سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :5

 

اهو خيال اجايو آهي ته افلاطون جنهن پنهنجي جواني واري زماني ۾ نفيس ۽ نازڪ شعر جوڙيا هئا، ۽ بالغ نظري واريءَ عمر م بيحد مشڪل مابعدالطبعي خيالن کي جادوءَ جهڙي موسيقي طور پيش ڪري ادب جي فن تي پنهنجي مڪمل ضابطي  جو ثبوت ڏنو هو، سو هڪ ٻئي روپ ۾ اچي شاعريءَ جي مخالفت ڪري ٿو. ٻئي طرف ارسطو، جنهن جي موجوده تصنيفات کي ادب جي دائري ۾ آڻڻ ئي مشڪل ٿيو پوي، سو پنهنجي فلسفي  جي سموري قوت کي شاعريءَ  جي معقول هجڻ ۽ ان جي مدح سرائي  ۾ استعمال ڪري ٿو ڇڏي.  پر ارسطو جي موجوده تحقيقات کي مدنظر  رکي هن لاءِ بحيثيت هڪ اديب ڪا راءِ قائم نه ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ جيڪي  ڪتاب گهربل آهي، اهي پوري طرح اسان جي نظرن کان پوشيده ٿي چڪا آهن. بهرحال هيءَ ڳالهه قياس خلاف  معلوم ٿئي ٿي، ته ارسطو هڪ ادبي فنڪار  جي حيثيت ۾ افلاطون سان ڪلهو هڻي ٿي سگهيو. افلاطون ئي هڪ اهڙو فيلسوف هو جنهن شاعري جي مخالفت ڪئي ۽ ان جو سبب فقط اهو طريقو آهي جنهن مطابق سندس فلسفي شين کي پيش ڪيو هو. شين کي ان ڪري اهميت ڏني وڃي ٿي  جو اهي خيالن جي نمائندگي ڪن ٿيون. تنهن ڪري هو ائين چوڻ لاءِ به بلڪل تيار هو ته خيالن جي نمائنده هجڻ جي حيثيت ۾ اها شيءِ جيڪا غير ضروري ۽ بيڪار آهي ان جو وجود ئي نه هجڻ گهرجي. شاعري به اهڙي ئي قسم جي هڪ شئي آهي. تنهن ڪري افلاطون ان کي ختم ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. هن طرف ارسطو شاعريءَ کي علم حيات جي نقطه نظر کان ڏٺو. هن وٽ خيالن جي اهميت ان ڪري آهي، ته انهن جي وسيلي شين کي سمجهڻ ۽ پرکڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ارسطو ڪٿي به ائين ڪونه ٿو چوي، ته شاعري جو وجود هجڻ گهرجي يا نه، ان جو وجود آهي. بهرحال هو جنهن نتيجي تي پهتو آهي اهو افلاطون جي خيال جي بلڪل ابتڙ آهي: يعني شاعريءَ  جو مصنبي فرض بيحد ڪارائتو آهي. ان ئي خيال سان هن فن شاعري جي شروعات ڪئي هئي ۽ ان جو خاص مقصد هو افلاون جهڙي اعليٰ سَنڌ کي رد ڪرڻ. ڏٺو وڃي ته ارسطو ان نتيجي تي هڪ ٺوس فيلسوفانه طريقي جي وسيلي ئي پهتو آهي. ظاهر آهي ته جڏهن ڪو بااصول فيلسوف ڪنهن خاص موضوع تي تحقيقات ڪري ٿو، تڏهن هو بنهه غيردلچسپ رهي ڪونه ٿو سگهي. گهٽ ۾ گهٽ هن جي ذهن ۾ پنهنجي طريقي جي لاءِ دلچسپي ضرور موجود هوندي آهي؛ پر جيڪڏهن اها موجود ڪانهي ه پوءِ اهو طريقو به بي جان آهي. ارسطو جو فلسفو نهايت بااصول  هڪ زنده فلسفو هو، جنهن جو ثبوت فن شاعري ۾ موجود آهي. ان ۾ اسان کي طريقا ۽ نظريا ملن ٿا، جيڪي ڪن هنڌن تي موضوع کان وڌيڪ ارسطو جي شخصيت کي واضح ڪن ٿا. علم حيات جي تحقيق ۾ ورهاست هڪ ناياب طريقو آهي ۽ فن شاعري ۾ اهو گهڻي قدر استعمال ڪيل آهي. ارسطو پنهنجي موضوع جي وضاحت ڪندي ان مشڪل طريقي کي پنهنجي موضوع جي نهايت سهڻي نموني ۾ نباهي ٿو. پر پوءِ موضوع جي تشريح ڪرڻ وقت ڪٿي ڪٿي هو ورهاست کان ان وقت ڪم وٺي ٿو جڏهن ان جي ضرورت ئي ڪانهي يا جڏهن اها درست نٿي معلوم ٿئي. اسين انهن سڀني ڳالهين کي بحث هيٺ ڪونه آڻينداسون، ڇاڪاڻ ته اسين هن جي طريقي کي نه بلڪ نتيجي کي اهميت ڏيون ٿا.

