سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: تنقيد ۽ تنقيد نگاري

باب: --

صفحو :8

بال جبريل

اقبال جي هڪ تصنيف جو مطالع

 

علامه اقبال جي شاعريءَ، ۽ هنجي فڪر، ۽ خيالات متعلق، ايترو ته لکيو ويو آهي، جو آءٌ حيران آهيان، ته ڪهڙيءَ ڳالهه کي ڇڏيان، ۽ ڪهڙيءَ تي لکان. اِها حقيقت آهي، ته اقبال پنهنجي فڪر، ۽ شاعريءَ مان، جو ڪجهه ڏنو آهي؛ سو ايترو ته گهڻو آهي، جو اُن تي جيترو به لکيو وڃي، اُهو ٿورو ٿيندو. مگر اِن مان، ائين سمجهڻ نه گهرجي، ته هو ڪو گهڻي لکڻ جو عادي هو. هن حقيقت ۾، صحيح آرٽ کي پيدا ڪرڻ ٿي گهريو. اِهو ئي سبب آهي، جو اسانکي، هنجي ڪتابن ۾، واضح، ۽ منتخب خيال ملن ٿا، ۽ جي هنجي گهري فڪر جو نتيجو آهن. آرٽ پرکڻ لاءِ، اِهو ضروري آهي، ته اسان ايترو اندازو لڳايون، ته فنڪار، جنهن فّن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ اُن ۾، هو ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي. ان خيال کان ڏسبو، ته اقبال جا ڪتاب، اردو ۽ فارسي شاعريءَ ۾، شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا؛ ۽ ان ۾، ڪوبه وڌاءُ نه آهي، ته اُن وقت جو هندستان؛ هنجي ڪتابن جي مقابلي ۾، مشڪل سان ڪو ڪتاب پيش ڪري سگهيو ٿي.

علامه اقبال، جي پنهنجي  شعر جا ڪتاب ڇڏيا آهن؛ اُنهن مان، بال جبريل تي، آءٌ نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. اُن کان اڳ، جو بال جبريل تي سوچيو وڃي، اِهو ضروري آهي، ته اُنهن حالتن کي ڏٺو وڃي، جن ۾، ان ڪتاب جي نظمن جنم ورتو آهي.

بال جبريل، پهريائين پهريائين جنوري 1935ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان اڳ، اقبال جون مشهور تصنيفون، جهڙوڪ: پيام مشرق، اسرار و رموز، زبور عجم، ۽ جاويد نامو؛ ظاهر ٿي چڪيون هيون. اقبال، هنن ڪتابن ۾، پنهنجي نظريه يعني خودي کي پيش ڪري چڪو هو. اُهي انقلاب، ۽ دنيا جون ٻيون حالتون، جن ۾ هو پرورش پائي رهيو هو؛ سي سندس ئي سامهون ٿي گذريون هيون؛ جن کان، هو نه فقط متاثر ٿيو هو، پر ان جو ڪجهه محسوس ڪيو هو، تنهن کي به بيان ڪري چڪو هو. مگر، اهو سڀ ڪجهه، پارسيءَ زبان ۾ هو. ان ڪري اقبال لاءِ اهو لازمي هو، ته انهن ڳالهين کي، هو اردو شاعريءَ ۾ به ٻڌائي. اهو ئي سبب آهي، جو اقبال، بال جبريل ۾ لکيو آهي:

اُڻهه که خورشيد کا سامان سفر تازه کرين

نفس سوختہء شام و سحر تازه کرين

انهيءَ سوخته نفس، لاءِ هو جنهن شام، ۽ سحر کي تازو ڪري رهيو هو، تنهنجو پيغام هن بال جبريل ۾ ڏنو آهي.

