سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تلقين السالڪين

باب:

صفحو:9 

فصل نائون

صوفيانه شاعريءَ جا اصطلاح ۽ سمجھاڻي

 

هن مقدمي ۾ ’عشق‘، ’عاشقي‘ ۽ ’معشوق‘ انهن ٽنهي کي خالص ’دوستي‘ چون ٿا. جڏهن اها ڪنهن تعلق کان سواءِ صاحب محبت جي هجي ان کي دوستي محض چون ٿا. ’طلب‘ حق جي جستجو کي چون ٿا. ’مطلوب‘ حق تعاليٰ کي چون ٿا. ’عشق‘ پڻ حد کان وڌيڪ محبت آهي. [108] باوجود طلب جي وجد پوري ريت جذبه اِلاهي کي چون ٿا. ’عاشق‘ پڻ جمال وَ جلال الاهيءَ تي فدا ٿيندڙ کي چون ٿا. انهيءَ کان پوءِ اهي هر وقت طلب ۾ سرگردان ۽ ڪُٺل حق تعاليٰ کي معشوق پڻ چون ٿا. بيحد طلب ڪري اُهي سڀئي دوستيءَ جا مستحق آهن جنهن ۾ سڄي وجود جي شوق کان جيڪو دل جي ڇڪتاڻ جو اثر آهي. اُن کي دلي ڪشش ڪوٺن ٿا. ڪُلي لاڙي ۽ تمام گهڻي طلب ۽ تمام گهڻي عشق کي حُسن جمعيت ڪمالات جو نالو ڏين ٿا. اهي هڪ ذات سواءِ حق تعاليٰ جلّ جلالہٗ جي ٻئي کي جائز نٿا سمجھن. جمال ظاهر ڪرڻ ڪمالات معشوق آهي. جلال ظاهر ڪرڻ معشوق جي پنهنجي وڏائي ۽ عاشق کان لاپرواهي ڏيکارڻ آهي.

”لقاءُ“ معشوق جي ظُهورَ کي چون ٿا. جڏهن عاشق کي يقين حاصل ٿئي ته اُهو معشوق سندس آهي.

”لطف“ معشوق جي عاشق کي ميٺاج جي طريقي سان پرورش ڏيڻ آهي.

”ملاحت“ (ميٺاج) ڪمالِ الاهيءَ جي اڻ کٽندڙ انتها کي چون ٿا. جتي ڪو ٻيو ان جي انتها کي نه پهچي سگهي.

”ظهور“ اُهي انوار آهن جيڪي اڪيلائيءَ واري مجاهدي ذريعي حاصل ٿين.

”مُجرد“ گهڻي تشنگي توجھ جي احساس جو نالو آهي.

”شوخي“ ڪرشمئه الاهيءَ کي چون ٿا. سخت مشڪل لذتن کي توجھات سان چکڻ کي وجود معشوق سان برابر چون ٿا. ان کي لڳاتار روشنيءَ جا انوار پڻ چون ٿا ۽ اُهي سالڪ جي خيال ۾ ظاهر ظهور نظر اچن ٿا. ٿورڙي عبادت مان مراد جذبه الاهيءَ وٺن ٿا. جڏهن حال ۾ هجي مگر درجي بدرجي ويجھي ٿيڻ کي اِستدراج الاهي چون ٿا.

”وفا“ ازلي عنايت کي چون ٿا.

”جفا“ سالڪ جي دل جي ڍڪجڻ کي چون ٿا. جڏهن هو معارف ۽ مشاهدات کان محروم ٿئي.

”جور“ سالڪ جو سير کان عين عروج وقت موٽڻ کي چون ٿا.

”ناز“ جڏهن معشوق عاشق کي باطن ۾ قوت ڏئي ته ان کي چون ٿا.

”خشم“ قهري صفتن جي ظهور کي چون ٿا.

”خبڪ“ پوشيدگي درگذر کي چون ٿا. جيڪو ظاهري ۽ باطني نموني سان ٿئي ٿو.

”صلح“  قبول پيل اعمالن کي چون ٿا.

”وَصلتِ قُرب“ انهيءَ اصل پردي کي چون ٿا جيڪو عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ آهي.

”حجاب“ موانع روڪيندڙ يا حائل پردن کي چون ٿا، جيڪي عاشق کي معشوق کان پري رکن ٿا. اهو عشق جي قسمن [109] سان مناسبت رکي ٿو.

”نقاب“ اهڙي رنڊڪ يا روڪ کي چون ٿا، جيڪا عاشق کي معشوق کان دور رکي. جنهن ۾ معشوق جي مرضي شامل هجي.

”مَحل“ انهن شين کي چون ٿا، جيڪي عالمن جي ادراڪ کان پوشيده آهن.

”استغنا“ هيت جلالت الاهيءَ کي چون ٿا.

”غمزه“ مان مراد عبادت جا عمل ظاهر ٿيڻ آهي.

”حِرمان“ انهن احوالن کي چون ٿا جيڪي عاشق تي ان وقت واقع ٿين جڏهن ان جو ارادو هجي. يعني ان جي مُراد تي تقاضا ڪندڙ هجي.

”سرڪشي“ ارادتِ الاهي جي مخالفت آهي، جيڪا سالڪ جي مراد جي خلاف هجي.

”امير“ مان مراد سالڪ جو پنهنجي ارادي کي جاري رکڻ آهي.

”سُلطان“ خدائي استغنا کي چون.

”تونگري“ سڀني ڪمالات جي حضوريءَ کي چون ٿا.

”حاڪمي“ شرعي حڪمن کي جاري رکڻ آهي.

”غارت“ ان جذبه الاهيءَ کي چون ٿا، جنهن وقت ”ترڪ تاز“ سلوڪ ۽ اعمال تي مقدم هجي.

”تاراج“ سالڪ جي اختيار کي سڀني حالتن ۾ ”مُتواري“ هجڻ يعني الله تعاليٰ جي غلبي جي گھيري کي چون ٿا.

”آشنائي“ ربوبيت جي تعلق کي چون ٿا. جيڪا سموري موجودات مٿان آهن. جيئن خالقيت جو تعلق مخلوقيت سان آهي.

”غم خوارگي“ باسط واري صفت کي چون ٿا، جيڪا موجودات جي لاءِ ضروري ۽ ڪافي آهي. هتي اسم ”الباسِطُ“ کان وڌيڪ ٻيو ڪجھه مناسب نه آهي. ڇا لاءِ ته سالڪ کي ڪلمه توحيد انهيءَ دائري ۾ ملندو.

”غمگُساري“ صفتِ رحمانيءَ ۽ ”مهرباني“ صفت ربوبيت کي چون ٿا.

