سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :7

زينت

هڪ سنڌي ناول جو مطالع

انگريزي دور جي اثر هيٺ، لکڻ جا جي نمونا، اسان جي ادب کي حاصل ٿيا آهن؛ اُنهن مان، ناول کي اهميت حاصل آهي. مشرقي ادب ۾، هونءَ ته قصي نويسيءَ، ۽ داستان سرائيءَ جو رواج، صدين کان وٺي هلندو آيو آهي؛ جنهن ۾، ڪنهن تاريخي، يا نيم تاريخي شخصيت کي، قصي يا داستان جو هيرو بڻائي، هڪ اهڙي تخيّل جي دنيا پيدا ڪئي ويئي آهي، جنهن جو حقيقت سان، دُور به تعلق، ۽ واسطو ڪونه آهي. داستان، ۽ قصي ۾، هڪ اهڙي ڪائنات ٿئي ٿي، جتي ديوَ، پريون، ۽ عجيب الخلقت هستيون، چُرنديون ڦِرنديون نظر اچن ٿيون. اِن لحاظ کان، قصو يا داستان، مافوق الفطرت ڪهاڻين کان، زياده اهميت نٿو رکي. مگر اِن جو مطلب اِهو نه آهي، ته ڪو قصن، ۽ داستانن کي، ڪا اسان جي ادب ۾، جڳهه ئي حاصل ڪانه آهي. پروفيسر ڪليم الدين احمد جي لفظن ۾: جيڪڏهن اسان هن دنيا جي متعلق، جا پنهنجي دل ۾ بي اعتقادي رکون ٿا، تنهن کي ٿورو وقت پاسيرو ڪري رکون، ته اسان لاءِ هڪ دلچسپ دنيا جو دروازو کلي پوي ٿو، ۽ هن دنيا جو سير، محض وقت وڃائڻ نه آهي، بلڪ اسان جي تخيّل، اسان جي دماغ، ۽ اسان جي روح کي تازگي نصيب ٿئي ٿي. اِن کان سواءِ قصن ۾، اڳ جي واقعن، ۽ مادي حالتن جو پڻ عڪس ٿئي ٿو. اڄ افسانن، ۽ ناولن ۾، زندگيءَ جي جنهن منتر، ۽ جادوءَ کي پکيڙيو وڃي ٿو، اُهو ساڳيو ئي حياتيءَ جو اَفسون، قصن ۾ به پکڙيل آهي. مگر غير شعوري طرح، ۽ اِهو سڀ ڪجهه، اُنهن انسانن جو هڪ بي بها؛ ۽ اَملهه خزانو آهي.

داستان، قصو، حڪايت، افسانو، ۽ ناول حقيقت ۾، هڪ ئي چيز جا مختلف نالا آهن. مگر انهن مختلف شين جي تعريف، ۽ اُنهن جي عمل جو دائرو به، هڪ ٻي کان جدا آهي. هت جئن ته ناول سان اسان جو واسطو آهي، اِن ڪري، اچو ته ڏسون ته ناول ڇا آهي.

