سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :10

 

ادب ۽ شعور

ادب جو عام موضوع انسان آهي. چڱو انسان، وڏو انسان، معمولي اعتدال پسند انسان، ۽ غير معمولي انتها پسند انسان. ادب ۾، جيتوڻيڪ ٻين ڳالهين جو ذڪر به ٿئي ٿو، مگر انسان ٻين موضوعات تي ڇانيل آهي.

اديب، ڪڏهن پنهنجي متعلق ڪجهه چوندو آهي، ۽ ڪڏهن ٻين جي. ڪڏهن پنهنجيءَ ڪهاڻيءَ جي پردي ۾، جهان جي آکاڻي ٻڌائي ٿو، ۽ ڪڏهن دنيا جي آکاڻي ٻڌائيندي، پنهنجي زندگيءَ جي نشيب ۽ فراز جو جائزو وٺي ٿو. انسان، قدرت جي سڀ کان پيچيده تخليق آهي. هن جي دل ۽ دماغ جو، سڀ کان مشڪل معمو اِهو آهي، ته هو ڪڏهن به هڪ جڳهه تي خاموش نٿو رهي. هو پنهنجيءَ انفراديت مان اُڀري، سماج جي هر قيد ۽ بند کي ٽوڙي ٿو، ۽ وري ڪڏهن سماج ۾ اِهڙيءَ طرح ملي ٿو وڃي، جو هن جي انفراديت جو امتياز ڪرڻ به مشڪل ٿيو پوي. ڪڏهن هن جون عادتون ۽ اعمال، بلڪل واضح ٿين ٿا؛ ۽ هر شخص، هن جي ظاهري معنيٰ کي سمجهي سگهي ٿو. ڪڏهن هن جي هر حرڪت تي، هزارين پردا پيل ٿين ٿا، جن کي دور ڪرڻ نهايت ئي دشوار ٿيو پوي. هو اُن وقت کلي ٿو، جڏهن هن مان رئڻ جي اُميد رکجي ٿي. هن جي ڳوڙهن پٺيان، خوشي ليئا پائي ٿي، ۽ متبّسم چهري جي هيٺان، اٿاه غم جو سمنڊ لهريون ماريندو رهي ٿو. اِهڙيءَ طرح، انسان جو مطالع، هر قدم تي دشواريون پيدا ڪري ٿو.

نفسيات جي ماهرن، هن جي هر حرڪت، ۽ هر چرپر، قول ۽ فعل، ۽ اُن جي جذبات جي ڇپائڻ، ۽ ظاهر ڪرڻ مان، ڪيترائي نتيجا ڪڍيا آهن. اديبن، نفسيات جي ماهرن جي انهن نتيجن کي، سامهون رکي، انسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي خارجي، ۽ داخلي عمل، ۽ احساس جي تصوير، اِهڙيءَ طرح بڻائي آهي، جو اُن جي سيرت بي نقاب ٿي پئي آهي.

بهرحال ادب کي، انساني نفس جي مطالع سان، هميشہ واسطو رهيو آهي. هتي هي نه وسارڻ گهرجي، ته جيستائين، اسين عمل جي محرڪات کي نٿا سمجهون، تيستائين اسين عمل جي سچي تصوير پيش نه ڪري سگهنداسين، ۽ ڪڏهن محرڪات، ايترا ته گهرائي ۾ ٿين ٿا، جو نفس جو ماهر ئي اِن ڀيد کي سمجهي سگهي ٿو، ۽ نه اديب، ۽ نه وري خود عمل ڪرڻ وارو. هن حالت کي گهرائي جي لحاظ کان، ڪڏهن لاشعور چيو ويندو آهي، ۽ ڪڏهن نيم شعور، يا تحت شعور.

لاشعور، ۽ نيم شعور جو ذڪر، هونءَ ته نفسيات ۽ ادب ۾ ايندو رهيو آهي. مگر ويهين صديءَ جي شروعاتي زماني، هن کي هڪ مخصوص معنيٰ ۾ ظاهر ڪيو آهي. تحليل نفسيءَ جي ماهرن، ٻڌايو آهي، ته انسان جي اندر ۾، سڀ کان زياده عمل جو محرڪ، اُن جو .... جذبو آهي؛ جو ماءُ جي رحم ۾ ئي پيدا ٿي وڃي ٿو. هي جذبو سماج، اخلاق، تهذيب، ۽ جسماني صحت جي پيچيدگين جي سبب کان، کيس اظهار جو موقعو نٿو ڏي، ۽ پوءِ تحت شعور ۾ لڪي وڃي ٿو. مگر جئن ته، هي بنيادي محرڪ آهي، اِن ڪري، هي مري نٿو وڃي، پر پنهنجي شڪل ۽ راه بدلائيندو رهي ٿو. خواب ۾ ظاهر ٿئي ٿو، فنون لطيفه ۾، اشارن ۽ علامتن ۾، اسان جي بيداريءَ جي عالم ۾، ننڍين ۽ وڏين حرڪتن ۾ نمايان ٿيندو رهي ٿو، جنهن کي نه هر اک ڏسي سگهي ٿي، ۽ نه هر دماغ ان کي سمجهي سگهي ٿو. جنسي جذبات، ۽ خواهشات، اِهڙيءَ طرح دٻجي ۽ گڏ ٿي، هڪ مهلڪ بيماري ٿي پون ٿا، ۽ شعور، کين پنهنجي رنگ ۾ رنڱي تابع ڪري ٿو ڇڏي.

