سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تلقين السالڪين

باب:

صفحو:12 

هن صفحي جو سڄو مواد صحائف مان ورتل آهي، ليڪن عربي شعر ڇڏيل آهن.

[صحائف السلوڪ ص 47 ۽ 48]

ص 156، 157، 158 ۽ 159

هي سمورو مواد عربي اشعار ڇڏي باقي صحائف السلوڪ ۾ موجود آهي.                                      [صحائف السلوڪ ص 49 52]

ص 161، 162، 163 ۽ 164

هي مواد ساڳي هنڌان ورتل آهي ليڪن هتي سڀ عربي ۽ ڪجھه فارسي شعر ڇڏي ڏنل آهن.

[صحائف السلوڪ ص 52]

ص 160 لولاڪ لما اظهرت الربوبية

هيءَ عبارت ۽ ان سان ٻيو مواد ساڳي هنڌان ورتل آهي، ڪجھه مواد مؤلف جو پنهنجو آهي پر گهڻو ڪجھه ڇڏيل به آهي.

[صحائف السلوڪ 53 - 56]

ص 165 ۽ 166

هي سمورو مواد ساڳي ڪتاب ۾ ملي ٿو. هتي مؤلف وچ تي شاھ لطيف جو بيت پنهنجي طرفان داخل ڪري ڇڏيو آهي.

[صحائف السلوڪ ص 57 ۽ 58]

ص 165 سُئلَ ذُوالنُّونِ مِنَ العَاشِقِ ...

        هن جي اصل متن ۾ ٻه لفظ صحيح آندل ناهن جيڪي هي آهن: مفضر جي بجاءِ مفصر آهي، يراعي جي بجاءِ مراعي ۽ بتنفق جي جاءِ متفقد آيل آهي ۽ اهي ئي صحيح آهن.

       ذوالنون مصري (وفات 246/861) اوائلي صوفين ۾شمار ٿئي ٿو. مولانا جامي نفحات الانس ۾ پهرين صوفي ابوهاشم کان پوءِ سندس ذڪر ڪري ٿو. هو امام مالڪ جو شاگرد هو. جنهن کان مؤطا جو سماع ڪيو هئائين. صوفين جو معرفت وارو نظريو ڏانهس منسوب آهي. خواجه بايزيد بسطامي (وفات 261/875) ذوالنون جو همعصر آهي..

[معارف سلطان الاولياء، ص491،صحائف السلوڪ ص 58]

ص 165 ۽ 167 العشق و صبر ضدان

هن عبارت جو پويان الفاظ والمجمع بينهما ليس بامکان حذف ڪيل آهن. اهڙيءَ طرح ڪافي فارسي بيت هتي نه آندل آهن.

[صحائف السلوڪ 58 ۽ 59]

ص 171 شربت الحب کاساً بعد کاس

هي عربي شعر به انهيءَ مواد جو حصو آهي جيڪو مؤلف جيئن جو تيئن رساله عشقيه مان ورتو آهي جنهن جي اسان وڌيڪ تصديق چراغ دهلويءَ جي صحائف السلوڪ مان پڻ ڪئي آهي.

 وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو حوالو ص 111 کان 139 تائين.

ص 171 سقاني الحب کاسات الوصال ......

قصيده غوثيه جو مطلع يا پهريون بيت آهي.

 [منهاج المعرفت، ص221]

ص 173 شيخ نظام الدين اولياء (636/725ھ)

سلطان المشائخ شيخ نظام الحق والدين مشهور چشتي بزرگ آهي. امير خسرو سندس خاص معتقد ۽ مريد هو. امير حسن سجزيءَ سندس ملفوظات ’فوائد الفواد‘ نالي سان مرتب ڪئي آهي جيڪا فارسي زبان جو هڪ شاهڪار آهي ۽ اها علمي ۽ صوفي حلقن ۾ نهايت مقبول ۽ مشهور آهي.

 شيخ نظام الدين اولياء هندستان جي صوفي فڪر جي تاريخ ۾ نهايت منفرد ۽ ممتاز حيثيت رکي ٿو خاص طور سندس شخصيت ٻين مذهبن هندن وغيره سان رواداريءَ جو اعليٰ مثال هئي. هڪ دفعي جڏهن ڇت تان جمنا جي ڪناري هندن کي پوڄا پاٺ ڪندي ڏٺائين ته چيائين:

هر قوم راست راهي ديني و قبله گاهي

يعني: هر قوم جو ڪو دين ۽ قبلو هوندو آهي.

