سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :10

ايوب عمراڻي

 

ڳوليان ڳوليان مَ لهان!

مان پنهنجي اوطاق جي ننڍڙي لئبرريءَ ۾ ليٽيل هوس. خبر ناهي ته ڇا وقت ٿيو هو، پر ننڊ مون کان ڪوهين دور هئي. وقت ڄڻ ته هڪ هنڌ بيهي ويو هو جو رات ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. راجا اڄ اهڙي ڳالهه ڪري ويو هو جو منهنجي اندر جا مُرده جوالامکي ٻيهر زنده ٿي پيا هئا. راجا ويهن سالن جو ڳڀرو آهي. جيڪڏهن مان شادي ڪريان ها ته منهنجو به راجا جيترو ئي پٽ هجي ها، پر مون شادي نه ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي پٽ راجا کي ئي پٽ سمجهي پيار ڪيم. هو جسماني نه سهي، روحاني طور منهنجو ئي اولاد آهي. مون ئي سندس تربيت ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيو آهي. هو يونيورسٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي. ڪري رهيو آهي. راجا منهنجو خواب آهي. زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهه مون حاصل نه ڪيو، اُهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ راجا جي تربيت ڪئي اٿم. هر هفتي راجا يونيورسٽيءَ کان ڳوٺ ايندو آهي. مون سان اوطاق تي ڊگهي ڪچهري ڪري پوءِ گهر ويندو آهي. مان اسڪول کان ٿي اوطاق تي ئي رهندو آهيان ۽ سُمهندو به اُتي ئي آهيان. اڄ راجا آيو ته هن وٽ ڪا عام ڳالهه نه هئي، پر ڳالهين جو جوالامکي هو. اسين پهرين ته عام ڪچهري ڪندا رهياسين، پر پوءِ اوچتو راجا سوال ڪيو: ”توهان ڪهاڻيون لکڻ ڇو ڇڏي ڏنيون.؟“

مون پهرين راجا جي سوال کي هڪ عام سوال سمجهيو. چيومانس: ”دنيا ۾ جيڪي به بي مقصد ۽ اجايا ڪم آهن، ڪهاڻيون لکڻ به اُنهن مان هڪ آهي. جڏهن مون کي اِن ڳالهه جو احساس ٿيو ته ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنم!“

چيائين: ”توهان جي ڪهاڻين جا اڃا به ڪيترائي پرستار موجود آهن!“

مون کان ٽهڪ نڪري ويو. چيومانس: ”اُن سان ڪهڙو ٿو فرق پوي!... ڪو وقت هو جو مون کي شهرت ڏاڍي وڻندي هئي. منهنجي شهرت کي ڏسي رسالن جا ايڊيٽر اکيون پوري منهنجون ڪهاڻيون ڇاپيندا هئا، پر اڳتي هلي مون کي محسوس ٿيو ته شهرت ته رُڃ جيان آهي، جيڪا پري کان پاڻي محسوس ٿيندي آهي، پر جڏهن ڪو اُڃايل شخص نظر جو دوکو کائي رُڃ کي پاڻي سمجهي اُن جي ويجهو ويندو آهي ته اُتي ڪجهه به نه هوندو آهي. مون شهرت کي رُڃ سمجهي ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون آهن.“

چيائين: ”پر اڄ به توهان کي هڪ وڏو ڪهاڻيڪار سمجهيو وڃي ٿو.“

چيومانس: ”راجا! اِن سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟ هن بدبودار ۽ بيدرد وڏيرڪي سماج ۾ اديب جو قدر ئي ڪهڙو آهي؟ سوين بهترين اديب غربت جي سبب بيماريءَ جي سمنڊ ۾ غرق ٿي مري ٿا وڃن. انهن جو ڪير علاج ڪرائڻ وارو ناهي. مان ته اُنهن جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهيان!“

راجا کي منهنجي ڊگھي جواب مطمئن نه ڪيو. هن پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڪري ڇڏي. چيائين: ”ڪالهه آرٽس فئڪلٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ ’ڪهاڻي سيمينار‘ هو. هڪ خاتون ته توهان جي ڪهاڻين تي پورو مقالو لکي آئي هئي.“

چيومانس: ”شايد کيس خبر ناهي ته مان ڪهاڻين کي فضول سمجهي لکڻ ڇڏي چڪو آهيان!“

چيائين: ”هوءَ اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. سچ پچ ته هُن جڏهن توهان جي ڪهاڻين تي مقالو پڙهيو پئي، تڏهن منهنجو ڪنڌ فخر وچان اوچو ٿي ويو. مون پنهنجي هڪ دوست کي ٻڌايو ته جنهن ڪهاڻيڪار تي مقالو پڙهيو پيو وڃي، اُهو منهنجو فادر آهي.“

مون کي راجا جي ڳالهه تي حيرت ٿي. سوچيم ته اُها خاتون ڪير ٿي سگهي ٿي؟ ساڳئي وقت شڪ جو تير به سيني جي آرپار گذري ويو. مون پڪ ڪرڻ لاءِ راجا کان پڇيو: ”اُن ميڊم جو نالو ڇا آهي؟“

چيائين: ”ميڊم صوفيه!... آمريڪا ۾ ڏهه سال پڙهائڻ کان پوءِ ٻيهر يونيورسٽي جوائن ڪئي اٿس.“

منهنجي بدن مان سيسڙاپ نڪري ويا. احساس ڪمتريءَ جو ڀالو سيني اندر کُپي ويو. مون ڄڻ ته تڙپندي چيو: ”ميڊم صوفيه!“

راجا چيو: ”ها، انگريزيءَ جي پروفيسر آهي… توهان کيس سڃاڻو؟“

چيومانس: ”هڪ پرائمري ماستر يونيورسٽيءَ جي آمريڪا مان پڙهي آيل پروفيسر کي سڃاڻڻ جي جرئت ڪيئن ٿو ڪري سگهي!“

چيائين: ”پر هُوءَ ته توهان کي سڃاڻي ٿي!“

چيومانس: ”ها، شايد سڃاڻندي هجي، تڏهن ته منهنجي ڪهاڻين تي مقالي پڙهڻ جي مهرباني ڪئي اٿس.“

راجا چيو: ”اڄ مان ميڊم سان ملڻ سندس آفيس ۾ ويو هوس. کيس ٻڌايم ته جنهن ڪهاڻيڪار تي توهان ڪالهه مقالو پڙهيو هو، اُهو منهنجو فادر آهي.“

”هان، تو ائين چيس؟“، مون کان لفظ ڄڻ ته پاڻمرادو ادا ٿي ويا. اندر جي آتش فشان ۾ لاوو لهرون هڻڻ لڳو ۽ پوءِ مون پاڻ سنڀاليندي کيس چيو: ”پوءِ توکي ڇا چيائين!“

”کيس يقين ئي نه پئي آيو ته مان توهان جو پٽ آهيان، پر پوءِ جڏهن مون کيس پنهنجي گڏ نڪتل تصوير ڏيکاري، تڏهن کيس يقين آيو، هِن مون کي چانهه پياري ۽ توهان لاءِ چيائين، ته جڏهن به يونيورسٽي اچو، ته ساڻس ضرور ملو.“

منهنجي اندر ۾ وَڍ پوڻ لڳا. چيومانس: ”مان ساڻس ڇو ملان؟ جيڪڏهن هوءَ منهنجي ڪهاڻين جي پرستار آهي ته کيس مون سان ملڻ گهرجي!“

راجا منهجي ڳالهه تي حيران ٿي ويو. چيائين: ”تمام وڏا ماڻهو ميڊم سان ملڻ اچن ٿا. توهان به ملندا ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي پوندي!“

راجا منهنجي انا کي سمجهي نه سگهيو. مون کيس خوش ڪرڻ لاءِ چيو: ”ها راجا! تنهنجي ميڊم صوفيه سان تمام وڏا ماڻهو ملڻ ايندا هوندا. مان ٿيس هڪ ڄٽ پرائمري ماستر، اُن سان هوءَ ڇو ملڻ ايندي! جڏهن به يونيورسٽيءَ هلڻ ٿيو، ته ميڊم صوفيه سان ضرور ملبو.“

جڏهن راجا گهر هليو ويو تڏهن اڪيلائيءَ ۾ خبر ناهي ته ڇو مون کان ننڊ ڪوهين دور ٿي ويئي. ماضيءَ جا زخم ٻيهر اُٿلي پيا. سوچيم ته ماضيءَ جي زخمن کي ڀرڻ لاءِ شاهه لطيف جيان جوڳين جي ڪنهن ٽولي سان شامل ٿي در در سئن هڻي، سڀ ڪجهه وساري ڇڏيان ۽ ائين ئي زندگي گذري وڃي، پر ماضيءَ کي جيترو وسارڻ جي ڪوشش ڪبي آهي اوترو ئي ياد ايندو آهي. يادون پل پل ۾ وَڍ ڏينديون آهن. ڇٽل زخمن تي ٻيهرضرف لڳائي لوڻ ٻُرڪنديون آهن. صوفيه جي ياد ته وري به اهڙي هئي جنهن سان دل جي ڌڙڪن جو ناتو هو. صوفيه، جيڪا منهنجي جيون جو اڻ ٽُٽ حصو هئي. صوفيه، جنهن کي مون دعائن ۾ گهريو هو، جنهن جي ڪري مان ڪهاڻيڪار بنيو هوس. جسماني نه سهي روحاني طور به مون سان گڏ آهي! آءٌ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيس ۽ لئبرريءَ جي ڪٻٽ مان ڪتابن پويان صوفيه جي بليڪ ايند وائيٽ تصوير وارو فريم ڪڍي سامهون واريءَ ڀت تي لڳائي ڇڏيم ۽ پوءِ ماضي جا زخم اُٿلي پيا!

مان ۽ صوفيه هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين. هيءُ اُهو زمانو هو جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ادب ۽ ادبي ماڻهن جو گهڻو قدر هو. مون کي اِها خبر نه هئي ته صوفيه منهنجون ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون دلچسپيءَ سان پڙهندي آهي. مون کي اها به خبر نه هئي ته صوفيه جي سنڌي ادب تي تمام گهري نظر آهي.