اِنهن جديد نفسياتي نظرين تي، علمي حلقن ۾، ڪافي بحث ٿيندو رهي ٿو. مگر ڪنهن نه ڪنهن حد تائين، اُن کي هر شخص تسليم ڪري ٿو، ته تحت شعور جو اثر، انساني عمل تي ڪافي نمايان آهي. فرائڊ ۽ اُن جي ساٿين، پنهنجي انتها پسنديءَ جو ثبوت ڏيندي اِئين به چيو آهي: ته لاشعور آئيس برگ جي، اُن حصي جيان آهي، جو پاڻيءَ جي مٿان نڪتل رهي ٿو اصل ته شعور آهي، جو پاڻيءَ جي هيٺان لڪل رهي ٿو، ۽ ان ۾ شڪ نه آهي، ته ظاهري حصو، لڪل حصي جي مقابلي ۾؛ نهايت ئي ننڍو ٿئي ٿو. هن مان، هي نتيجو نڪتو، ته لاشعور جي مقابلي ۾، شعور جي ڪائي به حقيقت نه آهي. هتان ئي اختلاف وڌن ٿا؛ ڇو ته انساني عمل، ۽ اِرادي جي زندگيءَ ۾، شعور اصلي چيز آهي.

ويهين صديءَ جي، ڪيترن ئي وڏن يورپي، ۽ آمريڪي اديبن، لاشعور ۽ اُن جي جنسي محرڪات کي، ادب جو موضوع بڻايو، ۽ ڪردارن جي انفرادي زندگيءَ جي، ايتري ته ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جو فرد جو، سماج سان رشتو ٽٽي پيو آهي. هيءَ حقيقت آهي، ته تحليل نفسيءَ جو علم، بيمارن جي علاج جي سلسلي ۾ پيدا ٿيو، ۽ فرائڊ ۽ اُن جي ساٿين، بيمارن جي ئي ذهني تجزيہ کي نئين علم جو بنياد بڻايو. اِهڙا سڀ انسان، فرائڊ جي نظر ۾، ڪنهن نه ڪنهن طرح، غير معمولي يا غير معتدل (Abnormal) ها. اسان جي مصنفّن، اديبن، شاعرن، ۽ افسانه نگارن وري معتدل (Normal) انسان ۾، ذهني ۽ جنسي بيمارين جي تلاش شروع ڪئي. عام طرح، صحت مند انسان جي ذهن ۾، اُهي جنسي اُلجهن نٿا ٿين، جي هن جي شعور کي داغدار بڻائين. صحت مند انسان، جو ڪجهه ڪري ٿو، سو پنهنجي اِرادي سان ڪري ٿو، ۽ اڪثر طرح، هو پنهنجي محرڪات کي ئي ڄاڻي ٿو. عام ماڻهو، جنهن سان ملي ٿو، يا جنهن سان هن جو ڪم پوي ٿو، تنهنجي ذهن، ۽ اِرادي مان به، هو واقف رهي ٿو.

اِهڙيءَ طرح، سماجي زندگيءَ ۾، عموميت پيدا ٿئي ٿي، ۽ زندگيءَ جا اُصول مّرتب ٿين ٿا. مگر جو اديب، پنهنجي سموري توجهه جو مرڪز، فرد جي اِهڙين ڪيفيتن کي بڻائي ٿو، جو اڪيلو اُنهن جي جبلي قوتن جو نتيجو آهي، ۽ اُنهن جي جنسي دٻاءَ مان پيدا ٿين ٿا؛ اُهو گويا، فرد کي الڳ ٿو ڪري، ۽ هڪ اهڙي ڊاڪٽر جيان آهي، جو فقط مريض جي زندگيءَ سان واسطو رکي ٿو، باقي آب و هوا، ماحول، غذا، ۽ ٻين اثرن کي نظرانداز ڪيو ڇڏي.

فرد جو شعور ئي نه، بلڪ اُن جو تحت شعور به، سماجي حالتن کان متاثر ٿئي ٿو، ڇو ته  جيستائين سماجي پابندين، ۽ فرد جي خواهشن ۾ تصّادم نه آهي، جيسين فرد ڪنهن ٻي خيال کان پنهنجي جنسي جذبات کي دٻائڻ، يا ڪنهن ٻي رستي تي لڳائڻ تي مجبور نه آهي؛ تيستائين، تحت شعور ۾، جنسي خواهش جي پوشيده هئڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اخلاق يا سماج جو اظهار، فرد تي نه آهي؛ خود جنسي جذبو، اُن وقت انفرادي خواهش کان ٻاهر ٿو اچي. اسان جڏهن، ان کي سماج جي رشتي ۾، سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، تڏهن فرد جي شعور ۽ لاشعور ٻنهي جي حيثيت سماجي ٿي پوي ٿي.

