد است
درويش بعشقِ بادشاه افتاد است

[اهو درد غم جو پهاڙ بنجي ڪريو آهي. معشوق چنڊ جي مورچي (دائري) وانگر دل کي گھيرو ڪيو آهي. هي عجيب واقعو واٽ ۾ پيش آيو آهي جو هڪ غريب وري بادشاھ جي عشق ۾ ڦاٿو آهي.]

          اي ڀاءُ! عاشق کي هر طرح جڳائي ته معشوق جي هر لحاظ سان تعريف ڪري. جيڪڏهن سندس اهو ڪم شانائتو ۽ سهڻو هوندو ته عاشق جي مراد معشوق کان پوري ٿيندي پر جيڪڏهن سندس روش قهر جي لائق هوندي ته معشوق جي مراد عاشق کان پوري ٿيندي. جيڪا به مراد معشوق جي هوندي اها عاشق کان هوندي ۽ اُها پوري ٿيندي. اَلمحب الصادق من يجعل مراده فداءَ ومراد محبه (محبوبه) لايصلح لهٰذا الشان الامن کان فارِغاً من جميع الاعمال لاشغل له في الدنيا والآخرة فاما من لهٗ شغل دنياہ اوعليٰ قلبه حديث عقباہ فليس النّصيب من خدمة مولاه جُز“ [سچو عاشق اُهو آهي جنهن پنهنجي مراد قربان ڪري پنهنجي محب جي مراد رکيائين پر محبوب جي مراد ايستائين پوري نه ٿيندي، جيستائين هو سڀني (دنياوي) ڪمن کان فارغ نٿو ٿئي، بلڪ آخرت ۾ به ڪا دلچسپي نه رکي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو دنيا جو مشغلو آهي يا ان جي قلب (دل) تي ڪا ڳالھ آهي ته پوءِ انهيءَ جو عاقبت (آخرت) ۾ ڪو به ڀاڱو نه آهي. پوءِ ان جو پنهنجي رب جي خدمت ۾ ڪو ذرو نه آهي.]

اي ڀاءُ! جيڪڏهن اُهي معنائون ۽ احوال ڪنهن ڀاءُ مٿان ڪم جي شروعات ۾ آساني سان گذرن ته اهو ڪچو رهجي ويندو پڪو نه ٿيندو. ڏيکارڻ ۽ کسڻ، اهي ٻه مختلف حالتون آهن جن مان گذرڻ سان واٽ جو پانڌيئڙو پڪو پختو ٿئي ٿو. جيئن ميوي لاءِ ٻه ضروري حالتون نه هونديون ته اُهو پڪو به ڪونه ٿيندو. ڪڏهن اُس ته ڪڏهن ڇانوَ، ڪڏهن قبض ۽ بسط، ڪڏهن جمع ۽ تفرقه ۽ ڪڏهن حضور (حاضر - موجود) ڪڏهن غائب. اها ٻن وقتن جي حڪمت آهي.

اي ڀاءُ! دل قوي رک ۽ همت بُلند رک! اُميد سچي رک! جو انهيءَ جو ظهور اهڙي هنڌ کان ٿئي ٿو جتي مَلڪي ۽ بشري قوتون ان جي سمجھڻ کان عاجز آهن [122] نقل آهن ته هڪ مرد مزدوري خاطر حضرت شعيب عليه السلام وٽ ان ڪم لاءِ راضي ٿيو. اهو مقصد هو اُنهيءَ صالحه عورت سان حضرت موسيٰ عليه السلام جن جي شادي ڪرائڻ، جنهن لاءِ شعيب عليه اسلام جن وٽ رهي ڏھ سال مزدوري ڪرڻ جو شرط رکيو هو پر جڏهن موسيٰ عليه السلام باھ جي تلاش ۾ قدم رکيو ته کيس قديم نور نظر آيو. تڏهن خلعتِ نبوت جي عنايت ٿيڻ جي بشارت ملي ۽ هُو رسالت جي درجي تي پهچي ويو. هن حقيقت کي عقل ڪٿان سمجھي سگهندو، اِهو ڪم ته فضلِ خداوندي آهي ان تي ڪنهن جو حق نٿو بيهي سگهي. اها عجب جي ڳالهه آهي ته فرعون جا جادوگر ڪفر ۽ جادوگريءَ لاءِ اُٿيا ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ سَندرو ٻڌي بيٺا پر اڃا ٿورڙي دير نه گذري هئي ته هو سڀ پاڻ توحيد جو پرچار ڪندڙ ۽ مڃيندڙ ٿي پيا. ائين سندس حضور جا عارف جيڪڏهن ڄاڻن ته همت سان دنيا ۽ آخرت کان صرف هڪ ڀيرو به نه گذرن وَاللَّهُ خَيْرٌ وَأَبْقَى (طٰہٰ:73) [۽ الله ئي سڀ کان ڀلو آهي ۽ بقادار آهي.] کي بهتر سمجھن ٿا.

اي ڀاءُ! جيستائين توکي رحمت جي مئي خاني مان مئي پيارين ته خوشيءَ سان پيالي مٿان پيالو پيءُ ۽ بد مستي نه ڪر جو ٻُڌ ته ڇا ٿا چون؟

هر که را آن آفتاب اينجا بتافت
آنگه آنجا وعده بود اينجا بيافت
هست دريائي محبت بيکنار
لاجرم يک تشنگي شد صد هزار

 

[جنهن ماڻهوءَ تي اُهو سج هتي ئي چمڪي پيو هن لاءِ جيڪو اڳتي جو واعدو هو اهو هتي ئي پورو ٿيو. محبت جو درياءُ بنا ڪنهن ڪپر ڪناري آهي پڪ آهي ته هڪڙي اُڃ به اتي هڪ سؤ هزار (لک ڀيرا) محسوس ٿيندي.]

