سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: سنڌي ادب ۾ تنقيد

باب: --

صفحو :8

 

سڀ کان اول ڏسجي ته الميه جي خلاف افلاطون جو ڪهڙو الزام هو. اهو الزام مختصر لفظن ۾ هن ريت آهي: ڀلا هڪ الميه جو سورمو(1) ڪهڙيءَ طرح اسان جي جذبن کي اڀاري  سگهي ٿو؟ بدقسمتي  جو ماتم ڪري جيترقدر هو اسان کي پنهنجي ڏکن جو احساس ڏياريندو، اوتروئي اسين هن جي ساراهه ڪنداسون. پر حقيقي زندگيءَ ۾ اسين ان شخص کي ساراهيون ٿا، جيڪو سواءِ ڪنهن دانهن ڪوڪ ڪرڻ جي تڪليفن کي برداشت ڪري ٿو. ۽ انهن جي اثر کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو. پنهنجي پاڙيسري سان پنهنجا ڏک سور روئڻ ڪهڙي نه شرم جي ڳالهه چئبي ڇا اهو درست ٿيندو، ته اسين هڪ اهڙي ڪردار جي ساراهه ڪريون ، جنهن جون حرڪتون حقيقي زندگي ۾ نفرت جوڳيون هونديون آهن؟ اهڙي ڪردار سان همدري ڪرڻ سبب اسان تي رحم جو جذبو غالب ٿئي ٿو ۽ دکدائڪ جذبن تي اسان جو قبضو ڪمزور ٿيو پوي. الميه جو سمورو اثر روح کي ڪمزور ڪرڻ تي مائل هوندو آهي. عمل عقل جي قبضي مان نڪري ويندو آهي ۽ ان جي جاءِ تي جذبو غالب ٿي پوندو آهي.