هن هڪ مصرع مان سندس اعليٰ ظرفي ۽ صلح ڪل جو پتو پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين دهليءَ ۾ سندس مزار هر قسم جي مذهب وارن لاءِ ڪشش رکي ٿي. هڪ لحاظ کان سندس تصوف شيخ سعديءَ جي هن بيت جو عملي مظاهرو هو:

طريقت بجز خدمت خلق نيست
به تسبيح وسجاده و دلق نيست

[طريقت خدمت خلق کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءِ جو نالو ناهي. اها تسبيح ۽ مصلي يا گودڙي ڍڪڻ ۾ سمايل ناهي.]

مستند تذڪرن موجب شيخ نظام الدين اولياء جا ڪي مڪتوبات ڪونهن ليڪن انجمن ترقي اردو جي فهرست مخطوطات ۾ مڪتوب بنام نظام الدين اوليا جو نالو ملي ٿو. اهو هڪ ڊگھو مڪتوب آهي جيڪو 1230ھ جي ڪتابت آهي ان جو موضوع عشق ۽ معرفت آهي. مخدوم عاقل هن ساڳئي مڪتوب جو حوالو گنجينئه جھان نما ۾ به ڏنو آهي.

[ڪلمات الصادقين ص 68، محبوب الاهي - خليق احمد ص 108، گنجينئه جھان نما قلمي ص 49]

ص 190، 191، 192 ۽ 193

هنن صفحن جو سڄو مواد صحائف ۾ موجود آهي، البت هتي عربي اشعار ڪو نه ڏنا ويا آهن. ڪجھه فارسي شعر به حذف ٿيل آهن ڪافي عبارت به محذوف آهي.

[صحائف السلوڪ 60،61،62]

ص 171 ۽ 172 قصيده غوثيه

قصيده غوثيه جا عربي شعر صحائف ۾ ڪونهن، اهي مؤلف پاڻ داخل ڪيا آهن. ليڪن شربت الحب کاسٍ بعد کاساً جيڪو مشهور عربي شعر آهي هن ڪتاب ۾ آهي ان کانپوءِ ايندڙ ٻئي عبارتون به آهن.                                                 [صحائف السلوڪ ص 62]

ص 148 کان 175

هي سمورو مواد جيڪو 30 صحفن تي پکڙيل آهي ٿوري گهڻي ڪاٽ ڪوٽ جنهن ۾ خاص طور عربي شعر شامل آهن ‘قلم بشڪن’ سان شروع ٿيندڙ شعر تائين صحائف السلوڪ ۾ ملي ٿو يعني اتان ورتل آهي. هڪ هنڌ تي قصيده غوثيه مان عربي اشعار هڪ هنڌ تي شاھ لطيف جو بيت ۽ هڪ هنڌ تي بوعلي قلندر جا اشعار مصنف داخل ڪيا آهن، ورنه سمورو مواد صحيفه 19 تان نقل ڪيل آهي.

[صحائف السلوڪ ص 43 - 65]

ص 175 اي منهنجا عزيز......... رباعي تائين

هيءَ سموري عبارت شيخ محمد حسن جي هڪ خط جو حصو آهي ۽ اهو خط سندس احوال ۾ ملي ٿو جيڪو ’اخبارالاخيار‘ ۾ ڏنل آهي يعني هي سڀ مواد اتي موجود آهي.

[اخبارالاخيار - فارسي، ص 241-242]

