سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :3

 

سنڌي غزل جي ابتدا

غزل جي لغوي معنيٰ، عورت سان گفتگو ڪرڻ آهي. عورت دنيا  ۾، انسان لاءِ، هميشه لطيف ترين ۽ محبوب ترين چيز رهي آهي؛ ۽ هر دل ۽ دماغ تي، هر زماني ۽ هر عهد ۾، بي پناه اثر وڌو آهي. اِن حالت ۾، ظاهر آهي، ته غزل ۾، بقول احسن مارهروي، صرف اُن جذبات ۽ واردات جو ئي اظهار ڪيو ويندو آهي، جو اُنس ۽ محبت، عشق ۽ معشوق سان وابسته هجي.

دنيا جي وڏن وڏن شاعرن، مصنّفن ۽ فلسفين، عورتن جي متعلق عجيب عجيب ڳالهيون لکيون آهن. عورت، حقيقت ۾، جئن هارگريو چيو آهي: دنيا جي شاعري آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح ستارا آسمان جي شاعري آهن. مگر عورت، هڪ اهڙو ستارو آهي، جو انساني قسمت تي حڪومت ڪري ٿو. ان حالت ۾، شاعريءَ جي دنيا، غزل کي پنهنجو موضوع بڻائي ۽ عرصي تائين، عورت ۽ مرد جي تعلقات کي بيان ڪندي رهي، ته اِن ۾ تعجب جي ڳالهه نه آهي. عّلامه شبلي نعمانيءَ شعر العجم ۾ لکيو آهي:

غزل جي تحريڪ، عشق ۽ محبت جي جذبات سان ٿئي ٿي. پر ايران ۾ مّدت تائين، جنگي جذبات جو زور رهيو آهي. غزل جي ترقيءَ جي منزل، تصّوف سان شروع ٿئي ٿي. تصّوف جو وري تعلق، گهڻي حد تائين، خارجي اثر ۽ جذبات سان آهي، ۽ اِن جي تعليم جو پهريون ابجد عشق ۽ محبت آهي. تصّوف جي ابتدا، جيتوڻيڪ ٽين صديءَ جي آغاز سان ٿي، پر پنجين صدي اُن جي شباب جو زمانو هو، ۽ اِهو ئي زمانو، غزل جي ترقيءَ جو سمجهيو وڃي ٿو.

(جلد 5)

عشق ۽ محبت، هميشه انسان سان گڏوگڏ هلندا آيا آهن، ۽ بلڪل اِهڙيءَ طرح، جهڙيءَ طرح انسان سان زندگي ۽ موت ڳنڍيل آهن. دنيا ڪيترو به مشين ۽ سائنس جي جهڳڙي ۾ جڪڙجي وڃي، ڪيترو به عقل ۽ خرد جي لباس ۾ ڍڪجي وڃي، دنيا تي تهذيب ۽ تمدن جي ديوي ڪيترو به ڇانئجي وڃي، ۽ سندس جذبات کي سرد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري؛ پر دنيا، اِن جذبي کان پنهنجي دامن کي ڪڏهن به بچائي نه سگهندي. دنيا جي بهترين دماغن، اسان جي اڳيان، عشق ۽ محبت جي تعريف ۾، بهترين خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ۽ اِن کي بهترين لباس ۾ ظاهر ڪيو آهي. لوئين گزلير Leon Gozler لکيو آهي: عشق ئي سڀ ڪجهه آهي. اِهو ته خود خدا آهي. رشٽر چوي ٿو: اُها جڳهه فردوس برين آهي، جتي عشق ۽ محبت جو راڄ آهي. اِهي ۽ اِن جهڙا ڪيترائي مثال، دنيا جي ادب ۾ اسان کي ملندا؛ جن ۾ عشق ۽ محبت جي نغمات کي ڳايو ويو آهي. اِهو موضوع، جنهن جي آفاقيت جو سڪو، انسان ذات تي ويٺل آهي، سو ڪڏهن به پراڻو ٿي نٿو سگهي. جرمنيءَ جي مشهور شاعر هين لکيو آهي: عشق ۽ محبت اگرچ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جا پراڻي ٿي چڪي آهي، پر اِن جي باوجود نئين معلوم ٿئي ٿي. دنيا جي دماغن، جيتري طبع آزمائي، عشق ۽ محبت جي موضوع تي ڪئي آهي، ايتري شايد ئي، ٻي ڪنهن موضوع تي ڪئي هوندي. هر هڪ پنهنجي اظهار لاءِ مختلف ۽ علحدا علحدا نمونا اختيار ڪيا آهن، ۽ اِن چيز کي زنده ۽ جاويد بڻايو آهي. غزل به اِهڙن خيالن جي اظهار جو، هڪ اسلوب، ذريعو ۽ طريقو آهي. نه فقط ايترو، بلڪ غزل جو هڪ هڪ شعر، اسان جي اڳيان هزارين اِهڙيون چيزون ٿو آڻي رکي، جنهنجي پس منظر ۾، اسين تهذيب ۽ روايتن کي بي نقاب ڏسون ٿا ۽ اِهي سڀ چيزون پاڻ ۾ گڏجي، اسان تي لطف ۽ انبساط جي ڪيفيت جي حالت ٿيون طاري ڪن.

مختصر طرح، غزل مٿين حقيقت جي پيش نظر، سڀني شاعريءَ جي صنفن ۾ نازڪ، سڀ کان لطيف، ۽ سڀ کان مشڪل آهي. منهنجيءَ راءِ ۾، غزل جذبات جي اصلي مصوريءَ، قلبي واردات جي ترجمانيءَ، تخيّل جي نزاڪت، ۽ محاڪات جي لطافت جو نالو آهي.