افلاطون جن بنيادن تي پنهنجا الزام کڙا ڪري ٿو، انهن کي بي بنياد ثابت ڪرڻ لاءِ ارسطو ڪابه دعويٰ  ڪونه ٿو ڪري. هو قبول ڪري ٿو، ته الميه جي اها خاص خوبي آهي ته ان جي وسيلي اهڙا جذبا ڀڙڪو کائي اٿن ٿا جيڪي واقعي خطرناڪ ۽ مهلڪ آهن. انصاف سان ڏٺو وڃي ته ارسطو جو اهو اقرار بنهه غلط آهي. جيتوڻيڪ الميه جذبن ۾ رحم ۽ خوف جا جذبا يقيناً اهم آهن، پر اهي فقط الميه جذبا ڪونه آهن. الميه جي اثر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پيار ۽ تعريف جا جذبا به هڪ جهڙا ئي اهميت وارا آهن. بهرحال ارسطو رحم جي گهڻائي کي ڪنهن ٻئي جذبي جي گهڻائي وانگر سختي سان نندي ٿو. هو چوي ٿو ته بيشڪ الميو انهن جذبن کي جاڳائي ٿو، پر هڪ اهڙي طريقي سان جو انهن جي اصلاح به ٿئي ٿي ۽ اهو ئي افلاطون جي الزام جو جواب آهي. تنهن ڪري ڪيٿارسز هڪ تشبيهه آهي. ان مان مذهبي رسمون به مراد وٺي سگهجن ٿيون، جنهن حالت ۾ ان جي معنيٰ ٿيندي پاڪ ڪرڻ(1) يا ان مان دوائن جا نظريا به مراد وٺي سگهجن ٿا. جنهن حالت ۾ ان جي معنيٰ آهيصاف ڪرڻ(2) رحم ۽ خوف جي جذبن کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ مان ڪهڙو مطلب آهي؟ ان جو اندازو لڳائڻ البته اوکو آهي.پر ارسطو جي ذهن ۾ ضرور ڪا شيءَ هوندي جيڪا ان جي مقصد سان واضح طور ٺهڪي ايندڙ هوندي. ڇاڪاڻ ته يقيناً ڪيٿارسز مان سندس مطلب پاڪ يا صاف ڪرڻ ڪونه هو. هو جڏهن به الميه ڪيٿارسز(1) ڏانهن اشارو ڪري ٿو، تڏهن يقيناً سندس مطلب خوف ۽ رحم جي جذبن کي جاڳائڻ آهي. هن ڪڏهن به انهن جذبن کي پاڪ يا صاف ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪونه ڪيو آهي، پر جيڪڏهن هو ان کي صاف ڪرڻ جي معنيٰ ۾ وٺي ٿو ته پوءِ رڳو انهن جذبن کي اڀارڻ  لاءِ ڪيٿارسز جو لفظ حوالي طور استعمال ڪرڻ ڪافي ٿيندو. يوناني علم الادويات ۾ زهر ماري زهر کي جي چوڻيءَ تي عمل ڪيو ويندو هو. يعني ڪنهن جسماني عضوي کي ڪنهن اڻوڻندڙ شئي کان صاف ڪرڻ لاءِ اها ساڳي شئي مناسب وزنن ۾ استعمال ڪرائي ويندي هئي. هنن جي خيال مطابق هر قسم جي زيادتي نقصانڪار آهي؛ ۽ ايستائين صحت حاصل ڪين ٿيندي جيستائين زياده واپرايل شئي کي خارج نه ڪيو ويندو. ڀانئنجي ٿو ته ڪيٿارسز مان ارسطو به اهو ئي مطلب وٺي ٿو. الميو رحم ۽ خوف جي جذبن کي منظم ڪري پاڪ ڪري ٿو. ضروري آهي ته انهن جذبن کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ گهٽ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ اهي گهڻائي جي ڪري نقصانڪار ثابت ٿيندا. ان حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ارسطو هڪ هنڌ موسيقي جي اثر جو مثال پڻ ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته اهي ماڻهو جن جي حالت پريشان آهي، تن کي اهڙي ئي قسم جي موسيقي  سانتيڪو ڪريو ڇڏي. ساڳين جذبن کي منظم ڪرڻ سبب منجهن گهڻائي  گهٽجيو وڃي. جنهن ڪري هڪ خوشيءَ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. ارسطو جي خيال مطابق الميه جو مقصد هڪ قسم جو علاج آهي، الميه جي وسيلي پيدا ڪيل رحم ۽ خوف جا جذبا هڪ قسم جي دوا مثل آهن، جيڪا الميه جو خلقيندڙ پنهنجي سامعين کي ان ڪري استعمال ڪرائي ٿو ته سندن جذباتي زندگي واپس موٽي اچي.

سچ پڇو ته ارسطو جو اهو نظريو بذات خود درست ڪونهي. موسيقيءَ جي باري ۾ هو جيڪي ڪجهه چوي ٿو، ان جي درست هجڻ جو امڪان آهي. پر ان صورت ۾ اهي ماڻهو جن جو شديد موسيقي جي ذريعي علاج ڪيو وڃي ٿو، اهي خود به شروع کان ئي شديد احساسن ۾ مبتلا هوندا آهن. پر ماڻهو رحم ۽ خوف جي اثر هيٺ ناٽڪ گهر ۾ ڪونه ويندا آهن. اهي جذبا هر ڪنهن ماڻهوءَ ۾ پيداٿي سگهن ٿا، پر شرط ته انهن کي اڀارڻ لاءِ مناسب اپاءَ ورتا وڃن. ضروري آهي ته سڀ کان پهرين ان بيماري کي پيدا ڪيو وڃي جنهن جو الميه جي وسيلي علاج به ڪري سگهجي. ان هوندي به ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته الميه جي مقصد جي جيڪا ارسطو تشريح ڪئي آهي، اها سئين دڳ سان لائڻ جي هڪ چڱي ڪوشش آهي. سچ پچ ته الميه مان هڪ لطيف ۽ ڪارائتو اثر حاصل ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جي ڏسڻ سان اسان جا اهي جذبا جاڳي اٿن ٿا، جيڪي حقيقي دنيا  ۾ نا آسودا ۽ شايد خطرناڪ حد تائين پريشان هوندا آهن. ارسطو جي نظريي جو پهريون ڀاڱو جنهن ۾ الميه جي نوعيت تي بحث ڪيل آهي- ان اهم اثر کي سمجهڻ لاءِ اسان جي چڱي رهنمائي ڪندو. تنهن ڪري سهوليت خاطر اسين ان کي ڪيٿارسز چونداسون، جيتوڻيڪ ان کي هاڻي نه حڪمت جي اصطلاح صفائي ۾ ۽ نه مذهبي اصطلاح پاڪيزگي ۾ استعمال ڪبو. پر جيتري قدر حقيقي زندگيءَ جي برائين، نه فقط اخلاقي براين بلڪ تباهيءَ، برباديءَ ۽ بدقسمتيءَ جي برائين جو تعلق آهي. الميه انهن جي اثر کي زائل ڪري انهن کي ڪارائتو بنائي ٿو. ان لحاظ کان ڪيٿارسز کي پاڪ و صاف ڪرڻ جي معنيٰ ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