بال جبريل کان اڳ، هنجي اُردو نظمن جو مجموعو، بانگ درا، 1922ع ۾ شايع ٿي چڪو هو. هنن ٻنهي ڪتابن جي وچ۾، تيرهن سالن جو عرصو هو، ۽ اِهو وچون عرصو، جئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي؛ هنجي پارسي شاعريءَ جو آهي. اسان کي، هنجي پارسي شاعريءَ سان، بحث ڪرڻو نه آهي؛ مگر صرف ايترو ٻڌائڻو آهي، ته هن وٽ مينا عجمي آهي، يا هندي، مگر شراب اُهو ئي ديسي آهي. اقبال پارسي شاعريءَ ۾، جن ڳالهين تي تفصيلي بحث ڪيو آهي؛ تن کي اردو شاعريءَ ۾، فقط اشارن ۾ بيان ڪيو اَٿائين. ان ڪري، اهو مشڪل آهي، جو بال جبريل جي نظمن جو، ڪو خاص زمانو مقرر ڪري سگهجي. ڪجهه نظمون، هن گول ميز ڪانفرنس ۾ وڃڻ کان اڳ لکيون، ڪي انگلنڊ ۾، ڪجهه اسپين ۾، ۽ ڪجهه فلسطين ۾.

بال جبريل ۾، اقبال جيتوڻيڪ، خوديءَ جي فلسفي جو، تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي، مگر اِن هوندي به، اِهڙا ڪيترائي مضمون اچي ويا آهن، جي هنجي پنهنجي زماني سان واسطو رکندڙ آهن؛ جن ۾: لينن خدا جي حضور ۾، جاويد کي، فلسفو ۽ مذهب، مسوليني، خوشحال خان جي وصيت، ساقي نامو، وغيره؛ جهڙيون بهترين، ۽ لازوال نظمون شامل آهن. بال جبريل اِن ڪري، عبدالله انور بيگ جي لفظن ۾: نهايت ئي پرجوش ڪتاب آهي، ۽ اُردو شاعريءَ ۾ بلند جڳهه والاري ٿو.

بال جبريل جي شروعات ۾، ڪل 62 غزل آيل آهن. هنن غزلن جي، جا ترتيب، ۽ طرز رکي وئي آهي، سا شاعر جي عميق خيالن، ۽ هنجي گهريءَ نگاه کي ظاهر ڪري ٿي. اقبال، غزل گوئي جي روايت پرستيءَ کان پاسو ڪري، پنهنجي غزل کي، جا وسعت ڏني آهي، سا اُردو غزل، اِن کان اڳ، ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. حاليء جنهن وسعت، ۽ نئين انداز جو تمنّائي هو، ۽ عشق عاشقيءَ جي مضمونن کي ڇڏڻ ٿي گهريو، سو سڀ ڪجهه، اقبال جي غزلن ۾ موجود آهي. اقبال جي غزل ۾، جتي بيان جي شوخي آهي، اتي اسانکي تغّزل به ملي ٿو. جيتوڻيڪ، هن بلڪل نوان مضمون غزل لاءِ سوچيا آهن، مگر اِن هوندي به، اُنهن جي ڪيفيت ۾، ڪٿي به گهٽتائي محسوس نٿي ٿئي.

بال جبريل جو پهريون ئي غزل، هڪ اهڙي انسان جي عزم، ۽ اِرادي کي ظاهر ٿو ڪري، جو ڪائنات جي ذري ذري ۾، پنهنجي نوا سان، هڪ غلغلو، ۽ شور پيدا ڪرڻ گهري ٿو:

 

ميري نوائـﻶ شوق سـﻶ شور حريم ذات مين

غلغله هائـﻶ الامان بتکدهءِ صفات مين

اقبال جا تخيلات، اهڙا نه آهن، جو انکان حورون، ۽ فرشتا بچي سگهن. نه فقط ايترو، پر هنجي نگاه ايتري ته تيز آهي، جو ذات باريءَ جي تجليّن ۾، به خلل پيدا ٿي پوي ٿو:

حورو فرشتہ هين اسير ميرﻵ تخيلات مين

ميري نگاه سـﻶ خلل تيري تجليات مين

هن غزل جي شوخي، ۽ توانائي، ايتري ته تيز آهي؛ جو دل ۾، هڪ ولولو، ۽ جوش محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. هي غزل، هڪ ئي وقت، حياتي بخشيندڙ، ۽ زندگي پرور آهي. بال جبريل جي ٻي غزل کي ڏسو:

اگر کج رو هين انجم، آسمان تيرا هـﻶ يا ميرا

مجهـﻶ فکر جهان کيون هو، جهان تيرا هـﻶ يا ميرا

اگر هنگام هائـﻶ شوق سـﻶ هـﻶ لامکان خالي

خطا کس کي هـﻶ يا رب! لامکان تيرا هـﻶ يا ميرا

اُسـﻶ صبح ازل انکار کي جرات هوئي کيونکر

مجهـﻶ معلوم کيا! وه رازدان تيرا هـﻶ يا ميرا

هن غزل کي پڙهو، ته هنجي جرات مندي جو اقرار ڪرڻو پوي ٿو. انسان، هن ڪائنات ۾، اِن مقصد سان نه آندو ويو آهي، ته هو ڪو مجبور، ۽ محڪوم ٿي رهي. پر ان لاءِ، ته پنهنجيءَ عزت، پنهنجيءَ قوت، ۽ پنهنجي شان شوڪت کي به محسوس ڪري. اقبال، انسان جي عظمت کي محسوس ڪيو آهي، ۽ هنجي حيثيت کان متاثر نظر اچي ٿو.

اقبال، پنهنجي غزل ۾، هڪ پيغام ڏئي ٿو. هنجي اڳيان، هڪ مقصد آهي. مگر اُهو مقصد، هڪ منزل تي پهچي ختم نٿو ٿئي، بلڪ ان جون ڪيتريون ئي منزلون آهن. زندگي، برابر وڌندي، ۽ ويجهندي رهي ٿي، ۽ ان جي راه ۾، ڪابه رڪاوٽ نه آهي. گهڻو ڪجهه ٿيو، ته منزل تي پهچي، ٿوري دير لاءِ آرام ڪري وري هلڻ شروع ڪندي. هيءَ ڪيفيت، اقبال هڪ غزل ۾، هن طرح بيان ٿو ڪري:

ستارون سـﻶ آگـﻶ جهان اور بهي هـﻶ

ابهي عشق کي امتحان اور بهي هـﻶ

قناعت نه کر عالم رنگ و بو پر

چمن اور بهي آشيان اور بهي هـﻶ

اسي روز و شب مين اُلجهه کر نه ره جا

که تيرﻵ زمان و مکان اور بهي هـﻶ

اقبال ان ڪري، هڪ نئينءَ دنيا جو تمنّائي رهيو آهي، ۽ اُن جي بڻائڻ لاءِ فڪرمند. هن پنهنجي خيالي دنيا ۾، هڪ اهڙو ئي جهان ڳولهي لڌو هو؛ ڇو ته هو موجوده دنيا جي ڪاروبار کان راضي نه هو:

پرانـﻶ هين يه ستارﻵ فلک بهي فرسوده

جهان وه چاهئـﻶ مجهکو که هو ابهي نوخيز

اقبال کي خبر آهي، ته هيءَ دنيا ڪيتري به حسين، ۽ خوبصورت ڇونه هجي؛ پر جيڪڏهن ان خوبصورتيءَ، ۽ دلڪشيءَ جي بڻائڻ وارن هنرمندن، ۽ محنت ڪشن کي، ڪجهه به حاصل نه آهي، ته پوءِ اِها دلربائي ڇا ڪبي. اقبال، انهن هنرمندن جي پائماليءَ لاءِ هئن ٿو چوي:

يا رب يه جهان گذران خوب هـﻶ ليکن

کيون خوار هين مردان جفا کيش و هنرمند

ان ڪري، هنجي نگاه ڪوفي، ۽ بغداد ڏانهن نه آهي، مگر اُنهن زنده دل جوانن ڏانهن جي هڪ نئين بستي تعمير ڪرڻ وارا آهن.