اتي سڄو مدار همت تي آهي جيترو بُلند همت هوندو اوترو وڌيڪ اُڃايل!

هرکه صاحب همت آمد مرد شد

[جيڪو به همت ڏيکاريندو اُهوئي مرد آهي.]

مقرر وقت تي بار کڻڻ کان پوءِ ڪو چارو ڪونهي. تڪليفن سان پرورش ضروري آهي. ورنه خام رهجي وڃڻ جو خدشو آهي. آخرڪار سالڪ کي به ائين ڪرڻو آهي ڇو ته هو بلڪل الڳ نه آهي.

تا نگردي نقطه درد اي پسر
کئي توان خواندن ترا مرد اي پسر

 

[جيستائين تون درد جي هڪ نقطي کي پار نٿو ڪرين، اي پُٽ! پوءِ ماڻهو توکي ڪيئن هڪ مرد جيئان سمجھندا؟]

اي ڀاءُ! جو ڪجھه سڪر ۽ غلبي جي حالت ۾ ڪنهن کان ٿئي ٿو اُهو انهيءَ کان معذور آهي پر پسنديده روَش انهيءَ جماعت لاءِ هيءَ آهي.

لاستقامة مع الشريعة کتمان السر

[شريعت تي استقامت يا هميشگُي رکي ۽ ان راز کي لڪايون وتي.]

اي ڀاءُ! سڌي واٽ تي بغير رهبر جي هلڻ محال آهي ان ڪري چيو ويو آهي:

کور هرگز کئي بداند راه راست
بي عصا کش کور را رفتن خطاست

 

[انڌو ڪيئن ڄاڻندو ته سڌو رستو ڪٿي آهي ان ڪري بنا لٺ جي انڌي کي هلڻ غلطي آهي.]

          اي پٽ! منزل پري آهي ۽ رستو ڏکيو آهي هر راھه تي هلڻ لاءِ رهبر ضروري آهي [123] هن راھ تي هلندڙن لاءِ ڪئين آزمائشون ۽ امتحان اچن ٿا جن کي هو “ڪشف” ۽ “ڪرامتون” ڄاڻن ٿا. ياد رک، ان کي پنهنجي همت ۽ ڪوشش جو نتيجو نه سمجھه، بلڪ مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغَى (النجم: 17) [اک نه ڪنهن طرف ڦري ۽ نه حد کان وڌي.] کي هرگز نه وسارج.

اي ڀاءُ! مثال طور جيڪڏهن ٻئي جهان کڻي تنهنجي تصرف ۾ آڻين ۽ چون توکي هر اختيار آهي، تڏهن به هوشيار رهج! ڇو ته ان کان به مٿي ”فوق الدنيا والآخرة“ [دنيا ۽ آخرت مٿان به ڪجھه آهي.] جيڪي توکان لڪل آهي ان کان محروم نه رهجي وڃين.

دنيا است بلاخانه وعقبيٰ هوس آباد
ما حاصل اين هر دو بيک جو نستانيم

 

[دنيا هڪ شراب خانو آهي ۽ آخرت وري خواهشن سان آباد آهي، اسان انهن ٻنهي کي هڪ جَوَ برابر نٿا سمجھون.]

          اي ڀاءُ! هر وقت عالمِ محبوب کان هيءُ خطاب دل جي اندر ٻڌڻ واسطي عاشقن کي پهچي ٿو: ”ايها المسافر اليٰ الشرق ايها المبازر اليٰ الغرب ايها الناظر اليٰ العليٰ ايها المسارِع اليٰ الثريٰ اين تطلبها اناذا“ [اي سفر ڪندڙ! اوڀر ڏانهن ۽ اجايو پنڌ ڪندڙ اولھ ڏي. اي تازگي ڳوليندڙ بلندي طرف، اي جلدي ڪندڙ! گھڻائي ڏي. ڪٿي ٿو ڳولين؟ آئون ته هتي آهيان!]

          اي ڀاءُ! جڏهن حضرت امام شبلي عليه الرحمة کان پڇيو ويو ته ”ما صفة العارِف؟“ [عارف جي صفت ڪهڙي آهي؟] پاڻ چيائون: صُمٌّ بُكْمٌ عُمْيٌ (البقرة: 18) [گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو] بس، اسان کي شور، هُل ۽ گوڙ سان ڪهڙو ڪم؟ چپ سبيل رک ۽ گھڻي غم ۾ پاڻ کي ساڙي ڇڏ، بلڪ پنهنجي ئي مصيبت جي غوغا ۽ شور ۾ رُڌل رھ. هن راھ تي هلڻ وارن جي اهائي حالت آهي ته غم ۾ رهيا ۽ ماتم ۾ رهيا. اهائي ڳالھ هئي جو هو جڏهن دنيا کان ويا ته به غم ۽ اندوھ ۾ رهيا.

اي ڀاءُ! حادث جو بي داغ هجڻ ۽ پاڪائي ۽ طهارت جي دعويٰ ان کي جڳائي جيڪو ”ممتنع الوجود“ [ناممڪن واري جھان] ۾ آهي. مطلب ته پاڪائي جيڪا حادث سان آهي يا ته قديم آهي يا عدم ۾ آهي. هتي پهچي عارف سڳوري فرمايو آهي:  

ارِيد عدماً لا وجود له

[آئون گھران ٿو اهو عدم جنهن جو ڪو وجود نه آهي.]

