سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :7

 

تنهنڪري ارسطو جي نظريي کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان عبارت کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. جماليات جي شروعات  ارسطو کان ٿئي ٿي ۽ عجب جهڙي ڳالهه ته اها هڪ اهڙي صحيح ۽ موزون طريقي  تي شروع ٿي، جو ڪيترين ئي حالتن ۾ اها پنهنجي موضوع  تي حرف اول ۽ حرف آخر جي حيثيت رکي ٿي. پر اڪثر ڪري جڏهن ڪو نئون علم پنهنجي انفرادي صورت ۾ وٺي ٿو، تڏهن ان ۾ خاص اصطلاح استعمال ڪيا ويندا آهن جيڪي پهرين ته عام استعمال ۾ ڪتب ايندا آهن پر ان نئين علم ۾ انهن جي پوري طرح تعريف  ڪين ٿي سگهندي آهي. ممڪن آهي ته ارسطو ڄاڻي ٻجهي لفظ نقالي جي تعريف ان معنيٰ ۾ ڪئي هجي، جيڪا اسين ساڻس منسوب ڪريون ٿا. اهو لفظ ۽ ان بابت خيال ههڙي قسم جي بحث ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي موجود هو ۽ ارسطو ان کي پنهنجي سهوليت مطابق استعمال ڪيو. پر شاعري جي نوعيت جي باري ۾ سندس تنقيدي بصيرت حيرت انگيز هئي، جنهنڪري پنهنجي نظريي ۾ نقالي جي لفظ کي خصوصاً استعمال ڪري هو ٽيڪنڪ ۽ تخليقي تحريڪ ۾ تميز پيدا ڪري سگهيو. جيتوڻيڪ هو ان جي معني بيان ڪونه ٿو ڪري، پر سندس نظريي ۾ ان خاص معنيٰ کي لفظ تقليد سان منسوب ڪرڻ لاءِ اسين مجبور آهيون. ڇاڪاڻ ته جيئن هو ان کي استعمال ڪري ٿو، ان مطابق ئي ان لفظ جي معنيٰ مقرر ڪري سگهجي ٿي. پر هو جڏهن ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي نظريي جي ميدان مان ٻاهر نڪري اچي ٿو ۽ اصل مضمون کان هٽي نفسياتي اصليت جي سوال ۾ پوي ٿو جيڪو بنهه هڪ جدا موضوع آهي، تڏهن هو ڄاڻي ٻجهي ان لفظ کي ان جي پراڻي معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو.

ارسطو الميه شاعريءَ جي خاص موضوع ڏانهن ايندي ۽ رزميه شاعري ۽ تمثيلي شاعريءَ جي نوعيت جي جدا جدا طريقن جي ڪن اختلافن کي مختصر طور خيال ۾ رکندي هڪ راءِ قائم ڪري ٿو، جنهن ڏاڍي شهرت ۽ اهميت حاصل ڪئي. رزميه شاعري ۽ تمثيلي شاعريءَ ۾ جيڪو پهريون واضح اختلاف آهي، اهو هيءُ ته رزميه شاعريءَ ۾ تمثيل (ناٽڪ) کان البت گهڻي طوالت هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ضروري آهي ته ناٽڪ هڪ ئي وقت ۾ ڪري سگهجي، پر رزميه نظم ان ضرورت  مطابق منظوم ڪونه ڪيو آهي. دراصل يوناني ناٽڪ جي روايت مطابق مضمون جو اختلاف ئي ان جو سبب آهي، جيڪو ارسطو کان لڪل ڪونه هو. هو چوي ٿو ته ناٽڪ جوعمل چوويهن ڪلاڪن تائين محدود هوندو آهي. پر ان جي برخلاف رزميه شاعري جي عمل کي وقت جي پابندي جي ضرورت درڪار ڪين آهي. اها اتفاقي راءِ فقط يوناني ناٽڪ جي هلندڙ رسم ڏانهن اشارو ڪري ٿي ۽ نه ان (ناٽڪ) جي نوعيت ۾ ڪنهن موروثي حقيقت ڏانهن. پنهنجيءَ خاص اصليت ۽ حالت جي ڪري يوناني الميه ناٽڪ، ڪهاڻيءَ کي هڪ ئي لاڳيتي عمل ۾ پيش ڪيو هو. ان قسم جي ناٽڪي پيشڪش لاءِ جنهن قسم جي ڪهاڻي سٺي نموني ۾ پيش ٿي سگهي ٿي، اها ان جي زمان ۽ مڪان ۾ڪنهن به قسم جو رخنو پيدا ڪري ڪين ٿي سگهي. اهو فقط عملي سهولت جو ڪم هو، پر جئن ته وقت بوقت الميه سنگيت آکاڻي جي حرڪت کي غنائي  تاثر جي ڪري مهمل رکي ٿي سگهي، ناٽڪ نويس کي وقت جي وڇوٽي ۽ مڪان جي تبديلي کي ضرورت مطابق پنهنجي آکاڻي ۾ استعمال  ڪرڻ جو وجهه هو. يوناني شاعرن بعض وقت ان مان فائدو ورتو ۽ ڪوبه مونجهارو ڪرڻ ڪونه ڏنو. ارسطو پاڻ قبول ڪري ٿو ته وقت بابت اصول ڪو لازمي ڪونهي. البت مڪان جي باري ۾ هو خاموش آهي.

