سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :17

 

 

محترم آگرا صاحب

السلام عليڪم: اميد ته خوش و خرم هوندا.

سنڌ سرڪار، اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو آهي، جنهن لاءِ دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ترقي ۽ فلاح و بهبود لاءِ اوهان جي ڪيل ڪاوشن کي ڪوبه صاحب عِلم بي خبر ڪونه آهي. دراصل، الله تعاليٰ جي فصل و ڪرم سان، توهانشروع کان وٺي شاگرد تنظيمن ۾ رهي ڪري، سنڌ جي سادن، سٻاجهڙن ۽ قربدار ماڻهن جي وس آهر خدمت ڪئي آهي. لکڻ پڙهڻ جي شعبي جي مهارت هجڻ ڪري، سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ٿي رهيا آهيو. توهان جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. تاريخ ۾ هميشه زنده رهنديون.

پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس جو ڊئريڪٽر جنرل (۽ پوءِ چيئرمن) وار زماني ۾ به توهان نيڪنامي ۽ شهرت حاصل ڪئي، ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو، ته سنڌي اديب ڪنهن کان به گهٽ ڪونه آهن.

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر جي حيثيت ۾ به اوهان پنهنجين خداداد صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ اُتي به مقابلو ڪندڙ اميدوارن مان لائق ۽ اَهَلُ ماڻهو (معيار تي پورا اُترندڙ) منتخب ڪيا. بلاشبه، اوهان ڪميشن ۾ سٺو نالو، عزت ۽ مقام ڇڏيو. شاهه سائينءَ آخر بي سبب ته ڪونه چيو هوندو:

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻن چيئرمن صاحبن لسٽ تي نظر وجهبي (ته معلوم ٿيندو ته) اُن منصب تي اڳي اهل علم، قابلَ ۽ مڃيلَ منتظمَ رهيا آهن: مثلاً آغا غلام نبي پٺاڻ، قاضي محمد اڪبر، مرحوم جي. ايم. سيد، مرحوم خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ مرحوم مخدوم طالب الموليٰ. انهن قابل احترام شخصن هن اداري جي آبياري ڪئي.

مان خدا تعاليٰ جي حضور دست به دعا آهيان ته الله تعاليٰ توهان کي سنڌ جي هن بي بها علم ۽ ادب جي خزاني جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن سنڌي ٻولي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ چڱو مقام حاصل ڪري. شال، انهيءَ خدمت جي مهابي، توهان هن دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿيو آمين.

مسٽر غلام رباني آگرو،

چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،

حيدرآباد، سنڌ.           دعائن سان

                  جسٽس سيد ديدار حسن شاهه

منهنجا پيارا غلام رباني،

سنڌي اخبار وسيلي اِهو معلوم ڪري انتهائي مسرت ٿي ته حڪومت اوهان کي هاڻي سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو آهي. اهو ’انتخاب‘ اوهان جي دل ۽ دماغ جي صلاحيتن جو اعترافُ آهي.

اوهان کي مبارڪ ڏيندي، ڌڻيءَ جي در دعاگو آهيان ته خداتعاليٰ اوهان کي توفيق ڏئي، جو پنهنجي منصب جون ذميواريون، پنهنجين صلاحيتن پٽاندر نڀائي سگهو ۽ ڪنهن به پاسخاطريءَ ۽ دٻاءَ کي خيال ۾ نه آڻيو.

قربن سان،

جسٽس راڻا ڀڳوان داس

مسٽر غلام رباني آگرو

چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،

حيدرآباد سنڌ

 

[سيد واجد علي شاهه ملڪ جي ممتاز ”اداره ثقافت اسلاميه لاهور“ جي بورڊ آف گورنرس جو اعزازي چيئرمن آهي. جيڪو ملڪ جي مڙني ادبي ادارن ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. پير سائين حسام الدين شاهه راشدي اُن جي علمي ڪم جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو.

اداري جو چيئرمن، سيد واجد علي شاهه، سيد مراتب علي شاهه جو فرزند آهي. هي خاندان ملڪ جي ٻاويهن امير تيرن گهراڻن ۾ شمار ٿئي ٿو۽ گهڻائي خير جا ڪم ڪري ٿو: مثلاً، ”اداره ثقافت اسلاميه، لاهور“ کي گورنمينٽ کان گرانٽ ملندي آهي، پر، سيد واجد علي شاهه پاڻ به خاص موقعن تي هڙئون وڙئون اداري جي مالي مدد ڪندورهندو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ، سيد بابر علي شاهه، جيڪو ڪجهه عرصو حڪومت پاڪستان جو مالي وزير به رهيو آهي، سو، علم ۽ ادب جو ڏاڍو شوقين آهي. هو ملڪ جي وڏيءَ ۾ وڏيءَ پرنٽنگ پريس، پئڪيجز لميٽيڊ جو مالڪ آهي. پنهنجي هڙان وڙان پئسا خرچ ڪري پنجاب جي سمورن صوفي شاعرن جو ڪلام اهڙيءَ ته نفاست سان ڇپايو اٿس، جنهن جو ڪو مثال ئي ڪونهي! لاهور ۾ ”گلاب ديوي اسپتال“ ۽ ڪراچيءَ م ”لياقت نيشنل اسپتال“ به هن خاندان جي سرپستيءَ هيٺ هلي رهيون آهن. ازنسواءِ سيد واجد علي شاهه ”هلال احمر پاڪستان“ جو به پريزيڊنٽ آهي. سنڌ ۾ به ڪو سکيو ستابو خاندان اهڙا خير جا ڪم ڪري، ته ڏاڍو سٺو. ڪي سنڌي خاندان ارب پتي نه به هجن، پر، خدا جي فضل سان ڪروڙ پتي ضرور آهن.