ناول اسان جي، پنهنجي، معاشري کان متاثر ٿيل ادب جي هڪ شاخ آهي. دنيا جو ادب، سائنس جي روزانہ ترقيءَ سان گڏ پاسا بدلائي رهيو هو، ته زندگيءَ جي نظريي، هڪ خاص شڪل اختيار ڪئي؛ ۽ تحقق، ۽ ڄاڻڻ جو بنياد پيو. انسانن جي سيرت تي، غور ٿيڻ لڳو، ۽ انساني خواهشن، ۽ خيالن جا سبب دريافت ٿيڻ لڳا. مطلب ته داستان، ۽ حڪايتن کي، سائنس جي ترقيءَ، حقيقت نگار بڻايو، ۽ اِن ادبي دنيا ۾، هڪ خاص جڳهه والاري، ۽ ادب جو هڪ مکيه نمونو بڻجي پيو؛ ڇو ته اِن ۾، اسان جي موجوده دور جي پيچيدگين جي عڪاسي ٿيڻ لڳي. اهڙيءَ طرح، ناول جا گهڻا ئي قسم ٿي پيا: جي موضوع جي خيال کان، ڪيترن ئي نمونن ۾ ورهائجي ويا، جئن اُهي، پنهنجي وقت، ۽ حالتن جي نه صرف ترجماني ڪري سگهيا ٿي؛ بلڪ اُن جو ساٿ به ڏيندا رهيا. اِن مان ائين نه سمجهڻ گهرجي، ته ڪو هڪ قسم جو ناول، ٻي قسم جي ناول کان، بلڪل مختلف ٿئي ٿو. اڪثر طرح هڪ قسم جي ناول ۾، مختلف قسمن جي ناولن جون خصوصيتون، اهڙيءَ طرح گڏيل ملن ٿيون، جو اُن کي ڪنهن خاص قسم جي ناول سڏڻ ۾؛ ڪي قدر تڪليف ٿئي ٿي. ان هوندي به، خاص ناول جي هيئت ۾، ڪجهه اهڙيون به صفتون ضروري ملن ٿيون، جو اُن کي، هڪ ئي قسم جو ناول سڏي سگهجي ٿو. هن بحث کي ڇڏي، فقط ايتري چوڻ تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي؛ ته انساني نسل جو هڪ قديم جذبو، جو داستان، ۽ قصي گوئي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، سو داستان، ۽ حڪايت جون جدا جدا منزلون طي ڪري؛ موجوده فنّي ناول جي لباس ۾، اڄ پنهنجي عروج، ۽ ڪمال تي پهچي چڪو آهي.

سنڌي ادب جو، پنهنجي همعصر Contemporary ادب کان متاثر ٿيڻ لازمي هو. اِن کان سواءِ، سنڌي ادب ۾، نون نون تجربن ٿيڻ جا قوي امڪان موجود هئا. ڇو ته اُن وقت، هو هڪ اهڙي معاشري، ۽ ماحول ۾ پرورش پائي رهيو هو، جنهن جو، ان تي اثر پوڻ لازمي هو. سنڌي ادب ۾، جيتوڻيڪ قديم قصي نويسيءَ(1) جو رواج پئجي چڪو هو؛ مگر ان هوندي به، کيس هڪ اهڙيءَ ادبي صنف، يا شاخ جي ضرورت هئي، جا پنهنجي وقت، ۽ ماحول جي پوري پوري، ۽ صحيح معنيٰ ۾، نمائندگي ڪري سگهي.

مرزا قليچ گيت (مرحوم)، انهن ضرورتن کي غور، ۽ فڪر سان ڏسي محسوس ڪيو؛ ته سنڌي ادب به زماني جو ساٿ ڏيئي، ۽ پنهنجي ماحول ۾ پاسا بدلائي اُٿي. اِن خيال کان، مرزا قليچ گيت سنڌي ادب ۾، ناول نگاريءَ جو رواج رائج ڪيو، ۽ پنهنجو پهريون ناول زينت(2) سنڌي ادب کي پيش ڪيو آهي. هن ناول کي پڙهڻ کان پوءِ، ان حقيقت جو اندازو، چڱي طرح لڳائي سگهجي ٿو، ته کيس ناول جي صحيح مقام جي پوري پوري ڄاڻ هئي، ۽ پاڻ انهن سمورين چيزن کان واقف هو، جي ناول لاءِ لازمي سمجهيون وڃن ٿيون. ۽ اِن حقيقت جو اظهار، به مختصر طرح هيئن ڪيو اٿائين. لکي ٿو:

 

اِهو هڪڙو نئون رٿيل خيالي قصو آهي،

جنهن ۾ زماني جي گردش، ۽ حال چال جو

بيان گهرو اصطلاح ۾ ڏنل آهي. اڳوڻي زماني

جي قصن وانگر، هن ۾، جن ڀوت، يا پريءَ

ديوَ، يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي. هن ۾،

اِهڙا واقعا ڏنل آهن، جي شدنيءَ جهڙا آهن،

۽ جي سڀ ڪنهن انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا.

