سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :4

 

هڪ هنڌ سج جي تپش جو بيان هئن ٿو ڪري:

۽ سوار ان جو به سج بر صفحهءِ محشر ٿيو

اڀرندي سو تاءُ ڪئن جئن سو قيامت قهر ٿيو

 

ثابت علي شاهه جي مرثين مان، تمام ٿورا مثال ڏنا اٿم. هونءَ به، هن جي مرثين تي، گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. تاهم به ڪي چيزون رهن ٿيون، جن کي آئينده صحبت لاءِ ڇڏيان ٿو. سيّد ثابت علي شاهه کان پوءِ، جي مرثيه گو ٿي گذريا آهن، اُنهن ۾: سچل سرمست، فقير بيدل، شاهه نصير نقشبندي، مير حسن، مرزا ٻڍل بيگ، عبدالحسين سانگي مرزا قليچ بيگ، ۽ خواجه ناصر علي اهم آهن.

سچل سرمست، هڪ صوفي منش شاعر هو. پر جيڪڏهن هنجي ڪلام ۾، اسان کي موزون مرثيه به نظر اچن؛ ته اِها هنجي شاعرانه عظمت آهي. سچل جا ٻه مرثيه نظر مان گذريا آهن- جي چار بيتي آهن. مرثيه جو مسلسل هئڻ لازمي آهي؛ يعني جو واقعو بيان  ڪيو وڃي؛ اُهو ترتيب وار هجي، ۽ منجهس ربطه ۽ تسلسل قائم رهي. مگر سچل جا مرثيه، اِن جي برعڪس آهن. سچل، هڪ ئي مرثيه ۾، ڪربلا جا سمورا واقعات بيان ڪري ٿو. سچل، جئن ته ثابت علي شاهه جو همعصر هو، ان ڪري، سندس مرثيه نگاريءَ تي، ثابت علي شاهه جو رنگ چڙهيل؛ ايتري قدر جو هڪ بند ۾ ته ثابت علي شاهه جو خيال به اَدا ڪري ويو آهي. ڏسو ثابت علي شاهه چوي ٿو:

 

يا نبي تنهنجي نواسي نامور کي ظالمن

سر وڍي ڌڙ خاڪ ۽ رت ۾ ڇڏي ويا بي دفن

تنهن تن بي سر کي اڄ پاراءِ ڪوئي تون ڪفن

چار تڪبيرون جنازه چئي دفن ڪر با جتن

هاءِ هي مظلوم آهي، دلربا تنهنجو حسين

ڏئي دغا ڪوٺي ڪٺوا هل جفا تنهنجو حسين

 

سچل سرمست کي ڏسو ڇا ٿو چوي:

يا نبي تنهنجي نواسي جا سڀئي خورد و ڪلان

پٽ تي پيا پرزن تي پرزا ڪوفيان و شاميان

ڌڙ ڇڏي ڌرتيءَ تي، سر چاڙهائين بر نوڪ سنان

واستم واحسرتا ڏس يا محمّد الغياث!

اِنهن ڳالهين جي باوجود، اسان کي سچل جي مرثين ۾؛ جذبات نگاري ۽ واقعه نگاري نهايت ئي بلند درجي تي ملي ٿي. امير مسلم جي پٽڻ جي نااُميديءَ جي حالت، ڪهڙي نه جذبات خيز نموني ۾ ڪڍي ٿو:


 

ظلم جون زيلان ڪرن، داور سندي درگاه ۾

ڪئَن وڌءِ آغا اسان کي، هئن اِنهي اونداه ۾

هئي نه بابا سان ويا سي قتل جي جنگاهه ۾،

ڪئن ڏسون هي ڏک سڀيئَي، گرفتاري يا حسين!

قاسم شادي ڪري، پنهنجيءَ نئين شادي ڪيل زال کان موڪلائي، جڏهن ڪربلا جي ميدان ڏانهن وڃي ٿو، تڏهن سندس زال وڇوڙي جو سور پي، فقط خدا کان شڪايت ٿي ڪري:

ورڄي وڇڙڻ کون ونيءَ في الحال ڪيو فرياد آه

چئين هي قادر آه ڪهڙو، قهر باري بادشاه

ٻي هنڌ، قاسم جو ڪربلا جي ميدان ۾ وڃڻ جو واقعو، اڃا به دلگداز طريقي تي بيان ڪيو اَٿائين:

سو به نو رنگِ نهالِ باغ المجتبيٰ

لاڏلو لائون لهي، ورنهن ونيءَ کان ٿيو جدا

سر ٻڌي سهرا وڃي، رڻ ۾ رسيو رب جا رضا

پير ۽ هٿڙا مٺا ڏس يا محمّد الغياث!

هيءَ ته ٿي جذبات نگاري، پر سچل واقعه نگاريءَ ۾ به ڪمال ڪيو آهي. خاص طرح، جڏهن امام حسين عليہ السّلام، گهوڙي تي چڙهي، جنگ جي ميدان ۾ اَچي ٿو، تڏهن جو جنگ جو نظارو ڪڍيو اٿائين، اُهو قابل تعريف آهي:

 

سان ٻڌڻ گهوڙو واريو، جوان جابر جنگ ۾

تان پوي ڪاهي اُمالڪ تاب تيرون تنگ ۾

تير ۽ تيغون کتيون، ۽ خار نيزا ختنگ ۾

هيءَ مشقت پاڻ تي گهوڙي گذار يا حسين!