اي ڀاءُ! جنهن منزل ڏانهن هنن مردن قدم رکيو آهي، انهيءَ منزل بابت سندن فرياد ۽ دانهن ڪندي آخر هيءُ شعر پڙهيائون:

قد تحيرت فيک خذبه يدي
يا دليلا لمن تحير فيک

 

[بيشڪ آئون تو ۾ حيران آهيان پنهنجو هٿ وَٺ! اي رهنمائي ڪندڙ! ڇا لاءِ آئون تو ۾ حيرت زده آهيان؟]

          اي ڀاءُ! لکڻ ۽ ڳالهائڻ سڀ پردي کان ٻاهر آهي باقي اندر جو حال هن ريت آهي. جيئن هيٺين رُباعيءَ ۾ چيل آهي:

چو سر ازل طعمه ابدال شود
آن جمله قيل وقال پا مال شود
هم مفتي شرع را جگر خون گردد
هم خواجه عقل را زبان لال شود

 

[جڏهن ازلي راز ابدال جو طعام ٿين ٿا ته اها سموري ڳالھ ٻولھ ختم ٿي وڃي ٿي. ان سان شريعت جي مفتيءَ جي دل به رت هاري ٿي ته عقلمند خواجه جي زبان به بند ۽ گونگي ٿي وڃي ٿي.] 

بيا اي دل دمي از هستي خود ترک دعويٰ کن
فگندي چون نظر در عين
معنيٰ بعد ازان اي دل

 

[اي دل اچ! پنهنجي هستيءَ جو دم پاڻ ترڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪر! (پهريائين) گھري نگاھ ڪر! عين (حقيقت ۾) معنيٰ ان کان پوءِ.]

ميفگن چشم بر صورت نظر در عين معنيٰ کن
اي دلِ چو عنقا از سِرِّ عزت باف فکر ماوا کن

 

[اک ظاهري صورت تي نه وجھ بلڪ عين (حقيقت) ڏانهن ڏس. اي دل! باز وانگر عزت واري راز کان پنهنجو پاڻ کي مٿي ڪر ۽ اڳتي جو فڪر ڪر!]

از چاکِ سينه هردم نوائي درد دل بشنو
بدين قانون محنت ترک بزم اهلِ دنيا کن

 

[پنهنجي دل جي اندران هردم نڪرندڙ درد جو آواز ٻُڌ! انهي سخت قانون جي پيروي ڪندي دنيا وارن جي محفل ترڪ ڪر!]

          مون هي ڪتاب الله تبارڪ وتعاليٰ جي مدد سان ختم ڪيو. اي الله! منهنجو سينو معرفت جي نور سان کول ۽ مون کي پنهنجي محبت جي شراب جو پيالو پيار! آمين ثم آمين.

هي تاليف ۽ ڪتابت جو ڪم فقير محمد عاقل کهڙوي هٿان آچر جي ڏينهن 19 ذوالحج سنه 1289ھ (مطابق 17 فبروري 1873ع) تي پورو ٿيو.

هم بدين اجزاء کردم اختصار
گر بگويم من فزون است از هزار
هر کسي را کاين قدر معلوم شد
وان ذکرها نرم تر از موم شد

 

[مون وري به گھڻن شين کي مختصر ڪري لکيو آهي. جيڪڏهن لکان ها  ته اهي هزارن کان مٿي هجن ها. جنهن کي ايتريقدر معلوم ٿي ويو ته ان ذڪر سان سندس دل تمام گھڻي ميڻ ٿي پوندي.]

پورو ٿيو

 

تعليقات

 

ص 61 الانسان سرّي وانا سِرّهُ

          هي قول جيڪو سنڌ جي صوفيانه شاعريءَ ۾ اڪثر حوالي طور اچي ٿو، اهو الهامات غوث ۾ ملي ٿو.

[منهاج المعرفت، 276]

ص 65 لطائف

شاھ ولي الله ’الطاف القدس‘ ۾ لکي ٿو ته سڀ کان پهرين اهو جنيد بغدادي هو جنهن چيو ته سلوڪ جو مدار انسان جي اندر موجود پنجن لطيفن جي خاص نموني ۾ پرورش تي آهي ۽ اهي آهن: نفس، قلب، عقل، روح ۽ سر. هن اهو به چيو ته انساني بدن ۾ هر هڪ جي پنهنجي جاءِ آهي. شاھ ولي الله پنهنجي هڪ ٻئي رسالي ’القول الجميل‘ ۾ شيخ احمد سرهنديءَ جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته انسان ۾ ڇھه لطيفا آهن ۽ هر هڪ لطيفي جي مستقل حيثيت آهي. مطلب نفس ناطقه جا ڇھه پاسا يا طرف آهن هڪ لحاظ کان اهو قلب آهي ته ٻئي طرف کان روح آهي، اهڙيءَ طرح ان جا ٻيا نالا آهن. ان جي سمجھاڻي ڏيندي هو چوي ٿو ائين کڻي سمجھو ته هڪ وڏو دائرو قلب آهي، ان جي اندر ٻيو ۽ ان جي اندر ٽيون ۽ اهڙيءَ طرح آخر ۾ ڇھون جنهن کي ’اَنا‘ جو نالو ڏنو اٿن. اڳتي انهن لطيفن جي جاءِ انساني بدن ۾ مقرر ڪئي اٿن يا ڳولي هٿ ڪئي اٿن.

[الطاف القدس - سنڌي، ص 51، الطاف القدس - اردو، ص 51، القول الجميل - اردو ص 87]

 

ص 65 نخشبي (652 - 751ھ)

هن جو پورو نالو ضياءَالدين نخشبي آهي. هو شيخ فريد ناگوريءَ يعني شيخ احمد الدين جي پوٽي جي مريدن مان آهي. ظاهر آهي هن جا وڏا فارس جي علائقي نخشب مان آيل هئا جيڪي چيو وڃي ٿو ته منگولن جي حملن وقت هندستان ۾ آيا. نخشبي جي ڪيترين تصنيفن ۾ خاص طور ’سلڪ السلوڪ‘ ۽ ’طوطي نامه‘ مشهور آهن. پويون ڪتاب اصل ۾ سنسڪرت ڪتابن تان ماخوذ آهي. اهڙيءَ طرح ‘لذت النساءَ’ ڪتاب به ڏانهس منسوب آهي.