کرين گـﻶ اهل نظر تازه بستيان آباد

مري نگاه نهين سوئـﻶ کوفہ و بغداد

اِتي پهچي، اقبال اُن انسان کي پسند ڪرڻ لڳي ٿو، جنهن جي طبيعت خطر پسند آهي، ۽ جو سڪون، ۽ عيش عشرت کي ڌڪاري ٿو:

خطر پسند طبيعت کو سازگار نهين

وه گلستان که جهان گهات مين نه هوصياد

اقبال ان ڪري، اُن شاهين کان نفرت ٿو ڪري، جو ڳجهن جي صحبت ۾ رهي، پنهنجي شاهبازيءَ کي وساري ڇڏي ٿو:

وه فريب خورده که پلا هو کر گسون مين

اسـﻶ کيا خبر که کيا هـﻶ ره و رسم شاهبازيءَ

اقبال جي خودي، هنجي زنده احساسن جي تصوير آهي. هن خوديءَ کي، اِن ڪري، ڪائنات جي ذري ذري ۾ سمائي ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي؛ جو هو سج، چنڊ، ۽ تارن تي ڪمند اُڇلائي رهيو آهي. هنجي خوديءَ، ۽ سرمستيءَ جو هي حال آهي، جو هو پنهنجي ابتدا کان بي پرواه، فقط اِنتها تي نگاه رکي ٿو.

خرد مندون سـﻶ کيا پوچهون که ميري ابتدا کيا هـﻶ

که مين اس فکر مين رهتا هون ميري انتها کيا هـﻶ

هو فقط، اِن تي راضي نٿو رهي، بلڪ انسان کي ڪائنات تي به، حڪمراني ڪرائي ٿو:

خودي کو کر بلند اتنا که هر تقدير سـﻶ پهلـﻶ

خدا بندﻵ سـﻶ خود پوچهـﻶ بتا تيري رضا کيا هـﻶ

هي نهايت ئي خطرناڪ هٿيار آهي، جو هٿياربند سامراج جي مقابلي ۾، هڪ محڪوم قوم جي اُسرندڙ آزاديءَ جي تحريڪ ۾، هنجي جذباتي، ۽ داخلي ڪيفيت کي مضبوط بڻائي ٿو. ڪاڊويل ان سلسلي ۾ لکيو آهي:

او زار هٿن کي نئين ڪم لاءِ تيار ڪن ٿا، ۽ شاعر نئين مقصد لاءِ دل کي تيار ڪري ٿو.

بال جبريل جو ٻيو حصو، هنجي مختلف مضمونن تي لکيل لفظن تي ڇانيل آهي. اُهي نظمون، اقبال ڪجهه اسپين جي مشهور عمارتن، جڳهن تي لکيون آهن، جڏهن هو، ٻئي گول ميز ڪانفرنس کان پوءِ، اسپين جي سير تي ويو هو. ان کان سواءِ، ڪجهه اهڙيون نظمون به آهن، جن ۾، هن پنهنجي سياسي، ۽ قومي خيال کي به ظاهر ڪيو آهي. اقبال جون اُهي نظمون، هنجي خيالن جي تسلسل، روانيءَ، عقيدت، محبّت، ۽ جذبات کان خالي نه آهن. انهن نظمن ۾، هڪ نهايت ئي مشهور نظم ساقي نامو به  موجود آهي. مولانا عبدالسّلام ندويء جي خيال موجب: ساقي نامو اردو جي مشهور مثنويءَ سحر البيان جي طرز تي لکيل آهي. مگر اِها حقيقت آهي، ته اقبال هن نظم ۾، جنهن جوش، مستيءَ ۽ رنگينيءَ کي پيدا ڪيو آهي، سو اسان کي سحر البيان ۾ نٿو ملي.