شاهه جو گهوڙو پيو ڪاهي گهڻي گهمسان ۾

هي ترارون تار ڪيو،  هي جنگ هو جولان ۾

اَسپ جون اکڙيون هيون، هن نر جي نيشان ۾

آسمان ڌرتي برابر ڌنڌڪاري يا حسين!

هيٺين مصرع ۾، سنب جو هڪ معمولي لفظ آڻي؛ شاعر نه فقط زور پيدا ڪيو آهي، بلڪ محاڪات ۽ حسن بلاغت جو به بهترين مثال پيش ڪيو آهي:

سنب گهوڙي جا برابر جنگ ۾ جلوا ڪرن

مون هت، نهايت مختصر طرح، سچل جي مرثيه نگاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. حقيقت هي آهي، ته سندس مرثين ۾، جذبات نگاريءَ ۽ واقعه نگاريءَ کي، وڏو دخل آهي.

سچل جيئن ته صوفي هو، ان ڪري آل رسول جي حب سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي، ۽ ان ئي جذبات جو اظهار مرثين ۾ ڪيو اَٿائين.

مير حسن علي حسن کي، سنڌي شاعريءَ ۾، هڪ رزمي شاعر جي حيثيت سان، پيش ڪيو ويو آهي. مگر درحقيقت، مرثيه نگاريءَ ۾، هن کي بلند درجو حاصل آهي؛ چوي ٿو:

يقين ڄاڻو هيءَ ڳالهه اي سامعان

نه ٻي شعر ڪنهن تي هلندي منهنجي زبان

بجز مدح آل رسول ڪرام

عليہ الصّلواة و عليہ والسّلام

هن مان ظاهر آهي، ته سندس مرثين ۾، ڪيتري نه سوز و گداز جي تصوير چٽيل هوندي. مير حسن جي مرثين کي، گلزار ماتم جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي. مير صاحب جي مرثين کي، ٽن ڀاڱن ۾ وراهي سگهجي ٿو؛ جنهن لاءِ خود جناب احسن ڪربلائي لکي ٿو: سندس مرثيه ٽن قسمن جا آهن: ترجمه، تتبع ۽ خود ساخته. هن جي مرثيه تتبع ڪيا آهن، تن ۾ غضب جي رواني، ۽ درد سمايل آهي. سيّد ثابت علي شاهه جي هڪ سلام جو تتبع ڪيو اَٿائين، ڏسو ۽ ڀيٽيو:

ڪربلا جي قتل جي، ڪر ڪا خبر اي آسمان

ڪئن ڏٺئي نيزن چڙهيا، شاهن جا سر اي آسمان

هي خدا جا قطب تارا، عرش ڪرسيءَ جا جڙاءَ

هي رسول الله جا، شمس و قمر اي آسمان

حسن جو سلام:

مرتضا جو قتل ٿيو پيارو پسر اي آسمان

ڪئن رهين هن حادثي کان، بي خبر اي آسمان

سر شهيدن جا چڙهي، نيزي مٿي روشن ٿيا

يا منّور هوا سندءِ، شمس و قمر اي آسمان

توکي رئڻو هو جڏهن، لب تشنه هو شاهه شهيد

ان کان پوءِ هي ڇا ڪبا، تنهنجا ڪڪر اي آسمان

جڏ حسين ابن علي، گهائل ٿي گهوڙي تان ڪريو

توکي گهربو هو ڪرڻ، تڏ بي اثر اي آسمان

مير صاحب، ثابت علي شاهه کان پوءِ، جيڪڏهن مرثيه نگاريءَ کي تڪميل تي نه پهچايو، تڏهن به هن جا مرثيه جامع ۽ مڪمل آهن. هڪ هنڌ فخريه چوي ٿو:

شعر جي ميزان جو، پله پيو زمين تي بس گران

تون حسن ارزان ڪري، چاڙهيو به اوج آسمان

مرثيه گوئي جو قطعاً ڪونه هو اڳتي گمان

ٿي پڙهيا هر سال نوح، ڪنهن پراڻا داستان

مرثيه گوئي ۾ تو جادو فني ڪئي اختيار

جنهن کي دعويٰ هجي هي گوءِ هي ميدان بيار

هيءَ معمولي دعويٰ نه آهي. شايد مير انيس جي هن شعر کان متاثر ٿيو آهي:

سبک هو رهي تهي ترازئـﻶ شعر

مگر هم نـﻶ پله گردان کرديا

مري قدر کر اي زمين سخن

تجهـﻶ بات مين آسمان کر ديا

مير حسن جي هيءَ دعويٰ، جيتوڻيڪ تعليءَ جي حد تائين پهچي ٿي، مگر جئين مٿي چيو ويو آهي، هن جا مرثيه، سنڌي مرثين م بلند آهن. شوڪت الفاظ ۽ خيالات جي بلند پروازيءَ کان، نهايت ئي پاڪيزه آهن. نه فقط ايترو، مگر منجهن رواني به غضب جي آهي. ان روانيءَ ۾، جو خلوص ۽ درد سمايل آهي، سو خاص اهميت رکي ٿو. مير حسن، ڪربلا جي مختلف الميه واقعات کي، هڪ مؤثر طريقي تي بيان ڪيو آهي؛ جنهن ڪري منجهس بي حد درد، رقت ۽ سوز و گداز به سمايل آهي، مير حسن پنهنجي مرثين ۾، ڪثرت سان نهايت ئي جاذب صنائع ۽ بدائع ڪم آندا آهن. امير مسلم جي پٽن جي سونهن کي، هڪ هنڌ هئن ٿو تشبيہ ۾ آڻي:

چئين دل ۾، هي ته تمثال ملڪ يا ڪو بشر آه

گويا ته درختن ۾ نهان، قرص قمر آه

هيٺين بند ۾، امير مسلم جي پٽن جي خوف جو محاڪاتي طور تي جو نظارو ڪڍيو اٿائين، سو سندس مرثين کي بلند مقام ڏئي ٿو:

تڏ چيائين ڪير آهيو اوهين، هن هنڌ ٿيو پنهان

ٻئي ويا ڏڪي پاڻيءَ ۾ ڏڪي جئن مہ تابان

رعشو هو بدن تي، ۽ سڄا بيد جئن لرزان

چئون مسلم مظلوم جا آسين آهيون دل و جان

مگر مير حسن جو اصلي جوهر، تڏهن ٿو کلي، جڏهن هو ڪربلا جي واقعات تي لکي ٿو. هي هن جو ڪمال آهي، جو هڪ معمولي واقعي کي به، نهايت ئي وضاحت سان پيش ٿو ڪري؛ جنهن ڪري جزئيات هن جي مرثيه نگاريءَ جو عنصر ٿي پيو آهي. جڏهن امير مسلم، جي شهادت جي خبر، امام حسين کي پوي ٿي، تڏهن هن جي قبر بابت به پڇي ٿو؛ جنهن ڏانهن شايد ڪنهن جو توجهه به نه وڃي:

روئندي روئندي تڏهن پڇيو شاه ڪربلا

اُن هڻي هٿ سر تي، چيو فرياد يا شاه هدا

ڇا پڇيو تو مون کون، اي فرزند شاه اوليا

غسل ڪنهنجو ڪنهن ڪفن ڪنهنجي قبر ۽ دفن ڇا

ان طرح ڪو دفن ڪمتر آهي ٿيو منجهه ڪائنات

پيءُ جو مڙه خندق ۾، لاشا پٽن جا منجهه فرات

عباس، جڏهن مشڪ پاڻيءَ جي ڀري، ٻاهر ٿو نڪري تڏهن شامي جنهن نموني مٿس ڪاهي ٿا اچن، اُهو هن طرح آهي:

مشڪ دريا مون ڀري عباس نڪتو تشنه ڪام

جئن اَچي طوفان تئن آيا مڙي اِشرار شام

هو تن تنها ۽ هوڏي فوج جو هو ارﱞدهام

ٿي وسيا غازيءَ تي هر سو نيز و تير و حسام

شام جي لشڪر ۾ ڏاڍو هن طرح جو شور هو

مڙس جي آهيو نه ائين، عباس کي جيئرو ڇڏيو

هر طرف کان ٿي چيو فوج عدوئي نابڪار

اڄ اسين هونداسون يا جيئرو هي هوندو نامدار

مشڪ پاڻيءَ جي بدران، رت جي وهندي جوئي بار

جي ٿي سوءُ ماريائين تان، حاضر اچي ٿيو ٿي هزار

سر وڍيو عباس جو، هو شام جي لشڪر ۾ شور

هن سان وابسته آهي، شير جي لشڪر جو زور

امام حسين، جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾، اڪيلو رهجي وڃي ٿو، تڏهن هن جي بي ڪسيءَ جو نظارو ته ڏسو ڪهڙو نه دردناڪ ڪڍيو اَٿائين:

شاهه مظلوم تي هر سو کون بلا رخ هو ڪيو

ماه زهرا تي وڏو گره جو طوفان هو چڙهيو

هو نه ڀاڻيجو نڪو ڀاءُ ۽ نڪو ڀائيٽو هيو

صبح کون لشڪر اِشرار صرف آرا ٿي ٿيو

زخم پٿرن جا سهيو رخ ڪئن تلوارن ۾

ماريو شبير کي، هو شور ستمگارن ۾

زخمي بازو هو ڪمر خم هئي نه هو تن ۾ تاب

نڪري پيا سيّد مظلوم جي پيرن ۾ رڪاب

اُڃ جي گرمي کون هو سيني ۾ جگر سارو ڪباب

لعل لب خشڪ زبان خشڪ هئي ۽ چشم پُر آب

شدت ضعف کون ڪنهن هنڌ جي بيهي ٿي رهيو

تن نازڪ مان لنگهي تير ستت پار ٿي پيو

نه فقط ايترو، پر خود امان حسين کي، پنهنجي بي ڪسيءَ جو احساس ٿي چڪو هو:

ناهي ڪو مون کي گو بيڪس و ناچار آهيان

سر نوائڻ تهه شمشير تي تيار آهيان

صاحب جود و سخا آهين آءٌ لاچار آهيان

وقت مشڪل ۾ عنائت جو طلبگار آهيان

تنهنجي سجدي ۾ هي سر تن کان جدا ٿي، يا رب!