ظاهر آهي ته الميه بابت اها راءِ ته جيتريقدر ممڪن ٿي سگهي الميه چوويهن ڪلاڪن جي واقعن تائين محدود هجي ڪا اهڙي اهم ڪانهي. البت اهو هڪ عمدو مثال ضروي آهي. ارسطو جا اصول پنهنجي وقت جي ادب تائين محدود هئا پر ساڳئي وقت هيءُ به ثابت ٿئي ٿو ته هن رڳو اتفاقي ۽ حادثاتي وصفن تي ڳنڍ ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. ان هوندي به تنقيد جي تاريخ ۾ سندس مٿين راءِ بلڪل قيمتي سمجهي وڃي ٿي. ان کي وڌيڪ اهميت يا طاقت رڳو ناسمجهي يا ڪم فهمي جي ڪري حاصل ٿي. ناٽڪ جي ٽن ايڪائين جو اصول ته ڪنهن ٻڌو آهي: يعني عمل جي ايڪائي، وقت جي ايڪائي، مڪان جي ايڪائي. ارسطو جي اها اتفاقي راءِ ڪو قاعدو نه بنجي سگهي ها. ازانسواءِ  مٿين غلط فهمين لاءِ ارسطو کي ڏوهي به ڪونه ٿو چئي سگهجي. وچيئن دور(1) جي نقادن کان پوءِ خاص ڪري فرانس ۽ اٽلي ۾ ناٽڪ جي ٽن ايڪائين تي گهڻو زور ڏنو ويو ۽ ان لاءِ ارسطو ۽ يوناني الميه ناٽڪن  کي سند طور پيش ڪيو ويو. عمل جي ايڪائي جو سنئون سڌو مطلب هيءُ آهي ته شعر ۾ ايڪائي يا وحدت هجي. يوناني الميه ناٽڪن ۾ ان جا چند مثال موجود آهن. هيڏانهن ارسطو جي حيثيت به پنهنجي جاءِ تي مڃيل آهي. ڇاڪاڻ ته ارسطو ئي پهريون شخص هو جنهن کلي طرح ۽ زوردار دليلن  سان وڏي وات چيوته اها ايڪائي الميه ناٽڪن جوهڪ ضروري جزو آهي. اها نه رڳو ناٽڪ سان تعلقي رکي ٿي، پر هن قسم جي ادبي تحرير لاءِ پڻ ضروري آهي. پر جيتريقدر  زمان ۽ مڪان جي ايڪائين جو تعلق آهي، ته عملي طرح اهي ناٽڪي تاثر پيدا ڪين ٿيون ڪن. مثال طور ريسن(2) جو الميه ناٽڪ يا بن جانسن(3) جا مزاحيه ناٽڪ. انهن اصولن جي ضرورت به بلڪل هٿرادو آهي. ڇاڪاڻ ته تنقيد جا اهي اصول  جيڪي ڪنهن فيلسوفانه اصول سان لاڳاپو نه ٿا رکن، اهي رڳو مونجهارو پيدا ڪندڙ آهن. ان جو مطلب ته هن حالت ۾ اهي قاعدا قانون رڳو غلط ۽ علمي ٻٽاڪن هڻندڙ ماڻهن ئي گهڙيا آهن. تنهنڪري يوناني الميه ناٽڪ ڪو حرف آخر ڪونه آهن ۽ نڪي جيڪي ارسطو سمجهيو سو لوهه تي ليڪو ٿي پيو. جيڪڏهن وقت جي ايڪائي جو (جا پڻ ناٽڪ سان تعلق رکي ٿي) غور سان تجزيو ڪبو، ته ان جي ڪابه ضرورت محسوس نه ٿيندي. حقيقت ۾ مڪان جي ايڪائي وارو سوال به هڪ ڏيکاءُ آهي. باقي ان جي سکڻي ساراهه بيشڪ ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏن انهن لفظن جي معنيٰ کي ڏسبو ته اهي خود ساڳيءَ دعويٰ جي ابتڙ واڳو ٿي وريام  وانگر پيا ڀانئبا. هڪ نقاد سان ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ناانصافي ٿيندي جو اشاري طور ئي ائين چئجي ته ارسطو هوند شيڪسپيئر جي ناٽڪن ۾ وقت ۽ مڪان جي ايڪائين کي ناپسند ڪري ها يا مٿن سخت نڪته چيني ڪري ها، شيڪسپيئر جي ناٽڪن ۾ عمل جي ايڪائي آهي. انکان وڌيڪ ارسطو کائنس ڪي طلبي به ڪونه ها. شعر و شاعريءَ ۾ به اها ڳالهه ضروري آهي.