هڪ دفعي ڪچهري ڪندي اچانڪ منهنجي تازي ڇپيل ڪهاڻيءَ ”سفر“ تي ڇتي تنقيد ڪيائين، ۽ ڪهاڻين لکڻ لاءِ مون کي ڏاڍا مفيد مشورا ڏنائين ۽ پوءِ مون پوري محنت سان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪري ڏنيون. هڪ ڪهاڻي کي ڏهه ڏهه دفعا لکي مطمئن ٿي پوءِ ڇپرائيندو هوس. نيٺ منهنجي ڪهاڻين کي موٽ ملڻ شروع ٿي ۽ منهنجي ڪهاڻين جي سڀ کان وڏي مداح صوفيه بڻي! ائين اسان هڪٻئي کي گهڻو ويجهو اچي وارياسن. صوفيه منهنجي ڪل ڪائنات بنجي چڪي هئي. منهنجي ڪهاڻين لکڻ جو مقصد هاڻي صرف صوفيه کي خوش ڪرڻ رهجي ويو هو. مان صوفيه جي ساٿ ۾ ڄڻ ته خلائن ۾ اُڏامي رهيو هوس. اسان سڄي زندگي گڏ گذارڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئاسين. يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جا چار سال خواب جيان گذري ويا. مون ايم. اي. ڪري نوڪريءَ جي ڳولا شروع ڪئي، پر مون کي بيروزگاري پلئه پيئي. صوفيه کي يونيورسٽيءَ ۾ ئي ليڪچرارشپ ملي ويئي. مان آڱوٺي ڇاپ وڏيرن جي پويان نوڪريءَ لاءِ جُتيون گسائيندو رهيس، پر مون کي نوڪري نه ملي. نيٺ تنگ ٿي هڪ نوڪريون ڏياريندڙ دلال کي ڏهه هزار رپيا رشوت ڏيئي، پرائمري ماستري ورتم ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ اچي ڏاڍي خوشيءَ سان صوفيه کي ٻڌايم: ”صوفيه! مان پرائمري ماستر ٿي ويو آهيان!“

منهنجي اِن ڳالهه تي صوفيه مون کي حيرت مان ڏسندي رهي. کيس منهنجي ماستر ٿيڻ تي ڪابه خوشي نه ٿي. چيائين: ”تون ڪميشن جي تياري ڇو نٿو ڪرين؟“

چيومانس: ”ڪميشن جي تياريءَ لاءِ پئسو ۽ وقت گهرجي. مون وٽ ٻيئي ناهن!“

چيو هئائين: ”پئسي ۾ مان توکي مدد ڪنديس، وقت توکي ڪڍڻو پوندو.“

چيومانس: ”صوفيه! توکي منهنجي هيءَ پرائمري ماستري نٿي وڻي؟“

منهنجي اِن سوال تي عجيب انداز ۾ مون کي گهوري ڏٺو هئائين. پوءِ چيائين: ”دنيا ۾ ڪڏهن پرائمري ماستر ۽ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جو پاڻ ۾ جوڙ ٺهيو آهي؟ توکي منهنجي برابر اچڻ لاءِ سي. ايس. ايس. ڪرڻي پوندي!“

صوفيه جو جواب ٻڌي منهنجو اندر وڍجي ويو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪمتريءَ جو احساس ٿيو. آخر ڪميشن ڏنم، پر نوڪريءَ لاءِ منهنجي نالي جي لاٽري نه کُلي ۽ مان پرائمري ماستر ئي رهجي ويس. احساس ڪمتريءَ جي اوڙاهه ۾ جلندي صوفيه جي منهن تي چڙهڻ جي لائق به پاڻ کي نه سمجهيم. سوچيم، ڪٿي هڪ پرائمري ماستر ۽ ڪٿي يونيورسٽيءَ جي خاتون ليڪچرار، جيڪا اڳتي هلي پروفيسر به ٿي ويندي، پر پرائمري ماستر ته سڄي عمر پرائمري ماستر ئي رهندو! جيڪڏهن مان صوفيه جي جاءِ تي ليڪچرار ۽ هوءَ منهنجيءَ جاءِ تي ماسترياڻي هجي ها ته مان کيس قبول ڪري وٺان ها، پر… مون مايوس ٿي صوفيه کي خط لکيو ته ”صوفيه! مان بدنصيب آهيان. مون کي قسمت ساٿ نه ڏنو، جو تنهنجي برابر اچي سگهان. سڄي حياتي توکي ياد ڪندي. تنهنجي خوشيءَ خاطر ڪهاڻيون لکندي گذاري ڇڏيندس.“ منهنجي خط جي جواب ۾ صوفيه جو خط چند ڏينهن ۾ اچي ويو. سندس لهجو ڏاڍو سخت هو. لکيو هئائين: ”ڪهاڻيون لکڻ جي جنون توکي ڪاهل ۽ سست بنائي ڇڏيو آهي. تون زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڏاڍو پوئتي رهجي ويو آهين. لڳي ٿو ته سڄي عمر پرائمري ماستر رهندين!“

صوفيه جي لفطن جگر کي چيري لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو. مون ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي، پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي هٿن سان مٽائي ڇڏي. اُن ڏينهن مون کي محسوس ٿيو ته پرائمري ماستري ڪهڙي ڪمتريءَ جو نالو آهي. پرائمري ماستر بنجي مون ڄڻ ته تمام وڏو ڏوهه ڪيو هو. آءٌ افسوس ۽ حيرت جي آگ ۾ جلڻ لڳس. صوفيه، جنهن مون سان سڄي زندگي ساٿ نڀائڻ جو فيصلو ڪيو هو، سا پنهنجي فيصلي کي وساري چڪي هئي. پر منهنجي نس نس ۾ صوفيه جي تنوار هئي. صوفيه کي وسارڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. تڏهن فيصلو ڪيم ته زندگي ڀر شادي نه ڪندس ۽ پنهنجو نالو اُنهن عاشقن ۾ لکائيندس، جيڪي زندگيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو ئي محبت ڪندا آهن ۽ سندن پوري زندگي محبوب جي تلاش ۾ گذرندي آهي، پر هو محبوب ماڻڻ کان سواءِ ئي هيءُ دنيا ڇڏي هليا ويندا آهن. مون به صوفيه جي محبت کي سيني ۾ سانڍي شادي نه ڪئي ۽ پنهنجي ڀائٽي ”راجا“ کي پٽ جيان پاليم.

اڄ جڏهن صوفيه کان وڇڙندي ويهه سال گذري ويا آهن، منهنجي مٿي جا اڌ وار اڇا ٿي ويا آهن، تڏهن صوفيه منهنجي سيني ۾ دفن ٿيل دکن، پيڙائن ۽ احساس ڪمتريءَ کي ٻيهر زنده ڪري ڇڏيو آهي. مون کي ته رڳو صوفيه جي طرفان سندس هڪ تصوير جو تحفو ۽ ٻيا سڀ دک مليا هئا!

مون صوفيه جي سامهون رکيل تصوير ڏانهن ڏٺو ۽ ساڻس ڳالهائيندي چيو:

”مان ته بس هڪڙو پرائمري ماستر آهيان ۽ تون يونيورسٽيءَ جي پروفيسر. تنهنجو منهنجو ڪهڙو جوڙ؟ مان ته بس تنهنجي خوشيءَ جي خاطر ڪهاڻيڪار بنيو هوس، پر تو ليڪچرار بنجي سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو. تو مون کي ڪهاڻيڪار جو مهڻو ڏنو ۽ مون ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون. پر تو هينئر منهنجي ڪهاڻين تي پيپر ڇو پڙهيو آهي؟ تون مون سان ڇو ٿي ملڻ چاهين؟ ڇڏي ڏي مون کي، مان گمنام ۽ گوشه نشين ٺيڪ آهيان. وري ڪهاڻيون نه لکندس. وري شهرت جي رُڃ جو راهي نه ٿيندس!...“

منهنجي سڄي رات ائين ئي وهامي ويئي. صبح جو مان نيم خوابيده حالت ۾ هوس ته راجا منهنجي لاءِ چانهه کڻي آيو. راجا جي پيرن جي آهٽ تي منهنجي اک کُلي پيئي. راجا چانهه جو گرم ڪوپ مون کي ڏيندي صوفيه جي جوانيءَ جي بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير کي حيرت مان ڏٺو. چيائين ”لاله! هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي؟“

مان پهرين ته گهٻرائجي ويس، پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي چيم: ”اها ويچاري منهنجي ڪهاڻين جي پرستار هُئي، مون کيس پنهنجون ڪهاڻيون ڏنيون ۽ هن اها تصوير ڏيئي ڇڏي.“

راجا مُرڪندي پنهنجي ٻانهن منهنجي ڪلهي تي رکندي چيو: ”واهه لاله واهه! توهان ته وڏي شيءِ هئا!“

مان کيس ڪو جواب ڏيڻ بدران مُرڪي پيس. هو اڄ واپس يونيورسٽيءَ وڃي رهيو هو. مون کان موڪلائيندي چيائين:  پوءِ ميڊم صوفيه کي ڇا چوان…“ توهان ساڻس ڪڏهن ملڻ ويندا؟“

مون ٿڌو ساهه کڻندي صوفيه جي تصوير ڏانهن ڏسندي چيو: ”کيس چئجانءِ ته مان يونيورسٽي ايندي گهٻرائيندو آهيان. همت جواب ڏيئي ويندي آهي. جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان توهان سان گهر يا ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي ملان!“ راجا هليو ويو. مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته هاڻي ڇا ڪجي؟ مان صوفيه سان ملان ته کيس ڇا چوان، ساڻس ڇا ڳالهايان. ڪٿي منهنجي ڳالهائڻ کان اڳ ئي ويهن سالن کان ساڻس جدائي ۽ اندر ۾ سانڍيل وڇوڙي ۽ درد جو آتش فشان ڦاٽي نه پوي ۽ آءٌ پاڻ تي قابو پائي نه سگهان. کيس پنهنجي زخمي دل جي احساسن بابت ٻڌايان يا سندس طرفان ڌڪارجي ۽ تڙجي وڃڻ کان پوءِ دل جي ماتم ڪدي ۾ هميشه لاءِ رهجي ويل ”يوم عاشور“ جي جهلڪ ڏيکاريان؟ سوچيم: مان کيس چوندس، ته صوفيه تو منهنجي اندر ۾ اوندهه ڀري، منهنجي خوابن کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو. پهرين ڪهاڻيڪار هُئڻ تي مون کي ساراهيو، پر بعد ۾ ڪهاڻيڪار هئڻ جو طعنو ڏيئي مون کان ڪهاڻيون لکرائڻ ڇڏائي اڄ وري ويهن سالن کان پوءِ فرمائش ڪئي اٿئي ته مان توسان ملان…؟

هڪ هفتي تائين مان صوفيه بابت خود ڪلامي ڪندو رهيس. ڄڻ هوءَ منهنجي سامهون هجي ۽ مان کيس ويهن سالن کان ڪٽيل دک جي اندوهناڪ ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هجان!

هفتي کان پوءِ راجا موٽي آيو. ايندي صوفيه جو خط ڏنائين. لکيو هئائين: ”ڏاڍو ضدي شخص آهين! يونيورسٽي نه سهي، ايندڙ آچر تي گهر ئي اچجان، مان انتظار ڪنديس!“

راجا مرڪندي چيو: ”لاله، ميڊم ڇا لکيو آهي؟“

چيومانس: ”هن ايندڙ آچر تي مون کي پنهنجي محل نما گهر تي سڏايو آهي.“

چيائين: ”لڳي ٿو ته ميڊم توهان جون ڪهاڻيون پڙهي اڌ وَهيءَ ۾ توهان تي پرپٺ موهت ٿي پئي آهي!“

مون حيرت مان راجا ڏانهن ڏٺو. سندس دل رکڻ خاطر اڻڄاڻ بڻجندي چيم: ”ميڊم صوفيه ڪيئن آهي؟“

چيائين: ”ويري ڪيوٽ!... پنهنجي عمر کان به ڏهه سال ننڍي ٿي نظر اچي.“ کيس ڀوڳ ڪرائيندي چيم: ”پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ٽيچر بابت اهڙا لفظ استعمال ڪندي توکي شرم اچڻ گهرجي!“

راجا گهٻرائجي ويو: ”چيائين آءِ ايم سو ساري لاله.“

راجا گهر هليو ويو. مان وري به صوفيه جي خيالن ۾ گم ٿي ويس…

آچر جي ڏينهن مان صوفيه سان ملڻ ويس. در تي پهچي گهنٽي وڄايم. ڪنهن جا قدم سئنڊل جي ٽڪ ٽڪ سان اڳتي وڌڻ لڳا. منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. سوچيم صوفيه ئي هوندي پر جيئن ئي در کليو ته صوفيه نه هئي. سندس جاءِ تي هڪ اڙهن اوڻيهن سالن جي ڇوڪري بيٺي هئي. کيس ڏسي گهٻرائجي ويس ته ڪٿي غلط در تي ته نه اچي ويو آهيان. پوءِ منهنجي زبان مان رڳو ايترو نڪتو: ”ميڊم صوفيه جو گهر؟…“

هن منهنجي گهٻراهٽ ڏسي چيو: ”ها، هي آهي ميڊم جو گهر!“

چيومانس: ”ميڊم گهر ۾ موجود آهي؟“

چيائين: ”نه، پاڻ مارڪيٽ ويون آهن.“

مون واپس مڙندي چيو: ”ٺيڪ آ، مان ڪجهه وقت ترسي پوءِ ٿو اچان!“ مان اڃان پوئتي مُڙيو ئي هوس جو هُن پڇي ورتو. ”توهان جو نالو؟“