عهد طفليءَ جو سندم وعدو وفا ٿي، يا رب!

مير حسن جي مرثين ۾، هڪ ٻي به خاصيت آهي، جو اُن ۾ مڪالمه عمديءَ طرح نڀايل آهن. هڪ هنڌ امام حسين کي خود ڪلامي (Soliloquy) ڪندي ڏيکاريو اَٿائين:

اڄ صبح جو هو قاسم و عباس ۽ اڪبر

هن وقت ۾، منهنجا سي ويا يار ۽ ياور

آءٌ خود تن تنها ۽ هزارين ٿيا ستمگر

آءٌ وچ ۾ ابا چار طرف ظلم جو لشڪر

اڪبر ابا بابا جي خبر ڪا اَٿيئي اڪبر

ني نورا اکين ۾ آهي، ني هوش آهي درسر

توهان اندازو لڳايو، ته واقعي مير حسن جي شاعريءَ جو جوهر ڪربلا جي واقعات بيان ڪندي کلي ٿو يا نه. هڪ هنڌ اُڃ جو بيان ٿو ڪري:

نهر ڀر تي جام پاڻيءَ جو ملڻ دشوار هو

طفل پاڻيءَ کي ٿي ترسيا وس نڪو اختيار هو

شاهه چيو: ڪونين جو، اِهڙو عهد ۽ اقرار هو

نهر ڀر تي قحط پاڻيءَ جو هو طغيان يا نصيب!

ٻيءَ جڳهه تي، هن جو گرميءَ جو منظر پيش ڪيو آهي؛ سو مير انيس جو سڪون ٿو لاهي:

لڪ نه هئي باه وسي ٿي ۽ زمين سوزان هئي

لوکون ماهي به تهه آب ٿي بريان ٿي

ڪربلا جي شهادت کان پوءِ، جو هن منظر پيش ڪيو آهي، اُن کي پڙهي؛ دل تڙپي اُٿي ٿي:

تازيانه ظلم جا ها ۽ يتيمانِ حسين

پير پياده پنڌ پري بيڪس غريبانِ حسين

رات ڏينهن رئندا  هليا بي پر عزيزانِ حسين

معاويه جي پٽ جي مجلس ۽ اسيران حسين

شاهه کان پوءِ هٿ ۾ عابد جي اُٺن جي هئي مهار

ڪونه هو پرسان تن ظلمن جو غير از ڪردگار

مون کي ڏک ٿو ٿئي، جو آءٌ مير حسن علي جي مرثين کي جلدي ختم ٿو ڪيان، ورنه وٽس، اِهڙيون چيزون به آهن، جو اُنهن تي، جيترو لکيو وڃي، اُهو بلڪل ٿورو آهي.

آخوند محمّد عالم خيرپوري، هڪ فصيح ۽ پُرگو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مرثين جو مجموعو، لٿو ۾، هري سنگهه تاجر ڪتب سکر، جي طرفان شايع ٿي چڪو آهي. عالم جي مرثين تي نظر وجهڻ سان، هڪ ڳالهه بخوبي معلوم ٿئي ٿي، ته هن اِهي مرثيه مجلس عزا جي لاءِ طبع ڪيا آهن. ان ڪري، نازڪ خيالي، جا شاعريءَ جي جان آهي، سا منجهس عنقا آهي. جيتوڻيڪ سندس مرثين ۾، جذبات نگاريءَ جو عنصر به آهي، مگر اُهو جذبات خيز نه آهي. جذبات نگاريءَ جا ٿورا مثال ڏيان ٿو:

اڪبر جي رخصت:

اڪبر چيو هاڻي بغچو ته ڪپڙن جو گهرايو

پوشاڪ جو اعليٰ هوئي، سا مون کي ڍڪايو

اي امان اڄ سرمو به اکن منهنجي ۾ پايو

پوءِ ڏيو ڦڻي زلفن اُتي، ۽ عطر به لايو

پوءِ نقش محبّت جو مٽايو منهنجي امان

راضي به رضا ٿي ۽ رضا ڏيو منهنجي امان

قاسم جي شادي:

اڄ ڪاڄ ۾ قاسم جي، اونده جو عالم ٿيو

هڪ طرف کان شادي ٿي، ٻي طرف کون ماتم ٿيو

ڪو خّرم خندان ٿيو، ڪو ديدهء پرنم ٿيو

ڪبران کي ڏسي بانؤ چيو: غم تي عجب غم ٿيو

هڪ ڳالهه، جنهن ڪري عالم جي مرثين جي اهميت بلند ٿي وڃي ٿي، سا اِها آهي: ته مڪالمه جو زور سندس هر مرثيه ۾ آهي. مثال طور، جڏهن قاسم ماءُ کان رخصت وٺي، ڪربلا جي ميدان ۾ وڃي ٿو، ته سندس وني کيس پلاند کان وٺي بيهاري ٿي. اُن وقت، جا گفتگو ٿي آهي، سا رقت خيز آهي:

