سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تلقين السالڪين

باب:

صفحو:3 

ٽيون ڪتاب ’اخبارالاخيار‘ آهي جيڪو هر وقت مؤلف جي آڏو رهيو آهي جنهن مان گهڻو استفادو ڪيو اٿس. گنجينئه جھان نما جي شروعات ۾ ئي ان کي ماخذ تسليم ڪري ٿو. هن جي مشهور صوفين ۽ مشائخن جو احوال گهڻي ڀاڱي ان ڪتاب تان ورتل آهي. تقريباً اهو ساڳيو مواد وري ’تلقين السالڪين‘ ۾ به آندو اٿس. بلڪ جھان نما ۾ ان جي ترتيب ان ڪري واضح آهي ته اتي مختلف سلسلن ۽ صدين جي حوالي سان اهو ذڪر ملي ٿو ۽ انهن جا نالا به آهن. ليڪن تلقين السالڪين ۾ اندر ڪٿي ڪٿي موضوع جي مناسبت سان اخبارالاخيار وارو مواد ڏئي وڃي ٿو ۽ انهن صوفين جا نالا نٿو کڻي. بهرحال اسان انهيءَ سموري مواد جي نشاندهي حاشين ۾ ڪري ڇڏي آهي جيڪو اخبارالاخيار تان جيئن جو تيئن آندو اٿس. مثلاً هن ڪتاب ۾ ’رساله شطاريه‘ جي حوالي سان جيڪو مواد 72- 73 صفحن تي آهي اهو اخبارالاخيار ۾ شيخ بهاءَالدين شطاريءَ جي احوال تان ورتو اٿس، ليڪن شيخ بهاءَالدين جو نالو ڪٿي به ڪو نه آندو اٿس. اهڙيءَ طرح وري 83 کان 85 صفحن تي مواد پڻ ساڳئي هنڌان ورتل آهي، ليڪن هڪ ٻن هنڌن تي نالا به ڏئي ٿو. جيئن ص 99 تي شيخ برهان جو قول لکي ٻڌائي ٿو ته اهو اخبارالاخيار ۾ ملي ٿو. هن ڪتاب جي صفحي 140 کان 142 تائين ’ڄاڻ ته جيڪو عالم مدرڪ‘ کان الله تعاليٰ جي صفات بابت رباعي آهي اهو مواد شيخ محمد حسن جي مڪتوبات ۾ آهي ۽ اهو مواد اخبارالاخيار تان ورتل آهي پر هن ڪتاب ۾ اهڙي ڪا نشاندهي ڪونه ٿي ملي. ساڳيءَ ريت هن ڪتاب جي 83 کان 85 صفحن تي جيڪو مواد آهي اهو سمورو شيخ بهاءُالدين شطاريءَ جي عنوان هيٺ اخبارالاخيار ۾ ملي ٿو.

هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ گهڻي ۾ گهڻو مواد جيڪو آندو ويو آهي اهو ’رساله عشقيه‘ تان ورتل آهي ۽ اهو سمورو مواد هن ڪتاب جي صفحي 108 کان 138 تائين يعني 30 صفحن تي ڦهليل آهي. اهو مواد جيئن جو تيئن گنجينئه جھان نما ۾ ڏنل آهي. تلقين السالڪين ۾ اهو ڪونه ٻڌايو اٿس ته اهو مواد ڪٿان آندل آهي، ليڪن گنجينئه جھان نما ۾ اها وضاحت ملي ٿي ته اهو مواد رساله عشقيه جو آهي جنهن جو مصنف شيخ عبدالعزيز آهي. جيئن اسان حاشين ۾ به وضاحت ڪئي آهي ته شيخ عبدالعزيز جو مختصر احوال اخبارالاخيار ۾ ملي ٿو پر اتي رساله عشقيه جو حوالو ڪونه ٿو ملي. رساله عشقيه نادر الوجود مسودو معلوم ٿئي ٿو ۽ ان جو هڪ نسخو پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي، ليڪن مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان ۾ به ان جو ڪو نسخو ڪونهي.

بهرحال هتي ’رساله عشقيه‘ جي حوالي سان آيل سمورو مواد جڏهن اوچتو مير ولي الدين جي تصنيف ’رموز عشق‘ ۾ نظر آيو ته اتي اها وضاحت پڻ ملي ته اهو عشقيه وارو مواد دراصل ڪتاب ’صحائف السلوڪ‘ ۾ آهي جيڪو شيخ نصيرالدين محمد چراغ دهلويءَ ڏانهن منسوب آهي. اهو ڪتاب فارسيءَ ۾ اڻويهن صديءَ جي آخر ۾ هندستان ۾ ڇپيو هو ۽ اهو ڪتاب مرڪز تحقيقات ايران پاڪستان ۾ موجود آهي جتان ان جي فوٽو ڪاپي حاصل ڪئي وئي. هتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته صحائف السلوڪ ۾ انهيءَ مواد سان وڌيڪ عربي اشعار ۽ ٻيون عبارتون به آهن جيڪي رساله عشقيه ۾ ڪونهن. هتي اسان عشقيه وارو مواد رموز عشق ۽ صحائف السلوڪ سان ڀيٽي درست ڪيو جنهن سان گھڻي مدد ملي ڇو ته تلقين السالڪين جي صرف هڪ نسخي هجڻ سبب ان جي درست پڙهڻين ۾ گهڻا مسئلا ٿي رهيا هئا.