چيومانس: ”منهنجو نالو سارنگ آهي، مان پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري ماستر آهيان!“

منهنجو نالو ٻُڌي هوءَ حيران ٿي ويئي. پوءِ ڪجهه ياد اچڻ تي خوش ٿيندي چيائين: ”توهان ڪهاڻيڪار به آهيو نه؟“

چيومانس: ”ها، ڪنهن زماني ۾ ڪهاڻيون به لکندو هوس!“

هن منهنجو جواب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري دروازو کولي ڇڏيو: ”سر! پليز… اندر اچو… اڄ توهان سان تمام گهڻي ڪچهري ٿيندي.“

مان گهٻرائجي اندر داخل ٿيس. هوءَ مون کي ڊرائنگ روم ۾ وٺي آئي. مون کي ويهڻ لاءِ چيائين. مان ويٺس ته هن چيو: ”سر! مان توهان لاءِ چانهه کڻي ٿي اچان!“ هوءَ تڪڙي تڪڙي ٻاهر هلي ويئي. مان حيرت جو عجوبو بڻيو سڀ ڪجهه ڏسندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته اها ڇوڪري صفيه جي ڇا لڳندي هوندي؟ ڌي؟ ها ها، ڌيءَ ئي نه هونديس ته ٻيو ڇا. هن مون وانگر سڄي عمر شادي نه ڪري ڪا ڀائٽي يا ڀاڻيجي ته نه پالي هوندي… مان اِنهن ئي سوچن ۾ گم هوس ته هوءَ چانهه جي ٽري کڻي اندر آئي. مون کي چانهه ڏيندي چيائين: ”سر جيستائين مما اچي تيستائين پاڻ ٿا ڪچهري ڪري وٺون!“ سندس واتان اهي لفظ ٻڌي منهنجو شڪ پڪ ۾ ڀلجي ويو ته هوءَ صوفيه جي ئي ڌيءَ آهي. چانهه منهنجي لاءِ زهر جو ڍڪ بنجي ويئي. مون دل ئي دل ۾ چيو: صوفيه! شيڪسپيئر سچ چيو آهي ته عورت جو ٻيو نالو بيوفائي آهي. تون پنهنجي ڪئليبر جي مدد سان شادي ڪري وڃي آمريڪا وسائي ۽ هاڻي وري منهنجي وڏي همدرد بنجي مون کي اهو سڀ ڪجهه ڏيکارڻ لاءِ گهر ۾ گهرايو اٿئي…

”سر! توهان ڪهاڻيون لکڻ ڇو ڇڏي ڏنيون؟“

ڇوڪريءَ جي اچانڪ سوال تي منهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. چيومانس: ”جهڙيءَ طرح ڪنهن مرد جي ڪاميابيءَ جي پٺيان ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي، اهڙيءَ طرح ڪنهن مرد جي ناڪاميءَ جي پٺيان به ڪنهن عورت جو ئي هٿ هوندو آهي. مون سان به ائين ئي ٿيو.“

”سو وري ڪيئن؟“ هن تجسس وچان چيو.

چيومانس: ”جنهن عورت همت ٻڌائي مون کي ڪهاڻيڪار بنايو، اُن اڳتي هلي هڪ ڏينهن مون کي ڪهاڻيڪار هئڻ جو مهڻو ڏيئي، مون کي پنهنجي غربت جو احساس ڏياريو ۽ مون ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون.“

هن حيرت مان چيو: ”اوه سر!... توهان ايتري ننڍڙي ڳالهه تي ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون!“

مون دل ئي دل ۾ چيو ”اڻڄاڻ ڇوڪري! اِها عورت تنهنجي ماءُ هئي، جنهن کي مون ايترو ته چاهيو هو جو سندس پسند ناپسند منهنجي لاءِ حڪم جو درجو رکندي هئي“ پر مان اهو سڀ ڪجهه کيس نه چئي سگهيس، رڳو ايترو چيومانس: ”توهان پنهنجو تعارف نه ڪرائينديون؟“

کانئس ٽهڪ نڪري ويو. کلندي چيائين: ”مان به ڪيڏي بيوقوف آهيان، پنهنجو تعارف نه ڪرايو اٿم ۽ سوالن مٿان سوال ڪندي ٿي وڃان! منهنجو نالو مومل آهي. مان آمريڪا ۾ پيدا ٿيس ۽ هاڻي هِتي آهيان. مميءَ مون کي تمام وڏي محنت سان آمريڪا ۾ سنڌي پڙهائي ۽ سيکاري. جڏهن هتي آياسين ته مميءَ جي پراڻيءَ لائبرريءَ ۾ جيڪي سنڌي ڪتاب هئا اِهي پڙهي چٽ ڪري ڇڏيم. اُنهن ۾ توهان جون ڪهاڻيون به هيون!“

چيومانس: ”بس مون ته بيوقوفيءَ ۾ چند ڪهاڻيون لکيون هيون، هاڻي اِهو ماضيءَ جو وسريل داستان بنجي ويو آهي.“

چيائين: ”سر! توهان جون ڪهاڻيون ته غضب جون آهن. توهان آمريڪا ۾ ويهي اهڙيون ڪهاڻيون لکو ها ته هينئر وڏن اديبن ۾ ليکيا وڃو ها. پر توهان پاڻ کي هڪ عورت جي ڪري ضايع ڪري ڇڏيو!“

چيومانس: ”مون کان منهنجي ڏات رسي وئي. منهنجي لفظن مان ساهه نڪري ويو. منهنجا ڪردار مردا بنجي ويا ۽ لکڻ منهنجي وس کان ٻاهر ٿي ويو.“

هن حيرت مان مون کي ڏسندي چيو: ”يعني توهان جي نه لکڻ پٺيان به هڪ وڏي ڪهاڻي آهي.“

مان خاموش رهيس، کيس ڪوبه جواب نه ڏيئي سگهيس. هن کلندي چيو: ”توهان منهنجي بيڪار سوالن تي ناراض ته نٿا ٿيو نه؟ دراصل اڄ آچر هجڻ ڪري اسان جي ملازمه موڪل تي ويل آهي، جنهن ڪري مميءَ کي خود شاپنگ لاءِ وڃڻو پيو آهي.“

چيومانس: ”ڪا ڳالهه ناهي، توهان سان سٺي ڪچهري ٿي رهي آهي. توهان ڀلا ادب پڙهڻ کان علاوه ڇا ڪنديون آهيو؟“

چيائين: ”يونيورسٽيءَ ۾ انگلش لٽريچر ۾ ماسٽرس ڪرڻ جو پروگرام آهي. هن ئي سال ائڊميسن وٺنديس.“

چيومانس: ”ويري گڊ! ڪو ته ماڻهو آهي جيڪو لٽريچر ۾ ماسٽرس ڪرڻ چاهي ٿو پوءِ انگريزيءَ ۾ ئي سهي. سڀڪو پيو ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سائنس جي مختلف سبجيڪٽن ڏانهن ڊوڙي.“

هن کلندي چيو: ”سر! مميءَ جي اهائي خواهش آهي ته مان ڊاڪٽر ٿيان، پر مون کي محسوس ٿئي ٿو ته مان صرف ادب لاءِ ئي پيدا ٿي آهيان!“

کلندي چيومانس: ”بس رڳو هڪ ڳالهه جو ڌيان رکجو ته ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ مون جيان پرائمري ماستر نه ٿجو، نه ته وينديون دنيا جهان کان!“

هن کان ٽهڪ نڪري ويو. عين اُن وقت تي ٻاهر گاڏيءَ جو هارن لڳو. مومل چيو: ”شايد ممي اچي ويئي!“

مومل ٻاهر هلي ويئي. منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ جي رفتار وڌي ويئي. مان ڊرائنگ روم مان ٻاهر نڪري آيس. ڏٺم ته صوفيه گاڏي پورچ ۾ بند ڪري اچي رهي هئي. اکين تي ڪارو چشمو لڳل هوس. ڪاٽن جو ڀرت ڀريل وڳو ۽ وار ڪٽيل. اُهوئي حسن ۽ اُهائي خوبصورتي! کيس ڏسندي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪائنات جي رفتار اوچتو رڪجي ويئي آهي. کانئس وڇڙڻ کي ويهه سال نه پر ويهه منٽ گذريا آهن. مون تي نظر پوندي ئي ڪارو چشمو لاهي مون کي غور سان ڏسڻ لڳي حيرانيءَ مان مون کي تڪيندي آخر سڃاڻي ورتائين ۽ پوءِ منهن تي زوريءَ مرڪ آڻيندي مون ڏانهن وڌي آئي. مون سان هٿ ملائيندي چيائين: ”ڪيئن آهين؟“

چيومانس: ”شهر جو مهذب عورتون مردن سان هٿ نه ملائينديون آهن، اهو ڪم ته سان جي ٻهراڙين جي ڄٽڻين جو آهي!“

مرڪندي چيائين: ”مون کي کڻي چٽڻي سمجهه!“

چيومانس: ”مان ڀلا اهڙو گناهه عظيم ڪيئن ٿو ڪري سگهان!“

چيائين: ”ٺيڪ آ، تون هلي اندر ويهه ته مان گاڏيءَ مان سامان لاهي ٿي اچان. مومل توکي چانهه ته پياري هوندي.“

چيومانس: ”چانهه پيارڻ سان گڏ آڏي پڇا به ڪئي اٿس!“ مومل کان ٽهڪ نڪري ويو.

مان ٻيهر ڊرائنگ روم ۾ ويٺس. ٿوريءَ دير کان پوءِ صوفيه ۽ مومل به اچي ويون. صوفيه مون کي ڏسندي چيو: ”ڏي خبر! ڪيئن پيو وقت گذري.“

چيومانس: ”ائين ئي جيئن اڳي گذرندو هو!“

چيائين: ”افسوس آهي مون کي آمريڪا کان آئي ٻه سال ٿي ويا آهن. تون ڪڏهن رڳو ملڻ به نه آئين!“

چيومانس: ”پرائمري ماستر آهيان. منهنجي اهڙي اوقات ڪٿي جو توسان ملڻ جي جرئت ڪريان!“

منهنجي اِن جواب تي غضبناڪ نظرن سان مون کي ڏٺائين. چيائين: ”مون کي تو جهڙي ماڻهوءَ تي سدائين رحم آيو آهي. تون پنهنجي محرومين تي ڏاڍو چيڙاڪ بنجي پيو آهين!“

مون ڏانهس افسوس مان ڏٺو، چيم: ”مون ويهه سال ڳوٺ جي معصوم ٻارن کي پڙهايو آهي. مون کي ڪا به محرومي ناهي. مون پنهنجي تعليم ۽ علم ڳوٺ جي معصوم ٻارن ۾ شيئر ڪيو آهي. گهڻي پگهار جي لالچ ۾ آمريڪا وڃي پنهنجو علم وڪرو نه ڪيو اٿم!“

منهنجو جواب ٻڌي اکين ۾ زهر ڀرجي آيس. چيائين: ”۽ اُن پرائمري ماستريءَ مان پنهنجي پٽ کي پڙهائي يونيورسٽيءَ تائين پهچايو اٿئي!“ صوفيه جي لهجي ۾ ٽوڪ هئي. چيومانس: ”راجا جسماني نه سهي، روحاني طور منهنجو ئي پٽ آهي!“

چيائين: ”توکي ڪهڙو اولاد آهي!“

چيومانس: ”مون شادي نه ڪئي آهي!“

”ڇو؟“ هن حيرت مان چيو.

مون مومل ڏانهن ڏٺو، پوءِ چيم: ”جنهن سان شادي ڪرڻ چاهيم ٿي، اُن مون کي پرائمري ماستريءَ جو مهڻو ڏنو ۽ …“ مان پنهنجو جملو پورو نه ڪري سگهيس.

