سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :6

ڇاڪاڻ ته ان حالت ۾ نتيجو اهو نڪرندو ته شاعري نقل جي معنيٰ ۾ فطرت جي تقليد ڪري ٿي. تنهنڪري اهو ثابت ڪرڻ ڪافي ٿيندو، ته شاعري فطرت جي تقليد ڪين ڪري ٿي. ان لاءِ ارسطو هڪ چڱي فطرت  پرست وانگر پراڻن خيالن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي بدران، اسان کي حقيقن ڏانهن وٺي ٿو هلي. هو اهو سڀ ڪجهه سڌيءَ طرح ڪونه ٿو ڪري بلڪ انهن حقيقتن کي پنهنجي دليلبازيءَ جي وسيلي ظاهر ڪري ٿو. ان باري ۾ هڪ آسان ۽ قبول ڪرڻ  لائق نظريو هيءُ آهي، ته فن فطرت جو آئينو آهي. پر جئن ته فطرت کي اسين پاڻ به ڏسي سگهون ٿا، تنهنڪري آئيني جي اسان کي ڪهڙي ضرورت؟ جيڪڏهن شاعري فقط فطرت جي عڪاسي ڪري ٿي، ته ظاهر آهي ته جيڪي ڪجهه فطرت ڏئي ٿي ان کان وڌيڪ ڪجهه به پلئه ڪونه پوندو. پر حقيقت هيءَ آهي ته شاعريءَ مان اسان کي لطف فقط ان ڪري ملي ٿو، جو ان جي وسيلي اسين هڪ اهڙي شئي حاصل ڪريون ٿا، جيڪا فطرت کان ڪين ٿي ملي سگهي. مثلاً اسين چئون ٿا، ته تمثيلي شاعريءَ جا ڪردار حقيقي انسانن جهڙا هوندا آهن. پر حقيقي زندگي ۾ اهڙا انسان ڪٿي آهن، جيڪي پنهنجيءَ هر ڳالهه ۽ عمل ۾ دلچسپي وٺن، جيڪي پاڻ کي ۽ پنهنجي ماحول جي واقعن کي جن سان سندن تعلق آهي، مسلسل ۽ برابر ظاهر ڪندا رهن؟ اهڙا انسان ڪڏهن به فطرت  جي تقليد ڪونه ٿا ڪن؛ ۽ اها عام شاعريءَ جي پڻ خصوصيت آهي. ته پوءِ شاعري ڇا جي تقليد ڪري ٿي؟

ارسطو چوي ٿو، ته شاعري تقليد جو هڪ طريقو آهي. پر افلاطون جي چوڻ جي برخلاف ته شاعري نقاشي جهڙي آهي، هو چوي ٿو ته شاعري موسيقي يا ناچ جهڙي آهي. اها ڳالهه واقعي معنيٰ خيز آهي. ڇاڪاڻ ته نقاشي ۾ تقليد کي نقالي جي معني ۾ ورتو وڃي ٿو (جيڪو طريقو غلط آهي) پر ناچ جون حرڪتون ۽ موسيقي جو ترنم ٻڌائي ٿو، ته شاعري ۾ تقليد جي کڻي ڪهڙي به معنيٰ ورتي وڃي، اها نقالي ڪين آهي. ڀلا موسيقيءَ ۾ ڪهڙي نقالي ٿي سگهي ٿي؟ ۽جيتوڻيڪ ناچ، جذبي ۽ چرپر جي نمائندگي ڪري ٿو، پر ان جو عام ترنم ۽ خوبي يقيناً فطري اشارن ۽ حرڪتن جو نقل ڪونهي.

اڳتي هلي ارسطو تقليد جي عام خيال کي مختصر ڪري، ان کي پنهنجي مقالي جي ٽن خاص عنوانن هيٺ ورهائي ٿو. هو ان باري ۾ ٽي سوال پڇي ٿو: پهريون ته تقليد ۾ ڇا موجود آهي؟ ٻيو ته اها ڇا جي تقليد ڪري ٿي؟ ۽ ٽيون ته اها ڪئن تقليد ڪري ٿي؟ هنن سوالن مان ظاهر آهي، ته ارسطو تقليد کي ان جي وسيلي، مقصد ۽ طريقي مطابق ورهائڻ چاهي ٿو.