مرزا قليچ بيگ مٿين جي عبارت، ڪيتري قدر نه واضح آهي، ۽ هو ڪيترو نه پنهنجي ماحول، ۽ معاشري کان واقف آهي. هن حقيقت جو، پروفيسر لطف الله بدويءَ، پڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾، هن طرح اظهار، ڪيو آهي:

هي هڪ معاشرتي ناول آهي، جنهن کي

مرزا قليچ بيگ صاحب، انگريزي جديد ناول

نگاريءَ کان متاثر ٿي، ۽ آڳاٽي ملڪي

قصّہ نويسيءَ کان هٽجي، لکيو آهي. هن

ڪتاب کي، قديم قصّہ نويسيءَ، ۽ جديد

افسانه نگاريءَ جي حد فاصل چئجي ته به

بجا آهي.(1)

زينت هڪ معاشرتي ناول آهي. اِن خيال کان هي ناول معاشري جي تصوير به آهي؛ ۽ اُن جي تنقيد به. هيءُ ناول، وقت جي اهم ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ؛ بلڪ هڪ، چڱي خاصي طبقي جي ترجماني هئي. زينت جي پس منظر ۾، اسان کي ميرن جي آخري دور، ۽ انگريزن جي ابتدائي زماني جي، نمايان تصوير نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ سنڌ، انگريزن جي قبضي ۾ اچي وئي هئي؛ پر ميرن جي صاحبيءَ کي ختم ٿئي، اڃا ڪو زياده عرصو نه گذريو هو. اِن خيال کان، جيتوڻيڪ نئين قوم جي تهذيب، ۽ ٻين ڳالهين جو اثر، ڏيهي ماڻهو قبول ڪري رهيا هئا؛ تاهم به اُهي پراڻيون ريتون، ۽ رسمون ايتريون جهونيون نه ٿي ويون هيون، جو اُنهن کي هڪدم وساريو وڃي ها. ان ڪري، انگريزي تعليم سان گڏ فارسي، ۽ سنڌي ٻولين جي تعليم اڃا به ڏني ٿي وئي، ۽ سرڪاري طرح اِنهن زبانن کي قبول ٿي ڪيو ويو. مرزا صاحب ان طرف هيئن اشارو ڪيو آهي: تنهنکي ننڍي هوندي کان، هنن چڱي تعليم ڏياري هئي، سو سنڌي. فارسي پڙهي ته هوشيار ٿيو هو، پر انگريزيءَ ۾ به چالاڪ هو. اِن کان سواءِ، ڪجاون، ۽ ڏولين تي پرده دار عورتن جو، اڃا به اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي، ۽ اِن کي شريف خاندان ۾، اڃا به ضروري سمجهيو ٿي ويو. انگريزي تهذيب جو اثر، اسان جي نوجوانن تي پئجي رهيو هو، تنهن جو مرزا صاحب، بار بار ذڪر ڪيو آهي. هڪ هنڌ صاف لکي ٿو ته: ڇوڪرا انگريزي پڙهي کري پيا آهن. ٻاهر جا ڪم ته بگيڙيا اٿن، هاڻ وري اندرين زنانن ڪمن ۾ ٿا هٿ وجهن. نيون ٻوليون ٿا ٻولين. جيڪي سندن ابي ڏاڏي ڪيو، تنهن تان ٿا عيب وٺن.