چيائين: ”ٿي سگهي ٿو ته هوءَ تنهنجو ڀلو چاهيندي هُجي!“

”ممي! توهان اُن عورت کي سڃاڻو؟“ اوچتو مومل سوال ڪيو.

صوفيه مومل جي سوال تي هڪي ٻڪي ٿي ويئي. صوفيه مومل کي ڪوبه جواب نه ڏنو. مومل چيو: ”ممي! جيڪڏهن توهان اُن عورت کي سڃاڻو ٿيون ته مون کي ساڻس ملائجو ته مان ساڻس وڙهنديس. کيس چونديس ته تون ڪيڏي نه بي رحم آهين!

تو اسان جي عظيم ڪهاڻيڪار کي سڄي عمر ٽارچر ڏنا آهن. تون ڪيڏي نه غير مهذب ۽ لالچي عورت آهين!“

صوفيه جي چهري تي ڄڻ ته زهر هارجي ويو. ڪاوڙ مان ڌيڻس کي چيائين: ”مان اُن عورت کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي، هوءَ بي ڏوهي آهي!“

مومل عجيب انداز ۾ جذباتي ٿيندي چيو: ”اُن جي معنيٰ ته سارنگ صاحب ڪوڙ ٿو ڳالهائي؟“

صوفيه ڪاوڙ مان چيس: ”تون وڏن جي ڳالهين ۾ ٽنگ نه اڙاءِ، ڪِچن ۾ هل ۽ ڀاڄي تيار ڪر!“

مومل ماءُ جو حڪم ٻڌي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي.

ڪجهه دير تائين اسان ڪجهه به ڳالهائي نه سگهياسين. آخر مون صوفيه کي چيو: ”خبر ناهي ته مون تي هي نظر ڪرم ڇو پيو ٿئي. پهرين منهنجي ڪهاڻين تي يونيورسٽيءَ ۾ پيپر پڙهيو اٿئي ۽ اڄ هِتي گهرايو اٿئي. مون ته ويهه سال اڳ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون هيون، جڏهن ته مون کي ڪهاڻيڪار هئڻ جو مهڻو ڏنو هو!“

چيائين: ”اِهو سڀ ڪجهه مومل جي اصرار تي ٿيو آهي. هن کي تنهنجون ڪهاڻيون تمام گهڻو وڻن ٿيون. اِهو مقالو به مومل جو ئي لکيل هو، رڳو پڙهيو مون هو!“

منهنجي اندر کي ڀوانٽي اچي ويئي. چيومانس: ”اِن جو مطلب اهو آهي آهت ه تجيئن مون سمجهيو آهي، ائين ئي آهي!“

چيائين: ”تو ڇا سمجهيو هو؟“

مون هن ڏانهن ڏسندي چيو: ”مون سمجهيو هو ته تو جيڪي ڪجهه مون سان ڪيو آهي اُن جو توکي احساس ٿي ويو آهي. تو اُن جي تلافي ڪرڻ ٿي چاهي، پر مون سان ته دوکو ٿيو آهي!“

چيائين ”مون کي اِن ڳالهه جو افسوس آهي. جيڪڏهن توکي مون کان ڪو ڏک پهتو آهي ته آءٌ توکان معافي ٿي وٺان. دراصل اڄ مون توکي هڪ ضروري ڪم سانگي گهرايو آهي!“

چيم: ”ڪهڙو ڪم!“

چيائين: ”پهرئين اِهو وعدو ڪر ته اُهو ڪم ڪندين!“

مون ساڻس وعدو ڪندي چيو: ”ڏس صوفيه! اڄ تائين مون توسان جيڪو به وعدو ڪيو آهي اُهو پورو ڪيو آهي. مان تنهنجو اُهو ڪم ضرور ڪندس!“

چيائين ”سارنگ! مان هڪ طلاق يافته عورت آهيان! مومل منهنجي زندگيءَ جو سهارو آهي. هوءَ اديب بنجڻ لاءِ ضد ٻڌيو ويٺي آهي. مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي هوءَ اديب بنجي پاڻ کي تباهه نه ڪري ڇڏي!“

مون حيرتناڪ نظرن سان کيس ڏٺو. اندر ۾ احساس ڪمتريءَ جو زهر اُٻڙڪا ڏيڻ لڳو.

هن وڌيڪ چيو: ”هن ملڪ ۾ اديب کي ڇا مليو آهي؟ بک، بيروزگاري ۽ ذلت کان سواءِ ڪجهه به نه! هيءَ قوم اديبن کي بکيو ۽ بيمار ڪري ماريندي آهي. مون توکي ان لاءِ سڏايو آهي ته جيئن هوءَ توکي پنهنجي اکين سان ڏسي ته هيڏي وڏي ڪهاڻيڪار کي ڪهاڻين لکڻ مان ڇا مليو!؟“

مون پنهنجي پيرن جي هيٺان ڌرتي کي کسڪندي محسوس ڪيو. مون کي لڳو ته مان ڌرتيءَ تي بار آهيان. مون ته ائين پئي سمجهيو ته هِتي منهنجي وڏي پذيرائي ڪئي ويندي، پر هتي ته معاملو ئي ٻيو هو. مان چپ ٿي ويس. خاموشيءَ سان ڪمري ۾ لڳل هڪ پئنٽنگ کي ڏسندو رهيس. پئنٽنگ ۾ ڌرتي ۽ آسمان ڏيکاريل هو. آسمان تي چند نواب وڏي ٽيبل تان مال مليدا کائي رهيا هئا ۽ ڌرتي ڏانهن هڏيون اڇلائي رهيا هئا. ڌرتيءَ تي سوين انگ اگهاڙا بکيا اُهي هڏيون ۽ اوبر جو کاڌو جهٽڻ لاءِ هڪٻئي سان وڙهي رهيا هئا. مون محسوس ڪيو ته انهن هڏين جهٽيندڙن ۾ مان پاڻ به بيٺو آهيان. جُڳ گذري ويا آهن ۽ اُنهن هڏين تي گذارو ڪري رهيو آهيان ۽ صوفيه آسمان تي ويهي مون ڏانهن هڏيون اڇلائي رهي آهي! مون مڙي صوفيه ڏانهن ڏٺو. صوفيه چيو: ”مون کي يقين آهي ته تون وعدي مطابق مومل کي سمجهائيندين!“

مان احساس ڪمتريءَ ۾ پڄرندو رهيس. کيس ڪوب جواب نه ڏيئي سگهيس. هن اُٿندي چيو: ”توکي بُک ته لڳي هوندي؟ ماني تيار ٿيڻ واري آهي. مومل هن عمر ۾ ڏاڍي سٺي ڪڪنگ ڪندي آهي. سندس هٿ جي ٺاهيل ماني توکي ضرور پسند ايندي!“

عين اُن وقت مومل ڪمري ۾ داخل ٿي چيائين: ”ماني تيار آهي!“

پوءِ جڏهن مان مومل جي هٿ جي تيار ٿيل ماني کائي پوري ڪئي، تڏهن مومل کان موڪلائيندي صوفيه سان ڪيل وعدو پورو ڪندي چيومانس: ”مومل! تون ادب کي ويجهو نه وڃ، نه ته مون وانگر تباهه ٿي ويندينءِ! تون ڪڪنگ تمام سٺي ٿي ڪرين! تون ڪڪنگ سان دل لڳاءِ، هڪ بهترين ڪُڪ بنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪر!“ مومل مون کي حيرت سان ڏسندي گيٽ تائين مون سان گڏجي آئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ مون کي ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، پر لفظ ساٿ نٿا ڏينس. دروازي کان ٻاهر نڪرڻ وقت هن سڏڪي ۾ گهٽيل آواز سان چيو: ”سر!“… مان بيهي رهيس. ڏٺم ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا.

هن گهٽيل لفظن ۾ ٻيهر ڳالهايو: ”سر! جنهن عورت توهان کي ڪهاڻيڪار بنجڻ نه ڏنو اُها مون کي اديب بنجڻ نٿي ڏئي! مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿي، ٻار ته ناهيان!“

مومل جي ڳالهه ٻڌي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ چؤطرف اوندهه انڌوڪار آهي. مان باهه جي شعلن جي وچ ۾ آهيان ۽ ڪنهن جيئري ئي منهنجي چِتا جلائي ڇڏي آهي!

 

حنيف قريشي

سنڌيڪار: ولي رام ولڀ

 

منهنجو جنوني پُٽ

[نوٽ: حنيف قريشيءَ جو موضوع برطانيه ۾ رهندڙ ايشيائي خاص طور تي پاڪستاني ۽ هندستاني ئي رهيا آهن. پنهنجي ڊرامي My Beautiful Laundretteنيف قحنيف

 کان وٺي هيستائين هُو انهيءَ موضوع تي ڪهاڻيون ۽ ناول لکي رهيو آهي. هن انهيءَ موضوع کي جهڙيءَ طرح نباهيو آهي ۽ جنهن سچائيءَ سان نباهيو آهي، ان تي مٿس گهڻا ايشيائي کانئس ناراض رهندا آهن. هتي جنهن ڪهاڻيءَ جو ترجمو پيش ڪيو ويو آهي، اُها “My son the fanatic” جي عنوان سان گهڻو ڪري 1994ع يا 1995ع ۾ شايع ٿي هئي ۽ شايع ٿيندي ئي انهيءَ انگريزي ادب پڙهندڙن، خاص ڪري پاڪستانين ۾ چوٻول مچائي ڇڏيو هو. اوهان انهيءَ کي جينيريشن گئپ ئي ڪوٺيو، پر اُبتو جينيريشن گئپ. هن پاڪستانين ۾ پيدا ٿيندڙ لاڙن ڏانهن اڱر ڏس اُن وقت ڪئي هئي، جڏهن اسان جا دانشور اُن کي غير ضروري ۽ غير اهم موضوع سمجهندا هئا. هن موضوع کي ڪن ٻين لکندڙن ڪنهن نه ڪنهن طرح سان نباهيو آهي، پر حنيف قريشيءَ کان پوءِ. حنيف قريشيءَ جي هيءُ ڪهاڻي اُنهن سڀني ۾ مهندار آهي. حنيف قريشي برطانيه ۾ رهي ٿو. دنيا جي وڏن ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن ۽ ڊراما نگارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ سندس لکيل ڊرامن تي فلمون به ٺهي چڪيون آهن.]

 

پيءُ لڪ چوري پُٽ جي ڪمري ۾ وڃڻ شروع ڪيو. هُو اُتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو هوندو هو؛ رڳو اُن وقت اُٿندو هو جڏهن کيس پنهنجي روزمرهه جي ڳولا ۽ ڇنڊڇاڻ جي سلسلي ۾ ڪا نئين شيءِ يا ڪو نئون ڏَس ملندو هو. کيس سڀ کان وڌيڪ حيرت اِنهيءَ ڳالهه تي هئي ته علي روزمره صفائي پسند ۽ سليقيمند ٿيندو پئي ويو. سندس ڪمرو، جنهن ۾ هميشه سندس ڪپڙا، ڪتاب، ڪرڪيٽ جون بئٽون ۽ وڊيو گيمز هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا هئا، هاڻي صاف سٿرو ۽ نهايت ترتيب سان ٺهيل نظر اچڻ لڳو هو. اُهو ڪمرو، جنهن ۾ ايترو ڪاڙ ڪٻاڙ پيو هوندو هو جو پير رکڻ جي به جاءِ نه هوندي هئي، اُتي هاڻي جڳهه ئي جڳهه هئي. ڪمرو ڏاڍو ٻهڪندي نظر ايندو هو.