ماخذن جي سلسلي ۾ اهم مڪتوبات شيخ عبدالقادر جيلاني پڻ آهن. قادري سلسلي جو باني ۽ سندس تصنيفات سنڌ هند ۾ ڪنهن تعارف جون محتاج ناهن. سندس مشهور تصنيفات ۾ ’فتوح الغيب‘، ’فتح الرباني‘، ’فيض رباني‘، ’غنية الطالبين‘، ’قلائد الجواهر‘، ’جلاءَ الخواطر‘، ’سرالاسرار‘، ’الهامات غوث‘، ’قصيده غوثيه‘ ۽ ڪجھه عربي فارسي نظم اچي وڃن ٿا.

شيخ عبدالحق محدث دهلوي پنهنجي مشهور تصنيف ’اخبارالاخيار‘ جنهن ۾ هن هند جي صوفين ۽ مشائخن جو احوال ڏنو آهي، ان جي شروعات شيخ عبدالقادر جيلانيءَ سان ڪري ٿو. انهيءَ ڪتاب ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جا ٽي خط فارسيءَ ۾ ڏنا آهن. مخدوم محمد عاقل ’گنجينئه جھان نما‘ ۾ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو سمورو احوال اخبارالاخيار وارو نقل ڪيو آهي ۽ آخر ۾ صرف هڪ مڪتوب ڏنو آهي. ليڪن ساڳئي وقت ٻڌائي ٿو ته ٻيا خط ’اخبارالاخيار‘ ۾ موجود آهن ۽ اسان اهي خط پنهنجي موجوده ڪتاب ’تلقين السالڪين في آداب السلوڪ‘ ۾ ڏنا آهن. تاهم هتي اها وضاحت ضروري آهي ته ’اخبارالاخيار‘ ۾ ڪل ٽي خط آهن ۽ هن ڪتاب ۾ ڪل پنج خط ڏنا ويا آهن جن لاءِ مخدوم صاحب اهو اشارو ڏنو آهي ته اهي شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي ملفوظات سان گڏ آيل آهن.

اسان جڏهن هنن خطن يعني مڪتوبات جو پيرو کنيو ته پتو پيو ته اهي ڪل پندرهن خط آهن ۽ خوش قسمتيءَ سان انهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو 1997 ۾ ٿيو آهي ۽ اهو ڪتابڙو اسلام آباد ۾ مليو هو. انهيءَ ڪتاب جي مٿان اها وضاحت موجود آهي ته اصل عربي ۾ مڪاتبات جو فارسي ترجمو علي حسام الدين متقيءَ ڪيو هو ۽ اهو انگريزي ترجمو فارسي مڪاتبات تان ٿيل آهي. انگريزي مترجم جو نالو محتار هالند آهي.

وڌيڪ کوجنا ڪندي معلوم ٿيو ته تازو اهي پندرهن عربي مڪاتبات شرح سميت بيروت مان سيد ميعاد شرف الدين جيلانيءَ ايڊٽ ڪري شايع ڪرايا آهن. اهو ڪتاب ڊاڪٽر محمد ادريس سنڌي مهيا ڪري ڏنو. ان ڪتاب ۾ اها وضاحت ملي ٿي ته انهن جو  هڪڙو ماخذ ترڪيءَ ۾ سليمانيه مسجد وارو مخطوطو آهي ۽ ٻيو هڪ عڪس ڏئي ٻڌايو ويو آهي ته اهي پندرهن مڪاتبات 1306ھ ۾ مصر مان ظهيرالدين قادريءَ جي ڪاوش سان ’فتح المبين‘ نالي ڪتاب سان گڏ ڇپيا هئا، جنهن ۾ اهو اعتراف ڪيل آهي ته اصل اهي فارسيءَ ۾ هئا.

هتي قابل ذڪر ڳالھه اها آهي ته هن ڪتاب جي مؤلف وٽ گهڻو ڪري اهي پندرهن ئي فارسي مڪتوبات موجود هئا جن مان پنج ’تلقين السالڪين‘ ۾ ڏنا اٿس ڇو ته ’اخبارالاخيار‘ ۾ صرف ٽي خط ملن ٿا جيڪي پڻ هتي آندائين.