ص 183 صوفيانه شاعريءَ جا اصطلاح

فارسي زبان ۾ هن سلسلي ۾ ڪيترا ننڍا وڏا ڪتاب موجود آهن. بهرحال هتي جنهن رسالي مان استفادو نظر اچي ٿو اهو توضيح مصطلاحات صوفيه آهي جنهن جو مؤلف خواجه محمد پارسا آهي ۽ انهن جي سَند خواجه علاؤالدين عطار جي واسطي سان خواجه بهاءَالدين نقشبند تائين پهچي ٿي. هن ننڍي رسالي ۾ ئي ’عاشقي‘ کي طلب ۽ دوستي چيو ويو آهي جيئن هتي ٻڌايو ويو آهي تاهم هتي وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي: ’لطف‘ معشوق طرفان عاشق جي تربيت آهي. ’لب لعل‘ ڪلام جي باطن کي چون ٿا. ’لب شڪرين‘ نازل ٿيل ڪلام کي چون ٿا. ’نقاب‘ رنڊڪ يا روڪ کي چون ٿا. ’زنخ‘ ان مشاهدي کي چون ٿا جنهن مان مشاهدو حاصل ٿئي. ’ميڪده‘ قديم مناجات کي چون ٿا. ’عيد‘ مقام جمع کي چون ٿا. ’وصال‘ مقام وحدت کي چون ٿا. ’علق‘ شهوتن ۽ ٻين نفساني خواهش کي چون ٿا. ’ترسا‘ مان مراد روحاني آهي ۽ ’ترسابچه‘ غيبي واردات واري کي چون ٿا.

بهرحال هتي اها وضاحت ضروري آهي ته جيتوڻيڪ هي رسالو مؤلف جي آڏو هيو پر پاڻ گھڻن اصطلاحن جي معنيٰ ۽ تشريح ڪئي اٿس ان مان اندازو ٿئي ٿو ته وٽس ڪو ٻيو ڪتاب به هو.

[رساله مصطلاحات تصوف علمي نقوش - ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان]

ص 203

مظفر بلخيءَ جو پهريون خط پورو نقل نه ڪيو ويو آهي. بلڪ گھڻو ڪٽي ٿورو حصو ڏنو ويو آهي. خاص طور ان مان فارسيءَ جا چار بيت حذف ڪيا ويا آهن.                                       [ص 43-44]

ص 204 ۽ 205 اي ڀاءُ! ۽ فارسي بيت: دردا که غم کوه ......

هي مواد خط 2 مان ورتل آهن.

 [ص 48]

ص 205 اي ڀاءُ! عاشق کي هر طرح جڳائي .........

 اردو ترجمي ۾ عربي عبارت ۾ صرف هي الفاظ ملن ٿا ”المحب الصادق من يجعل مراده فداءُ مُراده“ ليڪن ’ثمرات القدس‘ ۾ ڏنل انهيءَ خط ۾ وڌيڪ عربي عبارت موجود آهي جنهن ۾ ٿورو اختلاف آهي.

[اخبارالاخيار، ص 125، ثمرات القدس ص 951، مراة الاسرار ص 1029- 1030]

ص 206 اي ڀاءُ! جيستائين توکي رحمت .........

هيءَ ٽڪرو مڪتوب 15 مان ورتل آهي.

[ص 79]

ص 207 اي ڀاءُ! سڌي واٽ ..........

هي ٻه سٽون ۽ شعر ڊگهي مڪتوب 15 مان ورتل آهن.

[ص 85]

ص 208 اي ڀاءُ! مثال طور .......

 [اخبارالاخيار، ص 127]

ص 208 اي ڀاءُ! امام شبليءَ کان ......

هيءُ ٽڪرو مڪتوب 26 مان ورتل آهي.

[ص 112]

ص 208 اي ڀاءُ! هر وقت عالم .........

هي خط اتي ملي ٿو.

[اخبارالاخيار، ص 127]

ص 209 اي ڀاءُ! حادث جو بي داغ هجڻ .......

هي اقتباس مڪتوب 20 ۾ ملي ٿو. ليڪن اصل عربي عبارت اُريد عدماً لا وجود لہ يعني آءٌ اهو عدم چاهيان ٿو جنهن کي وجود ڪونهي.                              

[اخبار الاخيار ص 138]

ص 209 اي ڀاءُ! جنهن منزل ڏانهن ........

هو اصل ۾ شيخ شرف الدين جي احوال ۾ آيل آهي.

 [اخبارالاخيار ص 129]

ص 209 اي ڀاءُ! لکڻ ۽ ڳالهائڻ......

هي ٽڪرو ۽ اشعار خط 18 مان ورتل آهن. شعر پهرين مصرع ’چون سرّ‘ جي بجاءِ ’اسرار ازل‘ سان شروع ٿئي ٿي.