اڳتي هلي ارسطو الميه ناٽڪ جي هڪ ظاهري تشريح ڪئي آهي. ان پر دليل سمجهاڻي مان الميه ناٽڪن جي قسمن ۽ ضرورتن تي روشني پوي ٿي. الميه نگاريءَ بابت ارسطو جيڪي ڪجهه سمجهيو يا پروڙيو، تنهن جو تات پرج ان سمجهاڻيءَ ۾ موجود آهي. ان سمجهاڻي کي هن نقطه نظر سان نه ڏسي سگهبو ته الميه نگاري ڇا هئڻ گهرجي؟ بهرحال ان بيان ۾ ڏنل دليلن کي نظرانداز ڪندي اسين هتي رڳو ان مان پيدا ٿيل نڪتي کي خيال ۾ رکنداسون،ٻي حالت ۾ اهو مسئلو پيچيدو ۽ منجهائيندڙ ٿي پوندو. ارسطو جو سمورو فڪر ۽ سندس بنيادي اصول ڪتاب جي ان ڀاڱي ۾ موجود آهن. ان سمجهاڻي مطابق الميه ناٽڪ جي تشريح هن ريت ٿيندي: الميه نگاري گنڀير عملن جي ڀرپور ۽ عملي نقالي آهي. ان جي ٻولي بياني نه پر گفتگو واري طرز ۾ هوندي آهي. ان جي وسيلي قياس، ڊپ ۽ هيئت ۽ دهشت جا جذبا پنهنجيءَ انتها تي پهچن ٿا.

اهو ترجمو نه پر ذري گهٽ سنئون سڌو بيان آهي. سچ پچ ته ارسطو جي کهري ٻولي سيفو(1) ۽ ڪئٽيولس(2) جي نفيس ۽ نازڪ شاعري وانگر لفظ به لفظ ترجمي ٿيڻ کان گهڻو مٿي آهي. مٿين تشريح ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل نظر ايندي؛ پهرين ڀاڱي ۾ ٽي فقرا آهن،جن ۾ الميه ناٽڪ جا قسم ڄاڻايل آهن. اهي وري ٽن حصن ۾ ورڇيل آهن. الميه ناٽڪن ۾ نقالي جي خاصيت موجود آهي. يعني اهو عمل جنهن جي وسيلي نقالي ٿئي ٿي ۽ اهو وسيلو ۽ طريقو جنهن سان نقالي ڪئي وڃي ٿي. ٻئي حصي ۾ تشريح جو آخري فقرو آهي، جنهن ۾ الميه ناٽڪ جو مقصد  ڄاڻايل آهي. يوناني ٻوليءَ جو سڀ کان وڌيڪ ڪهڪائيندڙ لفظ آهي ڪيٿارسز(3) جئن اسين مٿي ڏسي آيا آهيون، ارسطو کي يقين آهي ته الميه جي صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي نوعيت ۽ مقصد کي سمجهيو وڃي. هو الميه جي مقصد لاءِ اهو ئي يوناني لفظ ڪيٿارسز استعمال ڪري ٿو. پر ان لفظ جي معنيٰ ڇا آهي، ان باري ۾ هو بلڪل بيپرواهه آهي. بهرحال ايترو معلوم ٿئي ٿو ته اهو لفظ صفائي(4) ۽ پاڪائي(5) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو. اها به خاطري ڪانهي ته ان لفظ سان ڪهڙي معنيٰ لاڳو ٿي سگهي ٿي. ائين ٿو ڀائنجي ته ان لفظ کي تشبيهه طور استعمال ڪيو ويو آهي. تنهنڪري هتي بهتر ٿيندو ته ان لفظ جي ترجمي  جي ڇڪتاڻ  کان پاڻ بچائجي.