هن ڪتاب جي آخر ۾ شيخ مظفر بلخيءَ جي مڪتوبات مان پڻ ڪيترائي اقتباس پيش ڪيا ويا آهن ۽ ان جو ماخذ پڻ ’اخبارالاخيار‘ آهي. ڪهڙو ٽڪرو ڪهڙي مڪتوبات مان ورتل آهي ان جو تفصيل حاشين ۾ ڏنل آهي.

شيخ عبدالحق جي لکڻ موجب شيخ شرف الدين احمد منيري (685-756) جيڪو هندستان ۾ سلسله ’فردوسيه‘ جو باني آهي، اهو پنهنجي لاجواب فصيح ۽ بليغ مڪتوبات ’دو صدي‘ ۽ ’يکه صدي‘ سبب گهڻو مشهور آهي. شيخ مظفر بلخي هن جو خاص رازدار خليفو هو ۽ هو پاڻ به صاحب حال هو. مشهور روايت موجب شيخ شرف الدين ڪجھه اهڙا مڪتوب مظفر بلخيءَ ڏانهن لکيا هئا جن لاءِ مظفر بلخيءَ جو چوڻ هو ته اهي سندس موت کانپوءِ ساڻس گڏ دفن ڪيا وڃن ۽ ظاهر نه ڪيا وڃن. ليڪن شيخ جي موت بعد 28 اهڙا خط مليا جيڪي شايد پورجڻ کان رهجي ويا. انهن خطن جا اقتباس جن ۾ اي ڀاءُ وارو انداز ملي ٿو ’اخبارالاخيار‘ ۾ پڻ ملن ٿا. مظفر بلخيءَ جو احوال مشهور تذڪرن ’مرأة الاسرار‘ ۾ به ملي ٿو جتي اٺاويهن مان صرف پهريهن خط جو اقتباس ملي ٿو. البت مظفر بلخيءَ جو تفصيلي احوال ۽ سندس پهريون خط مڪمل صورت ۾ ’ثمرات القدس‘ ۾ ملي ٿو.

مخدوم محمد عاقل هميشہ وانگر پهرين مظفر بلخيءَ جو احوال ’گنجينئه جھان نما‘ ۾ ڏنو آهي ۽ پوءِ تقريباً ساڳيو احوال ’تلقين السالڪين‘ ۾ ڏنو آهي يا جيڪڏهن تلقين السالڪين کي پهرين تصنيف تسليم ڪجي ته اهو ساڳيو احوال وري گنجينئه جهان نما ۾ ملي ٿو. بهرحال هينئر انهن اٺاويهن خطن جو اردو ترجمو موجود آهي جيڪو پهريائين هندستان ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان ٽيون دفعو 2003 ۾ شايع ٿيو آهي جيڪو اسان جي آڏو آهي. مخدوم صاحب جو سمورو مواد ’اخبارالاخيار‘ وارو ساڳيو آهي. حالانڪ ’ثمرات القدس‘ جي پهرين خط ۾ ڪجھه عربي عبارتن وارو مواد وڌيڪ آهي.

آخر ۾ هن ڪتاب ۾ صوفيانه اصطلاحن يا رمزن ۽ ڪناين کي جيڪي شعر و شاعريءَ ۾ خاص طور استعمال ٿين ٿا، انهن جي سمجھاڻي ۽ اصلي مفهوم ڏنو ويو آهي. اهو پنهنجي جڳھه تي هڪ اهم موضوع آهي جنهن ۾ مصنف خاص طور حافظ شيرازيءَ جي شاعريءَ کي مد نظر رکيو آهي. هتي اسان جيئن ڪتاب جي حاشين ۾ وضاحت ڪئي آهي ته انهن لفظن جي اصطلاحي معنيٰ جو هڪ اهم ماخذ ’توضيح اصطلاحات صوفيه‘ آهي جيڪو خواجه محمد پارسا ڏانهن منسوب آهي ۽ انهن جي روايت خواجه علاؤالدين عطار ذريعي خواجه بهاءُالدين نقشبند تائين ملي ٿي. بهرحال هتي مخدوم محمد عاقل تمام گهڻن لفظن جي اهڙي اصطلاحي معنيٰ ڏني آهي جنهن مان لڳي ٿو ته وٽس ڪو ٻيو ماخذ يا ڪتاب به موجود هو.

مير علي مراد

مخدوم محمد عاقل هن ڪتاب توڻي ’آئينه جھان نما‘ ۽ ’رياض المحافل‘ جي شروعات ۾ مير علي مراد خيرپور رياست جي حڪمران جو چڱو ذڪر ڪيو آهي ان ڪري مناسب آهي ته سندس ممدوح مير علي مراد جو ڪجھه احوال پيش ڪجي.