”دلداري” ان صفت تقاضا کي چون ٿا جيڪا مقامِ اُنس (پيار جي مقام) ۾ آهي يا دل ۾ وجد کي پڻ چون ٿا.

”قيوميت“ صفتِ قيوميءَ کي چون ٿا.

”قامت“ عبادت جي لائق هجڻ کي چون ٿا.

”زلف“ غيب هُوَيَتِ کي چون ٿا.

”موئي“ (وار) ظاهري هويت کي چون ٿا.

”گيسو“ (ڊگها وار) طالب جي طريقي کي چون ٿا.

”تابِ زلف“ اسرار الاهيءَ جي لڪائڻ کي.

”خمِ زُلف“ اسرارِ الاهيءَ کي چون ٿا.

”پيچِ زلف“ اشڪالِ الاهيءَ ۽ پڻ صفت اِرادت اِلاهي کي چون ٿا.

”پيشاني“ الله ربُّ العزت جي مڙني صفتن کي چون ٿا. [110]

”فراق“ صفتِ اسرار اِلاهيءَ جي ظهور کي چون ٿا.

”مژه ابرو“ وچولي سالڪ جي اوانداهيءَ ۽ پريشانيءَ دوران  رهنمائي کي چون ٿا.

”مژہ“ سالڪ جي ترڪ عمل ۽ غم کي.

”تير مژہ“ سالڪ طرفان عملن ۾ دير ڪرڻ کي چون ٿا.

”چشم“ اِلاهي بصيرت جي صفت کي چون ٿا.

”ديده“ الله  طرفان ولي بنائڻ واري اطلاع کي چون ٿا.

”چشم سرمست“ حالات الاهيءَ ۾ سرگردان کي چون ٿا.

”ڪمانِ ابرو“ تقصير جي سبب منعوت جو عزم ڪرڻ کي چون ٿا.

”چشمِ خُمار“ سالڪ جي تقصير کي حرڪت ڏيڻ کي چون ٿا.

”طاقِ ابرو“ سالڪ جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ دير ڪرڻ کي چون ٿا. جيڪو انهيءَ درجي ۽ تقصيرات جي مقام سبب ٿئي ٿو.

”چشمِ ترڪ“ سالڪ جي سرگردان حالات ۽ ڪمالات کي چون ٿا.

”ماه روئي“ الاهي تجليّن کي چون ٿا.

”مهر“ سالڪ جي ڪلياتِ حالات کي چون ٿا. جنهن جي سالڪ کي خبر هجي.

”رُخ“ محض تجلّيءَ کي.

”چهره گل گون“ تجليّات کي چون ٿا. جڏهن سالڪ غيب واري حالت ۾ آهي، جيڪا غير مادي آهي.

”طُرَّهَ سياهي“ سالڪ جي پريشان حاليءَ کي.

”خالِ سياهَ“ عالمِ غيب کي چون ٿا.

”خطِ سبز“ عالمِ برزخ کي.

”لَب“ ڪلامَ کي چون ٿا.

”لب لعل“ ڪلام جي باطن کي.

”لب شڪرين“ نازل ڪلام کي چون ٿا، جيڪو ڪنهن واسطي سان هجي.

”دهانِ تنگ تنگ“ گفتگوءَ واري صفت کي چون ٿا، جيڪو تقدس جي واٽ ۽ رمزن سان هجي.

”زبانِ تلخ“ اُن حڪم کي چون ٿا، جيڪو سالڪ جي طبعيت مطابق هجي.

”زبان شيرين“ اُن امر کي چون ٿا، جيڪو سالڪ جي تقدير موافق هجي.

”زَنخ“ (کاڏي) اِهو ملاحظي کي چون ٿا، جيڪو مشاهدي مان حاصل ٿئي.

”ذَقن“ لذتن جي اها جاءِ جيڪا پڻ مشاهدي ۾ اچي.

”نافَه“ (دُن) نفحات جيڪي الله تعاليٰ سالڪ تي نازل فرمائي.

”سيبِ زنخ“ (کاڏيءَ جي گولائي) لذتن جي علم کي چون ٿا، جيڪو پڻ مشاهدي سان واسطو رکي ٿو.

”چاهِ زَنخ“ (کاڏيءَ جو کوھ) [111] اسرارن جي مشڪلاتن جي مشاهدي کي چون ٿا.

”سِينه“ علمِ الاهيءَ جي صفت کي چون.

”بِر“ ربوبيت جي صفت کي چون ٿا، جيڪا محب ۽ محبوب جي وچ ۾ آهي.

”موئي ميان“ سالڪ جي اهڙي نظر کي چون ٿا، جيڪا حجاب کي ڪٽي وجھي.

”دست“ قدرت جي صفت کي.

”ساعر” (ڪَرائي) قوت (طاقت) جي قدرت جي صفت آهي.

”بازو“ (ٻانهُون) سراسر الاهي اِشاري کي چون ٿا.

”سُخن“ اِهو به الاهي اشاري کي چون، جيڪو واسطي سان هجي.

”مُڪاشفه“ اِهو اسرار الاهي، جيڪو مادي يا غير مادي  هجي.

”گوهرِ سخن“ مدحت يعني ساراھ ۽ واکاڻ کي چون.

”پيام“ حڪمن ۽ منع نامن کي چون ٿا.

”هَديَه“ نبوت ۽ ولايت کي چون.

”بعث“ وَحي ۽ اِلهام کي چون.

”مجلس عشرت“ محبت جي هميشه واري لذت کي چون. اُن مان مراد الله تعالي جي محبت آهي.

”طرب“ حق تعاليٰ سان اُنس کي چون.

”عيش“ الله تعاليٰ سان هميشه واري محبت جي لذت کي چون.

”شراب“ عشق جي جوش ۽ غلبي کي چون.

”مئيخواره“ عالم لاهوت کي چون.

”مئيڪده“ قديم مناجات کي چون.

”خمخانه“ غلبن جي گهيري.

”ڪاس“ يا پيالو واسطي کي چون.

”بادَه“ عشق کي چون. جڏهن ساقي وچ تي هجي، هونئن “ساقي” کي وچ وارو چون.

”قدح“ ملندڙ وقت کي چون.

”جام“ احوال کي چون.

”صراحي“ مقام کي چون.

”خَم“ موقف کي چون.

”جُرعَه“ ڍُڪ اُهي اسرار ۽ مقامات جيڪي سالڪ لاءِ سلوڪ ۾ لڪل يا پوشيده رهجي ويا هجن.

”مستي“ عشق جي هيٺين سطح کي چون.

”خراباتي“ ظاهري ۽ باطني طور مستي ۽ برباديءَ کي چون.

”خرابات“ شربت سالڪ کي چون.