ان باري ۾ اسان جو پهريون فرض هي ٿيندو ته الميه ناٽڪ بابت ارسطو جي سڀني خيالن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪريون. ان بعد اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڪيٿارسز لفظ جو صحيح عمل ۽ مفهوم ڇا آهي. ائين ڪرڻ بعد به جيڪڏهن ڪو خاطرخواهه مطلب نه نڪري ته پوءِ مذڪوره لفظ جو ڪو ٻيو مطلب ڳولڻ گهرجي. اهڙيءَ  صورت ۾ ڪيٿارسز جو لفظ تشبيهه طور پڻ قائم رکي سگهبو. ائين ڪرڻ سان هڪ طرف ارسطو جو ذڪر به محفوظ رهندو ته ٻئي پاسي يوناني الميه نگاري کي کي عام الميه نگاريءَ  جو اصول نه بلڪ ادب جو خاص اصول به چئي سگهبو.

هاڻي اسين ارسطو جي تشريح وارين پيچيدگين  کي هٿ ۾ کڻنداسون. الميه  ناٽڪ ڪنهن عمل جو نقل آهي. عمل جو مقصد هيءَ آهي ته اهو واقعو يا واقعن  جو اهو سلسلو  جيڪو ٿي گذريو هجي، ظاهر آهي ته عمل جي ڪي وسيلا ۽ ذريعا به ضرور آهن: يعني  اهي طريقا جن ۾ عمل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت  موجود آهي. اهو وسيلو يا ذريعو آهي انسان. انسان جيڪي ڪجهه به ڪن ٿا، سو سندن ڪردار ٿيو پوي. تنهنڪري الميه نگاري ڪن واقعن جو سلسلو آهي، جن سان انساني خواهش پڻ ڳنڍيل آهي. پر الميه ناٽڪ ته هڪ ڀرپور ۽ ڪنهن مقدار جو هڪ مڪمل عمل آهي. نتيجو اهو نڪتو ته عمل ۽ ان جي حدبندي سموري مسئلي تي حاوي ۽ سموري معاملي سان واڳيل آهي. ناٽڪ نه ڪي ايترو مختصر هجي جو ان مان ڪو لطف ئي حاصل نه ٿئي ۽ نه ڪي وري ايڏو طويل هجي  جو ان مان بيزار ٿي پئجي. ان جي يڪي جوڙجڪ لاءِ ضروري آهي، ته ان ۾ شروعات وچ ۽ آخر به هجي. ان ۾ هڪ خاص اهڙو ڏاڪو به هجي، جتان عملن جو سلسلو شروع ٿئي. ساڳئي وقت ان جي بناوت اهڙي هجي جو ان جا واقعا  پوري طرح بيان ٿي سگهن. پهرين ڏاڪي کان اڳ ۾ واقعن جو سلسلو ڪونه هوندو آهي. اهو بعد ۾ وجود ۾ اچي ٿو. آخري حصي ۾ واقعا بنهه ختم ٿيو وڃن.تنهنڪري ايئن سمجهبو ته شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ڪجهه رچي راس ٿئي ٿو.

الميه ناٽڪ مٿيئن قسمن جي نقالي آهي. ارسطو جي اصول مطابق نقالي هڪ تڪنيڪ آهي، جنهن جي وسيلي تخليقي تحريڪ کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو. ان ٽڪنيڪ جي تعريف زبان ۽ طريقي جي وسيلي ڪئي وئي آهي، جيڪي ان جا ذريعا آهن؛ يعني ته الميه ناٽڪن ۾ اسان جي اڳيان اهي انسان اچن ٿا، جن جي هلت چلت الميه کي پيدا ڪرڻ جو سبب بنجي ٿي. هن مسئلي تي اڃا به وڌيڪ غور ڪبو، ته معلوم ٿيندو ته ٻولي يعني الميه گفتگو ئي آخري نقالي آهي. سچ پچ ته ٻوليءَ جي درجي تائين پهچڻ کان اڳ ٽڪنيڪ ۾ نقاليءَ جو هڪ مڪمل سلسلو هوندو آهي.