سال 1199/1784 ۾ هالاڻيءَ جي لڙائي جي نتيجي ۾ ڪلهوڙن جي هار ٿي ۽ مير سنڌ جا حڪمران ٿيا. فاتح سنڌ مير فتح علي حيدرآباد ۾ ميرن جي چوياري قائم ڪري حڪومت ڪرڻ لڳو. جڏهن ته خيرپور ۽ ان سان لاڳو علائقا مير سهراب خان جي حوالي ڪيائين. مير سهراب ڪل ويھه سال حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي جيئري حڪومت پنهنجن ٽن پٽن کي 1811 ۾ حوالي ڪئي ۽ وڏي پٽ مير رستم کي پڳدار ظاهر ڪيائين. سال 1815 ۾ مير سهراب کي ٽيون پٽ مير علي مراد ڄائو جنهن کي پنهنجي وڏي عمر هئڻ سبب ٻئي وڏي پٽ مير مبارڪ جي سنڀال هيٺ ڇڏيائين. مير سهراب زندگيءَ جا پويان ڏينهن پنهنجي ٺهرايل ڪوٽ ڏيجي قلعي ۾ گذارڻ لڳو جتي 1830 ۾ ڇت تان ڪري فوت ٿي ويو. اڳتي هلي مير رستم خان جو ڀائرن سان ملڪيت تي تنازعو پيدا ٿيو. خاص ڪري مير علي مراد جنهن جي دل ۾ ٻنهي وڏن ڀائرن خلاف نفرت پيدا ٿي جو هن سمجھيو ته هو سندس حصي تي به قابض آهن. خانداني اختلافن ڪجھه وقت ۾ ئي وڏو رنگ لاتو، جنهن ڪري 15 سيپٽمبر 1842 تي مير رستم خان ۽ مير علي مراد جي وچ ۾ ’نونهار‘ جي لڙائي ٿي جنهن ۾ مير علي مراد ڪامياب ٿيو.

آخر صلح جي اها صورت نڪتي جو نونهار جي عهدنامي موجب مير رستم ۽ سندس ڌر وارن چٽيءَ طور نوَ ديهون لکي مير علي مراد جي حوالي ڪيون. مرزا قليچ بيگ ان فارسي صلح نامي جو متن ۽ سنڌي ترجمو ٻئي پنهنجي تاريخ ۾ ڏنا آهن. جيئن چيو وڃي ٿو ته ظاهري طور ٻنهي ڌرين ۾ ٺاھه تي ويو پر سندن دليون صاف ڪو نه ٿيون.

اهو زمانو هو جڏهن انگريز پنجاب ۽ سنڌ کان سواءِ پوري هندستان تي قابض ٿي چڪا هئا ۽ هاڻي سندن اکيون سنڌ ۾ کُتل هيون. سنڌ تي ميرن جي حڪومت جي شروعات سان ئي انگريزن ۽ ميرن ۾ دوستيءَ ۽ واپار جا معاهدا ٿيڻ لڳا. اهڙو پهريون معاهدو 1809 ۾ ٿيو ۽ ان کانپوءِ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا معاهدا ٿيا. سال 1832ھ ۾ چوٿين معاهدي موجب جيڪو حيدرآباد جي ميرن سان الڳ ۽ خيرپور جي مير رستم خان سان الڳ ڪيو ويو ان ۾ خاص ڳالھه واپار ۽ هڪ ٻئي وٽ سفيرن مقرر ڪرڻ بابت هئي. ليڪن 1839 ۾ مير رستم خان سان جيڪو معاهدو ڪيو ويو تنهن ۾ اهو لکيو ويو ته ڪمپني حڪومت گاديءَ جي هنڌ خيرپور جي حفاظت ڪندي ۽ ضميمي ۾ اهو به شامل ڪيو ويو ته ضرورت جي وقت انگريز بکر جو قلعو پنهنجي استعمال ۾ آڻي سگهندا. هن ضميمي ۾ پهريون دفعو مير رستم جي ننڍي ۽ مير علي مراد جي وڏي ڀاءُ مير مبارڪ جو نالو آيو. تاريخ 3 فبروري 1839 تي ٿيل معاهدي جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ کي بوقت ضرورت انگريزن جي حوالي ڪرڻ جي شق شامل هئي جنهن جو مول مقصد واپاري سهوليتون حاصل ڪرڻ هو. 5 فبروري جي معاهدي موجب سنڌ ۾ انگريزي فوج جي ڇانوڻين جي اجازت ڏني وئي بلڪ ان فوج جي خرچ لاءِ ساليانو ٽي لک رپيا ميرن مٿان رکيا ويا. 1842 ۾ جيڪو آخري معاهدو ٿيڻو هو ان موجب انگريز حڪومت ميرن لاءِ سڪا تيار ڪندي جن جي هڪ طرف انگلينڊ جي بادشاھه جي تصوير ۽ ٻئي پاسي حيدرآباد جي ميرن جي لکت هوندي. اهو وقت هو جڏهن چارلس نيپئر کي سڀ اختيار ڏئي سنڌ ۾ موڪليو ويو هو. جنهن ڪري معاهدي ۾ هن جي نالي اهو اختيار ڄاڻايو ويو ته جڏهن به هو چاهيندو ته ڪراچي ۽ ٺٽي کي انگريز سرڪار جي حوالي ڪيو ويندو. انهيءَ 4 نومبر 1842 واري معاهدي موجب خيرپور جي ميرن تي اهو واضح ڪيو ويو ته سکر شهر بکر جو ٻيٽ ۽ قلعو وغيره نيپئر جي مرضيءَ مطابق استعمال ٿيندا. وڏي ڳالھه ته انگريزن انهيءَ معاهدي مطابق سبزل ڪوٽ ۽ بهاولپور سان ٻيون ملحق ايراضيون هميشہ لاءِ بهاولپور جي نواب کي ڏيڻيون ڪيون ڇو ته اهو انگريزن جو دوست هو.

