سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :4

 

ارسطو ۽ فن شاعري

شاعريءَ جي فن تي ارسطو جي لکيل رسالي کي عام طرح فن شاعري(1) سڏيو وڃي ٿو. ارسطو ان کي رسالي جي صورت ۾ آڻڻ ڪونه ٿي چاهيو. سندس ٻين تصنيفات وانگر جيڪي اسان تائين سلامت پهتيون آهن. اهورسالو ڪتابي صورت ۾ قلمبند ڪونه ڪيو ويو هو. ان رسالي ۾ فقط اُهي تقريرون گڏ ڪيل آهن، جيڪي ارسطو پنهنجي شاگردن جي اڳيان ڪندو هو. اهي تقريرون نوٽ به ٿي سگهن ٿا. جيڪي ممڪن آهي، ته هن پنهنجي رهنمائي لاءِ لکيا هجن. اهو به ممڪن آهي ته اهو رسالو انهن مختصر نوٽن   جو مجموعو آهي، جيڪي سندس ڪنهن شاگرد (ياشاگردن)  سندس تقريرن مان ورتا هجن. بهرحال ان رسالي جي مرتب جو مقصد عام ماڻهن جي رهنمائي  ڪونه هو. رسالي جي ڏسڻ مان معلوم ٿيندو ته منجهس ڪابه ترتيب ڪين آهي ۽ مختصر ۽ گهٽيل مواد جي ڪري مضمون جو سلسلو برابر رهي ڪونه سگهيو آهي.  بنيادي اصولن جي تشريح  ڪرڻ جي بدران اجاين ڳالهين تي وڌيڪ محنت ڪئي وئي آهي. مطلب ته ان رسالي ۾ اهي مڙئي خاميون موجود آهن، جيڪي ڪنهن تقرير مان ورتل نوٽن ۾ ٿي سگهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو مرڪزي خيال جنهن تي هر ڪنهن ڳالهه جو مدار آهي، هڪ خاص فني اصطلاح ۾ بيان ڪيل آهي ۽ اڪثر اشارن ۽ ڪتابن کان ڪم ورتو ويو آهي. سچ پڇو ته تقريري نوٽن مان ان کان وڌيڪ جي اميد رکڻ به اجائي آهي.

انهن سڀني خامين جي هوندي به رسالي ۾ بيمثال دليلبازي ڪيل آهي. فن شاعري نه رڳو ادب تي پهريون ۽ مڪمل فيلسوفانه بحث آهي، پر بعد ۾ ادب تي ٿيل سڀني بحثن جو بنياد به ان تي ئي آهي. اهو رسالو پنهنجي وقت  جي پيداوار آهي ۽ اها حقيقت  ان جي محدود موضوع مان ظاهر آهي، ڇاڪاڻ ته ارسطو کان پوءِ ادب بي انتها  ترقي ڪئي آهي، جڏهن تنقيد کي ادب جي ڪن هلندڙ رسمن تائين محدود ڪيو وڃي يا اها پاڻ محدود ٿي وڃي، تڏهن ان ۾ گمراهي پيدا ٿيڻ آسان آهي ۽ پوءِ ان ۾ بحث جو موضوع ضروري شين جي بدران غير ضروري شين کي بنايو ويندو آهي. پر ارسطو جي ضمير   ۾ فلسفو رچيل آهي. ادبي تنقيد  جي مسئلن تي بحث (کڻي انهن جو دائرو ڪيترو به محدود هجي) ڪڏهن هن لاءِ صحيح فيلسوفانه بحث ٿي ڪونه ٿي سگهيو. چوٿين صدي (ق. م) جي يونان ۾جيڪو فلسفو چڱو ليکيو ويندوهو، اهو هر هنڌ ۽ هر دور ۾ چڱو فلسفو آهي. ارسطو جيڪي ڪجهه چوي ٿو، ان جو گهڻي ڀاڱي يوناني فڪر ۽ يوناني ادب سان تعلق آهي. پر اڪثر ڪري جيڪي ڪجهه هو چوي ٿو اهوعام ادب بابت هڪ صحيح فڪر آهي. ارسطوکي ادب جي فن تي جيڪي ڪجهه چوڻو هو ان ۾ گهڻو ڪري ڪوبه اضافو ڪيل ڪونه آهي ۽ جيتريقدر ڏسجي ٿو،آئيندي به ان ۾ڪو اضافو ڪونه ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح فن شاعري  کي يوناني ثقافت سان واڳيل سمجهڻ هڪ اهم حيثيت آهي.پر اسان لاءِ اهم ڳالهه هيءَ آهي، ته اسين ان رسالي کي ادبي تنقيد جي اصولن جي هڪ سادي تشريح ڪري سمجهون، جيڪا شيڪسپيئر ۽ ملٽن لاءِ به اهڙي طرح صحيح آهي، جهڙيءَ طرح هومر ۽ سوفوڪليز لاءِ صحيح هئي. فڪر ۽ احساس جي نون خيالن کي ارسطو سان منسوب ڪرڻ سخت گمراهي آهي. صحيح طريقو هيءُ آهي ته هن جي اصولن کي فڪر ۽ احساس جي جديد اظهارن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي.