عشقيه شاعريءَ جي هيءَ صنف، اسان کي، ايراني شاعريءَ مان ملي اهي. ايران ۾، اِن جو ٻج رودڪي جي هٿن کان پيو؛ جنهن کي اڄ به غزل جو مؤجد ۽ ابو چيو ويندو آهي. ان کان اڳ، ايران جي شاعريءَ ۾، غزل کي ڪو به علحدو وجود نه هو، ۽ ايراني شاعريءَ ۾؛ قصيده گوئي جو رواج هو، ۽ عشقيه شاعريءَ کي به قصيده ۾ ئي جڳهه ڏني ويندي هئي، ۽ شاعر اِن ۾، پنهنجي طبع جو زور ڏيکاريندا هئا. اُهو ٽڪرو، جنهن ۾ عشقيه شاعري هوندي هئي، تنهن کي تشبيب چيو ويندو هو. رودڪيءَ، قصيده مان اِن عشقيه اشعار کي الڳ ڪيو، پر ان جي صورت ۾، ڪا به تبديلي ڪانه آندي، ۽ اڄ اسين، اِن الڳ ٽڪري کي غزل جي نالي سان ڄاڻو ٿا. رودڪيءَ جي غزلن ۾، دلڪشي آهي، ۽ هو پنهنجي وقت جو مسلم الثبوت استاد آهي. عنصري کيس هن نموني خراج تحسين ڏنو آهي:

غزل رود کي وار نيکو بود

غزلهائـﻶ من رود کي وارنيست

غرض، رودڪيءَ اِن ٻوٽي کي لڳايو، ۽ مختلف شاعرن، مثلاً: دقيقيءَ، سنائيءَ، عراقيءَ، مولانا روم، سعديءَ، خسرو ۽ حافظ، اِن کي جگر جو خون پياري، سرسبز ۽ شاداب رکيو، ۽ نئين نئين رنگ جا گل ۽ ٻوٽا پيدا ڪيا.

هر ملڪ ۽ هر زماني جي شاعريءَ تي، اُن ملڪ ۽ زماني جي حالتن، ۽ خصوصيتن جو اثر پوي ٿو. ملڪ جي آب و هوا، قدرتي منظر، رسم ۽ رواج، معاشرتي طرز، عادتون ۽ اخلاق: غرض ڪا به اِهڙي چيز نه آهي، جنهن زبان ۽ شاعريءَ کي متاثر نه ڪيو آهي. سنڌ جي حڪومتن ۾، جيتوڻيڪ ڪيترائي انقلاب آيا، پر سندس شاعريءَ جي خمير ۾، ڪجهه اِهڙا عنصر موجود هئا، جن اِنهن تبديلين ۽ خصوصيتن کي تمام دير سان، قبول ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي زمين، پارسي زبان سان ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾، آشنا ٿي چڪي هئي، ۽ ان دور ۾، ڪيترائي پارسي زبان جا شاعر پيدا ٿيا، ۽ خود وقت جا حاڪم، خصوصاً: شاه حسن ارغون تخلص سپاهي، ۽ مرزا غازي بيگ وقاري، پارسي زبان جا بهترين شاعر هئا؛ پر اِن جي باوجود، سنڌي شاعر پنهنجي خيالات کي هڪ مخصوص طرز ۾، ظاهر ڪندا رهيا، ۽ پارسي زبان جي، ڪنهن به لفظ، ترڪيب يا محاوره کي قبول نه ڪيائون. سندن شاعريءَ ۾، سنڌ جي اُها ئي، صاف ۽ سادي زندگي جي تصوير نڪتل آهي، ۽ ڀٽن جي قصن ڪهاڻين جي اُپٽار سمايل آهي. مگر ميرن جي دور ۾، سنڌي شاعريءَ يڪايڪ پاسو بدلايو، ۽ مٿس پارسي شاعريءَ جو اثر پوڻ لڳو.

ميرن جي صاحبيءَ جو شعر، جو اسان تائين پهچي ٿو، ان ۾، عربي ۽ پارسيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون ڪم آندل آهن، ۽ سنڌي شاعريءَ تي، پارسي شاعريءَ جو اثر نظر اچي ٿو. ان جو مکيه ڪارڻ، شايد اِهو هجي، ته گهڻو ڪري ميرن جي دور جي سنڌي شاعرن به، پارسي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ اُن جو اثر، سندن خيالن ۽ زبان تي به رهيو آهي، جو بلڪل فطري آهي.

سنڌي شاعري، جئن ته پارسي شاعريءَ جي خيالن ۽ لفظن جي جوڙجڪ کي قبول ڪري چڪي آهي، تنهنڪري لازمي هو، ته ڪو اِهڙو صنف سخن هجي، جو سنڌي نما پارسي خيالات کي ظاهر ڪري. سنڌي شاعريءَ تي نظر وجهڻ سان، اسان کي اِها ڳالهه صاف نظر ايندي، ته سنڌي شاعرن ڪنهن به دور ۾، بادشاهه يا امير جي مدح ۾ نه قصيدو لکيو آهي، ۽ نه کين ساراهيو آهي. تنهنجو هڪڙو سبب اِهو ٿو نظر اچي، ته سنڌين جي غيور ۽ خوددار فطرت رهي آهي؛ ۽ ٻيو ته اُن وقت تصّوف ۽ صوفيانه خيالات جو هر شاعر تي رنگ چڙهيل هو. ظاهر آهي، ته اِن ماحول، ۽ اِن زماني ۾ ڪنهن اِهڙيءَ صنف سخن جي ضرورت پئي هوندي جا نه فقط تصّوف ۽ صوفيانه خيالات جي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏي، پر ساڳي وقت عشق ۽ محبت جي ڪار فرمائين جا به گيت ڳائي - ۽ اِهڙين ڳالهين کي، فقط غزل ئي پنهنجي دامن ۾ لڪائي سگهي ٿو. اِن ڪري اِئين چئي سگهجي ٿو، ته سنڌي موزون شاعريءَ جي شروعات غزل سان ئي ٿي آهي.