بهرحال انهن سڀني معاهدن ۾ انگريز ميرن سان دوستيءَ جو اقرار ڪندا رهيا ۽ ميرن کي حاڪم تسليم ڪندا رهيا. ليڪن پويون معاهدو جيڪو خودڪشيءَ برابر هو، مير صاحبان ان لاءِ ٻڏتر ۾ هئا ۽ هوڏانهن نيپئر يا انگريز ان معاهدي کي نافذ ڪرڻ لاءِ بضد هئا.

1842 جي آخر ۾ جڏهن نيپئر سکر ۾ ترسيل هو ته مير علي مراد جيڪو اڳئي انگريزن جي نمائندي مسٽر بيل سان رابطي ۾ رهندو هو، نيپئر جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. بلڪ پنهنجي وڏي ڀاءُ مير رستم خلاف شڪايت ڪيائين ته هو پنهنجي پٽ کي راڄ جو مالڪ بنائڻ گهري ٿو. مير رستم خان کي جڏهن نيپئر سان مير علي مراد جي اهڙن تعلقات جي خبر پئي ته هن پاڻ نيپئر کي فيصلي ڪرڻ لاءِ چيو پر نيپئر اهو چئي ڇڏيو ته توهان ڀائر پاڻ ۾ راضي نامو ڪريو.

منشي عطا محمد شڪارپوري جيڪو نه صرف همعصر تاريخ نويس بلڪ گهڻن واقعن جو اکين ڏٺو شاهد آهي، تنهن تاريخ ’تازه نوائي معارڪ‘ ۾ سڀني ميرن خاص طور مير علي مراد جي ڪردار تي گھڻي روشني وڌي آهي. هو لکي ٿو ته 1842 ۾ افغانستان ۾ انگريزن جي تاريخي شڪست بعد هنن جون نظرون سنڌ تي هيون ته ان تي ڪهڙيءَ ريت قبضو ڪرڻو آهي ۽ هن ڪم لاءِ هنن چالاڪ ۽ مڪار جرنيل نيپئر کي اها ذميواري ڏني هئي. هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن نيپئر بکر جي قلعي ۾ براجمان هو ته مير علي مراد سندس خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ هنن جي هر فرمائش پوري ڪندو رهيو. پئسا ڏوڪڙ، اٺ گهوڙا ۽ قيمتي تحفا به ڏيندو رهيو. اٽلو پاڻ انگريزن جي باري ۾ پنهنجي ڀائرن کي ڊيڄاريندو ۽ نصيحتون ڪندو آيو ته هنن جي ڳالھه مڃي وڃي.

دراصل نونهار جي عهدنامي ۽ خاص طور چارلس نيپئر جي سکر ۾ آمد کانپوءِ جيترو مير علي مراد انگريزن جي ويجهو ٿيندو ويو ايترو ئي مير رستم خان انگريزن کان پري ٿيندو ويو. ان جو هڪڙو سبب اهو به هو ته مير رستم توڙي سندس وزير فتح محمد غوري دلي طور انگريزن جي خلاف هئا جڏهن ته مير علي مراد ۽ سندس وزير شيخ حسن علي دلي طور انگريزن جا حمايتي هئا. انهيءَ صورتحال ۾ مير علي مراد نيپئر جو خاص معتمد بنجي ويو ۽ مير رستم خان تي زور رکيائين ته نيپئر سان نئون معاهدو دستخط ڪري، مير رستم خان ان باري ۾ حيدرآباد جي ميرن جي انتظار ۾ هو. بهرحال هو ان سلسلي ۾ سخت ٻڏتر جو شڪار هو ۽ ايتريقدر جو سندس پٽ به ساڻس متفق نه پئي ٿيا. جيئن چيو وڃي ٿو ته هڪ رات هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير علي مراد وٽ هلي آيو ۽ قرآن تي پنهنجي پڳ ۽ ملڪ کيس لکي ڏنائين ۽ پاڻ خيرپور جي ٿر يعني ريگستان جي قلعي امام ڳڙھه ڏانهن نڪري ويو.