اقبال جي هنن نظمن مان، اسان هنجي خيال، فّن، ۽ فڪر جو، بخوبي اندازو لڳائي سگهون ٿا. اقبال هي نظمون اُن وقت لکيون، جڏهن هن جا سياسي، سماجي ۽ معاشرتي خيال، پختا، ۽ پڪا ٿي چڪا هئا. هنن نظمن جي لکڻ وقت، ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو انقلاب، به ٿي چڪو هو، ۽ هنجي نگاهن انهن جڳهن کي به ڏٺو هو، جتي مسلمانن جي ماضيءَ جون بهترين روايتون دفن هيون. حقيقت هئن آهي، ته اقبال جا خيال، تاريخ جي جنهن دور ۾ پرورش پائي رهيا هئا، سو دور قومي، ۽ بين الاقوامي تاريخ ۾ اهميت رکي ٿو. اقبال سياستدان نه هو، مگر هنجي دل ۾، مسلم سماج کي سڌارڻ جي تمنا هئي. ان ڪري، هنجي شاعريءَ ۾، اسان کي، سر سيّد، حالي، ۽ شبلي جي خيالن جو امتزاج به ملي ٿو. هن مان مطلب آهي، ته اصلاح پسنديءَ، ۽ ماضي پرستيءَ جا ٻئي خيال، اسان کي، هنجي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. مگر اها به حقيقت آهي، ته اقبال برڪ، ۽ ڪارلائل کان نڪري، هيگل، نئٽشي، ۽ برگسان تائين به پهچي ويو هو، ۽ ڪٿي ڪٿي، هو ڊارون، مارڪس ۽ لينن کان به متاثر نظر اچي ٿو. ان ڪري، چئي سگهجي ٿو، ته هنجي شاعري، هڪ ئي دور جي شاعري آهي جنهن ۾ نيون خواهشون، ۽ نيون تمنّائون اسان کي نظر اچن ٿيون، جي اميد سان ڀريل آهن؛ ۽ حوصلي واريون آهن.

هتي پهچي، اقبال جي ان جذبي تي سوچڻ به لازمي آهي، جو هن ۾، روس جي انقلاب پيدا ڪيو. اقبال مزدور طبقي جي هٿان، جڏهن سامراج، ۽ سرمائيداريءَ جو تختو اُبتو ٿيندو ڏٺو، ته هنجي اکين اڳيان، هڪ نئون آفتاب اُڀرندو نظر آيو. علي سردار جعفريءَ، پنهنجي ڪتاب ترقي پسند ادب ۾، هن بابت اشارو ڪيو آهي ته: اقبال، هندستان جي انهن ٻن ٽن شاعرن مان هو، جو روس جي انقلاب جي مرحبا ڪئي آهي. اقبال پنهنجي آخري زماني ۾، اشتراڪيت جي طرف مائل ٿيندو ٿي ويو، هنکي مارڪس ۽ لينن جي تعليم ۾، سچائي، ۽ صداقت نظر ٿي آئي. مگر ان هوندي به، هنکي هن تحريڪ جي ڪن بنيادي چيزن سان اختلاف هو. هنجي اڳيان، هي خالص ملحدانہ، ۽ مادي تحريڪ هئي، جنهن جو بنياد، خدا پرستيءَ جي بجاءِ، شڪم پرستيءَ تي قائم هو:

 

دين آن پيغمبرﻵ حق ناشناس

بر مساوات شکم دارد اِساس

اقبال پنهنجيءَ، ان روحانيت کي، هڪ نظم لينن خدا جي حضور ۾، هن طرح ظاهر ڪيو آهي:

اﻵ انفس و آفاق مين پيدا تري ذات

حق يہ هـﻶ که زنده و پائنده تري ذات

آج آنکهه نـﻶ ديکها تو وه عالم هوا ثابت

مين جسکو سمجهتا تها کليسا کـﻶ خرافات

هم بنده شب و روز مين جکڙﻵ هوئي بندﻵ

تو خالق اعصار و نگار ندهءِ آنات

مگر هتي به هو، مزدور طبقي جي تڪليفن کان بي خبر نه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن لينن جي زبانيءَ، خدا کان پڇيو آهي:

تو قادر و عادل هـﻶ مگر تيرﻵ جهان مين

هين تلخ بهت بندهءِ مزدور کـﻶ اوقات

کب ڊوبـﻶ گا سرمايہ پرستي کا سفينہ

دنيا هـﻶ ترﻵ منتظر روز مکافات

اقبال سامراج، ۽ سرمائداري جي خلاف؛ جنهن نفرت جو اظهار ڪيو آهي، ان جو مثال، اسان کي هنکان اڳ، اردو ادب ۾ نٿو ملي. هنجي اها نفرت، صرف ظلم، ۽ زبردستي تائين نه هئي، بلڪ هن مزدور طبقي لاءِ، جو پيغام ڏنو آهي، اُهو ايترو ته جاندار، ۽ اميد ڀريو آهي؛ جو شايد لينن، ۽ مارڪس جي انقلابي تحريڪن ۾ به نه ملي. هن نظم ۾، هنجو لهجو نهايت ئي تند، تيز، ۽ انقلاب انگيز آهي:

 

اُڻهو ميري دنيا کـﻶ غريبون کو جگا دو

کاخ اُمرا کي درو ديوار هلادو

گر ماوُ غلامون کا لهو سوز يقين سـﻶ

کنجشک فرومايہ کو شاهين سـﻶ لڙادو

جس کهيت سـﻶ دهقان کو ميسّر نهين روزي

اُس کهيت کـﻶ هر گوشہء گندم کو جلا دو

مگر ان جي باوجود، هنجي اڳيان، سلطنت جو نظام، فقط مذهب، ۽ اخلاق تي ئي قائم ڪري سگهجي ٿو؛ ڇو ته، کيس خوف آهي، ته جمهوريت، ۽ اشتراڪيت، اڳتي هلي، شايد ملوڪيت جو روپ اختيار ڪري، ته پوءِ اُها، چنگيزي جو لباس پهري ويندي:

زمام کار اگر مزدورون کـﻶ هاتهون مين هو پهر کيا

طريق کوهکن مين بهي وهي حيلـﻶ هين پرويزي

جلال پادشاهي هو که جمهوري تماشا هو

جدا هو دين سياست سـﻶ تو ره جاتي هـﻶ چنگيزي

ممڪن آهي، ته اقبال کي ڪي ترقي پسند نه به سمجهن، مگر هنجي رجعت پرستيءَ ۾، جي ترقي پسنديءَ جا جواهر لڪل آهن، اُنهن کي ڇڏڻ، نهايت ئي نقصان ڪار آهي.

اقبال کي، جيتوڻيڪ مغربي تهذيب کان نفرت هئي، مگر ان هوندي به، هن اُن تي جا نگاه وڌي آهي، سا تعميري آهي. مغربي تهذيب کان، هو اِن ڪري نفرت نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته اُها جديد آهي، بلڪ ان ڪري، ڇاڪاڻ ته اُها صدين جي پراڻي تهذيب کي ناس ڪندڙ آهي. هو مغرب جي مادي پرستيءَ جو قائل نه آهي، مگر هر چيز کي هو روحانيت جي اک سان ڏسي ٿو. ان کان سواءِ، هو زندگيءَ کي، جنهن نگاه سان سنوارڻ گهري ٿو، سا انسان جي پنهنجي جدوجهد هئڻ گهرجي. بال جبريل ۾، هن جاويد کي، جو خط لکيو آهه، اُن ۾ اِن ڏانهن هئن اشارو ڪري ٿو:

آڻها نه شيشہ گران فرنگ کـﻶ احسان

سفّال هند سـﻶ مينا و جام پيدا کر

اقبال جي شاعريءَ ۾، جو تصوف، ۽ صوفيانہ خيالن جو رنگ آهي، اُهو ايشيا جي هڪ وڏي صوفيءَ شاعر، رومي جو ئي اثر آهي. حقيقت ۾، جئن اٽليءَ جي شاعر ڊانثي لاءِ ورجل رهنما هو، اِهڙيءَ طرح رومي اقبال جو روحاني مرشد هو. اقبال پنهنجن سڀني ڪتابن ۾، گهڻو ڪري رومي ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ۽ هن کان جو اثر قبول ڪيو اَٿائين، تنهنجو اظهار پڻ ڪيو اَٿائين. پيام مشرق جي شروع ۾، رومي لاءِ هيترو به چيو اَٿائين:

مرشد رومي حکيم پاک زاد

سّر مرگ زندگي بَرما کشاد

بال جبريل ۾ به، اقبال هڪ نظم، پير و مريد جي عنوان سان لکي آهي. هي نظم، گفتگو ۾ آهي، ۽ رومي سان مختلف مسئلن، جهڙوڪ: علم، روح وغيره تي، بحث ڪيو اَٿائين. هيءَ نظم، اقبال جي خيالن، ۽ دل جي ترجماني ڪري ٿي:

مريد هندي: علم سـﻶ هـﻶ دين زار و زبون

چشم بينا سـﻶ هـﻶ جاري جوئـﻶ خون

پير رومي: علم رابر تن زني مارـﻶ بود

علم رابر دل زني يارـﻶ بود

بال جبريل ۾ اقبال هڪ ٻيءَ نظم ۾ به، جبريل ۽ ابليس مٿين نظم جيان، گفتگو ۾ لکي آهي. آل احمد سرور، هن نظم لاءِ لکيو آهي ته: هي نظم، اُردو جي بهترين نظمن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿي. ان نظم جي هڪ هڪ شعر ۾، جا معنيٰ ۽ مطلب آهي، سو ايترو ته وسيع آهي، جو اُن لاءِ هڪ دفتر جي ضرورت آهي. هن نظم ۾، گوئٽي ۽ ملٽن جي خيالن جو پورو پورو عڪس نظر اچي ٿو. دل چاهي ٿي، ته ان کي هت پيش ڪريان، مگر ٻيءَ صحبت لاءِ ڇڏيان ٿو، ڇو ته هيءَ نظم، تفصيل سان بيان ڪرڻ جي قابل آهي. بهرحال، هن نظم ۾، جيتري لفظن جي بلندي آهي، ايتري ئي خيالن جي- هن نظم جي پڙهڻ کان پوءِ، اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا، ته جيڪڏهن ابليس، ۽ يزدان ۾ رد بدل نه ٿئي ها، ته اسان شايد زندگي جي حسن کان محروم رهجي وڃون، ۽ پوءِ ابليس به شايد، جبريل کي فخر وچان هئن نه چوي ها:

گر کبهي خلوت ميّسر هو تو پوچهه الله سـﻶ

قصّہ آدم کو رنگين کر گيا کس کا لهو؟

اقبال جي بال جبريل تي، مون نهايت ئي مختصر نظر وڌي آهي. حقيقت ۾، اقبال هن ڪتاب ۾، ايتريون ته ڳالهيون ڪيون آهن، ۽ پنهنجي خيالن کي ايترو ته واضح طور تي، ظاهر ڪيو اٿائين، جو جيڪڏهن، اسان  هنجي ٻين ڪتابن کي ڇڏي، فقط هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون، ته اقبال جي فڪر، هنجي شاعريءَ، ۽ آرٽ کي سمجهڻ آسان ٿي پوي. اقبال کي سمجهڻ لاءِ، جئن مون محسوس ڪيو آهي، اسانکي هندوستان، ۽ دنيا جي سياسي، ۽ سماجي حالتن جي پوري ڄاڻ هئڻ گهرجي، ۽ ان کان پوءِ ئي، اسان هنجي شاعريءَ، ۽ فڪر جو قدر ڪري سگهنداسون، نه ته جئن شاعر خود چيو آهي:

پهول کي پتي سـﻶ کٽ سکتا هـﻶ هيرﻵ کا جگر

مرد- نادان پر کلام نرم و نازک بـﻶ اثر! (1956)

مسدس اٻوجهو

قومي ڪردار، ۽ قومي زندگيءَ کي، برتر ڪرڻ لاءِ، يا انساني فطرت ۾؛ قوميت جي روح کي بيدار ڪرڻ لاءِ، جن چيزن کي دخل رهيو آهي، اُهو شاعر، جنهن جي رڳ رڳ ۾، قوميت جو احساس ڀريل آهي، يا اُن جي تعمير ۾، هن پنهنجي تخيّل، ۽ خيالات کي وقف ڪيو آهي، سوئي صحيح معنيٰ ۾، قومي معمار آهي. ظاهر آهي، ته اُن معمار جي، نه فقط ماضيءَ جي ڳالهين تي نگاه آهي، بلڪ هو حال جي واقعات کان متاثر ٿي، مستقبل تي سوچيندو رهي ٿو. قومي معمار، جڏهن انهن چيزن تي سوچي ٿو، تڏهن سندس خيالات جي دائري ۾، تاريخي، سياسي، معاشرتي، ۽ تمّدني معلومات جو ذخيرو رهي ٿو، جنهن کي؛ وقت بوقت، هو پنهنجي قلم جي نوڪ تي آڻيندو رهي ٿو.اِن قومي معمار جي قلم مان، پوءِ جو پيغام نڪري ٿو، اُهو پنهنجي اندر ۾، نه فقط باه، ۽ طوفان ٿو رکي ، بلڪ پاڻ ۾، تعميري خصوصيت به رکي ٿو، ۽ اُها چيز صحيح معنيٰ ۾، قوم ۾ برتريءَ جو احساس، ۽ قومي غيرت، ۽ جذبات به اُڀاري ٿي، ۽ اُها شاعري، جا قومي حميت، ۽ تعمير جو جذبو پيدا ڪري ٿي، سا به پنهنجي لاءِ، هڪ جاويد مقام حاصل ڪري ٿي.