مٿين بحث کان پوءِ ان خوبي کي به چڪاسڻ گهرجي، جيڪا ارسطو جي خيال مطابق، ڪنهن الميه لاءِ ضروري آهي، يعني ان جي ايڪائي. هو ان خوبيءَ جي ڪري هن نتيجي تي پهتو آهي، ته تاريخ جي مقابلي ۾ شاعريءَ ۾ وڌيڪ حڪمت (فلسفو) ۽ گهڻي عظمت آهي. يعني شاعريءَ جو تعلق گهڻي قدر فلسفي جي روح سان آهي. ڇاڪاڻ ته فلسفو  آهي سمجهڻ جي بنيادي خواهش ۽ انهن قاعدن کي ڄاڻن جي خواهش ۽ شين جي قاعدن کي ڄاڻڻ جي خواهش ۽ انهن قاعدن کي هر ممڪن طرح گهني ۾ گهڻو آسان ڪرڻ ۽ ٻيو ته اهو به معلوم ڪرڻ ته ڪهڙي طرح هڪ شئي ٻي شئي سان تعلق رکي ٿي ۽ ڪيئن سڀئي شيون پاڻ ۾ لاڳاپو رکن ٿيون. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي، گذريل زماني ۾ ڇا ٿيو هو: يعني ڪي واقعا ٿي ويا پر اهي اهڙي نموني  ۾ ڇو ٿيا؟  ان بابت اسان کي ڪوبه يقين ڪونهي. دراصل اسين ڪنهن به صحيح واقعي جي وجود بابت ڪوبه جواب ڪونه ڏئي سگهنداسون ۽ نه ان جي نتيجن جو اندازو ڪري سگهنداسون. اسين ڪنهن واقعي جو لڙاٽيل عڪس ته ڏسي سگهون ٿا، پر ان کي ڪڏهن به چڱي طرح سمجهي ڪونه ٿا سگهون. پر شاعري انهن حالتن سان تعلق رکي، جيڪي امڪان ۽ ضرورت مطابق پيدا ٿي سگهن ٿيون. اسين ڄاڻون ٿا ته ڇا ٿئي ٿو  ۽ اسان کي خبر آهي ته اهو ڪئن ٿئي ٿو تاريخ جي ڀيٽ ۾ جنهن ۾ نه ڪنهن شئي جي شروعات  ٿئي ٿي ۽ نه ڪنهن جي انتها؛ جنهن ۾ واقعن جو سلسلو فقط اسان جي هن خواهش کي آسودو ڪري ٿو، ته اسين انهن واقعن جي مخفي تعلق مان واقف ٿيون. شاعريءَ ۾ اسان کي مڪمل واقعو نظر اچي ٿو. جيڪو پوري طرح شروع ٿي پوري طرح ختم ٿئي ٿو. ۽ جيڪو پنهنجي اڳئين واقعي کان پوري لاڳاپي سان اڳتي وڌي اهڙن نتيجن تي پهچي ٿو جيڪي اسان جي خيال مطابق اڻٽر آهن. جيترو وقت به اسان جو تعلق واقعي سان رهي ٿو، اسين هڪ اهڙي دنيا ۾ پهچي وڃون ٿا جنهن جي اسان کي ڏاڍي خواهش هوندي آهي. اهڙي حالت م اسان جو شعور هڪ اهڙي دنيا وانگر ٿيو پوي، جتي سڀئي شيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن.