[اخبار الاخيار ص 93]


 

ڪتابيات

فارسي

 

1.       گنجينئه جھان نما قلمي فوٽو کاپي - مملوکه دکتر محمد ادريس السندي

2.      تلقين السالکين مسودو اصل مملوکه دکتر محمد ادريس السندي

3.      ميرزا لعل بيگ بدخشي: ثمرات القدس من شجرات الانس - مقدمه وتصحيح دکتر کمال حاج سيد جوادي، تهران 1376

4.      مولانا فخرالدين علي بن حسين واعظ کاشفي - رشحات عين الحيات - دکتر علي اصغر معينيان شهر پورمان 36 25 جلد اول و دوم

5.      شيخ عبدالحق دهلوي: اخبارالاخيارفي اسرار الابرار - کتب خانه رحيميه ديوبند يوپي، هندستان

6.      دکتر غلام مصطفيٰ خان: ملفوظات خواجه نقشبند وغيرهما - 1379/1959ع حيدرآباد، سنده

7.      منشي عطا محمد شکارپوري: تاريخ تازه نواي معارڪ، عبدالغني افغاني - سندهي ادبي بورڊ جامشورو، 1959ع

8.      خواجه محمد بن محمد پارئي بخارائي: قدسيه کلمات بهاءَالدين نقشبند - مقدمه وتصحيح: احمد طاهر عراقي

9.      نصيرالدين محمود چراغ دهلي - صحائف السلوڪ -  مسلم پريس واقع قصبه جھجھر، هندستان

10.  شاه فضل الله: عمدة المقامات- فارسي/اردو- جلد اول - ڪراچي 2015ع

 

سنڌي

1.       مولانا دين محمد وفائي:  تذڪره مشاهير سنڌ - سنڌي ادبي بورڊ، 1985ع

2.      ڊاڪٽر عطا محمد حامي: خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ڪراچي 1994ع

3.      حڪيم نياز همايوني: سنڌي ترجمو - تازن معرڪن جي تاريخ - سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2005ع

4.             پروفيسر مخدوم شبير احمد: تذڪره مخاديم کهڙا شريف - حيدر آباد، 2005ع

5.             مخدوم شفيع محمد : سنڌي ترجمو- تذڪره مخاديم کهڙا خيرپور، 2006ع

6.             ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: واقعاتي بيت-  سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،1961ع

7.       ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: مناقبا - سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1960ع

8.      ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: هڪ مثالي عالم – 2002ع

9.      ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ:  تحفة الڪرام  سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1976

10.  سيد محب الله شاھ: مختصر تاريخ سنڌ - 2001

11.         غلام مصطفيٰ قاسمي: مقالات قاسمي - مرتب نظير احمد قاسمي حيدرآباد، 2000

اردو

1.      شیخ عبدالحق دھلوی: اخبار الاخیار- دارالاشاعت، کراچی 1997ء

2.     اعجاز الحق قدوسی: تاریخ سندھ- اردو سائنس بورڈ 1990ء

3.     ڈاکٹر محمد نذیر رانجھا- رشحات عین الحیات- خانقاہ سراجیہ نقشبندیہ مجددیہ- 2017ء

4.     صلاح بن مبارک بخاری: انیس الطالبین- فارسی/اردو- لاہور، 2003ء

5.     محمد صادق دھلوی: کلمات الصادقین- اردو ترجمو: لطیف اللہ- کراچی، 1995ء

6.     نسیم امروھویﷲ تاریخ خیرپور

7.     مولانا غلام رسول مھر: تاریخ سندھ عہد کلہوڑا- سندھی ادبی بورڈ، 1958ء

8.     پیرزادہ اقبال احمد فاروقی: رسائل نقسبند- مکتبئہ نبویہ- لاہور

9.     ڈاکٹر میر ولی الدین: رموز عشق- لاہور، 1979ء

انگريزي

1.       Sir William Napier The History of General Sir Charles Napiers Conquest of Scinde Oxford Karachi 2001

2.      Richard F Burton SIND And The Races That Inhabit The Valley of the Indus. Oxford Karachi 1973

3.      P.N.Khera British Policy towards Sindh Archives 2009.

4.      Edward Langley Narration of A resident In The Court of Meer Ali Moorad. Sindh Culture Dept: 2017.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org