”هوشياري“ عشق جي بلندين کان موٽي اچڻ کي چون.

”خمار“ ڀائپي برادريءَ کي چون جنهن جو واسطو وصول جي قيام سان آهي.

”رندي“ قطع نظر ڪرڻ کي چون.

”اوباش“ چڱائي ترڪ ڪرڻ کي چون.

”لَااُبالي“ سالڪ جي ناپرهيزيءَ کي چون.

”شمع“ الله تبارڪ و تعاليٰ جي نور کي چون [112]

”ناهيد“ تجليءَ کي چون.

”نقل“ روحاني معنائن جي کُلڻ کي چون.

”ڪباب“ تجليات دل جي پرورش کي چون.

”صبوحي“ خاص مئي کي چون.

”صُبح“ سالڪ تي طلوع ٿيندڙ احوالن کي چون.

”بامداد“ مقام تي ويهڻ واري احوال کي چون. ”شبان“ احوال جي مالڪ ٿيڻ کي چون.

”شب قدر“ سالڪ جي مٿان تجلين جي مينهن کي چون. جڏهن هو فاني ٿئي ٿو.

”شب عليا“ تمام گهڻن انوارن ۽ رنگن کي چون جيڪو هڪ قسم جو سوادِ اعظم (تمام وڏو مجموعو) آهي.

”ڪافر“ سالڪ جي غفلت واري هڪ پسَاھ کي چون.

هر آنکو غافل از حق يکزمان است
دران دم کافر است امانهان است

 

[جيڪو هڪ گهڙي حق کان غافل آهي انهيءَ دم اهو ڪافر آهي جيتوڻڪ ڳجھو آهي.]

”عيد“ جمع جي مقام کي چون.

”نوروز“ تفرقه کي چون يعني فرق جدائي.

”ترسا“ حقيقت جي اهڙي معنيٰ کي چون جڏهن اها عظيم ۽ دقيق يعني باريڪ ٿئي. ائين ”ترسابچه“ به معنائن جي حقيقت کي چون.

”صهبا“ نفس جي وسوسي سبب سالڪ جي دلي پريشانيءَ کي چون.

”مغبچه“ غلط قسم جي تجلين کي چون.

”دير“ عالم انسانيءَ کي چون.

”ڪليسا“ عالمِ حيوانيءَ کي چون.

”چليپا“ طبيعتن جي عالم کي چون.

”زنَّار“ واعدي يا ٻنڌڻ کي چون.

”فرس“ مقام تفرقه جي ياد ڪرڻ کي چون.

”توبھ“ ناقصائي کان واپس ٿيڻ کي چون.

”ايمان“ فنا کي چون جيڪو عزت سان واپس ٿيڻ آهي.

”جوش“ احوال سالڪ جي آشڪار ڪرڻ کي چون.

”اسلام“ مناسب عملن کي چون.

”دين“ ان اعتقاد کي چون جيڪو مقامِ تفرقه کان مٿاهون ڪري.

”نماز“ سالڪ جي اجتهاد کي چون.

”عبادت“ تابعداريءَ کي چون.

”روزه“ قطع تعلقات کي چون.

”زڪوات“ ترڪِ اثبات کي چون.

”حج“ الله تعاليٰ جي سلوڪ جي طريقي ۾ هلڻ کي چون.

”بيابان“ رستي جي حادثن کي چون.

”ڪعبو“ وصلت جي مقام کي چون.

”طامات ڪعبه“ معارف کي چون.

”خرقه“ ظاهري صلاحيت کي چون. [113]

”سجاده“ اندر جي ٻرڻ کي چون جيڪو توجھ سان ٿئي.

”ترڪ“ پنهنجي تدبير ۽ اجتهاد کي چون.

”بذل“ هرچيز کان منهن موڙڻ کي چون.

”درِباختن“ ماضيءَ جي جمله حالات ميٽي ڇڏڻ کي چون.

”رفتن“ نظر باطن کان عروج کي چون.

”رجعت“ عالمِ الارواح کان واپسيءَ کي چون.

”درون“ عالمِ ملڪوت کي چون.

”برون“ عالمِ ناسوت کي چون.

”تاثير“ مقامِ محمود کي چون.

”بهار“ عالمِ باطن کي چون.

”تابستان“ مقام معرفت کي چون.

”زمستان“ عالمِ فيض کي چون.

”گلزار“ ڪشادگيءَ ۽ عالم باطن جي صفائيءَ کي چون.

”بوستان“ اها مشاهدي جي ڪشادگيءَ جي جاءِ آهي.

”نرگس“ باطن جي نتيجي کي چون جيڪو خوشيءَ سان عمل ۾ پيدا ٿئي.

”سرو“ انهن علمن کي چون جن کان تفڪر حاصل ٿئي.

”بنفشه“ انهيءَ فڪر کي چون جنهن سان قوت ادراڪ ڪارگر ٿئي.

”سبزه“ عين معرفت کي چون.

”ريحان“ انهيءَ نور کي چون جيڪو عبادت ۾ تمام گھڻي صفائي بعد حاصل ٿيل هجي.

”ابر“ انهيءَ حجاب کي چون جيڪو فضوليءَ سبب ٿئي.

”باران“ فيض جي نازل ٿيڻ کي چون.

”نشو“ ترقيءَ کي چون.

”نما“ عزت حاصل ڪرڻ کي چون.

”سرخي“ قوت سلوڪ کي چون.

”سبزي“ سالڪ جي ڪمال مطلق کي چون.

”زردي“ سالڪ جي عاجزي وانڪساريءَ واري صفت کي چون.

”سفيدي“ سالڪ جي هڪ رنگ کي چون.

”ڪودي“ لڳاتار وسندڙ خوشيءَ جي پاڻيءَ کي چون. جيڪو سالڪ جي دل تي وسي.

”سيل“ احوال جي غلبي کي چون.

”نَسيم“ لڳاتار فيض کي چون.

”دف“ معشوق حقيقيءَ جي طلب کي چون.

”ناءِ“ محبوب جي پيغام کي چون.

”ترانه“ محبت جي آئين کي چون.

”ناله“ محبوب جي تلاش کي چون.

”ناله زار“ مجلس سماع کي چون.

”پائي کوفتن“ (پير هڻڻ) توحيد کي چون.

”دست زدن“ (تاڙيون) وقت جي سنڀال ۽ نگهباني کي چون. باقي ”سازها“ کي سلسلئه محبت چون.

آخر ۾ ”وصال“ مقامِ وحدت کي چون ٿا، جڏهن عاشق پنهنجو پاڻ کان ٻاهر اچي ۽ ان کي وصال حاصل ٿئي.