الميه جي وسيلي زندگيءَ جي لاچارين ۽ نااُميدين جي نمائش ٿئي ٿي. پر الميه ناٽڪ جي ايڪائي سببان اها لاچاري ۽ نااميدي به هڪ اهڙي دنيا جو مثال ٿيو پوي جنهن ۾ پهچڻ لاءِ اسين بيقرار هوندا آهيون. اها اهميت فقط ان خاص خوشي جي ڪري آهي، جيڪا ڪنهن الميه جي پڙهڻ يا ان کي ڏسڻ مان اسان کي ملندي آهي. اهي شيون جيڪي حقيقي دنيا ۾ اڻوڻندڙ ۽ ورچائيندڙ هونديون آهن. سي الميه ۾ ڦري فرحت بخش ٿي پونديون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ هڪ اهڙي خوبي پيدا ڪئي ويندي آهي. جنهن جي ڪري انهن جي برائي به اسان لاءِ ڀلائي ٿيو پوي. الميه جذبن کي اڀارڻ سان گڏ انهن کي صاف ۽ پاڪ به ڪري ٿو.

فن شاعري  جي باقي حصي جو تعلق ارسطو جي ان خيال سان آهي، ته الميه جو مقصد جذبن کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ آهي. ان باري ۾ اسان جي تشريح ڪمائتي معلوم ٿيندي، جيتوڻيڪ ارسطو ئي ان کي چڱي طرح بيان ڪري سگهيو ٿيو. پر رحم ۽ خوف جي جذبن تي اصرار ڪرڻ سبب بعض وقت ارسطو ان نتيجي تي پهتو آهي، ته الميه احساسيت(1) جي گهڻي اهميت آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس فيلسوفاڻي طريقي ۾ ڪي خاص خاميون به رهجي ويون آهن. ان جو مثال ان سورمي ۽ سورمي جو بيان آهي، جيڪي ڪنهن الميه لاءِ موزون سمجهيا وڃن ٿا. الميه ڪردار اهو آهي جيڪو خوشحال مان ڦري بدحال ٿيو هجي.  ارسطو چوي ٿو ته اهو خيال غلط آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙو ڪردار هڪ رقيب(2) به هوندو آهي. جنهن ڪري رحم ۽ خوف جي جذبن تي اثر ڪونه ٿيندو. اها ڪنهن نهايت نيڪ ڪردار جي غيرواجبي بدقسمتي نه هجڻ گهرجي؛ اها ته رڳو هڪ ڏهڪائيندڙ ڳالهه ٿيندي. الميه ڪردار لاءِ انهن ٻنهي حالتن جي درمياني حالت هجڻ گهرجي. يعني هو هڪ اهڙو شخص هجي جيڪو تمام چڱو به نه هجي ۽ جيڪو پنهنجي ئي غلطي سان پاڻ لاءِ مصيبت پيدا ڪري. ارسطو جنهن ڪردار جو بيان ڪري ٿو، سو يقيناً الميه ڪردار هوندو. پر ميڪبٿ(1) جهڙو رقيب به ان وانگر الميه ڪردار ٿي سگهي ٿو جيڪو گمراهه ٿيڻ لائق هو؛ يا هڪ مڪمل معصوم انسان مثلاً ڊيسڊيمونا(2) کي به الميه ڪردار چئي سگهجي ٿو، جيڪو برائي ۽ ڀلائي جي ڪا ڄاڻ ئي ڪونه ٿو رکي.