تقليد جي وسيلي مان ارسطو جي مراد ٻولي آهي. هتي هو هڪ اهم نڪتي کي واضح ڪري ٿو؛ يعني اهو ان نتيجي تي پهتو آهي، ته جنهن فن بابت کيس بحث ڪرڻو آهي ان فن جو انهن فنن جي مقابلي ۾ جن کي عام طرح سنگ تراشي يا موسيقي نالا ڏنل آهن، ڪو نالو ئي ڪونهي. سندس اهو خيال اڄ به صحيح آهي. اسين بحث ڪرڻ خاطر ادب جي خالص فن لاءِ شاعري جو لفظ استعمال ڪريون ٿا. پر ارسطو چوي ٿو، ته ماڻهو ٻوليءَ ۾ ڪنهن خاص ترنم کي به شاعريءَ جي خيال سان ويجهو ملائين. ان هوندي به موزون ترنم ۾ شاعري جي نوعيت موجود ڪين آهي. معلومات يا نصيحت  وارا مضمون بحر وزن ۾ لکي سگهجن ٿا، پر انهن کي نظم جي سري هيٺ ڪونه آڻبو. ارسطو جي اصلاحن مطابق، اهڙا مضمون ڪنهن شيءِ جي تقليد ٿي سگهن ٿا، جيڪي بحر وزن ۾ ڪونه لکيل هوندا آهن. تنهنڪري نظم ۽ نثر ۾ فرق ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ڪري فقط ٽيڪنڪ جو تفاوت ظاهر ٿئي ٿو. صحيح فرق ان ادب جي وچ ۾ آهي، جيڪو تقليد ڪري ٿو ۽ جيڪو تقليد ڪونه ٿو ڪري؛ ۽ ادب جا اهي ٻئي قسم موزون ٻوليءَ ۾ لکي سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح ارسطو پهريون نقاد آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته نثر ۾ به اڪثر ڪري شاعريءَ جي بنيادي نوعيت ملي سگهي ٿي، ۽ اهو به ته نظم شاعريءَ جي ضمانت ڪونه آهي. ظاهر آهي ته ارسطو جو هڪ خاص قسم جي شاعريءَ بابت بحث اڳتي هلي هڪ قسم جي خالص عام ادب جي نظريي جو نمونو ٿي پيو آهي.

اهڙي طرح پنهنجي موضوع کي خالص ادب تائين محدود رکندي، ارسطو تقليد جو ان مقصد مطابق تجزيو ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته عام طرح شاعراڻي تقليد جو مقصد متحرڪ انسان آهن. غنائي شاعريءَ کي جدا ڪرڻ جو سبب پيش نظر رکندي ڏٺو وڃي ته اها وضاحت موزون آهي. ڇاڪاڻ ته متحرڪ انسان مان سندس مطلب ڪم ڪندڙ ماڻهو  ڪونه آهي، بلڪ انساني فطرت مطابق پيدا ٿيندڙ شيون ۽ انساني زندگي جا واقعا آهي. وسيع معنيٰ ۾ سندس مطلب هڪ آکاڻي آهي ۽ هڪ آکاڻي  ۾ انساني عنصر بنيادي طرح ضروري آهي. تنهنڪري شاعراڻي تقليد جي مقصدن کي ان انساني عنصر جي نوعيت  مطابق تقسيم ڪري سگهبو، جيڪو انهن ۾ موجود آهي. اسين انساني فطرت کي ان جي بري يا ڀلي هجڻ مطابق پرکيندا آهيون. اهوئي سبب آهي جو حقيقي زندگيءَ جي برخلاف، شاعري ۾ انسانن کي تمام سٺي نموني ۾ يا تمام بري نموني ۾ ياجيئن هو هوندا آهن، تيئن پيش ڪيو ويندو آهي. انهن ٽن طريقن مان ارسطو فقن ٻن طريقن کي بيان ڪري ٿو. سندس بحث جنهن شاعري بابت آهي، ان ۾ انهن ماڻهن جي نقالي ڪئي وڃي ٿي جيڪي يا ته حقيقي انسانن کان وڌيڪ بهتر هوندا آهن. يا ته مرڳو انهن کان به ڪريل هوندا آهن.