عام طرح، اِئين خيال ڪيو ويندو آهي، ته غزل جو مؤجد خليفه گل محمد هالائي آهي. مگر ان کان اڳ به ڪن شاعرن، خصوصاً: سچل سرمست جي ڪلام کي پڙهندي، معلوم ٿيندو ته سنڌي غزل جي ابتدا، خليفه گل محمد کان اڳ ٿي چڪي هئي. سچل جي رسالي کي پڙهندي معلوم ٿيندو، ته سنڌي زبان غزل جي دولت کان سچل سرمست جي زماني ۾ ئي مالامال ٿي چڪي هئي. اگرچ، وزن، ڪٿ گهٽ يا وڌ نظر اچي ٿو؛ مگر قياس اِئين ئي چئي ٿو، ته سلطان سچو، غزل ۾، وزن کي تاڪيدي جاءِ ڏني آهي. مگر شايد لکندڙن، ۽ گڏ ڪندڙن جي غفلت کان، وزن هيٺ مٿي ٿيل نظر اچي ٿو. جنهن سچل جو ديوان آشڪارا پارسيءَ ۾ پڙهيو هوندو، تنهن کي چٽيءَ طرح خبر هوندي، ته سچل کي، علم و عروض ۾، ڪيتري نه دسترس آهي. اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سچو سائين پارسيءَ ۽ عربيءَ جو عالم هو، ۽ انهيءَ ڪري ئي سندس شعر ۾، پارسي زبان جي جهلڪ گهڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سچل فقير کي، نه فقط پارسي ۽ عربي زبان جي واقفيت هئي، مگر کيس، ان وقت جي، اردو زبان جي به پوري پوري ڄاڻ هئي. پاڻ ريخته جا مالڪ هئا. ان وقت درد، مصحفي ۽ شاهه نصير، جنهن نموني ۾ چيو آهي، بعينه سائين سچل به چيو آهي؛ مثال لاءِ هيٺ شعر ڏيان ٿو:

بيمار هون تيري بره کا، چهوٽن ميرا مشکل هوا

يه درد ميرا ديکهه کر افلاطون لا يعقل هوا

اي يار تم آتا نهين، مجهه پر شفا بخشي کرو

اِس درد ميرﻵ کي دوا، آنا تيرا اک پل هوا

مگر هي منهنجي مقصد کان گهڻو پري آهي. اُردو زبان جي ذڪر ڪرڻ سان، منهنجو مقصد اِهو آهي، ته سرمست سچل تي، اُن وقت جي مروج زبانن جو نه فقط اثر هو، بلڪ کيس اِنهن زبانن تي عبور به حاصل هو. اِنهن سڀني حالتن کي پيش نظر رکي، اِئين چئي سگهجي ٿو ته: سنڌي غزل جي شروعات، سرمست کان سمجهڻ گهرجي. اگرچ، پاڻ الف ب وار، ڪو ديوان نه ڇڏيو اٿن، مگر سندن سنڌي شعر ۾، پارسي لفظ، بندشون ۽ محاورا بعضي بعضي ڪم آيل آهن، سي هيٺ ڏيان ٿو:


 

تيز تير انداز چشمن يار جن خوني خطاب

ناز پرورده نظر سان ٿيون ڪرڻ عاشق ڪباب

خلق جي پاسو ڪري، يڪگبارگي نيڻون نقاب

ٿي هئي تنجي ڏسڻ سان خلق ساري ئي خراب

ملڪ گيري ڪن وڏي غماز سان بس لاجواب

قتل جي اُن کان ٿيا، تنتي ٻيو ڪهڙو حساب

پيا جڏهن قطرا ڪري، بحرين سان ها پر آب

ٿيا سچو روشن اُتاهون آفتاب و ماهتاب

ٻي هنڌ:

آهي اِنهن اکين کي خاصو خمار تنهنجو

ويٺو وٺي مان آهيان، ڪامل قرار تنهنجو

هن تي ڪرم وڏو ڪيو، جو درد دل پهچايو

ساريان لطف سنڀاريان، آءٌ بيشمار تنهنجو

چاهيو ٿيو، اوهان جو دامن لڳي جو آهيان

سچو غلام غاڻي، هي دغدار تنهنجو.

ٽي هنڌ:

آءٌ اَدا سالڪ سهي ڪر، تون طلسمات کي

ڀڄ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي

سر اِهو سارو سڃاڻج ڪن نه ڏي ڪرامات کي

ظاهر ٿي تان ذات مان ۽ سمجهه هن صفات کي

بي اعتباريءَ سان ڪرين، هر هر نفي اثبات کي

اثبات کان اڳيان لنگهي، ڪر تون طاعات کي

سچو روئين ڇو ايترو، بس ڪر تون برسات کي

تصديع تون ڇو ڏين، محبوب جي محلات کي

مٿين شعرن کي پڙهندي، ڪير چئي سگهندو ته سچل غزل جي، سمورن لوازمات کي نه نڀايو آهي. وزن، رديف، قافيه ۽ لفظن جي جوڙجڪ ڏسي، هن ڳالهه جو قائل ٿيڻو پوي ٿو، ته سرمست سچل، غزل جو مؤجد آهي، ۽ هن سنڌي شعر کي، هڪ نئين دنيا سان آشنا ڪيو آهي.