ان هوندي به ارسطو جي عظمت ۽ بزرگي جو ايترو ته اثر آهي جو پوئين دور جي نقادن به اها ئي ڪوشش ڪئي ته ناٽڪ نويس ارسطو جي الميه ڪردار جي نظريي مطابق عمل ڪن. اهڙي طرح چيو ويو آهي ته Prometheus Bound جي الميه ۾ Eschylus هڪ عظيم سورمي جي تخليق ڪئي آهي. پر ان ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن. اهو بلڪل سچ آهي. پر الميه جي خاص خوبي، جيڪا ان کي عظمت بخشي ٿي، هيءَ آهي ته ان جو سورمو پنهنجين خامين جي ڪري نه بلڪ پنهنجين خوبين جي ڪري ئي مصيبت ۾ مبتلا ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته غلط قدم کي غلط قدم ئي چيو ويندو. پر ارسطو جو چوڻ هيءُ  آهي ته هڪ ڏکائتي غلطي (جنهن کي هڪ هنڌ هو وڏي غلطي به سڏي ٿو) صاف طرح هڪ اخلاقي غلطي به آهي. دراصل پنهنجي نظريي جي پٺڀرائي خاطر ارسطو ڪنهن بيگناهه جي مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ جي نهايت الميه اثر ۽ سچ کي ڪوڙ کان شڪت ملڻ جي اثر يعني سچ تي هوندي به سزاوار ٿيڻ- کي نظرانداز ڪري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن الميه جي مقصد واري نظريي ۾ ارسطو پيار ۽ واکاڻ توڙي رحم ۽ خوف جي جذبن کي سجاڳ ڪرڻ وارين حالتن کي مدنظر رکي ها، ته هوند ڪڏهن به ڪنهن بيگناهه جي مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ جي دکدائڪ امڪانن کي سمجهڻ ۾ هو نا ڪامياب نه ٿئي ها. شايد ٻيءَ حالت ۾ به هو انصاف کان ڪم وٺي ها جڏهن هو ان کي الميه سڏڻ کان انڪارڪري ٿو- يعني سورمي رقيب جي زوال جي حالت. ڇاڪاڻ ته ڪنهن رقيب جي واکاڻ ڪرڻ ممڪن آهي ۽ اهو به ممڪن آهي، ته هن لاءِ هڪ اهڙي همدرديءَ کي محسوس ڪيو وڃي جيڪا نيٺ محبت جي حد تائين وڃي پهچي. ان جو سهڻو مثال ميڪبيٿ جو ڪردار آهي.

الميه ڪردار جو اهو اصول اڳتي هلي  هيگل(1) تائين پهچي ٿو. هيگل چوي ٿو ته الميه جي نوعيت هڪ اهڙي ڪردار کي مصيبت ۾ مبتلا ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿي، جيڪو سچ تي هوندي به مصيبتن ۾ ڦاسي ٿو؛ پر ان هوندي به هن جو مصيبتن ۾ گرفتار ٿيڻ انصاف وٽان آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي سچ کي مڪمل سچ به چئي نٿو سگهجي. عام حالتن ۾ ان جو درست هجڻ ممڪن آهي. پر ڪي اهڙيون به حالتون ٿي سگهن ٿيون جن ۾ اهو ٻئي هڪ جهڙي سچ جي بنهه خلاف هوندو آهي. ٻنهي حالتن ۾ سچائي آهي، پر هرهڪ حالت جدا حيثيت رکي ٿي. ان جو مثال سوفوڪليز(2) جو بهترين الميو انٽي گون(3) آهي. انٽي گون جو ڀاءُ پنهنجي ملڪ جي خلاف هڪ بيحد گندو ڏوهه ڪري ٿو، جنهن جي سزا ۾ هو قتل ڪيو ويو آهي. ٿيبز(4) جو حڪمران ڪري آن(5) هن جي دفن جي رسمن ادا ڪرڻ کان منع ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ نفرت جهڙي غلطيءَ جو جواب ساڳيءَ نفرت سان ڏنو وڃي ٿو. انٽي گون پنهنجي ڀاءُ جي لاش تي مذهبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي حيلا هلائي ٿي، پر آخرڪار هوءَ به موت جي حوالي ڪئي وڃي ٿي. هوءَ اڻ لکيل قانون کان انصاف جي گهر ڪري ٿي. جنهن جي دنيوي قانون جي خلاف پابندي ڪرڻ لا هر انسان جو ضمير ٻڌل آهي. پر ڪري آن ان قانون جو سهارو وٺي ٿو، جنهن کي ٺاهڻ لاءِ رياست کي حق حاصل آهي. هاڻي هيگل چوي ٿو ته انٽي گون حق تي آهي، پر فقط پنهنجي نقطئه نظر کان، ڇاڪاڻ ته هوءَ انفرادي ضمير جي حقن جي نمائندگي ڪري ٿي. ساڳئي وقت ڪري آن به پنهنجي نقطه نگاهه کان صحيح آهي. جوهو رياست جي حقن جي نمائندگي ڪري ٿو اهو جهيڙو ختم ٿيڻ جوئي ڪونهي، تنهن ڪري ٻنهي کي سزا ملڻ گهرجي؛ ۽ اهو ئي الميه آهي.