پوءِ هئن چئي ماءُ، پٽ پنهنجي کي رخصت ڪئي

تسليم ليءِ امان جي، گردن جهڪي قاسم جي

جنهن دم ٿي هليو دلهو، دلهن وٺي دامن ڀي

پر شرم سين گهونگهٽ ۾ دلهن چيو روئي:

ڏس ٻانهين ڀڃان ٿي مون سر خاڪ وسايان ٿي

وٺ آئينو ۽ بولو بي، نٿ نڪ مون به لاهيان ٿي

_________

هڪ عرض مڃو منهنجو، نوشاهه ونا صاحب

ڏئي پنهنجي نيشاني وڃ ڪا، مونکي منهنجا صاحب

جو ساهه ۾ سانڍيان مون، سر ساڻ سدا صاحب

تعويذ ڪريان دل جو، اي دل جا صفا صاحب

گڏ پنهنجي اکن رکندس، رئندس ڏسي نيشاني

گڏ دلتي ڌري ڪرندس چاچي جا جگر جاني

_________

هئن سڻنديئي ڦاڙيائين، پوءِ ٻانهون پيراهن

چيائين: وٺ هيءَ نيشاني ٿي، رک پاس پنهنجي دلهن

مون کي به نيشاني ڏي، اي پاڪ دل و دامن

جو مون به رکان سر سان جيسين هوئي سر به تن

دلهن به ڇني سر مون ڪي وار ڏنا اُن کي

هو وار وٺي دولهه ٿيو ٻڌڻ ته ڳاني تي

اِنهن چيزن کان سواءِ، منجهس رزم آرائي جو به جهجهو سامان ملي ٿو. اڪبر کي لڙائيءَ لاءِ جو جوش آهي، تنهن کي هئن ٿو ظاهر ڪري:

اڪبر کي اِرادو هو شمشير زنيءَ جو

۽ شوق هو اون شير کي، نت صف شڪنيءَ جو

مشتاق هو ڳل چهره گلگون ڪفنيءَ جو

بلبل هو شهادت جي جهاد اِدنيءَ جو

مرثيه نگاريءَ ۾، مرزا ٻڍل بيگ کي نهايت ئي بلند مقام حاصل آهي. ثابت علي شاهه کان پوءِ، جنهن مرثيه کي پايهءِ تڪميل تي پهچايو، اُهو مرزا ٻڍل بيگ آهي. هو مير انيس جيان خانداني ۽ پيشه ور مرثيه گو شاعر هو:

پي ڏاڏي کان هي پيشو اسان جو، هليو اچي

پيڙهي به پيڙهي سخن جو، سودو هليو اچي

هن مان ظاهر آهي، ته ٻڍل پنهنجي شاعريءَ کي، صرف واقعهءِ ڪربلا لاءِ مخصوص ڪيو، ۽ ساري عمر ان ئي موضوع تي لکندو رهيو.

مولانا الطاف حسين حاليءَ، پنهنجي ڪتاب مقدمہء شعر و شاعري ۾، مرثيه متعلق لکيو آهي:

مرثيه کي، جيڪڏهن ڪربلا جي واقعات لاءِ

مخصوص ڪيو وڃي، ۽ سڄي عمر اِن هڪ ئي

مضمون کي، محض ثواب جي خاطر دهرايو وڃي،

ته اِن ۾، ڪو به اعتراض ڪونه آهي. مگر

شاعريءَ جا فرائض ان کان زياده هئڻ گهرجن.

هينئر هي ڏسڻو آهي، ته ثواب حاصل ڪرڻ کان سواءِ، ٻڍل، شاعريءَ جي فرضن کي، ڪيتري حد تائين نڀايو آهي. بهتر ٿيندو، ته هت ميان هدايت علي نجفي (تارڪ) جو رايو، جو هن پنهنجيءَ ننڍڙيءَ تصنيف تاريخ  شعرائي سنڌ ۾، ٻڍل جي مرثيه نگاريءَ بابت ڏنو آهي؛ اُهو به درج ڪيو وڃي، ته پوءِ شايد ڪجهه وضاحت سان بحث ٿي سگهي:

مرثيه نگاريءَ ۾ باڪمل هو. ثابت علي شاهه،

سچل ۽ محمد عالم جي مرثين کي، مات ڪيو

اَٿائين. جهڙيءَ طرح لکنوءَ ۾، مرزا سلامت علي

دبير ۽ مير انيس ٿي گذريا آهن، اهڙيءَ

طرح، سنڌ ۾، مرزا صاحب ٿيو آهي.

حقيقت هئن آهي، ته ٻڍل بيگ جي مرثيه نگاريءَ تي، مير انيس ۽ مرزا دبير جو رنگ ۽ اثر، نهايت ئي گهرو چڙهيل آهي. ايتري قدر، جو ٻڍل، لکنوءَ جي هنن ٻنهي بلند مرتبه شاعرن جي مرثين جا، ٽڪرن جا ٽڪرا ترجما ڪيا آهن. مگر اِن جي باوجود، ٻڍل جي مرثين ۾، ڪجهه اِهڙيون به خصوصيتون اسان کي ملن ٿيون، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هو هن فن ۾ يڪتا آهي، ۽ هڪ فنڪارانه عظمت رکي ٿو.