فن شاعري جو موضوع يوناني ادب جي ڪن صنفن تائين محدود آهي. انهن صنفن جا ڪل چار قسم آهن، جن کي انهن جي تاريخي ۽ جمالياتي لاڳاپن مطابق ارسطو ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. هن جو خيال آهي ته پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان شاعريءَ جي شروعات ٻن طريقن سان ٿئي ٿي. يعني شاعري يا رجزيه(1) يا وري طنزيه(2) سان شروع ٿئي ٿي. پر رجزيه (يا رزميه)(3) اڳتي هلي حزنيه(4) شاعري جي صورت اختيار ڪري ٿي. ۽ طنزيه شاعريءَ مان طربيه(5) پيدا ٿئي ٿي. جئن ته ان ريت شاعري ٻن قسمن ۾ تقسيم ٿئي ٿي، تنهن ڪري اهي جيڪي رزميه شاعريءَ لاءِ صحيح آهن، سٿوري ڦيرڦار کان پوءِ جزنيه شاعريءَ لاءِ به درست ثابت ٿيندا؛ ۽ اهي اصول جيڪي طنزيه شاعريءَ لاءِ درست هوندا سي وري ساڳيءَطرح طربيه شاعري لاءِ پڻ صحيح ٿيندا. پر ارسطو هر هڪ جوڙي جي پوئين قسم کي تاريخي نقطئه نظر کان شاعري جي فن جو مڪمل نمونو سمجهي ٿو، جنهن ڪري پهرين قسم جي مقابلي ۾ اهو وڌيڪ بحث لائق آهي. تنهنڪري ارسطو جي تجويز هيءَ آهي ته پهرين پوئين قسم جي شاعريءَ جي ارتقاء جي نظريي کي حل ڪري، پوءِ مختلف پر متعلق حالتن مطابق ان کي پهرئين قسم جي شاعريءَ تي استعمال ڪجي. پر جئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته فن شاعري ڪو مڪمل ڪتاب ڪونه آهي. غلطيءَ مان بحث جي رٿا ته ظاهر ڪئي وئي آهي، پر حقيقت ۾ بحث صرف حزنيه شاعريءَ تي ڪيل آهي؛ ۽ ان جي نتيجن کي رزميه شاعريءَ تي استعمال ڪيو ويو آهي. ممڪن آهي ته اصلي رسالي ۾ ٻيو حصو به هجي جنهن ۾طربيه ۽ طنزيه شاعريءَ تي به ساڳيءَ طرح بحث ٿيل هجي، پر اهو حصو هن وقت غائب آهي.