سلڪ السلوڪ ۾ نخشبيءَ جون رباعيون فارسي زبان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ سندس نثر به اعليٰ درجي جو آهي. هو هر رباعي ۾ پنهنجو تخلص نخشبي آڻي ٿو. ان ڪتاب ۾ هو تصوف جي 151 فصلن يا بابن ۾ سمجھاڻي ڏي ٿو. شروعات توبہ سان ڪري ٿو ۽ وچ ۾ تصوف جا گهڻا ئي اصطلاح جھڙوڪ مقام، حال، وجد، لوائح، تلوين ۽ تمڪين بابت سمجھاڻي ڏئي ٿو. آخر ۾ ڪجھه وڏن صوفين ابراهيم ادهم، بايزيد بسطامي، جنيد وغيره جو احوال به ڏي ٿو.

هر هنڌ اهو ’بشنو، بشنو‘ يعني ٻڌو ٻڌو چئي پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائي ٿو. فارسي تحرير انتهائي الذيذ آهي ۽ وچ تي عربي عبارتون، اقوال، حديثون ۽ قرآن جون آيتون به آڻي ٿو. هتي ڏنل رباعي اوڻهٺ سلوڪ ۾ ملي ٿي ۽ ان جي درست صورت هن ريت آهي:

نخشبي درميان مبين خود را
قطره را چو سيل مي داني
هر کسي در طفيل تو گذرد
گر تو خود را طفيل کس داني

 

[سلڪ السلوڪ، ص 71in India. P - 131- 133,  A History of Sufism]

ص 67 تا بجاروب لا.......... در سرائي الاالله

هيءُ شعر امام ربانيءَ جي تصنيفات مبدا معاد ۽ مڪتوبات ۾ ڪيترا دفعا اچي ٿو. اصل ۾ هيءُ شعر سنائي جو آهي.

[معارف السلطان الاولياء، ص 499]

ص 69 تفسير اسرارالتنزيل

تفسير انوارالتنزيل جيڪو تفسير بيضاوي جي نالي سان مشهور آهي. ان جو مصنف قاضي ناصرالدين عبدالله بن عمر آهي جيڪو شافعي هو. هن 685ھه ۾ وفات ڪئي. هي تفسير گھڻو مقبول رهيو آهي جنهن ڪري ان تي پوين عالمن گھڻيون شرحون ۽ حاشيا لکيا آهن.

[تاريخ التفسير - ص 42]

ص 69 ذکر گو ذکر ............. بذکر رحمان است

هي بيت خواجه پارسا ’رساله قدسيه‘ جي تشريح ڪندي نقل ڪيو آهي، جيڪو اڳتي هلي نقشبندي سلسلي ۾ خصوصي اهميت اختيار ڪري ويو ۽ اڪثر نقشبندي سلسلي جي مڪتوبات ۽ ملفوظات وغيره ۾ حوالي طور اچي ٿو. هي بيت گرهوڙي صاحب ’فتح الفضل‘ ۾ ۽ خواجه ابراهيم ساند ’مقولات تصوف‘ ۾ پڻ ڏنو آهي.

[معارف سلطان الاولياء، ص434]

ص 69 تفسير ڪشاف

هي مشهور تفسير آهي جنهن جو مصنف علامه جارالله محمود بن عمر الزمخشري خوارزمي (وفات 828ھ) آهي. هي تفسير معتزله عقائد مطابق آهي جنهن ڪري ان جي رد ڪد ۾ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا ويا ۽ ٻين تفسيرن ۾ ان جي خلاف ڪافي مواد ملي ٿو.

[تاريخ التفسير - ص 40]

ص 70 يارنهن ڪلما يا اصول

نقشبندي سلسلي وارن جا يارهن اصول يا ڪلما آهن جيڪي هن سلسلي جو بنياد آهن. اهي نقشبندي فڪر جي بنيادي ڪتابن ’رساله قدسيه‘ جيڪو بهاؤالدين نقشبند جي قولن جي تشريح آهي جيڪا سندس لائق فائق خليفي خواجه محمد پارسا جي تصنيف آهي، ان ۾ ملن ٿا. بلڪ اهي ان کان وڌيڪ تفصيلي طور ’رشحات عين الحيات‘ جيڪو نائين صديءَ ۾ نقشبندي مشاهيرن جي سوانح ۽ سندن اقوالن تي مشتمل تفصيل بيان ٿيل آهي. هتي انهن اصطلاحن جو جيڪو بيان ملي ٿو، اهو جيئن جو تيئن رشحات تان ورتل آهي. البت اتي انهن کي رشحه ڪري ڄاڻايو ويو آهي. رشحه لفظ جي لغوي معنيٰ آهي پاڻيءَ جا ڪرندڙ ڦڙا يا قطرا.

ص 70 اصول نقشبنديه

نقشبندي سلسلي جا يارهن بنيادي اصول يا اصطلاح يا ڪلمات آهن جيڪي خواجه بهاءَالدين نقشبند جي ملفوظات ’ڪلمات قدسيه‘ ۾ خواجه محمد پارسا بيان ڪيا آهن. اهي ساڳيا اصول ’رشحات ‘ ۾ پڻ ملن ٿا. هن ڪتاب جي مؤلف هي سڄو مواد جيئن جو تيئن رشحات تان ورتو آهي. اهي سڀ ساڳيا اشعار ۽ رباعيون وغيره رشحات ۾ ملن ٿيون.

بهرحال ان کان پوءِ اهي اصول نقشبندي ادب ۾ مرڪزي حيثيت طور اختيار ڪيا ويا آهن. جن جي تشريح ۽ توضيح ڪيترن ڪتابن ۾ ملي ٿي. هن سلسلي ۾ مولانا جامي پاڻ هڪ ننڍو رسالو ’سررشته طريقه خواجگان‘ پڻ لکيو جنهن ۾ پڻ هنن اصولن جي سمجھاڻي ملي ٿي.