شروع ۾ ته پرويز کي خوشي ٿي ته سندس پٽ بالغ ٿي ويو آهي ۽ ڇوڪراڻو بي پرواهيءَ وارو نمونو پويان ڇڏي آيو آهي. پر هڪ ڏينهن ڪچري جي دٻي وٽ پرويز کي هڪ ڦاٽل پلاسٽڪ جو ٿيلهو نظر آيو. ٿيلهي ۾ پراڻن رانديڪن سان گڏ ڪمپيوٽر ڊسڪون، وڊيو ٽيپس، نوان ڪتاب ۽ نئين فيشن جا اُهي ڪپڙا به هئا جيڪي علي اڃا ٻه ٽي مهينا اڳ ئي خريد ڪيا هئا. علي ڪو سبب ٻڌائڻ کان سواءِ ئي پنهنجي انهيءَ انگريز گرل فرينڊ سان به ملڻ ڇڏي ڏنو هو، جيڪا اڪثر سندن گهر به ايندي رهندي هئي. سندس پراڻن دوستن به کيس ٽيليفون ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو.

اُنهن عجيب و غريت حرڪتن جي باري ۾ پرويز اڃا تائين عليءَ سان ڳالهائي نه سگهيو هو. ڳالهائي ڇو نه سگهيو هو، اُن جي خبر پرويز کي پاڻ به نه هئي. ها ايتري خبر ضرور هئي ته هُو پنهنجي پُٽ کان ڊڄندو هو. پٽس جتي اڪثر خاموش رهندو هو، اُتي هُو وڏواتو به ٿيندو پئي ويو. هڪ ڀيري پرويز هونءَ ئي پڇي ورتو، ”تون هاڻي گٽار نٿو وڄائين؟“ انهيءَ تي کيس هڪ پُرسرار پَر مُنهن ٽوڙ جواب مليو: ”اُنهيءَ کان به وڌيڪ اهم ڪم آهن ڪرڻ لاءِ.“

پرويز محسوس ڪندو هو ته سندس پٽ جو اهو سنڪي پڻو سندس پنهنجي پاڻ سان ناانصافي آهي ـــ اُهو جيڪو سندس پيءُ آهي ۽ سندس چڱي مدي جو ذميوار ـــ هو اُنهن خرابين کان چڱيءَ طرح واقف هو، جن جو شڪار ٻين ماڻهن جو اولاد ٿيا آهن. هو ڏينهن رات علي لاءِ ئي ته محبت ڪندو هو. هن عليءَ کي اڪائونٽنٽ ٺاهڻ لاءِ سندس تعليم تي بي شمار پيسا خرچ ڪيا هئا. هُن عليءَ کي نئين کان نئون سُوٽ خريد ڪري ڏنو هو. جيترن ڪتابن جي ضرورت هئي، اُهي خريد ڪري ڏنائين. ايڏو مهانگو ڪمپيوٽر خريد ڪري ڏنائين کيس ـــ ۽ هيءُ رئيس جو پٽ آهي، جيڪو اهي سڀ گند جي ڍير تي ڦٽا ڪري رهيو آهي! پهرين گٽار ويئي، اُن کان پوءِ ٽيليويزن، وڊيو پليئر ۽ پوءِ اسٽيريو سسٽم، هاڻي ڀتين تي به پيلا داغ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا هئا، جتي پهرين عليءَ جون تصويرون ٽنگيل هيون.

پرويز جون ننڊون اُڏامي ويون هيون. هاڻي هو ڪم جي وقت به شراب پيئن لڳو هو. وسڪيءَ جي بوتل هاڻي اڪثر سندس هٿن ۾ هوندي هئي. نيٺ هن سوچيو ته هاڻي ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان صلاح ڪرڻ ضروري ٿي پيئي آهي، جنهن کي ساڻس همدردي هجي.

پرويز ويهن ورهين کان ٽيڪسي هلائي رهيو هو. ڏهن سالن کان هو هڪ ئي فرم ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. هن وانگر اڪثر ڊرائيور پنجابي هئا. اُهي رات ئي جو ڪم ڪندا هئا. جڏهن سمورا روڊ خالي هوندا هئا، ۽ ڀاڙو وڌيڪ ملندو هئن. اُهي ڏينهن جو سُمهندا هئا ۽ پنهنجين زالن کان پري پري رهندا هئا. اُهي سڀ ڇڙي ڇانڊ ڇوڪرن جهڙي زندگي گذاريندا هئا. تاش کيڏيندا هئا، هڪ ٻئي سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندا هئا، فحش لطيفا ٻڌائيندا هئا، ڀر وارين هوٽلن تان ڪڙهائي گوشت گهرائي کائيندا هئا، سياست تي ڳالهيون ڪندا هئا ۽ پنهنجيون پريشانيون ونڊيندا هئا.

پر پرويز کي عليءَ جي باري ۾ پنهنجن دوستن سان ڳالهين ڪرڻ ۾ شرم ايندو هو. کيس ڊپ هو ته عليءَ جي اُنهن حرڪتن جو ذميوار کيس ڄاڻايو ويندو. هُو به اُنهن ماءُ پيءُ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو، جن جا پُٽ ڇوڪرين جي پويان ڦرندا رهندا هئا. اسڪول نه ويندا هئا ۽ رولُو ڇوڪرن جي گروهه ۾ شامل ٿي ويا هئا.

ورهين کان پرويز پنهنجن ساٿين تي رعب رکندو پئي آيو ته علي ڪيڏي سُٺي ڪرڪيٽ کيڏي ٿو، ترڻ ۽ فٽ بال ۾ سندس ڪيڏو نالو آهي ۽ پوءِ پڙهائيءَ ۾ ڪيترو سٺو آهي ۽ اڪثر مضمونن ۾ اي گريڊکڻي ٿو. هاڻي جيڪڏهن هُو عليءَ کان اها توقع رکي ٿو ته هو ڪا وڏي نوڪري ڪري، سُٺي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ۽ پنهنجو گهر ٻار ٺاهي ته ڇا ۾ غلط آهي؟ ائين ٿي پوي ته هُو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ خوش قسمت انسان هوندو. سندس اهو خواب پورو ٿي ويندو، جيڪو هن برطانيه ۾ کِل خوشيءَ ۾ زندگي گذارڻ لاءِ ڏٺو هو. نيٺ کانئس ڪٿي غلطي ٿي؟

هڪ رات هُو ٽيڪسين جي آفيس ۾ پنهنجن ٻن حُجائتن دوستن سان گڏ ويهي سلويسٽر اسٽالون جي فلم ڏسي رهيو هو ته پنهنجي زبان کوليائين:

”مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي!“ هُو ڦاٽي پيو. ”سندس ڪمري مان هڪ هڪ شيءِ غائب ٿيندي پيئي وڃي ۽ آءٌ ساڻس ڳالهائي به نٿو سگهان. اسان ته پيءُ پٽ نه پر ڀائر هئاسين. کيس ڇا ٿي ويو آهي؟ مون کي ڇو تنگ ٿو ڪري هُو؟“ پرويز ٻنهي هٿن سان پنهنجو مٿو جهليو.

هُو پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي رهيو هو ته سندس دوست ڪنڌ لوڏي رهيا هئا ۽ اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کي اشارا ڪري رهيا هئا.

”تنهنجو ڇا خيال آهي، ڇا ٿيو آهي کيس؟“ هن سوال پڇيو.

انهيءَ سوال جو جواب کيس فاتحانه مُرڪ سان مليو. اُهي دوست ڄڻ سڀڪجهه سمجهي ويا هئا. ڳالهه چٽي هئي ـــ علي نشو واپرائڻ لڳو آهي ۽ نشي لاءِ پنهنجون سڀ شيون وڪڻي رهيو آهي. انهيءَ ڪري سندس ڪمرو خالي ٿيندو پيو وڃي.

”مان ڇا ڪريان؟“

پرويز جي دوستن کيس صلاح ڏني ته هُو عليءَ جي حرڪتن جي چوڪسي ڪري ۽ ساڻس سختي ڪري، نه ته اِهو ڇوڪرو گهڻيون نشيدار شيون کائي مري ويندو يا ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏيندو.

صبح جي ٿڌي هوا ۾ پرويز اُتان ٿڙندو ٻاهر نڪتو. ماڻهو سچ ٿا چون. هُو ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو. سندس پٽ ۽ نشئي... قاتل؟

کيس اهو ڏسي اطمينان ٿيو ته سندس گاڏيءَ ۾ بٽينا ويٺي هئي.

عام طرح رات جي پوئين پهر ۾ سندس آخر گراهڪ پاڙي جون رولو عورتون يا طوائفون هونديون هيون. ٽيڪسي ڊرائيور اُنهن عورتن کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندا هئا ۽ کين سندن دلالن تائين پهچائي ڇڏيندا هئا. رات جو دير سان فارغ ٿيڻ کان پوءِ اُهي عام طرح ته گهرن ڏانهن هليون وينديون هيون، پر ڪڏهن ڪڏهن منجهانئن ڪا عورت ساڻس پيئڻ پيارڻ لاءِ سندس آفيس ۾ ويهي رهندي هئي ۽ ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو ڪا ڇوڪري ڪنهن ڊرائيور کي به خوش ڪري وٺندي هئي. انهيءَ کي چوندا آهن: سواريءَ جي بدلي ۾ سواري.

بٽينا پرويز کي ٽن سالن کان سڃاڻندي هئي. هوءَ شهر کان ٻاهر رهندي هئي ۽ پنهنجي گهر ويندي ڪار ۾ هوءَ پرويز سان گڏ ئي ويهندي هئي. انهيءَ ڊگهي رستي ۾ پرويز کيس پنهنجي باري ۾ سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو ــــ هُو ڪير آهي، سندس اُمنگ ۽ آرزو ڇا آهن، هُو پنهنجي مستقبل جي باري ۾ ڇا ٿو سوچي. بٽينا به کيس پنهنجي باري ۾ ٻڌايو هو. اُهي راتين جو اڪثر ملندا رهندا هئا.

پرويز بٽينا سان اُهي ڳالهيون به ڪندو هو، جيڪي هُو پنهنجي زال سان نه ڪري سگهندو هو. بٽينا به کيس پنهنجي راتين جون ڪارگذاريون ٻڌائيندي هئي. پرويز به ڄاڻڻ چاهيندو هو ته اُها رات هن ڪنهن سان گذاري. هڪ ڀيري پرويز کيس هڪ جهيڙاڪ گراهڪ کان بچايو به هو. انهيءَ کان پوءِ ئي اُهي ٻيئي ڄڻا هڪٻئي جو خيال رکڻ لڳا هئا.

بٽينا عليءَ سان ڪڏهن ملي ته نه هئي، پر سندس باري ۾ ايترو ٻڌو هئائين جو کيس چڱيءَ طرح سڃاڻندي هئي. اُنهيءَ رات جڏهن پرويز کيس چيو ته علي شايد نشو واپرائڻ لڳو آهي ته هن نه عليءَ کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ نه ئي پرويز تي ڪو الزام هنيو. بلڪ نرميءَ سان چيائين، ”اهو ته اکين مان خبر پئجي سگهي ٿي. اکيون ڳاڙهيون رهنديون هونديون، ماڻڪيون ڦهليل ڦهليل هونديون، علي ٿڪل ٿڪل لڳندو هوندو، کيس پگهر ايندو رهندو هوندو، جلدي جلدي مزاج تبديل ٿيندو هوندو، بس تون اِهو ڏس.“ اِهي ڳالهيون ٻڌي پرويز کي ڄڻ تسلي ٿي ويئي.

هاڻي پرويز عليءَ تي نظر رکڻ شروع ڪئي. کيس خبر هئي ته ڪهڙين ڳالهين تي غور ڪرڻو آهي. هُو ڏسي رهيو هو ۽ کيس پڪ ٿيندي ويئي ته حالتون اڃا وڌيڪ خراب نه ٿيون آهن.