(1951)

سنڌي مرثيو

شاعري، جيڪڏهن جذبات نگاريءَ جو نالو آهي، ته مرثيه کان زياده حزن ۽ درد و غم جي ترجماني، ٻيو ڪو به شعر نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن، اسين انگلستان جي فلسفي شاعر مل Mill جو رايو قبول ڪيون، ته انساني جذبات ۽ احساسات، شاعريءَ جا روح روان آهن، ته پوءِ، مرثيه کان زياده، ٻيو ڪو به شعر، مؤثر ٿي نٿو سگهي. شايد اِهو ئي سبب آهي، جو جناب لطف الله بدويءَ مرثيه متعلق لکيو آهي:

جذبات غم، جنهن کي شاعريءَ جو اصلي

روح چئجي، اسان کي ٻين قسمن ۾ گهٽ، ۽ مرثيه ۾ اول کان آخر تائين ملي ٿو.

(تذڪره لطفي، ج 2)

اصناف سخن ۾، مرثيه کي قدامت به حاصل آهي. جيڪڏهن هي سچ آهي، ته شاعريءَ جي ابتدا، حضرت آدم عليہ السّلام کان ٿي، ته پوءِ اُهو پهريون، شعر، جو زمين تي موزون ڪيو ويو، سو مرثيو هو. مصنّف بحر الفصاحت لکي ٿو:

شعر جي ابتدا، آدم عليہ السّلام سان ٿي. جڏهن قابيل هابيل کي قتل ڪيو، ته

حضرت آدم صفي الله، هن جي ماتم ۾، جي اشعار موزون ڪيا، اُهي مرثيه ۾ آهن.

مرثيو حقيقت ۾، شعر جي اُها صنف آهي، جنهن ۾، ڪنهن عزيز يا دوست، امير يا رئيس جي وفات جو واقعو، حزن ۽ ملال سان بيان ڪيو وڃي. مگر اڄ، مرثيه اُهو آهي: جنهن ۾، حضرت امام حسين ۽ اُن جي ساٿين جي شهادت جو حال، ۽ ڪربلا جي واقعي جو ذڪر ڪيل هجي. شروعات ۾،‏ جئن رام بابو سڪسينه لکيو آهي: مرثيه جا اشعار، ممدوح جي صفات حُسنه تائين محدود هوندا هئا، ۽ اُنهن جي موت تي، غم جو اظهار ڪيو ويندو هو. مگر جئن وقت گذرندو ويو، ته اُن ۾، مختلف قسمن جا نوان نوان مضمون، داخل ٿيڻ لڳا؛ جئن: چهرو، ممدوح جي فضيلت، دشمن جا عيب، جنگ جو نظارو، مناظر قدرت، رجز خواني، گهوڙي ۽ تلوار جي تعريف ۽ جنگ جو سامان وغيره. اِن قسم جي مضمونن جي اضافي سان، مرثيه جو رتبو وڌي ويو، ۽ آخرڪار، اِها شاعريءَ جي مستقل شاخ ٿي پئي آهي.

عرب فطرتاً جذباتي آهن، ۽ شاعريءَ جي ابتدا به، عرب ۾ ٿي. ظاهر آهي، ته جذبات جي اظهار لاءِ، هڪ اِهڙو ذريعو گهربو هو؛ جو هنن جي جذبات جي پوري پوري ترجماني ڪري. ان ڪري، بقول عّلامه شبلي نعماني: عرب ۾ شاعريءَ جي ابتدا، مرثيه سان ٿي، جا عين فطرت جي اُصل جي مطابق هئي. يعني اُهي جذبات، جي دل ۾ پيدا ٿيندا ها، اُهي ئي شعر ۾ ادا ڪيا ويندا ها. حقيقت ۾، جذبات ۾ درد ۽ غم جو جذبو، ٻي ڪنهن به جذبي کان، قوي تر آهي. جاهليت جي زماني ۾ ئي، مرثيه جي نشو و نما ٿي چڪي هئي، ۽ نهايت ئي بلند پايه جا مرثيه لکيا ويا. ان زماني جا ٻه شاعر يادگار آهن: خنساءِ ۽ متمم بن نويره. خنساءِ، هڪ عورت هئي، جنهن پنهنجي ڀاءُ صخر جي موت تي مرثيه لکيو. متمم بن نويره به پنهنجي ڀاءُ جي موت تي مرثيه لکيو، جو خالد بن وليد جي هٿان مارجي ويو هو(1). اُن زماني ۾، مرثيه صرف اُهو ماڻهو چوندو هو، جنهن تي، ڪا غير معمولي حالت طاري ٿيندي هئي. مگر جڏهن شاعريءَ جي اصلي حالت ۾ ڦيرو آيو، ۽ معاش جو هڪ ذريعو ٿي پئي، ته مرثيه جي اهميت گهٽجي وئي، ڇو ته مدحيه قصائد جي مقابلي ۾، هن مان ڪجهه به ملڻ جي اُميد ڪانه هئي. هن ئي زماني ۾، دنيا ڪربلا جي المناڪ ۽ قيامت خيز واقعي کي اشڪبار اکين سان ڏٺو. هي اِهڙو واقعو آهي، جو ان وقت جي حادثن کي اڄ به ياد ڪري، خون جا ڳوڙها وهن ٿا، ۽ تن بدن ۾ هڪ لرزش پيدا ٿي وڃي ٿي. مگر جئن ته بنو اُميه جي سطوت ۽ ڄباري ڇانيل هئي، تنهنڪري عربن جي جذبات مرده ٿي چڪي هئي، ۽ هي فن، هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. عّلامه شبليءَ لکيو آهي:

هي هڪ اِهڙو واقعو هو، جو جيڪڏهن

عرب جي اصلي جذبات موجود هجي ها، ته

اِهڙا ته زوردار مرثيه لکيا وڃن ها، جو

سڄي دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.