بهرحال ارسطو جون فيلسوفانه عادتون ڪٿي ڪٿي رواجي هوندي به تعريف لائق آهن. مثال طور مقالي جي پهرين جملي ۾ ئي هو فن براءِ فن جي نظريي کي رد ڪري پنهنجي موضوع کي اهڙن عام لفظن ۾ بيان ڪري ٿو جيڪي علم حيات جي هڪ فيلسوف لاءِ اطمينان ڏيندڙ ٿين ٿا. هو چوي ٿو ته: هت شاعريءَ جي فن ۽ ان جي مختلف قسمن تي بحث ڪندي، آءٌ هر هڪ قسم جي مقصد، هڪ نظم جي صحيح بناوت  ۽ ان جي حصن جي نوعيت ۽ تعداد جي پڻ وضاحت ڪندس. هڪ رسمي تعارف جي حيثيت ۾ ان جملي کي آساني سان نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، پر ان جو هر هڪ حصو اهميت وارو آهي، جيڪو سموري موضوع کي هڪ صحيح علمي پروڙ مطابق قائم رکي ٿو. شاعري کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسين نه فقط ان جي بناوتي ۽ ترڪيبي علم مان واقف هجون، بلڪ اسان کي ان جي فطري تاريخ جي پڻ ڄاڻ هجڻ گهرجي. اسين ڪنهن جانور کي ايستائين ڪونه سمجهي سگهنداسون، جيستائين نه رڳو ان تي وڍ ڪٽ جو عمل ڪنداسون بلڪ اهو به صحيح طرح مشاهدو ڪنداسون ته ان جي روَش ڪهڙي طريق جي آهي. حيواني زندگي جي نوعيت جانورن جا قسم، انهن جي جسماني بناوت، انهن جي عضون جو تعداد وغيره، اسان کي اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ گهرجي. پر سچ پچ هڪ جانور ڇا هوندو آهي؟ ان بابت اسان کي صحيح معلومات ان وقت ملندي جڏهن اسين اهو به معلوم ڪنداسون ته پنهنجي فطري ماحول ۾ هو ڇا ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ ڪهڙي روَش اختيار ڪري ٿو. ساڳي حالت ۾ شاعري جي لاءِ به اها آهي. شاعري انساني فطرت جي هڪ تحريڪ آهي. پر اها تحريڪ ڇا آهي؟ ان بابت اسان کي ايستائين ڄاڻ ڪين پوندي جيستائين اسين ان جو تجربو نه ڪنداسون ۽ اهو معلوم نه ڪنداسون ته انساني فطرت جي ٻين تحريڪن ۾ ڪهڙيءَ تحريڪ تي اها اثر ڪري ٿي. ائين کڻي چئجي ته جيستائين اسين شاعريءَ  جو مقصد معلوم نه ڪنداسون، تيستائين ان جو سمجهڻ محال آهي. شاعريءَ جو ضرور ڪو مقصد هجڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اها انساني تحريڪ جي دنيا تي اثر ڪري ٿي. انسان جون سڀئي ڪوششون سندس فطرت جي دائري ۾ ئي پيدا ٿين ٿيون. تنهنڪري انهن جو هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيڻ لازمي آهي. هاڻي جيڪڏهن فن براءِ فن جي معنيٰ آهي ته اسين فن کي ان جي نوعيت کان جدا ڪنهن ٻيءَ شيءَ مطابق پرکينداسون ته اهو ڪڏهن به سمجهه ۾ اچي ڪونه سگهندو ۽ پوءِ اها چوڻي هڪ ڪارائتو تاڪيد آهي. پر جيڪڏهن ان جي معنيٰ آهي ته زندگي ۾ فن جو به مقصد ڪونهي، ته پوءِ ان چوڻ جو ڪوڙ هڪدم ظاهر ٿيو پوي. جئين ارسطو جي تعارفي جملي مان ظاهر ٿئي ٿو، جمالياتي تحقيق حياتياتي تحقيق سان مشابهت رکي ٿي. شاعري کي سمجهڻ لاءِ نه فقط ان جي بناوت کي چڪاسڻ گهرجي ته اها بناوت پنهنجي فطري دائري يعني انساني زندگيءَ   ۾ ڇا ٿي ڪري سگهي. پر ان جي مقصد کي ڄاڻڻ لاءِ هيءُ شرط لازمي آهي، ته ان جي بوتي جي نوعيت ۽ انهن حصن جن مان ان جو بوتو ٺهيل آهي، ان کي به پوري طرح سمجهيو وڃي.