عليءَ جي وات ۾ جيڪو به گرهه ويندو هو، پرويز اُن تي نظر رکندو هو. هو ساڻس گڏ ئي ويهندو هو ۽ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ سندس اکين کي گهوري ڏسندو هو. ڪنهن نه ڪنهن بهاني پٽس جو هٿ جهلي وٺندو هو ۽ ڏسندو هو ته سندس هٿ گرم ته ناهن. علي گهر ۾ هوندو هو ته پرويز کي موقعو ملي ويندو هو ۽ هُو غاليچي جي هيٺان، عليءَ جي خانن ۾ خالي وارڊ روب جي پويان ڏسندو رهندو هو. هر شيءِ کي سنگهندو هو، هر شيءِ کي غور سان ڏسندو هو ۽ پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. کيس خبر هئي ته هُو ڇا ٿو ڳولي. بٽينا ڪئپسول، سرنج، گوريون، پائوڊر ۽ وِڪس جون تصويرون ٺاهي ڏيکاريون هيون.

هر رات بٽينا انتظار ڪندي هئي ته پرويز ڪهڙي خبر آندي آهي. نيٺ ڪيترن ڏينهن جي جاچ جُوچ کان پوءِ پرويز کيس ٻڌايو ته علي راندين ۾ حصو وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، پر هُو بلڪل صحتمند آهي. سندس اکيون صاف شفاف آهن. پرويز کي ته ٻڌايو ويو هو ته ڏوهه جو احساس کان علي کانئس اکيون چورائيندو، پر هُو بلڪل ائين نه ڪندو هو. بلڪ ائين لڳندو هو ته ڇوڪرو اڳي کان به وڌيڪ تندرست ۽ توانو ٿي ويو آهي ۽ سندس اندر ۾ ٿوري به چڙ نه آهي. هُو هر ڳالهه تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳو هو. هُو پنهنجي پيءُ جي ڳوليندڙ نظرن جو جواب اُن کان به وڌيڪ شڪايت ڀريل نظرن سان ڏيندو هو ــــ اهڙين نظرن سان جن ۾ ملامت به گڏ هوندي هئي. ايتري قدر جو پرويز کي محسوس ٿيڻ لڳندو هو ته سندس پٽ نه، هُو پاڻ غلطيءَ تي آهي.

”۽ جسماني طرح به سندس اندر ڪا تبديلي نظر نٿي اچي؟“ بٽينا پڇيو.

”بلڪل نه“ پرويز سوچيندي چيو. ”پر هُو ڏاڙهي وڌائي رهيو آهي.“

هڪ رات پرويز ڪافي دير تائين ڪافي شاپ ۾ ويهي بٽينا سان ڳالهيون ڪندو رهيو. اُهو ڪافي شاپ رات تائين کُليل رهندو هو. بٽينا ۽ پرويز کي ويساهه ڪرڻ تي دل ته نٿي چيو، پر اُهي اِنهيءَ نتيجي تي پهتا هئا ته علي نشو نٿو ڪري، ڇو جو پرويز کي عليءَ جي ڪمري ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نه ملي هئي، جيڪا نشي واري لڳندي هجي. انهيءَ کان سواءِ علي پنهنجو سامان وڪڻي نه رهيو هو، بلڪ اُهو اُڇلائي ڇڏيندو هو، ڪنهن کي ڏيئي ڇڏيندو هو يا خيرات وارن دُڪانن تي رکي ايندو هو.

پرويز هيٺ هال ۾ بيٺو هو ۽ عليءَ جي ڪمري مان ٽائيم پيس جي الارم وڄڻ جو آواز آيو. هُو پنهنجي ڪمري ڏانهن ڀڳو. سندس زال بستري تي ويهي ڪو ڪپڙو سبي رهي هئي. هُن کيس چيو، ”ماٺ ۾ ويٺي رهج، اُٿجان نه!“ جيتوڻيڪ هوءَ بلڪل اُٿي نٿي ۽ نه ئي هن هڪ لفظ به ڳالهايو هو. پرويز دروازي جي چير مان پنهنجي پٽ کي ڏسي رهيو هو. سندس زال حيران ۽ پريشان ٿي کيس ڏسي رهي هئي.

پٽس وهنجڻ جي جاءِ ۾ ويو. پرويز اُن وقت تائين ليئو پائي ڏسندو رهيو جيستائين پٽس وهنجڻ جي جاءِ مان واپس نه آيو. هو ٻاهر نڪتو ته پرويز سندس دروازي سان ڪن لڳائي ڇڏيا. اندران ڪجهه پڙهڻ جو آواز اچي رهيو هو. پرويز جي سمجهه ۾ ته ڪجهه نه آيو، پر کيس تسلي ٿي ڪا ڳڙٻڙ ناهي. اها خبر پئجي ويئي ته هن پڪ ڪرڻ لاءِ ٻيهر وري ڪن لڳائي ٻڌو. پٽس نماز پڙهي دعا گهري رهيو هو. جڏهن به هو گهر ۾ هوندو هو، پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو.

پرويز لاهور ۾ ڄائو نپنو هو، جتي سڀني ٻارن کي قرآن پڙهايو ويندو هو. مولوي صاحب پرويز جي وارن ۾ رسي ٻڌي، رسيءَ جو هڪ ڇيڙو ڇت ۾ ٻڌي ڇڏيندو هو ته کيس ننڊ اچي ته رسيءَ جي ڇِڪ سان سندس اک کُلي پوي ۽ هُو پنهنجو سبق ياد ڪري وٺي. پرويز تي اهڙو اثر ٿيو هو جو هو مذهب ئي کان ڀڄڻ لڳو هو. ٻيا ڊرائيور به سندس همخيال هئا، بلڪ اُهي ته اُنهن مولوين تي هڻندا هئا جيڪي ٽوپيون پائي يا ڊگهيون ڏاڙهيون رکي اُتان لنگهندا هئا. اُهي چوندا هئا، هي مولوي سمجهن ٿا ته هو ماڻهن کي نيڪ ۽ پاڪ زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري رهيا آهن، جيتوڻيڪ خود اُنهن جون نظرون اُنهن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو پيڇو ڪنديون رهنديون آهن، جيڪي وٽن پڙهڻ اينديون آهن.

پرويز جيڪي ڪجهه ڏٺو هو، اُهو سڀ بٽينا کي ٻڌائي ڇڏيائين. ٽيڪسي آفيس ۾ پنهنجن ساٿين کي به ٻڌايائين ته هن ڇا ڏٺو ۽ ڇا ٻڌو. سندس دوست جيڪي هر وقت ٽوهه ۾ لڳل هوندا هئا، هاڻي ماٺ ٿي ويا. اُهي رڳو اِنهيءَ ڪري ته عليءَ کي گهٽ وڌ نٿي چئي سگهيا ته هُو مذهبي ٿي ويو آهي.

هڪ ڏينهن پرويز فيصلو ڪيو ته هڪ رات موڪل ڪجي ۽ پُٽ سان ڊگهو ڪجي. سير ڪرڻ وقت ساڻس کُلي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون. هُن چاهيو ٿي ته ساڻس سندس ڪاليج جي باري ڳالهيون ڪري. سندس پڙهائي ڪيئن پيئي ٿئي؟ سندس ڪهڙا ڪهڙ دوست آهن؟ ۽ اُهي ڇا ڪندا آهن؟ هُن پاڪستان ۾ رهندڙ پنهنجن مٽن مائٽن جي باري ۾ به کيس ٻڌائڻ چاهيو ٿي. سڀ کان وڌيڪ ته هُن اِهو ڄاڻڻ گهريو ٿي ته عليءَ جو مذهب ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو ــــ بٽينا کيس انهيءَ کي روحاني بُعد يا زندگيءَ جو روحاني پهلو چوندي هئي ــــ ته علي زندگيءَ جو اِهو روحاني پهلو ڪيئن ڳولي لڌو؟

پر ڇوڪري ساڻس گڏ هلڻ کان انڪار ڪيو. پرويز کي ڏاڍو رنج پهتو. علي چئي ڏنس، ”مون کي ڪم سان وڃڻو آهي.“ پرويز ڏاڍو زور ڪيس ــــ کيس سمجهايائين ته پيءُ جو چيو مڃڻ کان وڌيڪ اهم ڪم ٻيو ڪو نٿو ٿي سگهي ـــ پر علي نه مُڙيو.

* * * *

ٻئي ڏينهن پرويز سڌو گهٽيءَ جي موڙ تي پهتو، جتي بٽينا مينهن ۾ پُسي رهي هئي. کيس ڊگهي کُڙيءَ جا جوتا، لُنڊو اسڪرٽ ۽ ڊگهي برساتي پاتل هئي. هوءَ ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي لالچ ڀريل نگاهن سان ڏسي رهي هئي ۽ جيڪو به سندس ڀرسان لنگهيو ٿي ته جلديءَ سان پنهنجي برساتي اُن جي اڳيان کولي ڇڏيائين ٿي.

”جلدي ويهه، جلدي ويهه.“ پرويز چيس.

اُهي وڻن جي جهڳٽي واري کليل ميدان ڏانهن هليا ويا ۽ اهڙي هنڌ گاڏي بيهاريائون جتي چڱن ڏينهن ۾ صاف ميدان ميلن ۾ پکڙيل هوندو هو ۽ جهنگلي هرڻن ۽ گهوڙن کي سواءِ کين ڏسڻ وارو ڪوبه نه هوندو هو. اُهي اُتي اکيون ٻُوٽي ليٽي پوندا هئا ۽ سوچيندا هئا، ته ها، زندگي اِنهيءَ جو نالو آهي. پر هڪ ڏينهن پرويز ڏڪي رهيو هو. بٽينا کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.

”ڇا ٿيو؟“

”مون کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان خوفناڪ تجربو ٿيو آهي.“

بٽينا پرويز جو مٿو سهلائڻ لڳي. هُو ٻڌائڻ لڳو ته ڪالهه شام جو هُو عليءَ سان گڏجي هوٽل ويو. اڃا هُو کاڌي جو مينو ڏسي ئي رهيو هو ته ويٽر، جيڪو پرويز جو واقف هو، سندس پسند جي وسڪي کڻي آيو. هُو شراب ڏسي پهريون ڀيرو پنهنجي پُٽ جي سامهون اهڙو ته وائڙو ٿيو جو کانئس اُبتا سبتا سوال پڇڻ لڳو. هُو پڇڻ لڳو هو ته ڇا علي انهيءَ ڪري پريشان آهي جو سندس امتحان ٿيڻ وارا آهن ــــ پر زبان مان هڪ لفظ به نه نڪتو. گهٻراهٽ ۾ هُن پنهنجي ٽاءِ ڍري ڪئي ۽ جلدي جلدي پوپوڊم کائڻ لڳو. پوءِ وسڪيءَ جو ڊگهو ڍُڪ پيتائين.

اڃا هو ڪجهه چوڻ ئي وارو هو ته علي منهن خراب ٺاهيو. ”اوهان کي خبر ناهي ته شراب حرام آهي؟“

”هُن مون سان بدتميزيءَ سان ڳالهايو هو،“ پرويز بٽينا کي چيو. ”مون کي ايڏي ڪاوڙآئي جو دل ۾ آيو ته کيس اُتي ئي دڙڪا ڏيان ته پنهنجي پيءُ سان ڪهڙيءَ طرح ڳالهائبو آهي؟ پر مان خاموش رهيس.“

پرويز عليءَ کي چيو ته هُو ورهين کان ڏهه ڏهه ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. آرام يا تفريح لاءِ به مشڪل سان ئي وقت ملندو آهي. ”مون ڪڏهن موڪل نه ڪئي. جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن شراب پيئان ٿو ته ڪهڙو گناهه ڪريان ٿو؟“

”پر اِهو حرام آهي“، پٽس چيو.

”مون کي خبر آهي.“ پرويز ڪُلها اُڀا ڪيا.