انگريزن ۽ ميرن درميان اها ڪشمڪش هلندڙ هئي جنهن ۾ چارلس نيپئر جي چال هئي ته جلد کان جلد نئون معاهدو عمل هيٺ اچي ۽ مير ان تي صحيحون ڪن. هوڏانهن مير ان ۾ دير ڪرڻ جي حق ۾ هئا بلڪ هو ان کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. هڪ لحاظ کان مير ان سوچ ۾ هئا ته سياري جي گذرڻ کان پوءِ گرميءَ جي مند ۾ انگريزي لشڪر وڙهي نه سگهندو ۽ جيڪڏهن لڙائي به لڳي ته ھو ڪامياب ٿيندا. اها صورتحال هئي جو خيرپور جو حڪمران مير رستم حالتن کان نااميد ٿي خيرپور ڇڏي ٿر طرف امام ڳڙھه جي قلعي ڏانهن روانو ٿي ويو.

نيپئر کي معاهدي جي ڏاڍي جلدي هئي ڇو ته هن جي نظر ۾ جنگ جو ماحول بنجي رهيو هو. ان ڪري هن 27 جنوري 1843 تي ميرن ڏانهن هڪ پڌرنامو (Proclamation) جاري ڪيو ته توهان مجوزه عهدنامي ڪرڻ کان نٽائي رهيا آهيو ۽ ڳجھ ڳوھ ۾ لشڪر گڏ پيا ڪريو. هينئر به توهان کي گهرجي ته خيرپور ۾ ميجر آئوٽرام سان ملي اهو عهد نامو صحيح ڪريو جنهن لاءِ توهان کي اڳي 25 جنوري جي تاريخ ڏنل هئي پر توهان نه ڪو جواب ڏنو ۽ نه آيا هينئر اها تاريخ 1 فبروري تائين وڌائي وئي آهي بلڪ پوءِ 6 تاريخ ڪئي وئي ته جيئن توهان پاڻ يا وڪيلن معرفت اهو عهد نامو ڏسي پڙهي پوءِ دستخط ڪريو. توهان سمجھو ٿا ته توهين اسان کي اونهاري جي گرم موسم کان ڊيڄاري سکر ۾ ويهڻ تي مجبور ڪندا ۽ توهان پاڻ ٿر ۾ پناھه وٺندا پر ائين هرگز نه ٿيندو. ياد رکجو اها گرم موسم توهان کي ڪم نه ايندي. هن خط کي آخري چتاءُ سمجھندا، آءٌ ٻيهر ڪو خط نه لکندس. مون کي اميد آهي ته توهان چالبازيون ڇڏي مُڙس ٿي سامهون ايندا.

(British Policy Towards Sindh, P -105)

اها صورتحال هئي جو مير رستم خان جي ٿر ڀڄي وڃڻ کان پوءِ نيپئر مير علي مراد سان گڏ سندس پويان امام ڳڙھه روانو ٿيو پر هو اتان به نڪري حيدرآباد جي ميرن طرف هليو آيو. نيپئر جڏهن ته قلعي ۾ ڪو ئي ڪو نه هو پر آئيندي جي خيال کان توپون هڻي قلعو ڊاهي ڇڏيو ۽ هاڻي پاڻ به حيدرآباد طرف روانو ٿيو. هوڏانهن ميجر آئوٽرام کي ڏياري موڪليائين ته وڃي حيدرآباد جي ميرن کي عهدنامي تي صحيحون ڪرڻ لاءَ راضي ڪري. نيپئر نارا ٿر لنگهي منزلون ڪندي اچي هالا ۾ منزل انداز ٿيو. حيدرآباد جي ميرن ۾ مير صوبدار جي انگريزن طرف لاڙي سبب ڪو گڏيل فيصلو ٿي نه سگهيو.

مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب ميرن 12 فبروري تي نئون عهدنامو صحيح ڪيو پر 13 فيبروري تي حيدرآباد ۾ ٻروچن ميجر آئوٽرام تي حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ هو بچي ويو. اهڙين حالتن ۾ 17 فبروري 1843 / 17 محرم 1259 تي مياڻيءَ ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ ميرن جي لشڪر کي شڪست ملي ۽ چارلس نيپئر فتح سان همڪنار ٿيو.