”ڪنار“ اسرار يا راز لهڻ کي چون.

”بوسه“ قبوليت ڪلام واري ڪيفيت کي چون ۽ ڪلام جي معنيٰ کي پڻ.

”فراق“ غائب ٿيڻ کي چون جڏهن عاشق پنهنجو پاڻ کان غائب ٿي وڃي.

”هجرت“ الله کان سواءِ ٻئي ڏانهن لاڙو ڪرڻ.

”غم” طلب معشوق ۾ دير ڪرڻ کي چون ٿا.

”اندوھهَ“ يعني تمام گهڻو غم حيرت کي چون ٿا. جڏهن ڀلائي ۽ برائيءَ جي ڄاڻ نه هجي.

”حزن“ اهڙيءَ حالت کي چون ٿا، جيڪا دل جو درد کي ظاهر ڪري ۽ جيڪا جدائي بعد طلب جو باعث بڻجي.

”ڪلبه احزان“ غمن جي حالت کي چون ٿا.

”خامه“ پنهنجي خوديءَ کي چون ٿا، جڏهن خودي پستيءَ واري حالت ۾ هجي.

”غم ڪده“ غلبي جي مقام کي چون ٿا.

”بام“ تجلّيءَ جي جاءِ کي ۽

”شهر“ وجودِ مطلق کي چون ٿا.

”ڪوئي“ مقام عبادت کي چون ٿا.

”محله“ ڪمالات جي صفتن سان متصف حالت کي چون ٿا.

”آستان“ عبادت جي عملن کي ۽

”فرياد“ ذڪر خير کي چون ٿا.

”علامت“ عشق ۽ محبت جي ڪمال کي چون ٿا، جڏهن زبان ان جي بيان کان قاصر هجي.

”فغان“ ظاهر ڪرڻ اُهي احوال جيڪي اندروني هجن.

”رنج“ ۽ ”درد“ امري وجود کي چون ٿا، جيڪو ارادت جي مخالف هجي.

”بيماري“ انهيءَ حالت کي چون ٿا، جيڪا محبت جي ڪري ظاهر ٿئي ۽ محبت ڪندڙ ان جي کڻڻ جي طاقت نه رکندو هجي.

”بيماري“ دل جي خوشيءَ کي چون.

”افتادگي“ الله تعاليٰ جي جلالت کي ۽

”زندگي“ افعالن جي قبوليت کي چون ٿا.

”رويت“ حصول عالمِ غيبيءَ قدم کي چون.

”اخريٰ“ تفرقات جي احوال ۽ تدبيرات کي توجھه ۽ تسليم سان سمجھڻ.

”ديوانگي“ عشق جي احڪامن جي ڪاميابيءَ کي چون.

”بينوائي“ ناتواني يا ڪمزوريءَ کي چون.

”فقر“ عدم احتياج يا محتاجيءَ جي نه هئڻ کي چون.

”بيداري“ انوارِ فيض الاهيءَ جي ظهور کي چون.

”بندگي“ علم جي مقام ۽ تڪليف يا ڏکن واري جھان کي چون.

”سعادت“ ازل جي پڙهڻ کي چون.

”شقاوت“ ازلي قيد کي چون.

”پاڪبازي“ توجھه خالص کي چون.

”حضور“ مقام وحدت ۽ دلي خوشيءَ جي حالت کي چون ۽

”خواب“ اختياري فنا کي چون. [115]

”علف“ شهوتن ۽ ٻين اهڙين شين کي چون.

”ساربان“ رهنما راھ حقيقت کي چون.

”توبه“ معافيءَ کي چون.

”گوهر“ معنائن کي چون.

”چوگان“ جميع امرن جي ميدان کي چون.

”ڪوبي“ ڏک ۽ ڏمر کي چون ۽ تقدير جي حڪم ۾ ۽ گفتگو کي چون.

”عنايت“ محبت جي ڪمن کي چون.

”گفت گوئي“ اندر جي شور ۽ آواز کي چون.

”جود“ عاشق ۽ معشوق جي صفائيءَ کي چون.

”آفتاب“ مطلق فنا ۽ وصلت کي چون.

”ماه تابان“ جمال جي تجليءَ ۽ مهر وَمحبت کي چون. بيشڪ الله بهتر ڄاڻي ٿو.

 

فصل ڏهون

 

مڪتوبات شيخ عبدالقادر جيلاني

 

هتي حضرت قطب العالم، غوث الثقلين، قطب رباني، محبوب حقاني، شيخ عبدالقادر جيلاني جا ڪجھه مڪتوبات جيڪي سندن اسلوب ۽ طريقي تي روشني وجھن ٿا سي پيش ڪجن ٿا. اهي مڪتوبات فقر وهدايت جي باب ۾ هڪ داستان جي حيثيت رکن ٿا ۽ اهي ذلت و معصّيت لاءِ هڪ سونهري ڪسوٽي آهن. شيخ عبدالقادر جيلاني کي ”ذوالبيانين واللسانين وذوالفريقين“ (ٻن بيانن وارو ۽ ٻن زبانن وارو ۽ ٻن طرفن وارو) ڪوٺيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي اڪثر مجلسن ۾ اڪثر اوقات واعظ ۽ نصيحت عربيءَ زبانَ ۾ ڪرڻ فرمائيندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن فارسي زبان ۾ پڻ ڳالھه ٻولھه ڪندا هئا. سندن مڪتوبات مان ڪجھ هي آهن:

مڪتوب پهريون: اي عزيز! شهود کان اکيون ڇنڀڻ يا گهٻرائڻ يا ان جي گهيري ۾ اچڻ هڪ عام فيض آهي. يَهْدِي اللَّهُ لِنُورِهِ مَنْ يَشَاءُ (النور:35) [الله تعاليٰ پنهنجي نور سان جنهن کي گهري تنهن کي هدايت عطا فرمائي ٿو.] محب لاءِ ٿورڙي به خوشبوءِ حاصل ڪرڻ ان جي عنايت آهي. يَخْتَصُّ بِرَحْمَتِهِ مَنْ يَشَاءُ  (البقرة:105) [هُو جنهن کي چاهي ان کي پنهنجي رحمت سان خاص نوازي ٿو.] تڏهن محبت جون هوائون دلين جي باغ ۾ داخل ٿين ٿيون ۽ شوق جون بلبليون باغيچن ۾ روح کي ڇهندڙ نغما ڳائن ٿيون. يَا أَسَفَى عَلَى يُوسُفَ (يوسف:84) [106] [هاءِ افسوس يوسف عليه السّلام جي جدائي.] جھڙا هزار داستان ترنم سان ڳائين ٿيون ۽ شوق جي باھه کي راز تحت ڀڙڪائن ٿيون. اتي ان وقت فڪر جون پاڪايون عاليشان فضا ۾ اڏرڻ لڳن ٿيون ۽ وڏي کان وڏي عقل وارا معرفت جي واديءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا. ان وقت فهم ۽ فڪر جا قاعدا ٽڪراءَ جي ڪري متزلزل ٿي وڃن ٿا. عدم ۽ ارادي جا ٻيڙا هيٺ هليا وڃن ٿا. وَمَا قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِ (الانعام:91) [107] [هنن الله تعاليٰ جو اهو قدر نه ڄاتو جيئن کين ڪرڻ گهرجي ها.] جي صورتحال ۾ وَهِيَ تَجْرِي بِهِمْ فِي مَوْجٍ كَالْجِبَالِ (هود:42) [116] [۽ اُها ٻيڙي انهن کي جبل جيڏين لهرن ۾ کڻي هلڻ لڳي.] بلڪ اهي حيرت جي ڪن ۾ هيٺ هليا وڃن ٿا. اهڙي وقت عشق جي درياءَ ۾ يُحِبُّهُمْ وَيُحِبُّونَهُ (المائدة:54) [جو اهي الله پاڪ جا پيارا ۽ الله پاڪ انهن کي پيارو آهي.] جون ڇوليون اٿن ٿيون، تڏهن هر هڪ پنهنجي زبان حال سان اهو آواز بلند ڪري ٿو رَبِّ أَنْزِلْنِي مُنْزَلًا مُبَارَكًا وَأَنْتَ خَيْرُ الْمُنْزِلِينَ (المئومنون:29) [اي منهنجا رب! مون کي برڪت واري جاءِ تي لاھ (پڄاءِ) ۽ تون بهترين لاهڻ وارو آهين.] ان وقت اڳين عنايت إِنَّ الَّذِينَ سَبَقَتْ لَهُمْ مِنَّا الْحُسْنَىٰ  (الانبياء:101) [بيشڪ اُهي جن لاءِ اسان جو واعدو ڀلائيءَ جو ٿي چڪو.] کين پهچي ٿي ۽ اهي جُوديءَ جي ساحل (ڪناري) فِي مَقْعَدِ صِدْقٍ (القمر:55) [سچ جي مجلس ۾ پهچي وڃن ٿا.] تڏهن کين مستن جي مجلس ۾ ”الست“ جو شراب ملي وڃي ٿو. لِلَّذِينَ أَحْسَنُوا الْحُسْنَى (يونس:26) [ڀلائي ڪرڻ وارن لاءِ ڀلائي آهي.] جا انعام ۽ کين قرب جا جام پيش ڪن ٿا. وَسَقَاهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُورًا (الدهر:21) [۽ انهن کي پنهنجي رب جي طرفان پاڪ شراب پياريو.] جو دور گردش ۾ اچي ٿو جنهن جو هر ڏول اَبَدي ۽ سرمدي يعني هميشه رهڻ وارو آهي. وَإِذَا رَأَيْتَ ثَمَّ رَأَيْتَ نَعِيمًا وَمُلْكًا كَبِيرًا (الدهر:20) [۽ جڏهن تون اُن طرف نظر ڪندين ته هڪ نعمت ۽ وڏي سلطنت ڏسندين.] جو مشاهدو ٿئي ٿو.

مڪتوب ٻيو: اي ڀاءُ! طلب جو سڪو کوري جي حوالي ڪر وَالَّذِينَ جَاهَدُوا فِينَا (العنڪبوت:69) [جيڪي اسان جي راھه ۾ هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.] تڏهن اهو باھه جي شعلي وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفْسَهُ (آلعمران:30) [الله تعاليٰ توکي پنهنجي غضب کان ڊيڄاري ٿو.] مان گذري صاف ۽ کرو ٿئي ٿو. ان وقت اهي وَقَدْ هَدَانَا سُبُلَنَا (ابراهيم:12) [۽ اسان ضرور انهن کي پنهنجي واٽ ڏيکارينداسون.] جي مهر جي لائق ٿين ٿا ۽ ان بازار ۾ إِنَّ اللَّهَ اشْتَرَى مِنَ الْمُؤْمِنِينَ أَنْفُسَهُمْ وَأَمْوَالَهُمْ بِأَنَّ لَهُمُ الْجَنَّةَ (التوبہ:111) [بيشڪ الله تعاليٰ مسلمانن کان انهن جا مال ۽ نفس خريد ڪري ورتا آهن ۽ انهيءَ بدلي انهن لاءِ جنت آهي.] سرمائي جي قوت جا خريدار ملن ٿا. کين لِلَّهِ الدِّينُ الْخَالِصُ (الزمر:3) [ها! خالص الله لاءِ ئي بندگي آهي.] حاصل ٿئي ٿي. تڏهن شايد توکي انهن مخلصن جي اسرارن جي خبر پوندي ”والمخلصون عليٰ حظه عظيم“ [۽ مخلص هڪ تمام وڏي انعام جا لائق آهن.] بابت واقف ٿيندي. تڏهن اهي أَفَمَنْ شَرَحَ اللَّهُ صَدْرَهُ لِلْإِسْلَامِ فَهُوَ عَلَى نُورٍ مِنْ رَبِّهِ (الزمر:22) [ڇا اُهو جنهن جو سينو الله تعاليٰ اسلام لاءِ کولي ڇڏيو پوءِ اُهو پنهنجي رب پاران نور ۾ آهن.] وارا شعاع ۽ چمڪاٽ ٿيندا ۽ ان وقت اهو آواز ادْعُونِي أَسْتَجِبْ لَكُمْ (مؤمن:60) [مون کي سڏيو (پڪاريو) ۽ آئون اوهان جي دعا قبول ڪندڙ آهيان.] تنهنجيءَ دل ۾ پيدا ٿيندو ۽ اها پستي جيڪا قُلْ مَتَاعُ الدُّنْيَا قَلِيلٌ (النسآء:77) [(اي محبوب) توهان فرمايو ته دنيا جو سامان تمام ٿورو آهي.] ۾ آهي انهيءَ مان همت سان قدم ٻاهر رکين ۽ اهو اوج يا بلندي جيڪو وَالْآخِرَةُ خَيْرٌ لِمَنِ اتَّقَى (النسآء:77) [۽ آخرت (اُن لاءِ) ڀلي آهي جنهن تقويٰ اختيار ڪئي.] ۾ آهي ان کي عبور ڪرين! اُتي اُها قرب جي ٿڌڙي هوا وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيدِ (ق:16) [اسان ساھ جي رڳن کان به قريب آهيون.] جي خوشبوءِ تنهنجي بدن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويندي ۽ قلب جو اهو وڻ وڌي وڏو ٿي پوندو جو ان تي گھلندڙ خزان جي هوا قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرْهُمْ (الانعام:91) [الله چئو پوءِ ان کي ڇڏي ڏيو.] (خرچ ڪر) توکي تجريد جي باغ ۾ داخل ڪري ڇڏيندي. وَلَا تَدْعُ مَعَ اللَّهِ إِلَهًا آخَرَ (القصص:88) [117] [۽ الله تبارڪ و تعاليٰ سان ٻئي ڪنهن خدا کي نه سڏ.] واري حالت يعني بي سرو ساماني حاصل ٿيندي. ائين ايندڙ بهار جي هوا إِنَّ الَّذِينَ سَبَقَتْ لَهُمْ مِنَّا الْحُسْنَى (النبيآء:101) [بيشڪ اُهي جن لاءِ ڀلائيءَ جو واعدو اسان ڪري ڇڏيو.] هلڻ لڳي ٿي. ان وقت اهو ڪڪر جيڪو اللَّهَ يَجْتَبِي مِنْ رُسُلِهِ مَنْ يَشَاءُ (آلعمران:179) [الله تعاليٰ نيڪيءَ کي قبول ڪري جيئن گُهري.] فيض ۽ فضل جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ٿو، بلڪ قلب جي زمين کي گل و گلزار بنائي سموري نباتات وَعَلَّمْنَاهُ مِنْ لَدُنَّا عِلْمًا (الڪهف:65) [اسان هن کي علم لُدني سيکاريو.] کي سرسبز ڪري ڇڏي ٿو. وڻ ۽ باغن جا ارواح ميون سان ڀرپور إِنَّ رَحْمَتَ اللَّهِ قَرِيبٌ مِنَ الْمُحْسِنِينَ (الاعراف:56) [بيشڪ الله تعاليٰ جي رحمت چڱن جي ويجهو آهي.] ٿي وڃن ٿا، بلڪ عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا الْمُقَرَّبُونَ (المطففين: 28) [اُهو چشمو جنهن مان (الله تعاليٰ جا) مقرب بندا پئن ٿا.] مان فيض ياب ٿي پون ٿا. انهيءَ سان گڏ کين اقبال ۽ عزت جي بشارت هنن لفظن ذَلِكَ فَضْلُ اللَّهِ يُؤْتِيهِ مَنْ يَشَاءُ (الجمعة:4) [اُهوئي الله تعاليٰ جو فضل آهي، جنهن کي چاهي ڏئي ٿو.] ۾ ملي ٿي. انهيءَ طرح کين اها بشارت ڏني وئي أَلَّا تَخَافُوا وَلَا تَحْزَنُوا وَأَبْشِرُوا بِالْجَنَّةِ الَّتِي كُنْتُمْ تُوعَدُونَ (حٰم السجدة: 30) [نه ڊڄو! ۽ نه ئي غم ڪريو! ۽ خوش ٿي وڃو! انهيءَ جنت تي جنهن لاءِ اوهان سان واعدو ڪيو ويو آهي.] ۽ اتي فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ (الصٰفات: 43) [جنت ۾ ملندڙ نعمتن سان] راضي رهو.