جيتوڻيڪ ارسطو جي اها رٿا گهڻي قدر معقول آهي، پر شاعريءَ (ياعام ادب) جي قسمن ۽ نمونن  جي اها ورهاست يا حد بندي فقط بحث جي سهوليت خاطر ساراهه جوڳي آهي. شاعري ۾ حياتياتي(1) حدون ڪين هونديون آهن. بعض وقت ارسطو اهو وساري ٿو ڇڏي ته الميه (حزنيه) نظم کي ان ڪري رد ڪيو وڃي ٿو، ته اهو هڪ نظم آهي. ظاهري علامتن مان ايئن ٿو ڀانئجي، ته هر نظم کي الميه سان مشابهت ڏني ويئي آهي.پر صحيح مقصد وچان ئي ڪو ٻيو هوندو. اهو ممڪن آهي ته الميه جي نمونن جي بيحد سخت ۽ ٺوس تعريف ڪئي وئي هجي. پر نئين دور جي پڙهندڙ تي جا ڳالهه اثر ڪري ٿي، سا آهي ارسطو جي ان رٿا ۾ غنائي شاعريءَ(2) جي مڪمل غيرموجودگي. ان جو سبب ڪا بيپرواهي ڪين هئي ۽ نه وري اهو ته غنائي شاعريءَ جو بحث ان بيان بازيءَ ۾ ٺهڪي ڪونه ٿي سگهيو. برخلاف ان جي غنائي شاعريءَ جي بحث وسيلي ارسطو کي پنهنجي مرڪزي موضوع کي واضح ڪرڻ لاءِ ته پاڻ گهڻي مدد ملي ها. حقيقت ۾ ارسطو جي چوڻ مطابق غنائيءَ شاعري جو موسيقيءَ سان گهرو تعلق آهي، تنهنڪري ان بابت بحث سندس موضوع جي دائري کان ٻاهر آهي. هو ته ظاهر ظهور شاعريءَ جي فن کي ٻوليءَ جي وسيلي تائين محدود رکي ٿو.فن شاعري ۾ اسان کي فقط الميه جو نظريو ملي ٿو، جنهن ۾ رزميه شاعري تي به بحث ڪيو ويو آهي. اهو نظريو اهڙي ته باريڪ بيني ۽ دانائي سان بيان ڪيل آهي جو اهو ادبي نظريي جو هڪ نمونو ٿي پيو آهي.

ارسطو هڪ فيسلوف هو، جنهن جو مقصد انسان ذات جي ذهني تحريڪ جي دائري ۾ تنظيم ۽ ترتيب يدا ڪرڻ هو. اهو بلڪل ناممڪن هو ته هو ادب جي فن کي نظرانداز ڪري ڇڏي. دراصل فن شاعري  ۾ ارسطو، شاعريءَ  تي افلاطون جي ڪيل مشهور معروف اعتراض جو زبردست جواب ڏنو آهي. اطلاطون هي اعتراض اٿاريو هو ته: شاعري انساني ذهن جي عظمت ۽ بلندي لائق بنهه ڪين آهي ۽ اها پنهنجي اثر جي لحاظ کان بلڪل بئري آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته فن شاعريءَ جو تعارف ڪرائيندي مختصر ۽ جامع  لفظن ۾ ان اختلاف جي وضاحت پڻ ڪجي، جيڪو هنن ٻن خاص ذهنن جي وچ ۾ هو، ڇاڪاڻ ته ان اختلاف جي ڪري هڪ طرف شاعريءَ تي زبردست حملو ٿيو ته ٻئي طرف وري ان جو اثرائتو بچاءُ پڻ ٿيو.