هن پس منظر ۾، مرزا صاحب زينت کي لکيو آهي. مرزا صاحب قدامت پسند هو، مگر هو مغرب جي وڌندڙ تهذيبي طوفان کان؛ بي خبر نه هو. حڪومتن جي بدلجڻ ڪري، جنهن قوم کي نقصان رسيو هو، سا هئي مسلمان قوم- مسلمانن ۾ به اُهو وچون طبقو هو، جنهن کي ڪافي دقتون پيش اچي رهيون هيون. مرزا صاحب، زينت جو سمورو پلاٽ، مسلمانن جي وچين طبقي جي مسئلن تي رکيو آهي، ۽ هڪ اِهڙي خاندان کي مثال طور پيش ڪيو آهي، جو زماني جي گردش ۾ تباهه ٿيڻ جي باوجود، پنهنجي عزت، ۽ شان کي برقرار رکڻ لاءِ؛ اڃا به ڪوشش ڪري رهيو هو. فتح خان سرائي جو خاندان، مرزا صاحب جي نڪته نگاه کي، چڱيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو. ان کان سواءِ، مرزا قليچ بيگ، جو ڪجهه علي نواز مغل جي خاندان جو ذڪر، هن ناول ۾ ڪيو آهي، تنهنجو مرزا صاهب جي خانداني حالات سان، گهري نسبت رکي ٿو. ديوان ڀيرومل مهر چند، اِن بابت لکي ٿو:

انهيءَ ڪتاب ۾، پنهنجو، ۽ آڪهه

جو ٿورو احوال، ڏاڍيءَ اٽڪل سان

آندو اٿس.

مرزا قليچ بيگ، زينت ۾، جنهن مسئلي کي، واضح طور تي بيان ڪيو آهي، سو عورت، ۽ عورت جي عظمت سان تعلق رکي ٿو. مرزا صاحب بجا طور تي محسوس ڪيو، ته عورت جي اصلاح کان سواءِ، معاشري جي اصلاح ناممڪن آهي؛ ڇو ته معاشرت ۾، عورت کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. مسلمان عورت، تعليم کان بي بهره، ۽ پردي جي سخت رواج جي ڪري، پنهنجي زماني کان ڪيتريون ئي صديون پوئتي آهي. کيس هن ڳالهه جو پورو احساس آهي، ته جيڪڏهن عورت کي صحيح تربيت ڏني وڃي، ته هوءَ به پنهنجي فهم، ۽ فراست، يا عقل، ۽ سمجهه جي ذريعي، گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. ان ڪري، مرزا صاحب، عورتن کي سليقہ مند، زماني جي حالتن کان باخبر، ۽ خدمت گذار بنائڻ لاءِ، هي مقصدي ناول لکيو. ان لاءِ مرزا صاحب، ڪي زنانيون تحريڪون به پيش ڪيون آهن؛ جن ۾، زناني تعليم کي وڏو دخل آهي. مرزا صاحب، اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، هڪ اهڙي زنانہ اسڪول جو بنياد رکيو، جتي قوم جون نياڻيون، آسانيءَ سان دنياوي، ۽ ديني تعليم حاصل ڪري سگهن. مرزا صاهب اِن رٿ کي، نهايت ڪارائتو ۽ ڪامياب بڻايو، ڇو ته کيس خبر هئي، ته عورت دنيا ۾، جو ڪجهه چاهي سو ڪري ٿي سگهي. اِن ڪري هن عورت کي، سمورين انساني ڪمزورين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ، ۽ پنهنجي نفس کي، پنهنجي مقصد تي قربان ڪرڻ لاءِ، اِهو ئي هڪ اڪيلو رستو ڳولهي ڪڍيو آهي.