’تاريخ تازه نوائي معارڪ‘ جي مصنف منشي عطا محمد مير علي مراد جي انگريزن سان وفاداريءَ جي سلسلي ۾ ڪيترين ڪار گذارين ۽ خدمتن تي روشني وڌي آهي. مثلاً لکي ٿو ته جڏهن نيپئر جي ميرن سان لڙائي اڻ ٽر ٿي چڪي هئي ته لاڙڪاڻي مان چانڊين جو سردار ولي محمد پندرهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري چڪو هو جنهن جو نيپئر کي به خوف هو پر ان لاءِ مير علي مراد ڇا ڪيو جو پاڻ لاڙڪاڻي طرف نڪري ويو ۽ وڃي ولي محمد چانڊيي کي انگريزن جي طرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين پر جڏهن ان ۾ ناڪام ٿيو ته وڏي چالاڪيءَ سان ولي محمد کي گرفتار ڪري ورتائين ۽ کيس انگريزن وٽ اچي پيش ڪري هميشه لاءِ انهن جو مطيع بنائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح نيپئر جي چوڻ تي هو پاڻ لشڪر گڏ ڪري توبخاني سميت بجار خان ڊومڪي ۽ جکراڻين جي پويان ويو ۽ انهن کي گرفتار ڪري انگريزن جي آڏو پيش ڪيائين. بلڪ آخر ۾ جڏهن مير شير محمد خان جي دٻي وٽ نيپئر سان لڙائي اڻ ٽر ٿي چڪي هئي ته ان جا خاص ساٿي ۽ خاص ماڻهو ڦيرائي انگريزن طرف ڪري ڇڏيائين.

مير علي مراد جا انگريزن لاءِ بلوچن کي مطيع ڪرڻ جا اهي ڪارناما ۽ چالبازيون زبان زد عام ٿي ويون جو ان وقت جي ڪن شاعرن ان کي آئينده نسلن لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو.

منشي عطا محمد تاريخ تازه نوائي معارڪ ۾ 21 بيتن تي مشتمل هڪ ڊگھو نظم ڏنو آهي جنهن ۾ مير علي مراد جي بلوچن خلاف ڪارنامن جو ذڪر ڪندي گويا هجو ڪئي اٿس. اسان هتي ڪجھه شعر ترجمي سان گڏ پيش ڪريون ٿا:

شد پيشوائي لشکر انگليسه همه
مير علي مراد، بعد شان سروري

[ترجمو: مير علي مراد وڏي مان شان سان وڃي انگريزي لشڪر جو مهندار ٿيو.]

مير علي مراد افراخت چون علم
شد معرکه نمونئه صحراي محشري

[ترجمو: جڏهن مير علي مراد لڙائي جو جھنڊو بلند ڪيو ته ڪوهستان وارو اهو معرڪو قيامت وانگر هو.]

مير علي مراد چو بنواخت کوس جنگ
شد در غريو گنبذ گردون اخضري

[ترجمو: مير علي مراد جڏهن لڙائي جو نغارو وڄايو ته گويا آسمان جو سائو گنبذ به دانهون ڪرڻ لڳو.]

مير علي مراد بتدبير کار جنگ
بر بود گوي ز اهل فرنگ از دلاوري

[ترجمو: مير علي مراد لڙائي جي اهڙي تدبير ڪئي جو هن پنهنجي دليريءَ سان انگريزن کان گوءِ کڻي ويو.]

گفتند صاحبان فرنگ، آفرين تمام
بر مردي وشجاعت آن مير گوهري

[ترجمو: آخر انگريز صاحبلوڪ ته هن گوهر جھڙي مير جي بهادري ۽ مردانگيءَ تي واه واه ۽ آفرين چوڻ لڳا.]

تاريخ تازه نوائي جو سنڌي ۾ ترجمو نياز همايونيءَ ڪيو آهي ليڪن اهو گهڻن هنڌن تي ترجمو ڇڏي ويو آهي ڪيترن خاص شعرن کي نظر انداز ڪندو ويو آهي.