ارسطو پنهنجي تحقيقات جي ابتدا هئن ٿو ڪري ته شاعري تقليد جو هڪ طريقو آهي. سڀني اعليٰ فنن بابت يونانين جو اهو ئي خيال هوندو هو ۽ ارسطو جي اها عادت اسان جي ان عادت جهڙي آهي، جنهن مطابق اسين فن کي اظهار جو وسيلو ڪري سمجهندا آهيون. جئن اسين عام طرح اظهار جي باري ۾ ڳالهائيندا آهيون، ساڳيءَ طرح يوناني وري تقليد بابت ڳالهائيندا هئا. انهن ٻنهي اصطلاحن کي سمجهڻ لاءِ ياد رکڻ گهرجي ته فن لاءِ استعمال ٿيندڙ يوناني لفظ جي معنيٰ ايترو محدود ڪين هوندي هئي جيتري اسان وٽ لطيف فن جي محاوري جي معنيٰ محدود آهي. يوناني خيال مطابق  تحريڪ جو مطلب هي هو ته ان جي وسيلي يا ته شين جي خبر پوي ٿي يا ته شيون ملن ٿيون. پهرين حالت ۾ خود عمل کي چڪاسڻو پوندو هو ۽ پوئين حالت ۾ عمل چڪاسبو هو ان شئي مطابق جيڪا وجود ۾ آئي. ان پوئين حالت  ۾ ئي تحريڪ کي هڪ فن سڏيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪا جتي يا ڪو ٿانءُ ٺاهيو ٿي ويو ته ان جي فني قدر جي ڪٿ ڪرڻ آسان ڳالهه هئي پر ڪنهن نظم يا ڪنهن تصوير جي حالت ۾ اها ڪٿ ڪئين ٿي ڪئي وئي؟ اهڙي صورت ۾ ڪنهن شئي جو قدر ان جي مواد ۾ ڪونه هو ۽ نه وري ان مواد جي ترتيب ۾ هو؛ پر ان طريقي ۾ جنهن ۾ ان مواد ۽ ترتيب  ڪنهن ٻي شيءَ جي نمائندگي ٿي ڪئي. يونانين جو خيال هو، ته فن ان طريقي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ پيدا ڪيل شي ڪنهن ٻي شئي جي تقليد ڪري ٿي.

تقليد جو لفظ بلڪل مبهم آهي. پر ان لفظ جي وسيلي ئي يوناني ذهن فن(لطيف فن) جي وجود جي فطري وضاحت ڪري سگهيو. مجبوراً ارسطو به ابتدائي خيال سان ئي پنهنجي نظريي جي شروعات ڪئي. سندس بحث جو آسان لفظن ۾ هي اختصار آهي، ته فن فطرت جي تلقيد ڪري ٿو: يعني دنيا ۾ اسين جيڪي شيون ڏسون ٿا، انهن جي ڪاريگريءَ سان تقليد ڪرڻ هڪ فن آهي. اهو دليلبازي جو هڪ عام پسند رستو هو، جنهن کي افلاطون به پسند ڪندو هو. اهوئي سبب آهي جو هو شاعري (عموماً فن) جي خلاف پنهنجي نفرت کي معقول نموني ۾ پيش ڪري سگهيو.  هن شاعري تي جيڪو الزام مڙهيو هو، اهو پوري طرح مڪمل هو. هن ٻڌايو ته شاعري جي نوعيت جي ڪا اهڙي اهميت  آهي ئي ڪين جو ان تي سنجيدگي سان غور ڪري سگهجي. بنيادي طرح شاعري جو مقصد ئي برو آهي. افلاطون جي ان پوئين الزام جي اسين بعد ۾ وضاحت ڪنداسون. هن وقت اسان جو تعلق ان الزام سان آهي. جنهن مطابق هو شاعري تي حملو ڪري ٿو. ارسطو پڻ پنهنجي مقالي جي اوائلي حصن ۾ افلاطون جي ان اعتراض تي بحث ڪيو آهي؛ پر سندس پوئين الزام کي بلڪل جدا نموني واضح ڪري، ان کي غلط ثابت ڪيو آهي. شاعراڻي تقليد جي جيڪا ارسطو وضاحت ڪئي آهي، اها جمالياتي نظريي ۾ گهڻي اهم ليکي وڃي ٿي. تنهنڪري ان نظريي جا بنياد وڌيڪ مضبوط ۽ سالم ٿي پيا آهن.