پردي جي متعلق به، مرزا صاحب جا خيال واضح آهن. مرزا صاحب پردي کان نه انڪار ٿو ڪري، ۽ نه وري، اُن جي سختيءَ سان پابندي ٿو سيکاري. پردو هن جي اڳيان، هڪ نهايت ضروري چيز آهي. مگر اُهو ڪنهن به طرح، فقط منهن ڍڪڻ سان پردو نٿو ٿي سگهي. مرزا صاحب جو خيال آهي، ته عورت جي دل تي پردو هئڻ گهرجي، يعني ته اُها اخلاقي طرح، نهايت ئي بلند هجي. باقي ظاهري پردي مان، ته ڪو خاص فائدو ڪونه آهي؛ بلڪ اِهو ته، عورتن جي ترقيءَ، ۽ واڌاري ۾؛ هڪ رنڊڪ پيدا ٿو ڪري. دنيا هڪ عجيب عجائب خانو آهي، ۽ اُن جي هر چيز پنهنجيءَ پَرَ ۾، هڪ مڪتب گاهه آهي. اِن مڪتب گاهه مان، جيڪڏهن ڪجهه به حاصل نه ٿيو، ته پوءِ هيءَ حياتي؛ گوشت، ۽ هڏن جو هڪ پتلو بڻجي وڃي ٿي. عورت کي اِن ڪري، اِن مصنوعي ڪمزوريءَ کان دور ڪري، کيس جيڪڏهن سماج جو مکيه جزو بنائڻو آهي، ته کيس دنيا، ۽ زماني جي حالتن جو آزمودو سيکارڻ؛ نهايت ئي ضروري آهي؛ جئن هوءَ پنهنجي ڪمزور جسم کان مصيبت، ۽ تڪليف جي وقت ڪم وٺي سگهي، ۽ اُن کان گهٻرائجي نه وڃي؛ بلڪ اُن جو همّت، ۽ استقلال سان مقابلو به ڪري سگهي. اِنڪري عورت جي مناسب، ۽ شائستي طريقي تي پرورش ڪئي وڃي، ۽ پردو ڏنو وڃي.

شادي جي متعلق به، مرزا صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. مرزا صاحب، سڱاوتيءَ جي سودي کي ناپسند ڪيو آهي. اِن ڪري، مرزا صاحب اُها شادي ڪامياب سمجهي ٿو، جا هڪ طرف سڱ واري هجي. هنجي خيال موجب، اُهائي شادي ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جتي زال، ۽ مڙس هم خيال آهن، ۽ هڪ ٻي سان سچائي، ۽ صداقت رکندڙ آهن. هن جي خيال ۾ اُها عورت جا پڙهيل نه آهي، سا ڪڏهن به پنهنجي مڙس، ۽ گهر جي خوشنوديءَ جو سبب نٿي ٿي سگهي، ۽ اُها عورت؛ پوءِ نه فقط مڙس لاءِ بار آهي، بلڪ پوريءَ قوم لاءِ هڪ بوجو آهي. ساڳيءَ طرح، مرد به اهڙوئي هئڻ گهرجي، جو پنهنجيءَ زال سان، نه فقط محبّت ڪندڙ هجي، بلڪ هن جي خيالن، ۽ جذبات جو احترام به ڪندڙ هجي. مرزا صاحب، پنهنجي اِن خيال کي، عملي جامي پهرائڻ لاءِ زينت، ۽ علي رضا جو، هڪ اهڙو جوڙو تخليق ڪيو آهي؛ جنهن ۾ اِهي سموريون خوبيون، ۽ خاصيتون موجود آهن؛ ۽ جي هڪ مثالي نموني جا ٿي سگهن ٿا.

مرزا صاحب، اهڙيءَ طرح معاشرتي ڳالهين سان واسطي رکندڙ، ٻين به ڳالهين جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.

زينت ۾ گهرو ڳالهيون- سڱابنديءَ جو ڏي وٺ، ڏک سک، خيال خطرا، عام جذبا ۽ ارادا- نهايت صفائي سان بيان ڪيل آهن، ان کان سواءِ، اجايون ريتون رسمون ۽ رواج، جي اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، تن جو پڻ بيان ڪيل آهي، ۽ انهن کي دور ڪرڻ لاءِ، به ڪي ضروري، ۽ مؤثر ڳالهيون، ۽ اپاءَ ٻڌايا ويا آهن.