سنڌ تي جڏهن انگريزن جو پورو قبضو ٿي ويو ته انگريزن مير علي مراد جي وفاداريءَ ۽ ڪارنامن جي پوري قدرداني ڪئي. جتي هن خيرپور جي مير رستم خان ۽ حيدرآباد جي سڀني ميرن کي سنڌ بدر ڪري ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪيو ۽ ڏهن سالن کانپوءِ کين سنڌ ۾ واپس اچڻ ڏنو، اتي خيرپور بلڪ اپر سنڌ جي وڏي حصي تي چارلس نيپئر هن کي حڪمران تسليم ڪرائڻ لاءِ گورنر جنرل کي سفارش موڪلي. ليڪن ڪجھه وقت بعد مير علي مراد جي مخالفن جن ۾ سندس وزير شيخ علي حسن جو نالو فهرست هو جنهن سان ڪجھ عرصي کان مير علي مراد جي اڻبڻت ٿي پئي هئي، ان انگريزن وٽ چغلي هنئين ته مير علي مراد قرآن شريف تي مير رستم خان سان جنهن معاهدي جي آڌار تي حڪمراني حاصل ڪئي آهي، اهي علائقا مير رستم خان جا نه هئا، بلڪ مير علي مراد اصلي معاهدو غائب ڪري ان جي جاءِ تي ٻيو معاهدو لکي ڇڏيو آهي گويا مير صاحب جعلسازيءَ ذريعي وڏو ملڪ هٿ ڪري حڪمراني ڪري رهيو آهي.

 آخر 1267/1850 ۾ ان حقيقت جي جاچ لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪيو ويو جنهن 1268/1851 ۾ مير علي مراد خلاف فيصلو ڏنو ته هن ناجائز طور ڪيترا وڌيڪ علائقا يا پرڳڻا خيرپور ۾ ڏيکاريا هئا.

مير صاحب انهيءَ فيصلي جي خلاف 1856 ۾ انگلينڊ جو سفر پڻ ڪيو پر کيس ناڪامي ٿي. بهرحال 1282/1866 ۾ مير علي مراد کي باقي بچيل خيرپور رياست جو ان حيثيت سان حڪمران تسليم ڪيو ويو ته کانئس پوءِ اها رياست سندس اولاد ۽ وارثن کي ملندي. مير صاحب باقي عمر انگريز سرڪار سان دوستي ۽ وفادري ڪندي گذاري ۽ انهيءَ ڪري 1891 ۾ کيس انڊين ايمپائر جي نائيٽ جو خطاب مليو.

مير صاحب ڪل 65 سال رياست جو حڪمران رهيو ۽ اپريل 1894/ شوال 1311ھ ۾ وفات ڪري ويو.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته نونهار جي جنهن معاهدي جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جو نقل مرزا قليچ بيگ تاريخ خيرپور ۾ ڏنو آهي، اهو ان معاهدي کان جيڪو پوءِ قرآن شريف جي خالي ورقن تي لکيل مليو، ان کان مختلف آهي. ٻنهي جي تاريخن ۾ به فرق آهي. پهريون معاهدو 9 شعبان 1258 تي ٿيو ۽ ٻيو معاهدو 17 شعبان 1258ھه ۾ ڏيکاريل آهي. پهرين معاهدي ۾ نون ديهن جا نالا صاف ظاهر آهن جڏهن ته پوئين معاهدي ۾ چوڏهن پرڳڻن جا نالا ملن ٿا. اهو قرآن شريف جنهن تي اهو معاهدو لکيل هو ڪافي وقت خيرپور رياست جي لئبرري ۾ رکيل هو جنهن جو نقل تاريخ خيرپور جي مصنف نسيم امروهي ڏنو آهي.

مير علي مراد جي انگريزن سان وفاداري ۽ دوستيءَ جو اعتراف ڪيترن انگريزن پاڻ ڪيو آهي. سڀ کان پهرين نيپئر پاڻ سخت تنقيد جو نشانو بنيو جڏهن ميرن سندس خلاف گورنر جنرل کي شڪايتون موڪليون ته اسان انگريزن جا دوست هئاسين ۽ معاهدو به صحيح ڪيوسون، پر نيپئر خلاف ورزي ڪري لشڪر چاڙهي اسان جي ملڪ تي زوري قبضو ڪيو. هن سلسلي ۾ نيپئر کان سخت پڇاڻو ڪيو ويو ۽ اهو مواد جواب جي صورت ۾ چارلس نيپئر هٿان ’سنڌ جي فتح جي تاريخ‘ جيڪا نيپئر جي ڀاءُ وليم نيپئر پنهنجي ڀاءُ چارلس نيپئر جي دفاع ۾ لکي، ان ۾ ڏنل آهي. 12 جنوري 1843 جي هڪ ياداشت ۾ نيپئر لکي ٿو ته جڏهن مير رستم خان اسان سان منهن ڏيڻ کان سواءِ ٿر ڏانهن ڀڄي ويو ته مون مير علي مراد کان پڇيو ته امام ڳڙھه قلعي بابت تنهنجي ڇا راءِ آهي ته هن چيو ته جيڪڏهن توهان جي راءِ موجب ان کي تباھه ڪرڻ ضروري آهي ته مون کي توهان سان پورو اتفاق آهي ۽ آءٌ توهان جو هميشہ لاءِ خير خواه آهيان (ص 322)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org