ان ورهاست جو مقصد  هيءُ آهي ته هڪ عام جذبي مان غير غنائي شاعريءَ جا ٻه خاص قسم الميه ۽ طربيه ورتا وڃن ٿا. هڪ لحاظ کان ڪنهن الميه جو ڪردار ان جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪريل هوندو آهي. اهي خوبيون جيڪي انساني فطرت  کي تعريف جوڳو يا نفرت جهڙو بنائن ٿيون، انهن کي حقيقي ماڻهو اهڙي اعليٰ نموني سان مثال طور پيش ڪونه ڪندا آهن. بهرحال ضروري ڪونهي ته الميه جا ڪردار اخلاقي طرح حقيقي زندگي ۾ وڌيڪ بهتر هجن. ان جو سهڻو مثال ميڪبيٿ جو ڪردار آهي. پر جيڪڏهن انهن کي وڌڪ رعبدار ۽ غيرمعمولي هجڻ ڪري بهتر چيو وڃي ٿو، ته پوءِ اهاساڳي راءِ طربيه  جي ڪردارن لاءِ ڪين ٿي ڏئي سگهجي؟ مثال طور فالسٽاف جو ڪردار.

پر ارسطو جي هي دعويٰ ته شاعراڻي تقليد جي معنيٰ نقالي ڪين آهي هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن تي اعتراض ڪري ئي ڪونه ٿو سگهجي. ڀلا شاعري ڪهڙي طرح حقيقي ماڻهن جي(بهتر يا بدتر هجڻ جي حيثيت ۾) تقليد ڪري سگهي ٿي؟ ظاهر آهي ته نقل ڪرڻ سان نه بلڪ فقط تخيل جي تقليد ڪرڻ سان. ارسطو  ان نظرياتي امڪان کي نظر انداز ڪري ٿو ۽ بحث  لائق ڪونه ٿو سمجهي، جنهن مطابق شاعريءَ جو ڪم ماڻهن کي سندن اصلي روپ ۾ پيش ڪرڻ آهي. ازانسواءِ اهو امڪان شاعري سان ڪو لاڳاپوئي ڪونهي. جنهن صورت ۾ اسان جي اڳيان اصل موجود آهي ته پوءِ فطرت کان اسين نقل ڇو وٺون. اسان کي ته فطرت جي ممڪنات جي پر تخيل تنظيم جي ضرورت آهي.

افلاطون  جي خيال مطابق شاعري ۽ فطرت  جو درمياني لاڳاپو تقليد آهي، جنهنڪري شاعريءَ ( نظم جهڙوڪ رزميه يا نثر جهڙوڪ ناول) جي خوبين ۽ قوتن جي وضاحت ڪين ٿي سگهي. پر ارسطو  پنهنجي اعليٰ ذهانت جي وسيلي ڏٺو ته تقليد  جو پيدا ڪيل لاڳاپو شاعري ۽ ٻاهرين دنيا جي وچ ۾ ڪونه آهي، بلڪ خود شاعري ۾ ئي موجود آهي. شاعري جو ٻاهرين دنيا سان سڌي طرح ڪوبه واسطو ڪونهي، جيئن افلاطون سمجهيو هو. شاعر پنهنجي تخليقي قوت جي وسيلي پهرين دنيا مان ئي تخليقي تحريڪ حاصل ڪري ٿو ۽ پوءِ شاعري جو فن ان پر تخيل تحريڪ جي ٻولي ۾ تقليد ڪري ٿو. حقيقت ۾ ارسطو جو نظريو ان ڳالهه سان تعلق ڪونه ٿو رکي ته شاعري ۽ دنيا جي وچ ۾ڪهڙو لاڳاپو آهي. سندس بحث شاعري جي فن متعلق آهي. فن جي موجودگي تخيلي خواهش کي هڪ صورت ۽ جوهر بخشي ٿي ۽ فن جو وجود ان خواهش جي وجود کي پوريءَ طرح سمجهي، ان طريقي تي جنهن جي وسيلي اها ٻولي ۾ پاڻي کي ظاهر ڪري ٿي، بحث ڪري ٿو. پر شاعري  ۽ دنيا جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو آهي، ان بابت تحقيقات ڪرڻ جو مطلب آهي ان خواهش جي ابتدا جي باري ۾ تحقيقات ڪرڻ؛  ۽ اهي سوال ته ان ڪئن ۽ ڇو ترقي ڪئي؟ جمالياتي جي بدران البت نفسيات سان تعلق رکن ٿا. اهو واقعي ممڪن آهي ته زندگي بابت بلڪل اهڙي طرح ويچارجي جئن اها سچ پچ آهي؛ پر اثرائتي ڳالهه اها آهي ته ان بابت اهڙي طرح سوچجي  جئن ان کي ٿيڻ گهرجي. اهڙي طرح تخيل هڪ خواهش جي صورت اختيار ڪري، شاعري جا احساس جاڳائڻ لائق ٿئي ٿو. اها حالت ادب ۾ حقيقت پسنديءَ لاءِ پڻ صحيح آهي. جڏهن خيال ڪيل زندگي خود به ڪنهن امنگ اٿاريندڙ فطرت جي اصليت سان تعلق رکي ٿي. تخيل جو ڪم هيءُ آهي ته اصليت کي ان جي بيڪار حصن کان جدا ڪري هڪ هنڌ ڪٺو ڪري ٿو.