مرزا صاحب جي ڪردار نگاري، ايتري جامع، ۽ جاذبيت واري نه آهي، جيتري هئڻ گهربي هئي. هن جي ڪردار پيش ڪيا آهن، سي، يا ته سمورا فرشتي سيرت آهن، يا بنہ شيطان سيرت، مرزا صاحب، ٿورو گهڻو به حقيقت نگاريءَ کان ڪم نه ورتو آهي. ايتري قدر، جو عورتن جو پاڻ ۾ ڏيڻ وٺڻ وقت رنجش جو اظهار، يا پٽ پاراتي، ۽ حسد بغض جو به ڪٿي ڪو معمولي اشارو نه ڪيو آهي. مگر ڪٿي ڪٿي عام جذبا، ضرور بيان ڪيا اٿس؛ جئن ماءُ جو اولاد لاءِ پيار، مڙس لاءِ سڪ، ۽ محبت. حامد جي کرجي پوڻ کان پوءِ، مائي شربانوءَ تي، جي تڪليفون اچن ٿيون، يا حامد تي جڏهن خون جي تهمت اچي ٿي، تڏهن ماءُ جي نيڪ، ۽ پاڪ جذبي کي نهايت ئي ديانتداريءَ سان ظاهر ڪيو اٿائين-سڌريل جي کريل، ته به نيٺ اولاد، مائٽ جي دل لاءِ وڏي وٿ آهي.

ان هوندي به، مرزا صاحب جا ڪي ڪردار، نهايت ئي جاندار آهن. اهڙن ڪردارن ۾، زينت، ۽ علي رضا جا ڪردار، وڌيڪ نمايان آهن. زينت جنهن ماحول ۾، اسانجي اڳيانج اچي ٿي، تنهن مان بخوبي پتو پوي ٿو ته، هوءَ ڪيتري نه نيڪ خصلت، ۽ نيڪ سيرت ڇوڪري آهي. حقيقت ۾، مرزا صاحب ائين ئي ته چاهيو ٿي. ان ڪري، مرزا صاحب زينت جي ڪردار کي چٽڻ ۾، انتهائي محنت ڪئي آهي، ۽ هڪ بي عيب ڪردار ڪري پيش ڪيو آهي. زينت سان اسانجي پهرين واقفيت، ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن هوءَ پنهنجي گهر ۾، قرآن جو دور ڪندي نظر اچي ٿي، ۽ اهو سڀڪجهه شروع شروع ۾ ئي اسانکي معلوم ٿئي ٿو. ڪامياب ناول نگار جي، اِها پهرين خوبي ليکي ويندي آهي، ته هو پنهنجي مکيه ڪردار کي، منڍ ۾ ئي واقف ڪرائي ڇڏيندو آهي، جئن پڙهندڙ جي ذهن تي، اُن جا ارتقائي نشان واضح ٿيندا وڃن. مگر مرزا صاحب هت به اِن عيب کان بچي نه سگهيو آهي، ڇو ته هنجي مکيه ڪردارن ۾، ڪي به ارتقائي منزلون اسان کي نه ٿيون ملن. مگر اُهي ابتدا ۾ ئي، اسان جي اڳيان مڪمل بڻجي اچن ٿا. مگر اِنهن ڪامل ڪردارن جي جهڙي تصوير ڪشي، مرزا صاحب ڪئي آهي، اُها بي مثال آهي. زينت هن جو مثالي ڪردار آهي، ۽ هن جو تعارف هئن ٿو ڪرائي:

پردي واري گهر جو ٻار هو، ۽ سک سان پليو هو، تنهنڪري هوءَ ڏاڍي نازڪ بدن هوندي هئي. طبيعت اِهڙي چڱي هوندي هيس، جو اُهو ڪونه هوندو هو، جنهن سان هن مرڪڻ ڌاران ڪڏهن ڪي ڳالهايو هوندو- جيڪي پڙهيو هئائين، يا ٻڌو هئائين، تنهن مان هنکي هيترو فائدو حاصل ٿيو هو، جو هوءَ پنهنجو وقت سجايو ڪم آڻيندي هئي. مهل تي لکندي پڙهندي هئي، مهل تي سبندي ڀريندي هئي. گهر مان، جا ڪوٺي خلاصي مليلج هيس، تنهن ۾ شيءَ شڪل، اِهڙيءَ تجويز سان پنهنجي پنهنجيءَ جاءِ تي رکيل هوندي هئي، جو جيڪو اوڙي پاڙي جو ڪڏهن اتي ويندو هو، ته سندس سگهڙپائي جي تعريف مان ڊاپندو ئي ڪين هو. هن تهذيب جي پتليءَ، ۽ اخلاق جي مشين کان، شروع کان آخر تائين، ڪوبه اهڙو ڪم نٿو ٿئي، جنهن مان اِهو اندازو لڳائي سگهجي ته: انسان خطا جو به گهر آهي. بهرحال، مرزا صاحب، جئن مٿي چيو ويو آهي، اُن تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. زينت جي سيرت ۾، سڀ کان وڏي خاصيت هنجي سليقہ مندي آهي، جنهن ڪري هوءَ باوقار، سنجيده، ۽ سمجهه واري آهي. هوءَ پنهنجي عزت، ۽ب عصمت کان چڱيءَ طرح واقف آهي. هوءَ تعليم يافتہ آهي، ۽ پنهنجيءَ برائيءَ، ۽ ڀلائيءَ کان آگاه آهي. هوءَ ڏک ۾ صبر ڪندڙ آهي. ان کان سواءِ، اُهي سموريون خاصيتون، جي هڪ وچين سڌريل گهراڻي جي نياڻين ۾ هئڻ گهرجن، سي سموريون منجهس موجود آهن. هن ۾ سگهڙپائي آهي، هڏ ڀڳي آهي، ۽ پنهنجي مرد جي خدمت چاڪري ڪرڻ ۾، خوشي محسوس ٿي ڪري. زينت اِن خيال کان، هڪ فرض شناس آهي، ۽ هڪ مڪمل ڪردار جو نمونو پيش ٿي ڪري.

اِهڙيءَ طرح، علي رضا جو ڪردار به مڪمل صورت ۾، اسانجي اڳيان اچي ٿو، ۽ ڪردار جون ارتقائي منزلون، بنهه غائب ٿي وڃن ٿيون، مرزا صاحب اُن جو هئن ٿو تعارف ڪرائي: اگرچه پڙهيو رڳو سنڌ جي سڪولن ۾ هو، مگر ذهين طبع جو هو، ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي آزمودي ڪري زياده هشيار ڏسڻ ۾ ايندو هو. اِهو سڀڪجهه اِن ڪري هو، جو هو هڪ ته صاحبلوڪن جي صحبت ۾ رهيو هو، ۽ ٻيو هنجي اُٿ ويهه به عزت وارن ماڻهن سان هئي، اِن ڪري هلت چلت سنديس تمام پسنديءَ جهڙي هئي، ۽ منجهس لياقت ۽ فضيلت به گهڻي هوندي هئي.طبع جو حليم هو. اِهڙو جو شهر جا هندو، خواه مسلمان، سندس صحبت لاءِ مشتاق هوندا هئا. اِهو سڀ ڪجهه اِن ڪري آهي، جو هو خود دار محنتي، ۽ جفاڪش آهي؛ ۽ منجهس نهايت ئي مستقل مزاجي آهي. هو ڪنهنجي تقليد نٿو ڪري، بلڪ پنهنجيءَ لياقت، ۽ قابليت جي آڌار تي اعليٰ، ۽ ممتاز عهدي تي پهچي ٿو. هن عهدي تي پهچي، جنهن فهم ۽ فراست، قابليت ۽ تّدبر جو ثبوت ٿو ڏئي، سو لاجواب آهي. ترڪي جي سلطان خلاف، جنهن نموني منصوبي کي هٿ ٿو ڪري، سا ڳالهه پڻ هنجي سياسي تّدبر کي ظاهر ٿي ڪري. هو زماني جي بدلجندڙ حالتن کان واقف آهي، ۽ انسانيت جو دوست. ايترين خوبين هوندي به، هو مشين جي پرزن جيان چري پري ٿو، ۽ مصنّف جي اشارن تي هلندو نظر اچي ٿو.