نقاليءَ جي ان سلسلي کي ان جي اهميت مطابق هڪ رٿيل ۽ سوچيل سمجهيل تجويز موجب بيان ڪري سگهجي ٿي.. پر ارسطو واري تجويز رڳو بحث مباحثي ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ئي آهي. بنيادي ۽ شروعاتي ڳالهه آهي تحريڪ: يعني زندگيءَ جو اهو احساس جنهن کي شاعر واقعن جو هڪ نهايت اهم قسم ڪري ٿو سمجهي. تصور ڪيل تحريڪ پلاٽ (1) يا واقعن جي بيهڪ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. پلاٽ ڪردارن جي وسيلي ظاهر ٿئي ٿو. ڪردار وري پنهنجي خيالن ۽ احساسن جي مدد سان ظاهر ٿين ٿا ۽ آخرڪار اهي سڀئي گفتگو يعني ٻوليءَ جي وسيلي ظاهر ٿين ٿا. ان سڄي رٿابنديءَ جي حقيقت سولائيءَ سان چڪاسي سگهجي ٿي. اسان کي رڳو اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي پوندي، ته جڏهن اسين ڪو الميه ناٽڪ ڏسون ٿا تڏهن خود اسين ڇا ٿا محسوس ڪريون. پر ايئن ڪرڻ سان ارسطو جي تجويز جي اُبتڙ هلڻ ٿيندو، جنهن جو مقصد ڪنهن مضمون جي طريقي کي بيان ڪرڻ نه بلڪ فن جي نظريي جي وضاحت ڪرڻ آهي. ان کي فن جي حيثيت ۾ قبو ڪندي اسان کي جيڪا شيءِ پهرين ملي ٿي، اُها آهي ٻولي جنهن جي وسيلي ئي اسين ان جي تنقيدي تعريف ڪري سگهون ٿا.

ٻولي اسان کي ڪنهن شخص جي خيالن ۽ احساسن کان واقف ڪري ٿي، جنهن ڪري اسين هن جي هلت چلت جو اندازو لڳائي، هن جي ڪردار لاءِ ڪو معيار مقرر ڪري سگهون ٿا. دراصل هي ڪردار ئي آهن، جيڪي گڏجي پلاٽ ٺاهين ٿا. اهو ناممڪن آهي، ته اسين زبردستي ٻولي جي اهميت کي مبالغي جو ويس ڍڪايون. ڇاڪاڻ ته اها محض ٻولي آهي، جيڪا ناٽڪ نويس جي ٽيڪنڪ جو سمورو سلسلو آسان تائين پهچائي ٿي. اهوئي سبب آهي جو ناٽڪي زبان، فطري گفتگو بنجي ڪين ٿي سگهي. فطري زبان انهن سڀني پابندين کان مٿي آهي. ناٽڪي گفتگو هميشه غير معمولي طرح (بلڪ غير فطري طرح) تفصيلي هوندي آهي. ان هوندي به جيڪڏهن اسين ناٽڪ کي اصولي يا تنقيدي يا مقصدي تاثر جي نگاهه سان پرکينداسون ته نتيجو هر حالت ۾ ساڳيو ئي پلئه پوندو: يعني ته ان جي ٽيڪنڪ ۾ سڀ کان اهم شيءِ پلاٽ آهي.

ارسطو پلاٽ کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته الميه ناٽڪ جو بنيادي اصول پلاٽ آهي. پلاٽ الميه ناٽڪ جو روح آهي ۽ ڪردارن جي حيثيت ثانوي آهي. ناٽڪ جي فن  جا اڪثر نقاد ان خيال سان اختلاف رکن ٿا. هنن جي خيال مطابق ناٽڪ نويس کي اهميت  ان ڪري حاصل آهي، ته هو ڪردارن کي تخليق ڪري ٿو. پر ارسطو چوي ٿو، ته ڪردار کڻي ڪيتري به قابليت سان ڇونه تخليق ڪيو ويو هجي،  اهو ڪڏهن به ناٽڪ ۾ الميه رنگ آڻي ڪونه سگهندو. اهو رڳو ڪردار جو تحريڪي عمل آهي جيڪو الميه ٿي سگهي ٿو. سچ پچ ته ناٽڪ نويس جي ٽيڪنڪ لاءِ ڪردار نگاري ايتري ئي ضروري آهي، جيترو سندس ٻولي لاءِ شريعت  ۽ تخيل لازمي آهي. ناٽڪ نويس جيڪي به بيان ڪري ٿو، سو زندگي جو اهو ئي خيال آهي جيڪو مٿس اثر انداز ٿيو هو. هيءُ اصول ته ناٽڪ نويس جو مکيه ڪم رڳو ڪردار بيان ڪرڻ آهي، فقط ان پراڻي ۽ اڻ پرکيل عقيدي جو نتيجو آهي، ته ناٽڪ ۾ زندگي جي نقالي ڪئي وڃي ٿي. دراصل ناٽڪ ۾ زندگي جي ڪنهن تصور جو نقل بيان ڪيل هوندو آهي ۽ ڪردار نگاري ان نقالي  جي هڪ خاص حالت هوندي آهي. ارسطو ان خيال کي تحريڪي عمل سڏي ٿو ۽ ان عمل جو روح آهي ان جي ايڪائي. اهو پلاٽ ئي آهي جنهن جي وسيلي عمل جو اظهار ٿئي ٿو ۽ ناٽڪ نويس جي ٽيڪنڪ جا باقي حصا جهڙو ڪردار، خيال ۽ ٻولي ان سان ڳنڍيل آهن. اصولي طرح پلاٽ جي مدد سان ئي ناٽڪ نويس جو سمورو مواد هڪ هنڌ ٿي، سندس تخليقي قوت ۾ موجود رهي ٿو. ٻئي طرف تنقيدي نقطئه نظر کان، پلاٽ جي وسيلي ئي ناٽڪ ۾ تاثر جي ايڪائي پيدا ٿئي ٿي.