”۽ جوا ڪرڻ به حرام آهي.“

”پر اسان به آخر انسان آهيون.“

پرويز جڏهن به وسڪيءَ جو ڍُڪ ڀريو ٿي ته ڇوڪري منهن بڇڙو ڪيو ٿي ۽ نرڙ ۾ گهنج وڌو ٿي. پرويز به چڙي پيو ٿي. علي جيترو منهن بڇڙو ٿي ڪيو، هن اڃا به ڊگهي چُسڪي ورتي ٿي. ويٽر کين خوش ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو گلاس آڻي رکيو. پرويز کي خبر هئي ته مٿس نشو چڙهي رهيو هو، پر هُو پيئندو پئي ويو. عليءَ جي چهري جو رنگ بدلجي رهيو هو. هو حقارت ۽ ڪراهت وچان پنهنجي پيءُ کي ڏسي رهيو هو. لڳو ٿي ڄڻ هو پنهنجي پيءُ کان نفرت ڪري ٿو.

کاڌو کائيندي اوچتو پرويز غصي وچان ڦاٽي پيو. هن طيش ۾ اچي پليٽ فرش تي هنئي. هو ميز پوش به ڇڪي اڇلائڻ وارو هو پر ويٽر ۽ ٻيا ماڻهو ڏانهس ڏسي رهيا هئا، انهيءَ ڪري هُن پنهنجي پاڻ کي روڪي ورتو. هو ڪيئن برداشت ڪري سگهيو ٿي جو سندس پنهنجو پٽ کيس چڱي مدي جو فرق ٻڌائي. کيس خبر هئي ته هو خراب ماڻهو ناهي، کيس چڱي مدي جي خبر آهي. ها، ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن، جن تي هُو خود به شرمسار ٿيندو هو، پر هن عزت ۽ شرافت سان زندگي گذاري هئي.

”تون ٻڌاءِ ـــ مون کي بڇڙايون ڪرڻ جو وقت ئي ڪڏهن مليو؟“ هن عليءَ کان سوال پڇيو.

پٽ ڌيمي لهجي ۾ آهستي آهستي پڻس کي سمجهايو ته اوهان زندگيءَ ۾ ڪڏهن نيڪيءَ رستي تي نه هليا آهيو. اوهان هميشه شريعت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

”مثال طور؟“ پرويز رڙ ڪري پڇيو.

مثالن لاءِ عليءَ کي وڌيڪ سوچڻو نه پيو. لڳو ٿي ڄڻ هُو انهيءَ سوال جي انتظار ۾ هو. هن چيو، ”ڇا اوهان سوئر جا پايا نٿا کائو؟“

ڀلا پرويز انڪار ڪيئن ڪري سگهيو ٿي ته کيس اُهي ڀُرڪڻا ڪڙڪ بيڪن ڏاڍا پسند آهن، جنهن تي گهڻيون مشروم رکيل هجن. گڏ وري سرنهن جي چٽڻي ۽ تريل ڊبل روٽيءَ جي سلائسن ۾ اُن جو سينڊوچ هجي، بلڪ هُو ته هر روز انهيءَ جي نيرن ڪندو هو.

علي پرويز کي ياد ڏياريو ته اوهان ته اميءَ کان به زوري سوئر جي ساسيج ٺهرائي هئي. هُن انڪار ڪيو هو ته اوهان کيس دڙڪا ڏٺا هئا ته تون پنهنجي ڳوٺ ۾ نه ويٺي آهين، هيءُ انگلينڊ آهي. اسان کي ائين ئي رهڻو پوندو، جيئن هتي ماڻهو رهن ٿا.

پرويز غصي ۾ ڏڪڻ لڳو ۽ هن طيش ۾ اچي هڪ ٻي وسڪي گهرائي.

”اصل مسئلو اِهو آهي،“ علي چيو. هو ميز تي اڃا اڳيان جهڪي پيو. اُنهيءَ رات پهريون ڀيرو سندس اکيون به ڳالهائي رهيون هيون. ”ته اوهان پوريءَ طرح مغربي تهذيب ۾ رڱجي ويا آهيو.“

شراب جو ڍُڪ پرويز جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. کيس لڳو ته سندس ساهه ٻوساٽجي ويندو.

”مغربي تهذيب ۾ رڱجي ويو آهيان؟“ پرويز روڻهارڪي آواز ۾ چيو. ”پر اسان هتي ئي ته رهون ٿا.“

”مغرب جا هي ماده پرست اسان کان نفرت ڪن ٿا، پاپا“ علي چيو. ”اوهان اُنهن سان ڪيئن محبت ڪري سگهو ٿا، جيڪي اوهان کان نفرت ڪندا هجن.“

”پوءِ....“ پرويز بيزار ٿي چيو، ”تنهنجي خيال ۾ انهيءَ جو حل ڇا آهي؟“

عليءَ کي شراب جي نشي جي ضرورت نه هئي. هُو پنهنجي پيءُ سان ائين مخاطب ٿي چئي رهيو هو، ڄڻ ڪنهن مڇريل ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي ڳالهين جي روانيءَ سان اُنهيءَ ميڙ جو غصو ٿڌو ڪرڻ چاهيندو هو. کيس قائل ڪرڻ چاهيندو هجي ته سموري دنيا ۾ اسلام جو جهنڊو ئي لهرائيندو، ڪافر جهنم جي باهه ۾ سڙندا ۽ يهودين ۽ عيسائين جي پاڙ پٽجي ويندي. مغرب رياڪارن، بدڪارن، هم جنس پرستن، نشئين ۽ طوائفن جو اڏو آهي.

علي ڳالهائي رهيو هو ته پرويز دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو هو ته ڇا هُو سچ پچ لنڊن ۾ ئي ويٺو آهي.

”اسان هيستائين ڏاڍو برداشت ڪندا آيا آهيون، پر هاڻي جيڪڏهن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ختم نه ٿيو ته پوءِ. اُنهيءَ جي خلاف جهاد ئي ٿيندو.“

”پر ڇو، آخر ڇو؟“ پرويز چيو.

”اُنهيءَ جو اَجر اسان کي جنت ۾ ملندو.“

”جنت؟“

”پرويز جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. سندس پٽ کيس چئي رهيو هو، ”هاڻي به اوهان توجهه ڪري وٺو.“

”پر ڇو؟“ پرويز چيو.

”اوهان توبهه ڪريو. پنهنجي لاءِ دعا گُهرو. مون سان گڏ عبادت ڪريو.“ علي زور سان چيو.

پرويز جلدي بل ڏنو ۽ پٽس کي وٺي ٻاهر نڪتو. هو انهيءَ کان وڌيڪ نٿي ٻُڌي سگهيو. کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ عليءَ جي اندر ۾ ڪنهن ٻئي جو آوازسمائجي ويو هو. سندس اندر ڪو ٻيو ڳالهائي رهيو هو.

رستي ۾ علي ڪار ۾ پويان ويٺو ڄڻ هُو ڪا سواري هجي. ”اهڙي ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن توکي اهڙو بنائي ڇڏيو آهي؟“ پرويز سوال پڇيو پر سندس اندر ۾ هڪ ڊپ به هو ته شايد اُن جو ذميوار هُو خود به هو. ”ڇا ڪو خاص واقعو ٿيو آهي، جنهن کان تون متاثر ٿيو آهين؟“

”هِن ملڪ ۾ رهڻ ئي ڪافي آهي انهيءَ لاءِ.“

”پر مون کي ته انگلينڊ پسند آهي“، پرويز چيو ۽ سامهون آئيني ۾ عليءَ کي ڏٺو. ”هتي توهان کي هر ڪم جي آزادي آهي.“

”اِها ئي ته مشڪل آهي“، علي وراڻيو.

ورهين کان ڪار هلائڻ کان پوءِ هِن وقت پرويز کي محسوس ٿيو ته هو سڌو نٿو ڏسي سگهي. هُن ڪار کي هڪ لاريءَ سان ٽڪر هنيو. سندس ڪار جي سائيڊ مِرر ٽٽي پيئي. هُو خوش قسمت هو جو پوليس واري کين نه روڪيو، نه ته پرويز پنهنجي لائسنس کان وانجهجي وڃي ها ۽ گڏوگڏ سندس نوڪري به وڃي ها.

گهر پهتا ته ڪار مان لهندي پرويز ٿاٻڙيو ۽ روڊ تي ڪري پيو. سندس هٿن ۾ رهڙون لڳيون. پتلون ڦاٽي پيئي. هُو ڏاڍي مشڪل سان خود ئي اُٿي بيٺو. پٽس سندس هٿ جهلڻ جي ڪوشش به نه ڪئي.

* * * *

پرويز بٽينا کي چيو ته هو نماز پڙهڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن سندس اُنهيءَ سان خوش ٿئي ٿو. ”جيڪڏهن منهنجي نماز سان سندس بي رحم نظرون منهنجي چهري تان هٽي سگهن ٿيون ته مان اُنهيءَ لاءِ به تيار آهيان. مون کي ته افسوس اُنهيءَ ڳالهه جو آهي ته منهنجو پنهنجو پٽ مون کي چوي ٿو ته تون جهنم ۾ ويندين.“

اُنهيءَ ڏينهن ته پرويز بلڪل ئي چريو ٿي پيو جڏهن علي کيس ٻڌايو ته هن پنهنجي پڙهائي ختم ڪري ڇڏي آهي. پرويز پڇيس، ”ڇو؟“ ته نهايت حقارت مان جواب ميل، ”مغربي تعليم مذهب کان دشمني سيکاري ٿي. ۽ هڪ اڪائونٽنٽ جي زندگيءَ ۾ عورتن سان ملڻ، شراب پيئڻ ۽ وياج وٺڻ عام ڳالهه آهي.“

”پر اِنهيءَ ۾ ڏاڍي سٺي پگهار به ته ملندي آهي“، پرويز کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي.

”ڪيترن ئي سالن کان تون انهيءَ لاءِ محنت ڪري رهيو آهين.“

علي چوڻ لڳو ته هاڻي هُو جيلن ۾ وڃي رضاڪارانه ڪم ڪندو. ”اُتي غريب مسلمان قيدي غلاظت ۽ گناهن جي ماحول ۾ پنهنجو ايمان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.“

پنهنجي ڪمري ۾ وڃڻ کان اڳ، علي پنهنجي پيءُ کان سوال پڇيو ته هو ڏاڙهي ڇو نٿو رکي. گهٽ ۾ گهٽ مڇون ئي کڻي رکي.

”مون کي ته ائين ٿو لڳي ته مون پنهنجو پٽ وڃايو آهي.“ پرويز بٽينا کي چيو. ”مان اهو برداشت نٿو ڪري سگهان ته منهنجو منهنجو پٽ مون ڏانهن ائين ڏسي، ڄڻ مان ڏوهي هجان. هاڻي مون سوچي ڇڏيو آهي ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي.“

”ڇا ڪرڻو آهي؟“

”مان کيس صاف صاف چئي ڇڏيندس ته پنهنجو جاءِ نماز ويڙهي ۽ گهر مان نڪري وڃي. اِهو مون لاءِ ڏاڍو مشڪل ته ٿيندو، پر اڄ رات مان اِهو ڪري رهندس.“

”تون ايترو جلدي مايوس ڇو ٿي وئين؟“ بٽينا چيو. ”گهڻا نوجوان ان طرح جي عقيدن ۽ وهمن ۾ ڦاسي پوندا آهن، پر اِنهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته هو هميشه اهڙو ئي رهندو.“ هن چيو ته پرويز کي گهرجي ته عليءَ کي پاڻ سان گڏ رکي.