ناول ۾، ڪي اِهڙيون به خاميون رهجي ويون آهن، جي ڪن حالتن ۾، ته ناول جي خوبين تي به ڇانئجي وڃن ٿيون. مرزا قليچ بيگ،. ناول ۾ مقصديت کان ايترو ته ڪم ورتو آهي، جو ڪڏهن ته ناول کي، ناول چوڻ تي دل ئي نٿي چئي. ناول جي پوئين حصي کي، محض زينت جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ جي حادثي تي بيهاري، مرزا صاحب، نه فقط پنهنجي مقصديت کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪ زينت جو سمنڊ مان سلامتيءَ سان نڪرڻ، ۽ پوءِ جا سمورا واقعا، داستان گوئي جي ياد ٿا ڏيارين. اِهو شايد اِن ڪري هجي، جو مرزا صاحب ممڪن آهي، ته اُن وقت تائين، پنهنجي ذهن کي، قصي نويسيءَ کان آجو نه ڪري سگهيو هجي. ان کان سواءِ، مرزا صاحب نصيحت ڏيڻ جي خاطر به، هر هنڌ اخلاق، ۽ مذهب بابت ليڪچر ڏيندو ويو آهي، جنهنڪري، نه فقط ناول جي پلاٽ مان دلچسپيءَ جو عنصر گهٽ ٿي ويو آهي، بلڪ جا نصيحت ۽ مقصد هو ٻڌائڻ گهري ٿو، تنهن تائين پهچندي پهچندي اُن جو اثر زائل ٿي وڃي ٿو. اِنهن ڪمزورين جي باوجود، ناول جي موضوع ۾، ڪا گهڻي لغزش پيدا نٿي ٿئي، ۽ اُن جي عظمت تي، ڪو خاص حرف نٿو اچي، ڇو ته اسان مرزا صاحب جي، هن ڪتاب کي، ناول اِن ڪري چوڻ تي مجبور آهيون، جو هو پهريون شخص آهي، جنهن اسانجي اُن زماني جي معاشرت جي، پهرين، ۽ سچي تصوير ڪڍي آهي. ۽ هن جا ڪردار، سمورا هن چُرندڙ ڦرندڙ دنيا جا انسان آهن، ۽ خواب، ۽ خيال جي ڪائنات سان واسطو نٿا رکن.

زينت، نه رڳو اِن ڪري دلچسپ آهي، پر اِن ۾، وڌيڪ دلچسپي، اِن ڪري به آهي، جو منجهس سليس، صاف، ۽ فصاحت سان ڀريل گهرو ٻولي، ۽ گهرو اصطلاح ڪم آيل آهن، ۽ اُها حياتي، جا اُن زماني ۾، سنڌ جي سڌريل گهرن ۾ نظر ايندي هئي، سا چڱيءَ طرح ڏيکاري آهي. (1958ع)


(1)  سنڌ جي قديم داستانن متعلق، ڏسو، پروفيسر لطف الله صاحب بدويءَ جو مضمون؛ جو مهراڻ رسالي جي، نمبر 4-1955ع ۾، ڇپجي چڪو آهي.

(2)  مرزا قليچ بيگ، هي ناول 1 آڪٽوبر 1890ع ۾ لکي پورو ڪيو هو.

(1)  نئين زندگي، آگسٽ 1954ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com