پر الميه جي تعريف ڪرڻ لاءِ اسان کي اڃا به وڌيڪ محدود رهڻو پوندو. ان ۾ جنهن عمل جي نقالي يا اظهار ڪجي ٿو، اهو نه فقط هڪ ايڪائي آهي بلڪ ان ۾ سنجيدگي پڻ آهي. سنجيدگي مان ارسطو جو مطلب هيءُ آهي، ته هڪ الميه ۾ اهڙو تاثير هجي جيڪو رحم ۽ خوف جي جذبن کي آڀارڻ ۾ مدد ڪري سگهي. اها تعريف نه فقط الميه تي روشني وجهي ٿي بلڪه ان جي مقصد جي به وضاحت ڪري ٿي. هتي اسان کي افلاطون ۽ ارسطو جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته الميه جو مقصد ۽ خصوصاً ان جي وسيلي  رحم ۽ خوف جا جذبا اڀارڻ ئي اهو سبب هو جو افلاطون پنهنجا زبردست الزام تيار ڪيا هئا. اسين مٿي پڙهي آيا آهيون ته ڪئن نه نقالي بابت ارسطو جو نظريو افلاطون جي انهن الزامن جا جواب ڏئي ٿو، ته شاعري هڪ بيڪار، ڪوڙو ۽ اجايو عمل آهي. ان الزام جو سبب فقط هيءَ غلط فهمي هئي، ته شاعري نقالي آهي. پر جئن ته شاعراڻي نقالي جي صحيح نوعيت  ظاهر ڪئي ويئي، تنهنڪري انهن الزامن جي ڪابه اهميت ڪين رهي. ان باري ۾ ارسطو جو افلاطون کي ڏنل جواب بيمثال آهي. پر شاعري خصوصاً الميه جي خلاف افلاطون جو زبردست الزام هيءُ آهي، ته الميه ۾ بيحد بري اثر پيدا ڪرڻ جي قوت آهي ڇاڪاڻ جو اهو سفلي جذبن کي جاڳائڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿو. ارسطو ان جو جواب ڪيٿارسز جي نظريي ۾ ڏئي ٿو. سندس مذڪوره رسالي جي باقي حصي ۾ ان نظريي تي ئي بحث ڪيل آهي. الميه جي باري ۾ هو جيڪي ڪجهه چوي ٿو ان جو تعلق الميه جي مقصد سان آهي. اهو بحث ارسطو جهڙي فيلسوف لاءِ وڏي اهميت وارو هو. بدقسمتيءَ سان ڪيٿارسز جي مفهوم مان ارسطو ۽ سندس شاگرد ايتريقدر واقف هئا، جو هو ان جي بار بار ذڪر ڪرڻ مان ٿڪجي ئي ڪونه ٿو. ان لفظ کان به وڌيڪ نقالي لفظ جي حالت آهي. ارسطو ان لفظ کي جنهن معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو، ان جو سمجهڻ تمام ضروري آهي.


(1)  Middly Ages.

(2)  Racine.

(3)  Ben Jonson.

(1)  Sapho.

(2)  Catullus.

(3)  Katharsis.

(4) Purgation.

(5)  Purification.

(1) Plot

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com