مڪتوب ٽيون: اي عزيز! قلب سليم گهرجي ته انهن رمزن جيڪي فَاعْتَبِرُوا يَا أُولِي الْأَبْصَارِ (الحشر: 2) [پوءِ اکين وارا عبرت حاصل ڪريو.] ۾ سمايل اطلاع ملي سگهي. اهڙيءَ طرح عقل ڪامل هجي ته اسرارن جي اونهائي جيڪا سَنُرِيهِمْ آيَاتِنَا فِي الْآفَاقِ وَفِي أَنْفُسِهِمْ (حٰم السجدة: 53) [سگهو انهن کي ڏيکارينداسون انهن کي پنهنجون پوري دنيا ۾ ۽ انهن جي نفسن ۾ َآهي.] جو ادراڪ ڪري سگهن. يقين صادق هجي ته جيئن اهي شاهديون جيڪي وَإِنْ مِنْ شَيْءٍ إِلَّا يُسَبِّحُ بِحَمْدِهِ وَلَكِنْ لَا تَفْقَهُونَ تَسْبِيحَهُمْ (بني اسرائيل: 44) [۽ اها ڪابه شيءِ جيڪا ان جي واکاڻ نٿي ڪري مگر اوهان انهن جي تسبيح نٿا سمجھو!] ۾ آهي ان کي عين قلب جي مشاهدي سان ڏسي سگهو. ائين ابدي وصل جي داعي بنجڻ لاءِ وَإِذَا سَأَلَكَ عِبَادِي عَنِّي فَإِنِّي قَرِيبٌ أُجِيبُ دَعْوَةَ الدَّاعِ إِذَا دَعَانِ (البقرة: 186) [۽ (اي محبوب!) جڏهن منهنجا بندا توکان مون بابت پڇن ته کين ٻڌاءِ ته آئون ويجھو آهيان. آئون سڏيندڙن جو سڏ ٻُڌان ٿو. جڏهن ڪو پڪارڻ وارو مون کي پڪاري ٿو.] هن جو مستقبل ٿئي ٿو. جڏهن هن لاءِ اها جھڻڪ ۽ تنبيھ أَفَحَسِبْتُمْ أَنَّمَا خَلَقْنَاكُمْ عَبَثًا وَأَنَّكُمْ إِلَيْنَا لَا تُرْجَعُونَ (المئومنون: 115) [ته ڇا اوهان سمجھو ٿا ته اسان اوهان کي بيڪار بنايو ۽ اوهان کي اسان طرف موٽڻو نه آهي.] کيس غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ڪري ۽ ساڳي وقت وَيُلْهِهِمُ الْأَمَلُ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ (الحجر: 3) [۽ ڀل اجايون خواهشون کين غفلت ۾ وجھي ڇڏن، جلد ئي کين حقيقت معلوم ٿي ويندي.] ٻڌي هر وقت بيدار هجي بلڪ بِالْعُرْوَةِ الْوُثْقَى (البقرة: 256) وَمَا لَكُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ مِنْ وَلِيٍّ وَلَا نَصِيرٍ (البقرة: 107) [۽ هڪ مضبوط ڪڙيءَ (کي جھليو) ۽ الله کان سواءِ اوهان جو ڪو به دوست ۽ مددگار نه آهي.] واري خوشخبري قبول ڪري ۽ سندس دل ۾“فَفِرُّوا إِلَى اللَّهِ (الذاريات: 50) [پوءِ الله ڏانهن ڊوڙو.] جي سواري ڪري ۽ معرفت جي درياءَ وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّالِيَعْبُدُونِ (الذاريات: 56) [۽ مون جن ۽ ماڻهوءَ کي انهيءَ لاءِ بنايو جو هو (منهنجي) بندگي ڪن.] اندر دليري ۽ مردانگيءَ سان ٽُٻي ڏيئي هيٺ وڃي ۽ جڏهن کيس مقصد جو موتي ملي [118] ته فَقَدْ فَازَ فَوْزًا عَظِيمًا (الاحزاب: 71) [جنهن الله ۽ رسول جي اطاعت ڪئي انهن ڪاميابي حاصل ڪئي.] سان همڪنار ٿي وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي جان گنوائي ته جيئن فَقَدْ وَقَعَ أَجْرُهُ عَلَى اللَّهِ (النسآء: 100) [پوءِ بيشڪ انهيءَ جو اجر الله تبارڪ وتعاليٰ تي آهي.] جي لائق ٿئي.