اِن سلسلي ۾، هڪ ٻي ڳالهه به غور طلب آهي، ته ڪو به اديب، فرد جي تحت شعوري نفسيات جو تذڪرو ڪري ئي ڇو ٿو؟ هي بيان، محض بيان جي لاءِ ٿئي ٿو، يا ان جي ذريعي، فرد جي ذهني ڪشمڪش کي پيش ڪيو وڃي ٿو، جئن انساني ذهن، ۽ نفس جي پابندين ۽ آزادين جو پتو پئجي سگهي.

ادب برائي ادب جو قائل، پهرين حالت کي قبول ڪندو، ۽ ادب برائي زندگيءَ کي مڃڻ وارو، ٻئي حالت کي. ادب زندگيءَ جو بيان آهي. اِن تنقيد، ۽ تخليق جو تذڪرو، جيڪڏهن زندگيءَ جي تشريح ڪري ٿو، ته پوءِ ان جو مقصد، بيماري نه، بلڪ صحت هئڻ گهرجي. نيم شعور اُلجهن، ۽ دٻاءَ مان، پيدا ٿيندڙ ذهني بيمارين جو علاج، اِهڙيءَ طرح ڪيو ويندو آهي، جئن لاشعور، ۽ تحت شعور کي شعور بڻايو وڃي، ۽ پوءِ بيمار جو ذهن هلڪو ٿي پوندو آهي. ادب ۾، اِن ڪري، جڏهن لاشعور، ۽ نيم شعور جو تجربو ڪيو وڃي ٿو، ته اُن کي اخلاق ۽ سماج جي گهٽتائين، ۽ اُن جي عدم توازن جو نقاد ٿيڻ گهرجي. اِهڙيءَ طرح، خيالات لاشعور ۾ ڍڪجي وڃن ٿا، ۽ پوءِ غير معمولي، غير معتدلي ۽ انوکن تجربن جو بيان ئي نه ٿو ٿي؛ بلڪ عام زندگيءَ سان پنهنجو رشتو به جوڙي ٿو.

ادب کي، ڪيترائي نقاد، ۽ اديب، اڄ به، بي مقصد سمجهن ٿا. مگر اِن جي باوجود، ايترو ته هو به تسليم ڪن ٿا، ته اِن مان روحاني حظ، نفس جو اِهتراز، سونهن جو احساس، ۽ خوشيءَ جا جذبات، پيدا ٿي سگهن ٿا؛ ۽ ڪجهه اِهڙي قسم جي فڪر مان، اِهڙا به نتيجا نڪرن ٿا، جي ان جي بلڪل برعڪس به ٿين ٿا. لاشعور جي تذڪري مان، اِهڙو ئي مقصد پيدا ٿيڻ گهرجي. مگر مشڪل هيءُ آهي، ته لاشعور جو ميڪانڪي تصّور رکڻ وارو، جنس کي هڪ جبلي قوت تسليم ڪري ٿو، ۽ ان جو چوڻ آهي، ته جبلي قوتن ۾، تبديلي نٿي ٿئي. اِن ڪري، هن جو ذهن برائي کي چڱائي ۾ بدلائڻ جي طرف مائل نٿو رهي. هو هي نٿو سوچي، ته انساني شعور تان، جي بار هٽايو وڃي، ته هو سماج جو هڪ بهتر فرد بڻجي سگهي ٿو، ۽ جيستائين ادب، زندگيءَ جي تخليق ڏانهن اشارو نٿو ڪري، تيستائين اُن جو اعليٰ ادب ۾، شمار ٿيڻ مشڪل آهي. فني لحاظ، ۽ ادبي ڪاوش جي حيثيت ۾، اِن جو مرتبو تڏهن بلند ٿي سگهندو، جڏهن انساني نفس، يا ڪم از ڪم صحت مند انساني نفس، ان مان اُن وقت آسودو ٿي سگهندو، جڏهن هو روح ۾، هيجان پيدا ڪري ٿو.

لاشعور جي تجزيہ، فنون لطيفہ کي، نهايت ئي فائدو پهچايو آهي، مگر، جيڪڏهن لاشعور ڪيفيات جو رشتو، سماجي شعور، يا عدم شعور سان جوڙيو وڃي ٿو، ته ان مان ادب، ۽ ٻين فنون لطيفہ کي، وڌيڪ فائدو پهچي سگهي ٿو. ان مان گهرائي، تنوع، وسعت، ۽ رنگيني پيدا ڪري سگهجي ٿي. مگر اِن کي سمجهڻ لاءِ وقت درڪار آهي

(ماخوذ)

(1956)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com