ٻڍل جي طبيعت جّدت پسند آهي، ۽ هن ڌار ڌار چيزن جو علحده علحده بيان ڪيو آهي؛ جئن گهوڙي، تلوار ۽ اسلحهء جنگ ۽ جنگ جون صفتون وغيره. ان کان سواءِ، ٻڍل جي مرثين ۾، فصاحت ۽ بلاغت به اُتم درجي تي موجود آهي. هن جي مرثين ۾، منظر نگاري، رجر ۽ رزم جو ذڪر، جنگ ۽ معرڪي جي شور ۽ غل جو بيان، نهايت ئي جاذت ۽ مؤثر طريقي تي اَدا ٿيل آهي. اِها حقيقت آهي، ته اِهي چيزون، سندس ئي حصي ۾ آيون آهن، ۽ پاڻ اُنهن ۾ يڪتا درجو رکي ٿو.

جهڙيءَ طرح، قصيدي ۾، تشبيب يا تمهيد ٿئي ٿي، اِهڙيءَ طرح، مرثيه ۾، دعا يا تعلي يا انڪساري يا بهار يا ٻي ڪنهن قسم جو موضوع داخل ڪيو ويندو آهي. ۽ اُن کي چهرو سڏبو آهي. ٻڍل، اُهو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي مرثيه ۾، چهري کي ايجاد ڪيو آهي، ۽ اُن ۾، ڪمال رکي ٿو. ٿورا شعر پيش ڪريان ٿو:

وارد جڏهن ٿيو دشت ۾، مهمان ڪربلا

ٿيو سبز پوش ساروئي، ميدان ڪربلا

خورشيد کان ضيا وٺي، ذرو ٿيو زيبور

چئين خوش نصيبي منهنجي، جو آيو آ سرور

______

جڏهن ٿيو دشت جفا خيز ۾ سامان سحر

يڪ بيڪ ٿيڻ لڳا چاڪ گريبان سحر

تر لڳي ڪرڻ هنجن ساڻ پوءِ دامان سحر

سير طوبيٰ تي ويو نالهءِ مرغان سحر

غيب کان آئي ندا، صبح شهادت آيو

عرش کان آئي صدا، روز قيامت آيو

______

يا سبط نبي لطف زبان مون کي عطا ڪر

بلبل به ٿي ساڪت و بيان مون کي عطا ڪر

مقبوليت از دو جهان مون کي عطا ڪر

مضمون جي پله جو نشان مون کي عطا ڪر

محروم سندءِ در کان نه بندو ٿئي مولا

تان حشر سندم نام جهان ۾ رهي مولا

______

 

پرجوش آهي قلزم طبع روان سندم

ٿيو معدن جواهر مضمون دهان سندم

سلڪ سخن در آب ٿيو گويا بيان سندم

هر بيت ظاهر آهي، نه آهي نهان سندم

لفظن ۾، ضوفشان قمر آشڪار آه

هر بيت هن جو قصر جواهر نگار آه

______

هاڻي اچو ته ٻڍل جي مرثين جو، ڪن عنوانن هيٺ، مثال ڏيئي ثابت ڪيون، ته هو واقعي ڪامياب مرثيه نگار شاعر آهي؟ جذبات نگاري، مرثيه جو خاص موضوع آهي. حقيقت ۾، انساني جذبات، ۽ احساسات، اِهڙيون چيزون آهن، جن کي اک نٿي محسوس ڪري، مگر دل تي، اُن جو بيحد اثر ٿئي ٿو. صغرا پيءُ کان دور ٿي، جو خط لکيو آهي ۽ ان ۾ جذبات نگاريءَ جي، جا تصوير ڪڍي وئي آهي، سا هن طرح آهي:

جنهن وقت کان ٿيو آهي، اوهان جو هتان سفر

بدتر قبر کان آهي سندم، واسطي هي گهر

شامل بخار سان ٿو رهي، مون کي درد سر

پيوسته استخوان ۾، حرارت جو ٿيو اثر

طاقت اُٿڻ ويهڻ جي نه ٿي، هن ضعيف کي

آب و غذا ٿيو زهر، آهي هن نحيف کي

جذبات نگاريءَ کان پوءِ، جو مرثيه جو خارجي پهلو آهي، اُهو آهي مناظر قدرت. ٻڍل، جيتوڻيڪ هت انيس جي خيالن جي ترجماني ڪئي آهي، پر تڏهن به کيس مناظر فطرت پيش ڪرڻ ۾، ڪمال حاصل آهي. هڪ هنڌ صبح جو نظارو ٿو ڪڍي:

جنهن وقت شمس پنهنجي ڪيو رخ کي بي نقاب

ابواب سحر ويا کلي از پردهءِ حجاب

معدوم ٿيا فلڪ تي ستارا پو بي حساب

مهتاب سمجهو پاڻ کي آهيان آءٌ بي رڪاب

چرخ ڪُهن جو رنگ ٿيو تبديل در زمان

معدوم چوطرف ٿيا چراغان در جهان.