تنهنڪري شاعريءَ ۾ نقالي مان ارسطو جو مطلب اهو آهي جيڪو اسين ٽيڪنڪ مان وٺندا آهيون. شاعراڻي نقالي، جئن ارسطو پنهنجي نظريي ۾ ان لفظ کي هر هنڌ استعمال ڪري ٿو، شاعري جي اصليت بابت ڪجهه به ڪين ٻڌائي ٿي؛ ۽ وري اهو ٻڌائي ٿي ته شاعري ۽ حقيقي شين جي حالتن جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي. فن ۾ ارسطو جي نقالي جو تعلق شاعراڻي تحريڪ سان آهي، جيڪا شاعراڻي خواهش ۽ شاعراڻي ٻولي جي لاڳاپي کي ظاهر ڪري ٿي. شاعر ان لفظ کي لفظ ٽيڪنڪ جي جاءِ تي استعمال ڪري ان اظهار کي حاصل ڪري ٿو، جنهن جي وسيلي هو پنهنجي پر تخيل وجدان کي ٻين تائين پهچائي سگهي.

ٽيئن طرف وري هيءُ نڪتو رهي ٿو ته ادبي تصنيفات کي سندن فني طريقن مطابق تقسيم ڪيو وڃي اها ڪا اوکي ڳالهه ڪين آهي. ارسطو جي موضوع جي دائري اندر آيل نظمن جي ورهاست بيانيه يا ناٽڪن جي نظمن جي حيثيت ۾ ڪري سگهجي ٿي اهڙي طرح اهي نظم جيڪي مقصد يا مراد جي لحاظ کان هڪ جهڙا آهن، اهي نقاليءَ جي طريقي ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ٿي سگهن ٿا. سوفوڪليز(1) کي هڪ الميه شاعر جي حيثيت ۾ هومر(2) سان گڏ ته بيهاري سگهجي ٿو، هڪ ناٽڪ نويس شاعر جي حيثيت ۾ هو ارسطوفينس(3) جي سٿ مان آهي.

ان ٽيڻي ورهاست جي وسيلي ارسطو پنهنجي مقالي  جي ان حصي لاءِ راهه تيار ڪئي، جيڪو هن وقت موجود آهي؛ يعني الميه ناٽڪ جو بحث. هن اڌ نڪتي تي ادب جي تاريخ ۽ ارتقا ۽ شاعري جي شروعات تي مختصر بحث سان هڪ باب جو تعارف ڪرايو آهي. اهو بحث هڪ بيحد ڪمزور، سطحي ۽ منجهيل طريقي تي ڪيل آهي، جنهن ڪري ڪنهن عقلي نتيجي تي  ڪونه ٿو ختم ٿئي. پر اها ڪا اهڙي اهم ڳالهه ڪين آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن مٿي چيو ويو آهي ارسطو جو نظريو شاعريءَ  جي نوعيت  جي وضاحت  ڪري ٿو. ان جو هن سوال سان ڪوبه واسطو ڪونهي ته شاعري ڪيئن وجود ۾ آئي؟غلط فهمي جو سڀ کان وڏو سبب هي آهي ته  انهن چند جملن ۾ تقليد لفظ کي نقالي جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. اهو بحث اسان جي ڪابه رهنمائي  ڪونه ٿو ڪري، پر جيڪڏهن ان ۾ ڪا سچائي  موجود هجي ها ته اهو نظريو بنهه ناقابل  فهم ٿي پوي ها.


(1)  Sochocles

(2)  Homer.

(3)  Aristophenis.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com