مڪتوب چوٿون: اي عزيز! جڏهن اُنس و محبت جا آواز دل جي اندر ۾ پهچن ته ان لاءِ ”الست بربکم“ [ڇا آئون اوهان جو رب نه آهيان؟] کي ضرور ياد رک! ۽ سڪرات جي وقت ”قالو بليٰ“ [چيائون هائو!] کي ياد ڪر. تڪليف ۽ ڏک ۾ انڪساريءَ سان وَابْيَضَّتْ عَيْنَاهُ مِنَ الْحُزْنِ (يوسف: 84) [۽ انهيءَ جون اکيون غم جي ڪري اڇيون ٿي ويون.] ۾ مشغول رھه. فراق جي طنبوري سان همنوائي ڏيکار يعني إِنَّمَا أَشْكُو بَثِّي وَحُزْنِي إِلَى اللَّهِ (يوسف: 86) [بيشڪ پنهنجي پريشاني ۽ غم جو فرياد الله تعاليٰ سان ئي ڪيان ٿو] کي صَبْرٌ  جَمِيلٌ (يوسف: 83) [صبر ڀلو آهي.] سان آزماءِ. تڏهن تون پنهنجي جذبات ۽ شوق جي ڦل حاصل ڪرڻ واسطي دل جي اندر نور جي چمڪاٽن کي محسوس ڪندين. ان وقت انوار جا چشما عقلي بصارتن کي مٽائي پاڻهي روشن ڪندا. يَكَادُ سَنَا بَرْقِهِ يَذْهَبُ بِالْأَبْصَارِ (النور: 43) [بادلن مان نڪرندڙ وڄ جي چمڪ جيڪا اکين جي روشني کسيندڙ آهي.] ان جا باريڪ قطرا روحن جي چشمن جي ڪڪرن مان ٽمي نفس جي بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لڳن ٿا. مَنْ كَانَ يُرِيدُ حَرْثَ الْآخِرَةِ نَزِدْ لَهُ فِي حَرْثِهِ (الشوريٰ: 20) [جيڪو آخرت جي پوک چاهي ٿو ته ان جي پوک ۾ واڌارو ڪريون ٿا.] ان جي کيتيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڇو ته وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغَانِمَ كَثِيرَةً (الفتح: 20) [اوهان سان الله تعاليٰ تمام وڏين غنيمتن جو واعدو ڪيو آهي.] تڏهن سڀئي اُميدن جا سرسبز باغيچا ظاهر ٿين ٿا، تڏهن وَمَنْ يَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ (الطلاق: 3) [۽ جنهن الله تي توڪل ڪئي.] جي خوشبودار ۽ راحت بخشيندڙ هوا لڳي ٿي، بلڪ صبر جي وڻ جون ٽاريون ڦل جهلين ٿيون. إِنَّمَا يُوَفَّى الصَّابِرُونَ أَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ (الزمر: 10) [صبر ڪرڻ وارن کي سندن بي حساب بدلو ڏنو ويندو.] جي ڪماليت حاصل ٿئي ٿي. ان وقت عنايت جي خاص هوا هَذَا عَطَاؤُنَا فَامْنُنْ أَوْ أَمْسِكْ بِغَيْرِ حِسَابٍ (ص: 39) [هيءَ اسان جي عطا آهي، سو جنهن کي وڻيئي احسان ڪري ڏي يا (جنهن کان وڻيئي) جھلي ڇڏ، (توتي) ڪو حساب ڪونهي.] خوشحاليءَ جي خبر آڻي ٿي ۽ اها منادي وَرَبُّكَ الْغَفُورُ ذُو الرَّحْمَةِ (الڪهف: 58) [۽ تنهنجو رب پاڪ بخشيندڙ آهي رحمت جو صاحب آهي.] ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ۽ إِنَّ هَذَا لَرِزْقُنَا مَا لَهُ مِنْ نَفَادٍ (ص: 54) [بيشڪ هيءُ اسان جو رزق آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو] جو پڙاڏو اچڻ لڳي ٿو