________

. . . فلڪ کان ڪواڪب ٿي ويا روان

چونڊين جنهن طرح سان، گلن کي ٿا باغبان

آئي بهار ۾، گل مهتاب تي خزان

اُن دم ڪرڻ لڳا ثمره شاخ ڪهڪشان

رونق ڏيکاري باد سحر، اُت سموم جي

غنچن تي چوطرف کان تباهي عموم جي.

گرميءَ جو سمان:

هو گرميءَ جو مهينو دور منزل

نه هو نزديد دريا ۽ نه ساحل

هو ريگستان تپش کان در تزلزل

سراب دشت هو دريا کان تمثل

______

نه سايه دار وڻ هو ۽ نه راحت

لڳي ٿي باد صر صر ساڻ شّدت

هو ريگستان ويا دشت پر آفت

پر آفت ڪئين چوان بل هئي قيامت

واقعه نگاري به مرثيه جو اهم جزو آهي. عّلامه شبليءَ لکيو آهي ته: ڪنهن به واقعه يا حالت جي تصوير ڪڍڻ کي، انگريزيءَ ۾ Scene چئبو آهي؛ جو واقعه نگاريءَ جو هڪ قسم آهي. ٻڍل، حر جي نزع جي واقعي کي هئن ٿو بيان ڪري:

ڊوڙيو هتان پوءِ حر جي طرف سيّد اُمم

حر کي ڏسي حسين جي غم کان ٿي پشم خم

۽ خلد کان رسيو اُتي حيدر بچشم نم

آئي ندا رسول جي اُن وقت دمبدم

هي هي ابا هي دوست سندم جان فدا حسين

هن لئي ڪنداسين خلد ۾ ماتم بشور شين

جنگ جي تياري ۽ جوش

ميدان ۾ رسيو جڏ خلف حيدر ڪرار

اچ وڃ ٿي وئي مابين صف فوج ستمگار

نعرن کان ٿيو لَرزان سڄو لشڪر غدار

آواز اسد گنبد گردون کان ٿيو آرپار

ٿيو چوڻ شمر کي پسر سعد بد اختر

معلوم ڪيو ڪهڙو آهي طفل دلاور

________

هو فوج ۾ هر شخص تي اُت عالم حيرت

مفتاح زبان کون جو کليو باب فصاحت

آئي جو لبن تي شہ صفدر جي حڪايت

لرزان ٿيا خوف کان هر بانيءَ بدعت

هئي تيغ زبان ساڻ فصاحت جي معطر

سينن ۾ لعينن جي چڀي ٿي ڄڻ نشتر

تلوار جي تعريف:

بجليءَ جي هئي روش اُن تيغ آبدار ۾

ٽانڊا وسڻ لڳا پوءِ صف ڪار زار ۾

آفت بپا هئَي قوم ضلالت شعار ۾

گيتيءَ تي زلزلو هو طلاطم بحار ۾

اعدا جي سر ڪپڻ ۾، نه مطلق ڪو باڪ هو

سرتي ڪري جي ڪنهن جي ته سينو به چاڪ هو

 

هئي دست ۾ دلير جي شيرين زبان تيغ

رڻ ۾ ڦري ٿي ليلئي نصرت نشان تيغ

موذيءَ جي سرتي ٿي ڪري ڪوه گران تيغ

جي سر وڍي مٿي هلي تان ڪهڪشان تيغ

ڪامل سموري طرز سندس باڪمال هئي

چمڪي جي بدر هئي جي ڪري تان هلال هئَي

 

گهوڙي جي وصف:

 

ڪنهن طرح لکان صفت اسپ با وفا

صورت ۾ رشڪ حور، آمد ۾ هو صبا

دهشت ۾ شير، حسن ۾ معشوق مہ لقا

آهو مثال چشم، سندس صاف دست و پا

سارو هلڻ خرام ۾ ڪبڪ دريءَ جو هو

سيني ۾ شير ببر ۽ منہ ڄڻ پريءَ جو هو

 

پاماليءِ عدو ۾ نه هو اُن کي تاب و صبر

في النار گشت ۾ ٿي ڪيائين اُتي گبر

نعرائي دشت ۾ ڪين هردم مثال ببر

رفتار ۾ غزال هو، حملي ۾ هرﱞر بر

جنهن دم صفن تي ٿي ويو دلدل جي شان سان

آئي ٿي الامان جي صدا آسمان کان

 

عرب ۾ رواج هو؛ ته جڏهن هو ميدان ۾ نڪرندا هئا: تڏهن رجز پڙهندا هئا- يعني پنهنجيءَ شجاعت ۽ دليريءَ جو خود اظهار ڪندا هئا. مگر، امام حسين عليہ السّلام جي زبان مان، پهلوانيءَ جو اظهار ڪرڻ، اُن جي رتبي کان گهٽ هو. ان ڪري، هن اڪثر رجز ۾، فضيلت ۽ اظهار ڪيو آهي. ٻڍل اِن ۾ ڪافي حصو ورتو آهي:

 

مشڪل ڪشائي هر دو جهان ڪنهنجي آهي ذات

ڪون و مڪان ۾ ڪير آهي فخر ڪائنات

عيسيٰ کي بخشيو ڪنهن آهي، سرمايہءِ حيات

يونس کي بطن ماهيءَ مان، ڪنهن پر ملي نجات

گلزار نار ٿي وئي، ڪنهن پر خليل تي

لکيل آهي ڪنهن جو نام پر جبريل تي

 

والله بهترين عرب هو سندم پدر

روز ازل کان عاشق رب هو، سندم پدر

ايجاد آسمان جو، سبب هو سندم پدر

عالي نسب بلند حسب، هو سندم پدر

آ حڪم مثل ڪعبہ سندم احترام جو

فرزند آهيان مشهور ڪون و مقام جو

مرزا ٻڍل بيگ جا مرثيه، ٻن جلدن ۾، شگوفہء ماتم جي نالي سان ڇپجي چڪا آهن.