تاريخي طور پهريان اٺ اصول خواجه عبدالخالق غجدواني (وفات: 493ھ) جي ايجاد آهن ۽ پويان ٽي خواجه نقشبند جا وضع ڪيل آهن. سنڌيءَ ۾ هن سلسلي ۾ مخدوم محمد ابراهيم بن مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ’هداية المريدين‘ ۾ انهن اصطلاحن جي نظم ۾ سمجھاڻي ڏني آهي. ان کان پوءِ حمل فقير لغاري (1225 - 1296) پڻ نظم ۾ انهن اصولن کي بيان ڪيو آهي.

ص 70 شيخ بهاءالدين نقشبند

اصل نالو محمد هو. وچ ايشيا (ترڪستان ماوارءِ النهر) جي تاريخي شهر بخارا ۾ پيدا ٿيو. هو نقشبندي طريقي ۾ خواجه امير ڪلال کان دست بيعت ٿيو، جنهن کيس ذڪر خفي جو درس ڏنو.  نقشبند ان ڪري چوندا اٿس جو روايت آهي ته هو ’يا الله‘ جو نقش دلين تي ويهاري ڇڏيندو هو. سندس فيض سان نقشبندي سلسلي کي غير معمولي مقبوليت ملي. هن ٻه حج ڪيا ۽ پوئين ڀيري خواجه محمد پارسا ساڻس گڏ هو، جنهن سندس ارشادات ”ڪلمات قدسيه“ تحرير ڪيا آهن، جن جي  مختصر شرح به لکندو ويو آهي. هن جا چار خليفا مشهور ٿيا (1) خواجه علاؤالدين عطار (2) خواجه محمد پارسا (3) خواجه علاؤالدين غجدواني (4) خواجه يعقوب چرخي. خواجه بهاءُالدين کي بخارا جي پسگردائيءَ ۾ رهائش واري جاءِ تي وفات کان پوءِ دفن ڪيو ويو. جنهن کي هينئر قصر عارفان چون ٿا.

خواجه بهاءَالدين نقشبند جي باري ۾ ٻيو ڪتاب ’انيس الطالبين‘ سندس ٻئي عقيدتمند صلاح بن مبارڪ بخاري (وفات 793) فارسيءَ ۾ تاليف ڪيو آهي. جيڪو پڻ ترڪيءَ مان فارسي متن سان گڏ 1996 ۾ شايع ٿيو آهي ۽ پاڪستان ۾ فارسي متن سان گڏ ان جو اردو ترجمو 2003 ۾ شايع ٿيو آهي.

مولانا جامي جيڪو پاڻ نقشبندي سلسلي سان وابسته هو. خواجه نقشبند سان عقيدت جو اظهار ڪندي هڪ هنڌ چوي ٿو:

سکه که در يثرب و بطحا زدند
نوبت آخر به بخارا زدند
از خط آن سکه نشد بهرہ مند
جز دل بي نقش شه نقشبند

نفحات الانس ۾ مولانا جامي خواجه نقشبند جي حياتيءَ جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته مرڻ وقت وصيت ڪئي هئائون ته سندس جنازي کي کڻي هلڻ وقت هي شعر پڙهندا هلجو:

مفلسانيم آمدہ درکوئي تو
شيئاً لله از جمال روي تو

[معنيٰ: اسان خالي هٿين تنهنجي ڳليءَ ۾ اچي پهتا آهيون. اسان کي پنهنجي سونهن جي صدقي بخشش ڪر.]                  [معارف، ص507]

ص 70 هوش در دم

هن عبارت جا الفاظ ٿوري ڦيرگھير ۽ اختصار سان رشحات مان ورتل آهن.

[رشحات - ص 38]

ص 71 رباعي: اي مانده ...... النفسين

هيءَ رباعي به رشحات ۾ ملي ٿي.

 [رشحات - ص 39]

ص 71 مولانا جامي شرح رباعيات جي آخر ........

هيءَ پوري عبارت جيئن جو تيئن رشحات ۾ موجود آهي، بلڪ ان تان ڏسي رباعي کي درست ڪري لکيو آهي. اسان هن عبارت کي مولانا جاميءَ جي ’شرح رباعيات‘ سان به مقابلو ڪري ڏٺو آهي.

 [رشحات - ص 40، شرح رباعيات - ص75]

ص 71 فوائح الجمال

شيخ نجم الدين ڪبريٰ (540-618ھ) جي عربيءَ ۾ تصنيف آهي نجم الدين ڪبريٰ اصل ۾ خوارزم جو هو ۽ 618ھ ۾ جڏهن منگولن خوارزم تي حملو ڪيو ۽ نجم الدين جا ڪجھه ساٿي سندس چوڻ تي شهر ڇڏي هليا ويا پر هو پاڻ اهو چئي ترسي پيو ته قضا کي ٽاري نٿو سگجھي. بلڪ چيائين ته توهان وڃو مان هتي شهيد ٿيندس ڇو ته مون کي هتان نڪرڻ جو حڪم ناهي. سندس اهي ساٿي جيڪي اتان روانا ٿي ويا انهن ۾ سعدالدين حموي ۽ شيخ رضي الدين علي لاله شامل آهن. منگول جڏهن شهر ۾ داخل ٿيا ته هي درويش پٿرن سان جھولي ڀري ٻئي هٿ ۾ نيزو کڻي ٻاهر آيو. آخر منگولن جي هڪ تير لڳڻ سان شهيد ٿي ويو.