حقيقت ۾ سڀئي لطيف فن هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. شاعريءَ جي فن تي افلاطون جي حملي ڪرڻ جو سبب نقاشي جو فن هو. ڇاڪاڻ ته نقاشيءَ جي فن مان هي خيال گهڻو درست معلوم ٿئي ٿو، ته تقليد به هڪ قسم جي نقالي آهي. اهو اعتراض هن طرح شروع ٿيو، ته انساني ذهن لاءِ جيڪڏهن ڪو قدر لائق ڪم آهي ته اهو آهي ان جو اصليت سان متعلق هجڻ. انسانن کي گهرجي ته شين سان انهن جي اصليت جي ڪري ئي واسطو رکن، ۽ شين کي اصليت ملي ٿي انهن خيالن جي وسيلي، جن جي اهي نمائندگي ڪن ٿيون. تنهنڪري نقاشي ٽيئن درجي  تي اصليت سان تعلق رکي ٿي. مثال طور دنيا ۾ ڪيترائي پلنگ موجود آهن، پر اهي فقط ان ڪري موجود اهن جو انهن جو خيال موجود آهي. هڪڙو واڍو جڏهن ڪو پلنگ ٺاهي ٿو، تڏهن ائين چئجي ته هو هڪ اصلي ۽ مثالي پلنگ جو نقل ڪري ٿو. افلاطون  جو مطلب اهو آهي ته مثالي شئي هوندي آهي. واڍي جو هنر ضروري ۽ قدر لائق؛ پر ساڻس گڏوگڏ نقاش به موجود آهي؛ جيڪو سندس ٺاهيل پلنگ جو نقل ڪري ٿو. يعني نقاش اصلي پلنگ جو نقل جو به نقل ڪري ٿو. جيڪو بنهه غير ضروري ۽ ڪريل پورهيو آهي. ساڳيو حال شاعرن جو آهي. نقاش جي نقالي ڪري ٿو ۽ شاعر مردن ۽ عورتن جي چال چلت نقل ڪري ٿو. ٻئي فنڪار شين جي صورتن جي نقالي ڪنٿا تنهنڪري سندن فن اصليت کان ٻيڻو پري آهي.

افلاطون جنهن جوشيلي، مزاحيه ۽ اثرائتي انداز ۾ پنهنجو لاثاني بحث ڪري ٿو ان سان هن مختصر بيان جو مقابلو ڪرڻ بيڪار آهي. پر خيالن جي نظريي تي جنهن طريقي سان بحث ڪيل آهي، ان جي خبر پئجي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن قبول ڪريون ته ان نظريي ۾ ڪي خاص شيون (پوءِ کڻي اهي هٿرادو هجن جهڙوڪ پلنگ) شامل ٿي سگهن ٿيون ۽ فن ۾ تقليد جي معنيٰ نقالي ٿي سگهي ٿي، ته پوءِ اها منطق البت معقول آهي. بهرحال اهو حملو اهڙو ڪونه آهي جنهن کي نظرانداز ڪري سگهجي. ساڳئي وقت اها حقيقت به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي، ته افلاطون شاعري جي نوعيت تي حملو ڪري ان جي مقصد تي پڻ زبردست حملي ڪرڻ لاءِ رستو  صاف ڪيو. هن طرف ارسطو فن شاعري ۾ خيالن جي نظريي کي کڻي ئي ڪونه ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com