ايراني شاعري، تڪلف، آورد ۽ مداحيءَ تي قائم آهي. اِن ڪري اُها شاعري، جنهن جو تعلق جذبات سان آهي، سا ايرانين مان مفقود آهي. جيتوڻيڪ فردوسيءَ، سهراب جي قتل تي، سندس ماءُ جي واتان مرثيه چوايو آهي، مگر اُن ۾، ايترو زور نه آهي، جو جذبات کي برانگيخته ڪري سگهي. پر ايران ۾، هڪ اُهو به دور آيو، جو تاتارين جو سياهه طوفان اُٿيو، جنهن عباسي خاندان کي اِهڙي نموني ختم ڪيو، جو مرثيه لکڻ وارا به نه رهيا؛ ۽ درياهه دجله جو پاڻي به سرخ ٿي ويو. ايران ۽ ٻين اسلامي ملڪن کي هلاڪو غارت ڪيو؛ ۽ ايران تي قنوطيت ڇانئجي وئي. ادب جو پيدا ٿيو، اُهو اُنهن جو صحيح مرقعہ بڻجي ويو. هن دور ۾، بنو عباس جي خاتمي، ۽ عام تباهيءَ تي، مختلف شاعرن، مرثيا لکيا. سعديءَ به اِن ۾ حصو ورتو، مگر صرف هن حد تائين:

آسمان را حق بود گرخون ببارد بر زمين

بر زوال ملک مسطعصم امير المومنين

صفوي خاندان، جو مذهباً شيعه خاندان هو، اُن کي جڏهن عروج حاصل ٿيو؛ ته مرثيه گهڻي ترقي ڪئي. شاهه طهماسپ؛ جنهن کي خاندان رسالت سان عشقيه نيازمندي هئي، تنهنجي زماني ۾، مرثيه اڃا به عروج حاصل ڪيو. هن زماني ۾، محتشم ڪاشي، هڪ بلند پايه مرثيه گو شاعر ٿي گذريو آهي، ۽ سندس مرثين کي، حد کان زياده مقبوليت حاصل ٿي. مگر جئن ته قصيده ۽ مدح جو رواج زياده هو، ان ڪري، ان جو رنگ مرثيه تي ڇانئجي ويو، ۽ مرثيه دٻجي ويو.

اُردو شاعريءَ ۾، مرثيه نگاري ڪڏهن شروع ٿي، تنهنجو اندازو لڳائڻ، البته ڏکيو آهي. مگر مختلف تذڪرن کي اُٿلائيندي، اِها خبر پوي ٿي: ته ميان مسڪين، شايد اُهو پهريون شاعر هو، جنهن مرثيه کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻايو. هن نهايت ئي گهڻا مرثيه لکيا آهن. سودا جي، هن شعر مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ميان مسڪين کي، مرثيه نگاريءَ ۾ ڪمال حاصل هو:

اسقاط حمل هو ته کهين مرثيه ايسا

پهر کوئي نه پوچهي ميان مسڪين کهان هي.

اُردو جي مرثيه گو شاعرن ۾، مرزا رفيع سودا جو نالو ورتو وڃي ٿو. مگر جئن ته سودا، طبعاً خوش باش ۽ بي فڪر انسان هو، ان ڪري هو رنج ۽ غم جي اثر کان متاثر ٿيڻ؛ ڄاڻندو ئي ڪونه هو. اِهو ئي سبب آهي جو هن جي مرثين ۾ جذبات جو فقدان آهي، ۽ لفاظيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اُردو ۾ مرثيه کي، جن جي هٿان عظمت حاصل ٿي، اُهي انيس جي خاندان جا فرد هئا. مير انيس جي هن مصرع مان: پانچوين پشت هي شبير کي مّداحي مين، مان ثابت ٿئي ٿو، هن هن فّن کي گويا مذهبي فرض سمجهيو ويندو هو. ظاهر آهي، ته جڏهن ڪنهن به چيز کي مذهبي رنگ ڏنو وڃي ٿو، تڏهن ان ۾ جي جولانيون ڏيکاريون وڃن ٿيون، اُهي حقيقي ٿين ٿيون، ۽ جذبات ۽ احساسات جي پوري ترجماني ڪن ٿيون. غرض، مير ضمير، ۽ مير خليق کان مرثيه تدريجي ترقي ڪندو، مير انيس ۽ مرزا دبير تائين پهتو، تڏهن اُن ۾، جي جوهر پيا ٿيا، اُهي دنيا جي ڪا به شاعري مشڪل سان پيش ڪري سگهي ٿي. واقعن ۽ ڪيفيتن جي، جا تصوير ڪڍي وئي آهي، اُها ذڪر کان بي نياز آهي. حقيقت ۾، هنن فرسوده ۽ پراڻين ڳالهين ۾، نوائي ۽ جّدت پيدا ڪئي، جا هڪ لامحدود صلاحيت جو کليو دليل آهي. مير انيس کي، شايد اِن ڳالهه جو احساس هو؛ جو هڪ هنڌ فخريه چوي ٿو:

لگا رها هون، مضامين نوکـﻶ پهر انبار

خبر کرو ميرﻵ خرمن کـﻶ خوشه چينون کو

سنڌي شاعريءَ ۾، مرثيه جي ابتدا، ڪڏهن ٿي، تنهنجو اندازو لڳائڻ جي مشڪل نه آهي، ته به ايترو آسان نه آهي. شاهه عبداللطيف جي رسالي جو سر ڪيڏارو، جو ڏانهس منسوب ڪيل آهي؛ اُهو درحقيقت احسان فقير ۽ فتح فقير جو چيل آهي، جنهن متعلق مرحوم دين محمد وفائي لکي ٿو:

.... سر ڪيڏاري بابت، يقيني طرح چئي

نه سگهبو نه ڪو شاهه جو چيل آهي، پر

جيڪڏهن هنن چيو وڃي، ته شاهه صاحب

جو چيل ئي نه آهي، ته ڪنهن حد تائين

درست آهي.