پرويز به مڃي ورتو ته هوءَ ٺيڪ چوي ٿي. جيتوڻيڪ هن ڄاتو ٿي ته هاڻي هو پنهنجي پُٽ سان گهڻو پيار نٿو ڪري سگهي. پهرين به هو جيڪي پيار ڪري رهيو هو، اُن لاءِ ئي پٽ سندس ٿورائتو ٿيو آهي؟

* * * *

ايندڙ ٻه هفتا پرويز پنهنجي پُٽ جون زهر ڀريون نظرون ۽ ساڙيندڙ ڳالهيون برداشت ڪندو رهيو. هن عليءَ سان سندس عقيدي جي باري ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جڏهن به سندس واتان ڪا اهڙي ڳالهه نڪرندي هئي، جنهن ۾ ٿوري به نڪته چيني هوندي هئي ته علي نهايت تکائيءَ سان اُن جو جواب ڏيندو هو. هڪ ڀيري علي پرويز کي چيو، ”اوهين ته گورن اڳيان منٿون ميڙون ڪندا آهيو، نڪ گسايو ٿا انهن جي اڳيان، پر مان پنهنجو پاڻ کي ذليل نه ڪندس. اوهان کي خبر آهي ته مغرب کان ٻاهر به دنيا آهي، جيتوڻيڪ مغرب پنهنجو پاڻ کي هميشه سڀني کان مٿڀرو سمجهندو رهيو آهي.“

”تون کي ڪهڙي خبر؟ تون ته ڪڏهن انگلنڊ کان ٻاهر ويو ئي ناهين.“

علي اُن جو جواب حقارت ڀريل نگاهن سان ڏنو.

هڪ رات، اِها پڪ ڪرڻ کان پوءِ ته هن هي وات مان شراب جي بوءِ نٿي اچي، پرويز کاڌي جي ميز تي عليءَ سان گڏ ويهي رهيو. هن سوچيو هو ته علي اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هوندو ته هُن ڏاڙهي رکي آهي. پر علي ائين ويٺو رهيو ڄڻ هن سندس ڏاڙهي ڏٺي ئي نه هئي.

اُن کان هڪ ڏينهن اڳ، پرويز بٽينا کي چيو هو ته سندس خيال ۾ مغرب جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ضرور اندر ۾ خالي محسوس ڪندا هوندا. انسان کي زندهه رهڻ لاءِ بهرحال ڪنهن فلسفي جي ضرورت ٿيندي آهي.

”ها، اِهو سٺو جواب ٿي سگهي ٿو.“ بٽينا چيو. ”تون کيس ضرور ٻڌاءِ ته تنهنجي زندگيءَ جو فلسفو ڇا آهي. پوءِ کيس خبر پوندي ته دنيا ۾ ٻيا عقيدا به موجود آهن.“

گهڻو سوچڻ کان پوءِ، پرويز ڪجهه چوڻ لاءِ وات کوليو. ڇوڪرو کيس ائين ڏسي رهيو هو ڄڻ هو کانئس ڪنهن ڳالهه جي توقع ئي نه ڪري رهيو آهي. ڏڪندڙ آواز ۾ پرويز چوڻ شروع ڪيو. ”انسان کي ٻين جي عزت ڪرڻ گهرجي. خاص طور تي ٻارن کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي ضرورت عزت ڪرڻ گهرجي.“ پل ڀر لاءِ کيس ائين لڳو ڄڻ عليءَ تي سندس ڳالهين جو اثر ٿي رهيو آهي. انهيءَ سان سندس همٿ ٻَڌائي ۽ هُو ڳالهائيندو رهيو. ”هن دنيا ۾ اِهائي هڪ زندگي آهي. مان جڏهن مرندس ته مٽيءَ ۾ ڳري سڙي ويندس. منهنجي قبر مان گاهه ۽ گل ٻوٽا اُڀرندا. پر منهنجي ڪا نه ڪا شيءِ بهرحال زندهه رهندي.“

”اُها ڪهڙي ريت؟“

”مان ٻين ماڻهن ۾ زندهه رهندس. مثال طور تنهنجي اندر.“

اهو ٻُڌي ڇوڪري جي چهري تي ايذاءُ ڀريل ڪيفيت ظاهر ٿي.

”۽ تنهنجي ٻارن ۽ تنهنجي پوٽن پوٽين ۾“، پرويز جلدي جلدي چيو. ”پر جيستائين اسان هن دنيا ۾ آهيون، اسان کي هن زندگيءَ جو پورو پورو فائدو وٺڻ گهرجي.“

”فائدو وٺڻ مان اوهان جو ڇا مطلب آهي؟“ پٽس پڇيو.

”مطلب اِهو آهي ته توکي زندگيءَ جو مزو وٺڻ گهرجي، ٻين کي تڪليف پهچائڻ کان سواءِ“

علي چيو، ”عياشي ته اهڙي کڏ آهي،جنهن جو ڪوبه ڇيڙو ناهي.“

”مان اهڙي عياشيءَ جي ڳالهه نٿو ڪريان. مان ته خوبصورت زندگيءَ جي ڳالهه پيو ڪريان.“

”سموري دنيا ۾ اسان جا ماڻهو ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن“، علي وراڻيو.

”مون کي خبر آهي“، پرويز چيو. جيتوڻيڪ کيس بلڪل خبر نه هئي ته اسان جي ماڻهن سان عليءَ جو ڇا مطلب آهي. ”پوءِ به زندگي زندهه رهڻ لاءِ آهي.“

”هن دنيا ۾ حق ۽ صداقت جو هڪ ئي سچو رستو آهي. اسان کي انهيءَ رستي تي هلڻ گهرجي. دنيا ڀر ۾ لکين ڪروڙن ماڻهو منهنجا هم عقيده آهن. اوهان جو ڇا خيال آهي ته اوهين سچا آهيو ۽ اُهي سڀ ڪوڙا آهن؟“ ان سان گڏ علي اهڙين شعلا وسائيندڙ نظرن سان پرويز کي ڏٺو جو هو اڳتي ڪجهه ڪڇي نه سگهيو.

* * * *

ڪيترين ئي شامن کان پوءِ بٽينا هڪ گراهڪ کي نپٽائڻ کان پوءِ پرويز سان گڏ ڪار ۾ وڃي رهي هئي ته هڪ گهٽيءَ ۾ هڪ ڇوڪرو نظر آيو. هُو پيدل پئي ويو.

”هُو منهنجو پُٽ آهي“، پرويز پنهنجي چهرو سخت ڪندي چيو. هُو شهر جي هڪ غريب پاڙي مان لنگهي رهيو هو، جتي ٻه مسجدون هيون.

بٽينا ڇوڪري کي ڏسڻ لاءِ مُڙي. ”آهستي هل. آهستي هل. ڇوڪرو شڪل جو سهڻو آهي. توتي ويو آهي. پر هن جي چهري تي اعتماد توکان گهڻو آهي. اسان هتي بيهي نٿا سگهون؟“

”ڪنهن جي لاءِ؟“

”مان هن سان ڳالهائڻ چاهيان ٿي.“

پرويز ڪار موڙي ۽ ڇوڪري جي ڀرسان روڪي ڇڏيائين.

”گهر پيو وڃين؟، پرويز پڇيو. ”ڪافي فاصلو آهي. اچ اچي ويهه.“ ڇوڪري ڪنڌ جهٽڪيو ۽ پويان ويهي رهيو. بٽينا اڳيان ويٺي هئي. پرويز کي احساس ٿيو ته بٽينا کي ڪافي لُنڊو اسڪرٽ پاتل هو. ڀڙڪائيندڙ منڊيون به آڱرين ۾ پاتل آهن ۽ هلڪو نيرو آءِ شيڊ لڳل آهي.کيس بٽينا جي لباس تي لڳل تيز خوشبو جو احساس به ٿيو، جنهن کي هو ڏاڍو پسند ڪندو هو. اها خوشبو سموري ڪار ۾ ڀريل هئي.

پرويز تيزيءَ سان ڪار هلائي رهيو هو. بٽينا ڇوڪري کان پڇيو، ”ڪٿان کان پيو اچين؟“

”مسجد کان“، هن وراڻيو.

”۽ پڙهائي ڪيئن پيئي ٿئي؟ محنت ڪرين پيو نه؟“

”تون ڪير ٿيندي آهين مون کان پُڇڻ واري؟“ عليءَ چيو ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو. پوءِ اُهي ڀيڙ ۾ ڦاسي پيا ۽ ڪار بيهي رهي. بٽينا بي خياليءَ ۾ پرويز جي ڪلهي تي پنهنجو هٿ رکي ڇڏيو.

”تنهنجو پيءُ سٺو ماڻهو آهي. ڏاڍو پريشان رهي ٿو، تُنهنجي ڪري. هُو پنهنجي جان کان به وڌيڪ توکي پيار ڪري ٿو.“

”اڇا؟ تنهنجو خيال آهي ته مون کي پيار ڪري ٿو؟“ ڇوڪري پڇيو.

”ها، بلڪل“، بٽينا چيو.

”ته پوءِ هي تو جهڙي عورت کي پنهنجي ڪلهي تي هٿ ڇو رکڻ ٿو ڏئي؟“

بٽينا ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي ڇوڪري ڏانهن ڏٺو. ڇوڪرو طيش ۾ گرم ٿي کيس ڏسي رهيو هو.

”مون جهڙي عورت مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ ۽ تون مون کي اهڙي ڳالهه ڇو ٿو چوين؟“ هن چيو.

”تون کي خبر آهي ته تون ڪهڙي عورت آهين“، ڇوڪري چيو، ۽ پنهنجي پيءُ ڏانهن مُڙي چيائين، ”مون کي هيٺ لاهه.“

”هرگز نه.“

”تون فڪر نه ڪر، مان ٿي لهان“، بٽينا چيو.

”نه. تون به لٿي لهي سگهين“، پرويز چيو. پر اُن وقت بٽينا هلندڙ ڪار مان ٽپو ڏيئي ڇڏيو. هُو پهرين به ائين ڪندي رهي هئي. پوءِ هُوءَ روڊ تان اُٿي ۽ ڀڄڻ لڳي.

پرويز ڪار روڪي کيس ڏاڍا سڏ ڪيا، پر هوءَ روڊ جي ٻئي طرف وڃي چُڪي هئي.

پرويز عليءَ کي وٺي گهر پهتو. رستي ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو. گهر پهچندي ئي علي سڌو پنهنجي ڪمري ۾ گهڙي ويو. هاڻي پرويز لاءِ اخبار پڙهڻ يا ٽيليويزن ڏسڻ به مشڪل ٿي پيو هو. ايتري قدر جو هو هڪ هنڌ تي ويهي به نٿي سگهيو. هُو شراب پيئندو پئي ويو.

نيٺ کانئس رهيو نه ٿيو ۽ هُو مٿي هليو ويو. سندس سمجهه ۾ ڪجهه نٿي آيو ۽ هُو ڇا ڪري. هُو عليءَ جي ڪمري اڳيان هيڏانهن کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هيڏانهن چڪر ڏيڻ لڳو. پوءِ هن ڪمري جو در کوليو. علي نماز پڙهي رهيو هو.

عليءَ کي انهيءَ سڪون سان نماز پڙهندي ڏسي پرويز آپي کان ٻاهر نڪري ويو. هن اڳيان وڌي زور سان ٿڏو هنيو. پوءِ عليءَ کي ڳچيءَ کان جهلي کيس زور سان گهليو ۽ منهن تي زور سان ٺونشو هنيو. ڇوڪرو وڃي پوئتي ڪريو. پرويز پوءِ ٿُڏا هڻڻ شروع ڪيا. ڇوڪري جي وات مان رت وهڻ لڳو. پرويز به سهڪي رهيو هو. کيس خبر هئي ته سندس پُٽ قبضي کان ٻاهر نڪري چڪو آهي، پوءِ به هُو کيس ماريندو رهيو. ڇوڪري پنهنجي پاڻ کي بچائڻ جي بلڪل ڪوشش نٿي ڪئي ۽نه ئي سندس مقابلو ڪري رهيو هو. هو خاموشيءَ سان مار کائي رهيو هو. سندس اکين ۾ ڊپ جي نشان تائين نه هو.

پوءِ هن پنهنجا رتورت ٿيل چپ کوليا ۽ چيائين ”ڏسو، جنوني ڪير آهي“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com