ارسطو، افلاطون جو شاگرد هو. پر جئن جئن ارسطو جو ذهن پختو ٿيندو ويو تيئن تيئن هو پنهنجي ۽ افلاطون جي عقيدن جي وچ ۾ اختلاف بابت وڌيڪ آگاهه ٿيندو ويو، ۽ هن افلاطوني فلسفي جي ڪن خاص نتيجن  ۽ طريقن تي اعتراض  ڪرڻ ضروري سمجهيو. اهو بنهه ناممڪن آهي، ته فيلسوفاڻي فڪر جي ٻن مخالف مڪتبن کي بيان ڪرڻ لاءِ انهن ٻن شخصن کي چونڊيو وڃي، جيڪي پنهنجي پنهنجي مڪتب جي پوري طرح نمائندگي ڪري ٿا سگهن. البت اهو اختلاف  ان مطالعي جي وسيلي واضح ٿي سگهي ٿو جيڪو انهن شخصن لاءِ خاصو دلچسپي وارو آهي. ارسطو جي دلچسپي علم حيات ۾ هئي، جنهن ڪري سندس فلسفي تي ان جو رنگ چڙهيل آهي. افلاطون وري علم رياضي جي رنگ ۾ رنگيل آهي. يعني ارسطو جو ذهن شين جي وسيلي خيالن تائين پهچي ٿو ۽ افلاطون جو ذهن وري خيالن جي وسيلي شين تائين پهچي ٿو. ارسطو جو علمي ذهن هو ۽ افلاطون جو مابعدالطبعي. مٿئين اختلاف جي اهميت ان وقت ظاهر ٿئي ٿي جڏهن سوال اٿي ٿو، ته حقيقت جي معنيٰ ڇا آهي؟ ان صورت ۾ علم حيات جو ماهر حقيقي اڪيلي ساهواري کان وٺي مخلوق جي ڪنهن قسم جهڙوڪ انسان يا ڪتي جي عام خيال جو مطالعو ڪندو. ڪنهن ساهواري جو خيال ئي گهڻي قدر سچو آهي، پر فقط ان ڪري جو ان جو تعلق حقيقي ماڻهن يا ڪتن سان آهي. پر فقط ان ڪري جو ان جو تعلق حقيقي ماڻهن يا ڪتن سان آهي. علم حياتيات جي نقطه نظر کان خيالن کي ڏنل شين جي صداقت اها آهي، جيڪا خود انهن ۾ موجود آهي؛ پر علم رياضي جي نقطهء نظر  کان شين کي ڏنل خيالن جي صداقت اها آهي، جيڪا اڳ ۾ ئي انهن ۾ موجود آهي. ڇاڪاڻ ته رياضيدان اُهي خيال مطالع ڪري ٿو، جيڪي ڪڏهن به پوري طرح شين مان حاصل ڪري ڪونه ٿا سگهجن. ڪنهن ليڪي جو خيال خالص هڪ خيال آهي ۽ هڪ ليڪي جي ايراضي هڪ خالص خيالي ايراضي آهي. پر اها دائم ۽ قائم ايراضي آهي، جنهن تي پورو يقين ڪري سگهجي ٿو.هڪ ليڪي  ۾ اهي ايراضيون ان وجود جو يقين ڏيارين ٿيون جنهن کي اسين حقيقت چئون ٿا؛ ۽ صحيح طبعي ليڪن ۾ اهي ايراضيون فقط ان حد تائين محدود آهن ته انهن  جي ڪري ليڪي جي خيال جي نمائندگي ٿئي ٿي. تنهنڪري هڪ رياضياتي ذهن لاءِ شيون گهڻي قدر حقيقي هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪن خيالن جي نمائندگي ڪن ٿيون.شين کي حقيقت ملي ٿي خيالن کان، پر جيڪڏهن خيالن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ شيون نه به هجن (جئن رياضياتي خيالن ۾ ٿيندو آهي) تڏهن به اهي خيال حقيقي هوندا.

افلاطون ڪهڙي گمراهه منطق جي اثر هيٺ شاعريءَ کي ننديو هو، ان بابت اسين هاڻي سوچينداسون. پر سندس اعتراض جي نوعيت عين سندس فلسفي جي نوعيت مطابق آهي. ساڳيءَ طرح ان اعتراض لاءِ ارسطو جي ڏنل جواب جي نوعيت سندس فلسفي  سان مطابقت رکي ٿي. ارسطو ڪڏهن به ايئن ڪونه ٿو چوي، ته منهنجو نظريو افلاطون جي نظريي جو جواب آهي. هو فن ۽ شاعري ۾ افلاطون جو ذڪر ئي ڪونه ٿو ڪري ۽ نه وري شاعريءَ تي هن جي ڪيل اعتراض ڏانهن اشارو ڪري ٿو. پر سندس سموري دليلبازي افلاطون جي دليلن جي هر هڪ نڪتي کي باطل ثابت ڪرڻ جي چغلي هڻي ٿي. ان کان سواءِ انهن ٻن ذهنن جو اختلاف تڏهن ظاهر ٿئي ٿو جڏهن اهي شاعريءَ جي وجود تي بحث ڪن ٿا.


(1) Poetics.

(1) Heroic

(2) Satiric

(3) Epic

(4) Tragic

(5) Comedy.

(1) Biological.

(2) Lyric Poetry.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com