(لطف اللطيف: ص: 141)

تنهن ۾، اسان کي دوهن جي صورت ۾، امام حسين ۽ ڪربلا جي واقعات، جنگين ۽ لڙاين جو نظارو وغيره، چڱي طرح چٽيل نظر اچي ٿو. هڪ هنڌ جنگ جي تياريءَ جو نظارو هئن ٿو اچي:

ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، سائو سلحدار

هڪ ڀائر، ٻيا ڀائٽيا، ٽيا جاني جگردار

حورن ٻڌا هار، سهرا شهيدن کي

ٻي هنڌ ڪربلا جي ميدان ۾ اچڻ جو نظارو، هئن نڪتل آهي:

ڪامل ڪربلا ۾، آئيا جُنگ جوان

ڌرتي ڌٻي لرزي، ٿرٿليا آسمان

ڪره هئن ڪان، هو نظارو نينهن جو

هيٺين سٽن ۾، شهيد جي شهادت تي، ساري ڪائنات ماتم ڪندي نظر اچي:

حسن مير حسين کي رنو ٽن ٽولن

گهر ماڙهين، جهنگ ۾ مرون، اُڀن ۾ ملڪن

پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن

الا شهزادن، سوڀون ڏيين سچا ڌڻي

هنن سٽن کي پڙهندي، جيتوڻيڪ دل تي رقت طاري ٿئي ٿي، مگر اُهي خصوصيتون، جي مرثيه لاءِ ضروري آهن سي اڻ لڀ آهن. سر ڪيڏاري جي شعر کي، هونءَ به رزمي شعر جي دفعي ۾ آڻي سگهجي ٿو: جنهن لاءِ خود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رايو موجود آهي:

سر ڪيڏاري کي رزمي شعر جي قطار ۾ آڻي سگهجي ٿو. ڪن ڪن بيتن ۾ مرثيه جي

لغار لڳل آهي.

(مقدمہ: ص: 157)

سر ڪيڏاري جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ، اسان کي قديم مرثيه گو شاعر نظر اچن ٿا؛ اُنهن ۾ مخدوم عبدالله ٺٽوي، سيّد خير شاه ۽ مولوي احمد اهم آهن. ڪجهه سگهڙن جا نالا به نظر اچن ٿا. اُنهن ۾ چنڻ فقير جو نالو ذڪر جي لائق آهي. چنڻ فقير جي متعلق ڪجهه به معلوم ٿي نٿو سگهي. اسان کي سندس هڪ سلام ملي ٿو، جنهن ۾ نهايت ئي رقت آميز لفظن ۾، امير مسلم ۽ سندس ٻن پٽن جي شهادت جو ذڪر ڪيل آهي. بياض سنڌي مرثيه، جوهري سنگهه، تاجر ڪتب سکر واري، 1900ع ۾ ڇپايو هو، تنهن ۾ اِهو موجود آهي. ٿورا شعر پيش ڪيان ٿو:

 

جان ڪي آءٌ جيئرو رهان

هي حادثو ساريو ڳران

 

هن وڇوڙي کان مران

اي منهنجا آغا حسين

 

ڪوفي ۾ آيا هلي

دعوت دغا جي تن ملي

 

بيعت ڪيون تنهنجي ڀلي

اي منهنجا آغا حسين

 

دغا ڏئي در بند ڪياءُ

سڏي مسلم شہ ڪٺاءُ

 

ٿي شهيد معراج ڪياءُ

اي منهنجا آغا حسين

 

ڳولهي شهزادن کي لڌائون

لب فرات نيئي ڪٺائون

 

اِهو ستم مرڪي سٺائون

اي منهنجا آغا حسين

مخدوم عبدالله ٺٽوي (متوفي 1753ھ، شهادت نامو لکيو آهي. شهادت نامي ۾، حضرت حسن جي شهادت کان وٺي، حسيني قافلي جي دمشق پهچڻ تائين، مفصل ذڪر ڪيل آهي. هي شهادت نامو، قديم سنڌي، يعني ابوالحسن ۽ ضياءالدين واري نوع ۾ لکيل آهي، ۽ هڪ تاريخي ڪتاب کان زياده اهميت نٿو رکي.

سيُّد خير شاهه پرديسي، هڪ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. تذڪره لفطيءَ ۾ آهي: ته سيد خير شاهه ثابت علي شاهه جو همعصر هو. سيّد خير شاهه جو ڪلام، تمام گهڻو آهي، جنهن ۾ جنگ نامي جي مقابلي ۾، ٿورو وسيع آهي، يعني هن ۾، جدا جدا نبين، جي تڪليفون ۽ سختيون سٺيون آهن، تن کان وٺي، امام حسين جي شهادت ۽ ڪربلا جي واقعن تائين بيان ڏنل آهي. جنگ نامي تي تذڪره لطفيءَ جو صاحب لکي ٿو:

...... مگر جنگ نامي جو شعر، ثابت علي شاهه جي موتين سان مٽ پئجي نٿو سگهي.