شيخ جون ڪافي تصنيفات آهن جن ۾ قرآن پاڪ جو صوفيانه تفسير ’التاويلات النجميه التفسير الاشاري الصوفي‘ خاص طور قابل ذڪر آهي. جيڪو پهريون دفعو 2009 ۾ بيروت مان ڇهن جلدن ۾ شايع ٿيو آهي. شيخ جو ٻيو ڪتاب جنهن جو هتي حوالو ڏنل آهي ’فوائح الجمال و فواتح الجلال‘ آهي جيڪو سال 1993 ۾ پهريون دفعو قاهره مان شايع ٿيو آهي. سندس هڪ ننڍي ڪتاب ’الاصول العشره‘ جو اردو ۾ به ترجمو ٿيل آهي. اها عربي عبارت جنهن جو هتي ترجمو ڏنل آهي هن ريت آهي:

الذکر الجاري علي نفوس جميع الحيوانات

[فوائح الجمال- ص223، نفحات- ص656، الاصول العشر- اردو، ص 24]

ص 71 رباعي: ’ها غيب هويت آمد اي حرف شناس

هيءَ رباعي جيئن مؤلف شروع ۾ ٻڌايو ته شرح رباعيات جامي مان ورتل آهي. اسان ان کي اصل متن سان ڀيٽي درست لکيو آهي. فارسي عبارت جيڪا هن رباعي کان اڳ ۾ شيخ ابوالجناب نجم الدين ڪبريٰ سان شروع ڪئي آهي، جيئن جو تيئن رشحات تان ورتل آهي.

[شرح رباعيات جامي، ص 78 - رشحات، ص 56]

ص 72 ابو محمد رويم

هو ٽين صدي هجريءَ جو صوفي آهي. هن جو مختصر احوال ’ڪشف المحجوب‘ ۾ ملي ٿو. هو وڏو مفسر قرآن هو. آخري عمر ۾ اڪيلائي ۾ گذارڻ لڳو. هن جي باري ۾ وڏي صوفي جنيد بغداديءَ جو قول آهي: ”ما فارغان مشغوليم و رويم مشغول فارغ است“ يعني اسان فارغ ٿيڻ جي باوجود مشغول آهيون پر رويم مشغول هجڻ جي باوجود به فارغ هو.

سماع جي موضوع تي سندس هڪ ڪتاب ’غلط الواجدين‘ جو نالو ملي ٿو.

[ڪشف المحجوب - فارسي، ص 208]

ص 72 نظر بر قدم  

هيءَ عبارت به اتان ورتل آهي، بلڪ ابومحمد رويم جو قول جيڪو ڪاتب غلط لکيو هو ان کي پڻ درست ڪري لکيو آهي. ڪاتب هيئن لکيو هو: ادب المسافرين لاتجاوزالقدم

ص 141 ابوسعيد ابوالخير (357/ 440ھ)

هن جو پورو نالو فضل الله آهي. هو ابوالحسن خرقاني ۽ بوعلي سينا جو همعصر آهي ۽ روايتن موجب ٻنهي جي ملاقات به ٿي هئي. ابوسعيد بوعلي سان ملاقات کان پوءِ اهو وڏي معنيٰ وارو جملو چيو هو: ”آنچه را ومي داند، من مي بينم“ يعني جيڪي هو ڄاڻي ٿو، آءٌ اهو ڏسان پيو.

 سندس زندگي ۽ عارفانه اقوال بابت ڪتاب ’اسرار التوحيد‘ مشهور ومعروف آهي. جديد تحقيق موجب هن جي پنهنجي ڪا به تصنيف ۽ تاليف ڪونهي، ليڪن سندس عقيدتمندن هن جي باري ۾ گهڻو ڪجھه لکيو آهي. اسرار التوحيد جو مصنف منور بن ابن سعد بن ابي طاهر بن ابي سعيد آهي جيڪو ظاهر آهي ابوسعيد جي اولاد مان آهي. ابوسعيد سماع جو دلداده هو پنهنجي باقاعدي خانقاھ قائم ڪئي هئائين. ابوسعيد ابوالخير جي نالي سان ڪافي رباعيون مشهور آهن، ليڪن جديد تحقيق مطابق اهي سندس ناهن.

[اسرارالتوحيد، دکتر کدکني ص 1367، مقامات صوفيه اردو، ص R.A.Nichdson: Studies in Islamic Mysticism, P[58 -

ص 72 تحفة الاحرار مولانا جامي (817ھ - 898ھ)

مولانا جاميءَ جي مشهور مثنوي آهي جيڪا سندس ستن مثنوين هفت اورنگ ۾ شامل آهي. جاميءَ جي تصانيف جو تعداد لڳ ڀڳ پنجاھه آهي. هو هڪ ئي وقت نظم توڻي نثر ۾ يڪسان دسترس رکي ٿو. هن مثنويءَ جو آغاز چند نثري ڪلمات سان ڪري ٿو. هن مثنويءَ جو وزن بسم الله الرحمٰن الرحيم يعني مفتعلن مفتعلن فاعلن آهي. جاميءَ هي مثنوي فارسيءَ جي وڏي شاعر نظاميءَ جي مثنوي ’مخزن الاسرار‘ ۽ امير خسرو جي مثنوي ’مطلع الانوار‘ جي جواب ۾ لکي هئي.

مولانا جاميءَ نقشبندي سلسلي سان وابسته هو انهيءَ مناسبت سان هن مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ نقشبندي سلسلي جي باني خواجه محمد بهاءُالدين نقشبند جي هڪ منقبت موجود آهي ۽ ان جي پڄاڻي خواجه عبيدالله احرار (895/1490) جي لاءِ دعا تي ختم ٿئي ٿي. جامي هونئن ته سعدالدين ڪاشغريءَ کان بيعت هو پر خواجه عبيدالله احرار لاءِ کيس وڏي عقيدت هئي ۽ انهيءَ جي نالي سان هيءَ مثنوي منسوب ڪئي اٿس. هن مثنويءَ ۾ نصيحت آميز حڪايتون شامل آهن جنهن ڪري ڪتاب دلچسپ آهي.