مرزا قليچ بيگ، جا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، اُها ڪنهن به تذڪره کان بي نياز آهي. مرزا قليچ بيگ، سنڌي شاعريءَ ۾، هڪ مقام رکي ٿو. ٻين صنف سخن سان گڏوگڏ، هن مرثيه کي به پنهنجي طبع آزمائي سان نوازيو آهي. مرزا صاحب جا مرثيه، ۽ نوحا تحفہءِ اماميہ ۾ ڇپيل آهن. سندس مرثين متعلق، آءٌ ايتري چوڻ تي اڪتفا ڪيان ٿو؛ ته اِهي سندس پيشرو يا همعصر مرثيه نگارن کان، ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. مرزا صاحب جي مرثين ۾، تلوار جي تعريف، جنگ جو جوش، ۽ رزم آرائي وغيره جو بيان، نهايت ئي دلڪش ۽ جاذب طريقي تي ٿيل آهي.

لڙائي جو نظارو:

تن تنها شہِ دين اُت ٿي هزارن سان وڙهيو

ري سپر نيزه گذارن جي قطارن سان وڙهيو

هيڏي پيادن سان وڙهيو، هوڏي سوارن سان وڙهيو

صورت شير خدا، ظلم شعارن سان وڙهيو

اسد الله جان ڪل خلق تي او غالب هو

ڇو ته هو ٿيو جان علي ابن ابوطالب هو

 

درياهه جي موجن جان چري فوج به يڪبار

۽ تيغون علم ٿي ويون در هر صف ڪفار

ڍالن جا ٿيا ڪارا ڪڪر رڻ ۾ نمودار

بدلي جا هوا، مينهن جان تيرن جي ٿي وسڪار

ويو شير گهري تيغ بڪف اهل جفا ۾

چمڪڻ لڳي وڄ اُن گهڙيءَ مقتل جي هوا ۾

تلوار جي تعريف:

نڪتي شمشير دوسر فوج تي آفت آئي

چري ڌرتي ۽ لڏيو عرش قيامت آئي

شهه جي خدمت ۾، مٿان فتح ۽ نصرت آئي

ڪافرن کي ڏسي سا، حسرت ۽ هيبت آئي

ڪڏهن هِت ۽ ڪڏهن هُت ٿي وئي وڄ جا تنهن وير

مينهن جان رت ۾ سسيون ٿي وهيون، جت ڪٿ ٿيا ڍير

ڪڏهن ڍالن تي ڪري، ۽ ڪڏهن تلوارن تي

آئي پيادن تي ڪڏهن، ۽ ڪڏهن هسوارن تي

ڪڏهن ترڪش مٿي پئي، ۽ ڪڏهن سوفارن تي

ڪڏهن لاهيندي سسيون پهتي ڪماندارن تي

چمڪي هن ميڙ تان اُڀري ته هن انبوه ۾ وئي

ڪڏهن وئي بحر ۾ ڪڏهن بر ۾ ڪڏهن ڪوه ۾ وئي

منهنجو مضمون، نهايت ئي طويل ٿي ويو آهي. مگر تنهن هوندي به، ائين محسوس ڪيان ٿو، ته مون کان، اڃا گهڻيون ئي ڳالهيون رهجي وڃن ٿيون. ان کان سواءِ، مون پنهنجي خيالات جي تائيد ۾، به تمام ٿورا مثال پيش ڪيا آهن. حقيقت ۾، مرثيه شاعريءَ جي، هڪ جامع ۽ همه گير صنف آهي، ۽ اُن ۾؛ هر قسم جا خيالات سمائجي سگهن ٿا. ان خيال کان، مون مٿي، جن به شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، سي نهايت ئي پُرگو آهن، ۽ جيڪڏهن اُنهن تي، جدا جدا مضمون لکيا وڃن، ته تڏهن به شايد اُهي پورا نه پون. بهرحال، هن دفعي، هن مختصر مضمون تي اڪتفا ڪيان ٿو، ۽ باقي، جي مرثيه نگار شاعر؛ خصوصاً: خواجه ناصر، زمان شاه ساقي، گدا ۽ سانگي، ڇڏجي ويا آهن؛ اُنهن تي آئينده صحبت ۾ لکندس، ۽ پڻ پوئين دور جي مرثيه نگارن جو ذڪر ڪندس. بهر ڪيف، عّلامه اقبال جي هن شعر تي مضمون کي ختم ڪيان ٿو:

 

ماز تخليق مقاصد زنده ايم

از شعاع آزرو تابنده ايم

(1954)

--------------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com