(ج: 2 ص: 299)

جنگ نامي مان هڪ سعر پيش ڪيان ٿو:

قلم قضا جو، ڪاتب لکيو، ريءَ رب تنهنکي ڪير رسي

خاوند جي گهر جنهن پر جهڙي، تنهن پر تهڙو مينہ وسي

جيڪي ڄاڻي ڄاڻڻ وارو، ٻئي نه ڪنهين کي ڪل قصي

ايڏا ڪم ڪريم سندا، جو دشمن سانڍيو دوست دسي

آل عبا سان غير گنہ، ڪيڏو قهرستان ٿيو.

ملا حسين ڪاشفيءَ جي ڪتاب، روضة الشهدا جو سنڌي ڏوهيڙن ۾ ترجمو، مولوي احمد ڪيو آهي. روضة الشهدا پارسي نثر ۾ لکيل آهي. هن ۾ به امام سڳورن جي زندگيءَ جو مفصل ذڪر ڪيل آهي.

قديم مرثيه گو شاعرن جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ، مان اُنهن شاعرن جو ذڪر ڪريان ٿو، جن موزون شاعريءَ ۾ مرثيه گوئي ڪئي آهي، ۽ دنيا ئي مرثيه نگاريءَ جي سمورين خصوصيتن ۽ لوازمن کي، سنڌي مرثيه سان آشنا ڪري، ان کي وسعت ۽ بلندي بخشي آهي. پهريون مرثيه گو شاعر، جنهن جي مرثين ۾ سڀ خصوصيتون نظر اچن ٿيون، اُهو سيّد ثابت علي شاهه آهي.

سيّد ثابت علي شاهه، ميرن جي دور جو يادگار شاعر آهي. ايران جي صفوي خاندان جيان، مير صاحب به اهلبيتن جي حب رکندڙ هئا. ازانسواءِ، مير صاحب خود به شعر ۽ شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙ هئا، ۽ هنن جي دور ۾، سنڌيءَ شاعريءَ جي، نه فقط پارسي شاعريءَ سان آشنائي ٿي، پر اُن جي تتبع تي، سنڌيءَ ۾ شعر گوئي ٿيڻ لڳي. اِهي سڀ ڳالهيون هيون، جو ميرن جي درٻار ۾، مرثيه نگاريءَ جي، نه فقط سرپرستي ڪئي وئي، مگر ان نشونما به پاتي. ثابت علي شاهه، ميرن جي درٻار جو رڪن هو. ان ڪري مٿس ايراني شاعريءَ، ۽ درٻار جي ماحول جو اثر پوڻ لازمي هو.

ثابت علي شاهه، مرثيه لکي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ انقلاب آندو آهي. نه فقط ايترو، پر جيڪڏهن اِئين چئجي، ته هو سنڌي مرثيه جو مؤجد آهي، ته به ڪنهن حد تائين صحيح آهي. ان متعلق خود لکي ٿو:

مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪونه اصلي سنڌ ۾

جي ڪوهو تان پڻ نه هو مشهور هن پر هرڪجا

مرزا قليچ بيگ، سندس شاعريءَ متعلق لکيو آهي:

ثابت علي شاهه، اصل نئون طرز اختيار ڪيو، ۽ وزن پارسي بيهاريو، ۽ سنڌي شعر سان گڏ، پارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح اِهڙا بيهاريا جو هن جي شعر پڙهندي ڏاڍي لذت ٿي اَچي.

(سنڌي مرثيه: ج 1)

سيّد ثابت علي شاهه  جي مرثين ۾، اسان کي اُهي سڀ خوبيون ملن ٿيون، جي مرثيه ۾ هئڻ گهرجن. جيتوڻيڪ مسڪين ۽ مقتل جا ڪيترائي مرثيه ترجمو ڪيا اَٿائين، جنهن جو خود به اقرار ڪري ٿو:

تنهن تون بي حد مرثيا مسڪين مقتل ترجما

ٿي چيم، جئن مومنن سڀ ڪنهين دفتر ڪيا.

مگر اُنهن کي پڙهندي، ڪڏهن به اِئين محسوس نٿو ٿئي، ته ڪو اِهي مرثيا، ترجمو ٿيل آهن. حقيقت ۾، ثابت علي شاهه کي، جا شهداءِ ڪربلا ۽ آئمه معصومين سان حب هئي، اُها عشق جي منزل تي پهچي چڪي هئي. جنهن ڪري، جو ڪجهه به هن جي زبان مان نڪرندو ويو، اُهو درد ۽ غم جي تصوير هو، ۽ بي حد رقت خيز! شايد اِهو ئي سبب آهي، جو اسان کي، سندس مرثين ۾: بلا جو سوز ۽ گداز ملي ٿو. سندس مرثين ۾، اسان کي ڪربلا جي واقعن جي صحيح پر مؤثر ملي ٿي. لفظن جو انتخاب، واقعات جي ترتيب، جنگ ۽ پهلوانيءَ جو ذڪر؛ نهايت ئي وڻندڙ انداز ۾ ڪيل آهي. مرثيه نگاريءَ ۾، ثابت علي شاهه کي، جا بلندي حاصل آهي، تنهن جو اعتراف، پوين مرثيه نگارن پڻ ڪيو آهي. آخوند محمد عالم، سندس هڪ مرثيه جو تتبع ڪندي، کيس هئن ٿو خراج تحسين ڏي:

سيّد ثابت علي جو آهي هي عالم غمگين غلام

جنهن جي مرثيه جو تتبع ڪيائين طرفه تمام

نه فقط ايترو، پر اڳتي هلي پاڻ کي ثابت ثاني سڏائڻ ۾ فخر وٺي ٿو:

عالما مثل فصيح آهين تون افصح بڪلام

بعد ثابت علي، منجهه سنڌ تون ثابت انجام

مير حسن علي حسن، جو پاڻ به هڪ ڪامياب مرثيه گو شاعر آهي، تنهن به، ثابت علي شاهه جي عظمت جو اقرار ڪيو آهي:

چئي جيڪي ثابت علي شاهه ويو

ٻيو سنڌ ۾، ڪنهن شعر اِهڙو نه چيو

ڪلام اُن جو مون غور سان جڏ ڏٺو

ڏٺم ڄڻ ڪنهن قالب مان پلٽي ڪڍيو

نه هو شعر هئي تازگي روح جي

سخن اِهڙو ٻيو ڇا ڪري سگهندو چئي

سيّد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاريءَ جي اهميت اِتي ختم نٿي ٿئي؛ پر سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙن به؛ کيس هڪ قادر الڪلام شاعر تسليم ڪيو آهي. سندس مرثيه تي تذڪره لطفيءَ جو صاحب، ناقدانه نظر وجهندي فرمائي ٿو:

..... هي ان جو اعجاز آهي، جو سنڌ ۾ پوءِ به ڪي مرثيه گو گذريا آهن، مگر ساڻس ڪو به مٽ نه پئجي سگهيو آهي.

سيّد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاريءَ تي، هن کان اڳ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، مگر جو ڪجهه مٿي لکي آيو آهيان؛ اُهو شايد اڌورو رهجي ويندو: جيڪڏهن آءٌ هن جي ڪن خصوصيتن جو بيان نه ڪندس. پياس ۽ اُن جو اثر، خاص ڪري اُن حالت ۾ - جڏهن نهر سامهون وهندي هجي، ۽ اُن تائين پهچڻ لاءِ سڀ واٽون بند هجن، تڏهن اُها شّدت اختيار ڪري ٿي:

ساقيءَ ڪوثر جو پوٽو اڃ کان جڏهن بيتاب ٿيو

تڏ ولد صالح وارائي واڳ والد ڏي هليو

چئين: اي بابا العطش ڏس مون کي اُڃ بيتاب ڪيو

ان جگر گهايل اچي پنهنجي جگر جانيءَ کي چيو:

منهنجا اڪبر، آءٌ ۽ تون اڄ بي اُڃا ٿيندا شهيد

هل تون ڪؤثر جام پي هن جي پر وڻي رب الوحيد

جڏهن اُڃ جو اهل بيت تي طوفان ٿيو تمام

معصوم شير خوار زبان خشڪ و تشنه ڪام

ٻاڪار کان ٻچن جي قيامت مچي ٿي قيام

فرياد العطش پئي در خيمهءِ امام

هـﻶ هـﻶ کجاست ساقيءِ کوثر که شربتي

آرد به اهل بيت خود از روئي شفقتي

جذبات نگاتر، مرثيه جو اهم جزو آهي. سيّد ثابت علي شاه جا اڪثر مرثيه، جذبات جي زير ۽ بم سان ڀريل آهن.

مثال طور: علي اڪبر، جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ کان اڳ، جا پنهنجي عزيزن سان موڪلاڻي ڪري ٿو، سا نهايت ئي رقت خيز آهي:

 

شاهه گهوڙي تان لهي ڀاڪر وڌو فرزند کي

ڳل ڳراٽي پائي دلبر دادلي دلبند کي

رت هنجون روئي چمي منهن پٽ جگر پيوند کي

چئين ابا، ڇا عذر جي، اِهڙي وڻي خاوند کي

آهي اڪبر تنهنجو منهن ساڳيو محمّد جو جمال

هل محمّد کي هلي ڏيکار منهن لوهون سين لال

اي پڦي زينب ابي جي ڀيڻ پياري الوداع

تنهنجا ٻئي پٽ ٿيا ابي تان جان نثاري الوداع

قاسم نو شهه امان شهه ڪاڄ واري الوداع

آءٌ به قاسم گڏ ڪسان، مونکي رضا ڏيو صاحبو

مر خدا راضي رهي، ائين پڻ رضا ڏيو صاحبو

رزم مرثيه جي خاص خصوصيت آهي. ثابت علي شاهه اڪبر جي لڙائي جو ذڪر هئن ٿو ڪري:

 

ٿي اڃا هيءَ گفتگو ان ساڻ ڪئي اُن نابڪار

تا علي اڪبر اچي هل من مبارز ڪئَي پڪار

شير ڪئي شمشير هٿ ۽ چيو قضا درڪار زار

لافتا اِلا علي لاسيف اِلا سيف اِلا ذوالفقار

صاحب دلدل جي پٽ رڻ ۾ ٿي جولان ڪيا

ها ملڪ مدهوش وڪرو بي به ٿي قربان ڪيا

ٿي ڪڏهن مارئين ميمنه ملحدن تي مرد تيغ

ٿي ڪڏهن ڪاهئين ميسره جي مشرڪن تي بي دريغ

سرڪشن جا سر وڍي رڻ ۾ وسائين مثل ميغ

ان زبردست ٿي جهان، زير و بر ڪيا مثِل ضيع

جئن که ڏاڏس مرتضيٰ بدر و احد ڪافر ڪٺا

تئن ٿي اڪبر ڪربلا ۾ شام جا لشڪر ڪٺا

ٻئي هنڌ جنگ جو نظارو هئن ٿو ڪڍي:

ڪربلا رڻ ۾ قضا جڏهن موت جي بازار ڪئي

جنس تيغ و تير خنجر آڻي اُت انبار ڪئي

بوترابن ان خريداريءَ تي پنهنجي وار ڪئي

مرتضا جي فرزندن سودي جي سٽ يڪبار ڪئي


(1)  مواز نه انيس و دبير عّلامه شبلي نعماني، ص: 11

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com