سنڌ هند ۾ جاميءَ جي تصنيفن کي گهڻي مقبوليت حاصل رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ هن مثنويءَ جو منظوم ترجمو ڪيو هو جيڪو بلوٽسڪي پريس، حيدرآباد مان ويهين صديءَ جي شروع ۾ شايع ٿيو. قليچ ان جي ترجمي ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو:

قطرو ڪريو ان مان سو پيتو قليچ
تنهن کي سخن سنج ڪيو انجي پيچ
سو سندو جاميءَ مترجم ٿيو
هي متعلم هو معلم ٿيو

هتي آندل بيت بهاءَالدين نقشبند جي منقبت ۾ اچن ٿا. ليڪن قليچ انهن جو ترجمو نه ڪيو آهي. هونئن به قليچ جو ترجمو شبستريءَ جي ’گلشن راز‘ وانگر منتخب منظوم ترجمو آهي.

[مثنوي هفت اورنگ- ص 383، مثنوي تحفة الاحرار. سنڌي ص ؟]

ص 72 کم زده بي همدمي ........ نظرش از قدم

         بس که از خود ......... قدمش از نظر

مولانا جاميءَ جا ’تحفة الاحرار‘ ۾ اهي ٻئي بيت به انهيءَ رشحات ۾ ملن ٿا. اسان انهن کي ’تحفة الاحرار‘ مثنويءَ ۾ به ڏٺو آهي.

[رشحات - ص 41]

ص 73 سفر در وطن

هيءَ پوري عبارت ۽ شعر به ساڳيءَ ريت رشحات ۾ ملن ٿا.

[رشحات - ص 42]

ص 74 اشعة اللمعات

هيءَ ڪتاب فخرالدين عراقيءَ جي تصنيف ’لمعات‘ جي شرح آهي. عراقي ابن عربيءَ جي فڪر جو شارح هو ۽ هن اهي لمعات ان لحاظ کان فارسيءَ ۾ تصنيف ڪيا هئا. انهن جي شرح وري مولانا جامي ابن عربيءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪئي آهي. اها هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته مولانا جامي ابن عربيءَ جي فڪر جو وڏو شارح هو. سندس ڪتاب ’لوائح‘ پڻ ان لحاظ کان ابن عربيءَ جي فڪر جي فارسي رباعين ۽ اعليٰ فارسي نثر ۾ مختصر سمجھاڻي آهي. حامد ربانيءَ جو خيال آهي ته عراقي لمعات ۾ امام غزاليءَ جي ڀاءُ احمد غزاليءَ جي تصنيف ’سوانح‘ جو تتبع ڪيو آهي يعني ان طرز تي اهو ڪتاب لکيو اٿس. هتي حضرت مخدوميءَ مان مراد مولانا جامي آهي.

[اشعة اللمعات - حامد رباني، ص 12]

ص 73 عوارف المعارف

ڇهين صديءَ جي مشهور صوفي ۽ سهروردي سلسلي جي وڏي بزرگ شهاب الدين سهروردي (539 - 632) جي عربي تصنيف آهي. عوارف المعارف 560ھ جي تصنيف آهي. اهو تصوف بابت هڪ مڪمل ڪتاب آهي، جنهن ۾ صوفين جي اخلاق، عبادات، آداب، مڪاشفات، مقامات ۽ احوال وغيره کي عام فهم انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. دنيا جي ڪيترين زبانن ۾ ان جو ترجمو ٿيل آهي. تانجو سنڌيءَ ۾ به ان جا ٻه ترجما موجود آهن. برصغير ۾ صوفين وٽ هن ڪتاب کي درسي ڪتاب جي حيثيت حاصل رهي آهي. جيئن تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو ته نظام الدين اولياء ان جا ڪجھه سبق پنهنجي مرشد بابا فريدالدين گنج شڪر وٽ پڙهيا هئا. مطلب ته عوارف کي وڏن صوفين وٽ دستورالعمل جي حيثيت حاصل رهي آهي.

[عوارف المعارف، مقدمه شمس بريلوي ص 55- 50، منتخب التواريخ اردو - بدايوني ص 573]

ص 74 خلوت درانجمن

هيءَ عبارت به ساڳيءَ ريت رشحات ۾ موجود آهي.

[رشحات - ص 43]

ص 75 سعد الدين ڪاشغري (وفات 860ھ)

هو مولانا جاميءَ جو مرشد آهي ۽ هن سندس احوال ’نفحات الانس‘ ۾ ڏنو آهي. ان کانسواءِ ڪتاب ’رشحات عين الحيات‘ موجب مولانا جامي سعدالدين جي صحبت مان گهڻو ڪجھه پرايو ۽ ڪافي وقت ان سان گڏ رهيو بلڪ سندس وصال بعد مسند رشاد پڻ سنڀاليائين.

[رشحات - اردو، ص 247 - 248، نفحات - اردو، ص 35 رشحات فارسي، ص 205)

ص 75 از درونِ شو آشنا ........ مي بود اندر جھان

مولانا جامي هن کي مولانا روميءَ جو شعر ٻڌائي ٿو. خواجه هدايت الله جيئپوري نقشبندي هن بيت کي خواجه عزيزان نقشبندي ڏانهن منسوب ڪري ٿو.

[ نفحات الانس، اردو، ص622، انيس الطالبين اردو،ص 73، معيار السلوڪ، ص 63]

ص 75 خواجه ڪبير

رشحات ۾ هن جو ذڪر ملي ٿو

[رشحات فارسي - ص 37]

ص 75 ياد کرد

ذڪر جو هي سمورو طريقو رشحات ۾ سعدالدين ڪاشغريءَ جي حوالي سان ملي ٿو.