سنڌي قوم، فطرتاً خاموش، ۽ مرنج مرنجان رهي آهي. هن صوفين، ۽ فقيرن جي بستيءَ ۾، جيڪڏهن ڪو اِهڙو هنگامي واقعو رونما ٿيو به آهي، ته تڏهن به، سندن جذبات کي ڀڙڪائي، يا منجهن طلاطم، ۽ هيجان پيدا نه ڪري سگهيو آهي. مگر اِن مان، اِهو نه سمجهڻ گهرجي، ته ڪا سنڌي قوم بي حس، ۽ بي حرڪت، يا غيرت، ۽ حميت کان بي بهره رهي آهي. سنڌ جي تاريخ تي نظر ڪرڻ سان، معلوم ٿيندو، ته سنڌي قوم، اُن وقت، جڏهن سندس ماٺيڻي، ۽ بي حرڪت جذبات جي درياه ۾، ڪو پٿر اُڇلايو ويو، ته هنن پنهنجي جوانمرديءَ، همّت، عزم ۽ استقلال جو، پورو پورو ثبوت ڏنو آهي، ۽ مردانہ وار، اُنهن چيزن جو مقابلو ڪيو آهي، جن سندن پر سڪون زندگيءَ ۾، هنگامي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ جا صفحا، اهڙن بهادرن سان ڀريا پيا آهن، ۽ اسين اُنهن تي، جيترو به فخر ڪيون ٿورو آهي.

سنڌ جا قديم شاعر به، جئن ته اِن مٽي مان پيدا ٿيا آهن؛ اِن ڪري، اُنهن جي شاعري به تصّوف، ۽ اخلاق جي ڳالهين سان ڀرپور آهي، يا زياده تر، پنهنجي ملڪ جي نظارن، اُتان جي ڀٽن، ڀاڻن، ۽ اِهڙين ٻين چيزن کي ڳائيندا، ۽ سُرائيندا رهيا آهن. مگر هي چيزون، اهڙيون نه آهن، جي ڪڏهن به، اُن چيز کي اُڀاري نه ٿيون سگهن، جي هڪ قومي تعمير لاءِ ضروري آهن. قوم ۾ جوش، ۽ ولولي پيدا ڪرڻ لاءِ، اِهو نهايت ئي ضروري آهي، ته کين ماضيءَ جون ڳالهيون ٻڌائي، حال جي لاءِ سوچڻ جي توفيق، ۽ قوت بخشي وڃي. جئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي؛ سنڌ جي قديم شاعري، اِن خصوصيت کان عاري آهي، ۽ ڪنهن به قديم شاعر، اِن موضوع تي قلم نه کنيو آهي. وقت جي تقاضا اڻ ٽر آهي. جئن وقت گذرندو ويو، تئن هن قسم جي شاعريءَ جي ضرورت، شّدت سان محسوس ٿيڻ لڳي؛ تان جو سنڌ جي زمين، هڪ اِهڙو شاعر پيدا ڪيو، جنهن پنهنجي قوم جي بي حسيءَ، ۽ بي راهه رويءَ کان متاثر ٿي، پنهنجي ڪلام کي، قوم جي اصلاح لاءِ وقف ڪيو، ۽ اُن ۾ اوليت جو درجو حاصل ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com