مڪتوب پنجون: اي عزيز! شهوت جي هر قسم جي دعوت وَلَا تَتَّبِعِ الْهَوَى فَيُضِلَّكَ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ   إِنَّ الَّذِينَ يَضِلُّونَ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ (ص:26) [۽ خواهشن جي تابعداري نه ڪر ڇو ته اها توکي الله جي واٽ کان گمراھ ڪري ڇڏيندي] کان پاسو ڪر ۽ غفلتن جي گھيري ۾ اچڻ کان بچ. وَلَا تُطِعْ مَنْ أَغْفَلْنَا قَلْبَهُ عَنْ ذِكْرِنَا (الڪهف: 28) [انهيءَ جي اطاعت نه ڪر جيڪو تنهنجي دل کي اسان جي ياد کان غافل ڪري.] اهڙيءَ طرح فاسقن جي صحبت کان پاڻ بچاءِ. فَوَيْلٌ لِلْقَاسِيَةِ قُلُوبُهُمْ مِنْ ذِكْرِ اللَّهِ (الزمر: 22) [پوءِ انهن لاءِ ويل آهي جن جا قلب الله جي ياد کان سخت ٿي ويا.] کان پرهيز ڪر. ۽ هن مناديءَ کي ڌيان سان ٻُڌ اسْتَجِيبُوا لِرَبِّكُمْ مِنْ قَبْلِ أَنْ يَأْتِيَ يَوْمٌ لَا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ  (الشوريٰ: 47) [119] [پنهنجي رب جو حڪم مڃيو اُن ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين جو الله تعاليٰ طرفان ٽرڻ وارو ناهي.] هر وقت أَلَمْ يَأْنِ لِلَّذِينَ آمَنُوا أَنْ تَخْشَعَ قُلُوبُهُمْ لِذِكْرِ اللَّهِ (الحديد: 16) [ڇا ايمان وارن جو اڃا وقت نه آيو جو انهن جون دليون الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ جنبي وڃن.] اها ڳالھه هوش جي ڪنن سان ٻُڌ! ۽ ان کي ڌيان ۾ رک. أَيَحْسَبُ الْإِنْسَانُ أَنْ يُتْرَكَ سُدًى (القيامة: 36) [ڇا ماڻهو سمجھي ٿو کيس بيڪار ڇڏيو ويو آهي.] واري غرور جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. بلڪ وَلَا يَغُرَّنَّكُمْ بِاللَّهِ الْغَرُورُ (لقمان: 33) [۽ هرگز توکي الله تعاليٰ جي علم تي دوکو نه ڏئي.] مطابق بيدار ۽ سجاڳ ٿيءُ. جيڪي حضور وارا آهن: رِجَالٌ لَا تُلْهِيهِمْ تِجَارَةٌ وَلَا بَيْعٌ عَنْ ذِكْرِ اللَّهِ    (النور: 37) [اُهي مرد جن کي ڏيتي ليتي ۽ انهن جو واپار الله تعاليٰ جي ذڪر کان غافل نٿو ڪري.] انهن جي خبر رک. پنهنجي مقصد جي ڪعبي خاطر سر جو سودو ڪر ۽ سر ڏيڻ کان پوئتي نه هٽ. وَتَبَتَّلْ إِلَيْهِ تَبْتِيلًا (المزمل: 8) [سڀني کان ٽُٽِي اُنهيءَ جا ٿي وڃو!] ڏانهن موٽ کاءُ ۽ هن آيت واري تجريد قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرْهُمْ (الانعام: 91) [چئو الله پوءِ انهن کي ڇڏي ڏيو.] کي حاصل ڪر. سڀ ڪم ان جي حوالي ڪر. وَأُفَوِّضُ أَمْرِي إِلَى اللَّهِ (مؤمن: 44) [۽ آئون ته پنهنجو معاملو الله جي حوالي ٿو ڪريان.] اهلِ صدق جي قافلي يعني وَكُونُوا مَعَ الصَّادِقِينَ (التوبہ: 119) [سچن سان گڏ ٿي وڃو.] سان گڏ هل!. دنيا جي خوبصورت جاين، جيڪي إِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَى الْأَرْضِ زِينَةً لَهَا (الڪهف: 7) [بيشڪ اسان زمين جو سينگار ڪيو آهي جو ڪجھ انهيءَ تي آهي.] واريون منزلون عبور ڪر. هدايتن جي واٽن مان إِنَّ هَذِهِ تَذْكِرَةٌ  فَمَنْ شَاءَ اتَّخَذَ إِلَى رَبِّهِ سَبِيلًا (الدهر: 29) [بيشڪ هيءَ نصيحت آهي ته جيڪو چاهي پنهنجي رب جي طرف جي راھ وٺي.] کي اختيار ڪر. پريشانيءَ جي صورت ۾ زبان سان أَمَّنْ يُجِيبُ الْمُضْطَرَّ إِذَا دَعَاهُ (النمل: 62) [ هو جيڪو لاچار جي ٻڌي ٿو، جڏهن اُهو ان کي پڪاري.] تي عمل پيرا ٿيءُ. عاجزيءَ ۽ زاريءَ سان پڙهندو رھ: اهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ (الفاتحة: 5) [اسان کي سڌي راھ تي هلاءِ.] يا وري الله تبارڪ وتعاليٰ جي اصلي عنايت أَلَا إِنَّ أَوْلِيَاءَ اللَّهِ لَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ (يونس: 62) [ٻڌي وٺ! بيشڪ الله جي ولين کي نه ڪو خوف آهي ۽ نه غم.] سان گڏ هج، جن کي سَلَامٌ قَوْلًا مِنْ رَبٍّ رَحِيمٍ (يٰسين: 58) [انهن تي سلام هوندو مهربان رب جو فرمايل.] جي بشارت مليل آهي ۽ اهڙي ڏوليءَ ۾ چڙھ جن کي نَصْرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتْحٌ قَرِيبٌ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِينَ (الصف: 13) [الله تعاليٰ کان مدد ۽ ويجھڙائي ۾ ملندڙ ڪاميابي ۽ مؤمنن کي بشارت ڏئي ڇڏ.] جو واعدو آهي سان گڏ سوار ٿيءُ ۽ هميشه وارن باغن (جنتن) فَانْقَلَبُوا بِنِعْمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضْلٍ (آلعمران: 174) [پوءِ ڦِرو (موٽو) الله تعاليٰ جي نعمتن ۽ فضل وڪرم ڏانهن.] طرف وڃ. تڏهن وصال واري هوا هر طرف کان اچي ٿي ۽ پوءِ محبت جي شراب جا پيالا گردش ۾ ايندا. غيب جو اهو مشاهدو حاصل ٿيندو، جيڪو سڀ کان اهم هوندو. إِنَّ هَذَا كَانَ لَكُمْ جَزَاءً وَكَانَ سَعْيُكُمْ مَشْكُورًا (الدهر: 22) [اهو آهي توهان جو اجورو ۽ توهان جون ڪوششون قبول پيون.] سان سرفراز ٿيندو. ان محبت واري رات اهو وَكَلَّمَ اللَّهُ مُوسَى تَكْلِيمًا (النسآء: 164) [۽ الله تبارڪ وتعاليٰ موسيٰ عليه السلام سان ڪلام فرمايو.] جو آغاز ٿيندو. تڏهن فَلَمَّا تَجَلَّى رَبُّهُ لِلْجَبَلِ (الاعراف: 143) [جڏهن رب پاڪ جبل تي تجلي فرمائي.] جو منظر پسڻ ۾ ايندو. جڏهن ان مشاهدي وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَاضِرَةٌ إِلَى رَبِّهَا نَاظِرَةٌ (القيامة: 22-23) [ان ڏينهن ڪي منهن (خوشيءَ ۾) ٻهڪندڙ هوندا، پنهنجي رب کي ڏسندڙ هوندا.] جو موقعو ملندو. جڏهن وڏي عاجزيءَ سان اعتراف ڪندڙ پنهنجي زبان حال سان هن طرح چوندا لَا تُدْرِكُهُ الْأَبْصَارُ وَهُوَ يُدْرِكُ الْأَبْصَارَ (الانعام: 103) [ڪا اک ان کي نٿي ڏسي سگھي بلڪ ان جي نظر هر ڪنهن کي ڏسي سگھي ٿي.] وارو مرحلو ظاهر ٿيندو. [120]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org