[رشحات - ص 44]

ص 77 مولانا قاسم

هو خواجه عبيدالله احرار جو خاص مريد هو. هن بابت ذڪر پڻ رشحات ۾ ملي ٿو.          [رشحات فارسي - ص 602]

ص 76 باز گشت ۽ نگاه داشت

باز گشت جي احوال کي مختصر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح نگاه داشت مان ابن عربي ۽ خواجه محمد علي حڪيم ترمذيءَ جا حوالا ڇڏي ڏنل آهن.                                          [رشحات - ص 45 ۽ 44]

ص 78 ياد داشت ۽ وقوف زماني

رشحات ۾ بلڪل ساڳي عبارت ملي ٿي.

[رشحات - ص 46 ۽ 48]

ص 78 مولانا يعقوب ڪرخي (چرخي) وفات 851ھ/

هو خواجه نقشبند جي ممتاز خليفن مان آهي. هڪ ننڍي رسالي ’اُنسيه‘ ۾ خواجه جا ڪجھ ملفوظات مخصوص ڪيا اٿس. خواجه نقشبند جي وفات بعد خواجه علاؤالدين عطار جي خدمت ۾ ڪيترا سال گذاريائين. خواجه عبيدالله احرار وري سندس عقيدتمند هو. رسالو اُنسيه جو الڳ اردو ترجمو ڇپيل آهي.

[رسائل نقشبنديه ص 103]

ص 78 وقوف عددي

هن صفحي تي يا ان کان اڳ آيل سمورو مواد ٻه رباعيون رشحات مان ورتل آهي. جتي ساڳئي عنوان تحت اهو ذڪر ملي ٿو. البت هتي هڪ فارسي بيت ڇڏي ڏنو ويو آهي، جيڪو اسين هتي ڏئي ڇڏيون ٿا.

اعداد کون و صورت کثرت نمايشي است
فالکل واحد يتجلي بکل شان

[رشحات فارسي ص 48]

ص 78 خواجه علاؤالدين عطار (وفات 795ھ)

هو بخارا ۾ خواجه نقشبند بهاءُالدين جي صحبت ۾ ڪافي وقت رهيو ۽ ان کان ئي نقشبندي طريقي ۾ تلقين ورتائين. رشحات ۾ سندس ڪيترائي اقوال ۽ سخن بيان ٿيل آهن.

[رشحات - ص 160]

ص 79 قطعه: کثرت چو نيک در نگري .......

 هيءَ رباعي اسان هتي رشحات تان مقابلو ڪري درست ڪري لکي آهي.

[رشحات - ص 49]

ص 79 رباعي: در مذهب اهل کشف ..........

هيءَ رباعي شرح رباعيات جاميءَ ۾ ملي ٿي. هونئن اها بلڪل مٿين رباعي سان گڏ رشحات ۾ پڻ آيل آهي.

[رشحات، ص 65

ص 79 شرح رباعيات

هي تمام ننڍو رسالو آهي جنهن ۾ اصل خواجه باقي بالله جون ٻه رباعيون شامل آهن جن جي شرح هن پاڻ لکي هئي. ليڪن انهن جي شرح جي شرح وري شيخ احمد سرهنديءَ لکي. هن مختصر ڪتاب ۾ سرهندي ابن عربيءَ جي وجودي نظريي تي تنقيد ڪندي شهودي نظريي جي سمجھاڻي ڏني آهي. هن سلسلي ۾ هو چوي ٿو: منهنجو چوڻ آهي ته ’همہ اوست‘ مان مراد هن (ذات خداوندي) جي ظهور جا مختلف اعتبار آهن باقي اهي سڀ درحقيقت هن جو عين ناهن ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سڀ مظهر يا مظاهر هن (الله تعاليٰ) جا آهن. ان لحاظ سان ’همہ اوست‘ ۽ ’همہ ازوست‘ جي معنيٰ ساڳي آهي لفظن ۾ فرق فقط ڏسڻ جو آهي.

[شرح رباعيات - ڪراچي ص 84]

ص 80 وقوف قلبي

هتي ڪجھ عبارت وچ مان حذف ڪيل آهي، البت آخر ۾ ساڳيو شعر اچي ٿو.

[رشحات - 63]

ص 80 خواجه نقشبندي جي ذڪر ۾ ساھه بند ڪرڻ بابت راءِ

ياد رهي ته خواجه بهاءُالدين نقشبند جي پنهنجي ڪا به تصنيف ڪونهي، البت سندس اقوالن کي خاص خليفي خواجه محمد پارسا رساله ’قدسيه‘ جي نالي سان مرتب ڪيو. جنهن ۾ هو پهريائين خواجه نقشبند جا چيده الفاظ پيش ڪري پوءِ انهن جي تشريح ڪري ٿو. هي قول رشحات ۾ ملي ٿو. گويا هن ڪتاب جي مؤلف وٽ اهو ڪتاب هر وقت سامهون هيو جنهن مان استفادو ڪيو اٿس.

[رساله قدسيه - ص 150، ڪلمات قدسيه اردو ترجمو علي نواز جتوئي ص 43]

ص 80 مانند مرغي باش هان بر بيضئه دل پاسبان

هن شعر کان پوءِ رشحات ۾ خواجه احمد صديق ۽ خواجه اوليا ڪبير جي احوال کي ڇڏي، وري اڳتي خواجه علاؤالدين کان شروع ڪيو ويو آهي ۽ هن فارسي شعر تي اهو مواد پورو ٿئي ٿو.

چون بغايت تيز شد اين جو روان

[رشحات عين الحيات ص 53]

ص 83 اِنَّ فِي جَسَدِ بَنِي آدمَ لَمُضغَة ....... فَسدَ الجَسدَ کُلّہٗ

         امام غزالي ’احياء‘ ۾، نجم الدين رازي ’مرصاد‘ ۾ ۽ شيخ عبدالقادر جيلاني ’فتح الرباني‘ ۾ پڻ هن کي حديث ڄاڻايو آهي.

[منهاج المعرفت، ص 287] 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org