ممڪن آهي ته مٿيون نظريو به ارسطو جي نظريي وانگر صحيح هجي. پر جا آفاقيت ارسطو جي نظريي ۾ آهي سا ان ۾ ڪانهي. جيتوڻيڪ هيگل جو نظريو اسان کي ٻڌائي ٿو ته سوفوڪليز جي الميه کي سمجهڻ  لاءِ اسين ڪري آن ۽ انٽي گون ٻنهي سان همدردي ڪريون. پر ان هوندي به الميه هيءُ آهي ته انٽي گون حق تي آهي ۽ ڪري آن  ناحق تي؛ ۽ باطل  کي اختيار آهي ته حق کي گهٽي ماري.بهرحال هيگل جو نظريو کڻي ڪيترو به معقول ۽ شايد ڳوڙهو هجي، پر ان جي ڪسوٽيءَ تي ڪوبه الميو سچو ثابت ڪونه ٿو ٿئي.

اهو پراڻو بحث هڪ عمدو مثال آهي ته ڪئن نه هڪ نظريي جي وسيلي تنقيد کي غلط راهه تي آڻي سگهجي ٿو. اهو نظريو ٻئي هنڌ کڻي ڪيترو به فلسفي ۾ ڇونه ورتل هجي، پر فن ۾ ڪڏهن به اهو صحيح نظريو ٿي ڪونه ٿو سگهي. ڪنهن نظريي ۾ حقيقتن کي واضح ڪرڻ جي دعويٰ فقط ان وقت ڪئي ويندي آهي جڏهن اهڙي وضاحت به ڪري سگهجي.

ارسطو جي رسالي جي باقي حصي مان اسان کي ڪو مطلب ڪونهي؛ جيتوڻيڪ ان جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. اسين هن جي نظريي جي خاص خاص نڪتن مان واقف ٿي  آيا آهيون، پر انهن کي ادبي فن جي نظريي مطابق وري به سمجهڻو آهي. ارسطو ان جي وضاحت تفصيل سان ڪري ٿو ۽ نهايت دلچسپ ۽ اهم نتيجن تي پهچي ٿو. هو اهو به ڏيکاري ٿو ته ڪئن ان کي ناٽڪي طريقي مان بياني طريقي- يعني الميه مان رزميه- ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن جي شاعراڻي نظريي جي عام نوعيت جي وضاحت ڪرڻ اسان لاءِ ڪافي آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي خلاف کڻي ڇا به چيو وڃي، پر سندس الميي وارو نظريو هڪ اهڙو بنياد آهي، جنهن تي اڳتي هلي ادبي جماليات جي پيڙهه کنيل آهي.


(1) Hero.

(1)  Purification.

(2) Purgation.

(1)  Tragic Katharsis.

(1)  Sensationalism.

(2)  Villian.

(1)  Macbeth.

(2)  Desdemona.

(1)  Hegal.

(2)  Sophocles.

(3) Antigone.

(4)  Thebes.

(5) Kreon.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com