سيد وجد علي شاهه قائداعظم جي قريبي ساٿين مان آهي. سر سلطان محمد شاهه آغا خان سان به، سندس توڙي وڏي ڀاڻس، سيد امجد علي شاهه جو رستو هوندو هو. سيد امجد علي شاهه ايوب خان جي ڏينهن ۾ ملڪ جو مالي وزير هوندو هو. پر، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، هن 1936ع ۾ ”سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ“ واريءَ تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن جو غلام رباني آگري ”مهراڻ“ رسالي ۾ پنهنجي تازي هڪ مضمون ۾ ذڪر ڪيو هو. سيد واجد علي شاهه جي هن خط ۾ مهراڻ جي ”دلچسپ مواد“ جو ذڪر انهيءَ ئي ڳالهه ڏانهن اشارو آهي. ـــ ادارو]

 

SADAF

1-F.C.C. GULBERG

LAHORE

September 3, 2002

پيارا آگرا صاحب،

مون کي اوهان جو تاريخ 12 آگسٽ وارو خط مليو آهي، جنهن ۾ اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مقرر ڪرڻ واري خوشخبري ڏنل آهي. منهنجون دلي مبارڪون!

مون کي خاطري آهي ته اوهان پنهنجي دل ۽ دماغ جي صلاحيتن سان بورڊ کي ڀرپور ترقي ڏياري ۽ بلندين تي پهچائيندا.

”مهراڻ“ جو پرچو مليو اٿم، جنهن ۾ پڙهڻ جو ”دلچسپ مواد“ آهي.

قربن سان،

سيد واجد علي

مسٽر غلام رباني آگرو

چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،

حيدرآباد، سنڌ

[سائين علي مير شاهه، علم و ادب جي حوالي سان اهم نالو آهي. هو شاهه ڀٽائي رحمة الله عليہ جي راڳ جو ايڏو ته عميق علم رکي ٿو، جو مير تقي مير جي هيءَ مصرع سندس قول تي حرف بحرف صادق اچي ٿي ته: ’مستند هي ميرا فرمايا هوا‘

شاهه صاحب مهمان نواز، طبيعت ۽ دلنواز دوست آهي. ڪجهه عرصو عليل هو، پر هاڻي خدا جي فضل سان لڪُ لنگهي ويو آهي. اسان سندن عمردراز ۽ صحتيابيءَ لاءِ ڌڻيءَ جي در دعاگو آهيون. ـــ ادارو]

 

باسمہ تعاليٰ

ALI MIR SHAH

Joona, Distt Badin                   14- A/D, Latifabad-6.

HYDERABAD

مڪرمي و عزيزي آگرا صاحب

اسلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہ

اوهان جي خط نمبر SAB-375 مورخه 5-9-2002ع جي جواب ۾ عرض ته حضرت ابوذرغفاري رضي الله عنہ تي پنهنجي مضمون جا پروف نظر مان ڪڍي اُماڻيان ٿو.

تازيءَ بيماريءَ سبب هئنڊ رائيٽنگ (Hand-writing) گهڻو متاثر ٿي آهي. اِنهيءَ هوندي به پنهنجن هٿن سان لکڻ کي ترجيح ڏنم. مضمون جي نوعيت جي پيش نظر، مون خود اُن کي ڏٺو ۽ پاڻ درستيون ڪيون اٿم، چُڪون تمام گهٽ آهن.

مئڊم حميده کهڙو ۽ اوهان سميت، ٻين صاحبن جي حُسنِ ظن لاءِ ٿورائتو آهيان،

والسلام

نيازمند

علي مير شاهه

جناب غلام رباني آگرو

چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد

 

Syed Murtaza Dadahi.

Tando Allahyar

محترم غلام رباني آگرا

السلام عليڪم

اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جهڙي اعليٰ علمي، ادبي ۽ ثقافتي اداري جي مانائتي منصب ماڻڻ تي منهنجون دلي مبارڪون.

اميد آهي ته اوهان پنهنجي وس ۽ وسيلن آهر ادبي بورڊ کي سڌارڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ وسئون ڪين گهٽائيندا. دعاگو آهيان، ته الله سائين اوهان کي انهن نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري ۽ خوش رکي (آمين).

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي

ٽنڊو الهيار

* * * *

[ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سنڌ جو مايه ناز محقق آهي. سندس سمورا تحقيقي مضمون سنڌي ادب جا سونهري ورق آهن. بورڊ جي هڪ اڳوڻي چيئرمن ۽ سنڌ جي ممتاز عالم علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ هڪ دفعي سندس ذڪر ڪندي چيو ته ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي خانداني احوال تي، قريشي صاحب جي تحقيق هڪ نهايت قابل تعريف ڪارنامو آهي.“ قريشي صاحب هن وقت گوشهء تنهائيءَ ۾ وقت گذاري رهيو آهي. پر قلم ۽ ڪتاب سان سندس رشتو اڳي وانگر قائم آهي. ــــ ادارو]


 

 

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

                                   ايم.اي. پي. ايڇ. ڊي

محترم غلام رباني آگرا صاحب،

السلام عليڪم

اوهان جو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن جي عهدي تي فائز ٿيڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. اسان لاءِ انهيءَ منصب تي اوهان جو تقرر فخر جو باعث آهي. منهنجون مبارڪون قبولڪندا.

الله تعاليٰ جي در دعاگو آهيان ته رب پاڪ اوهان کي هميشه خوش رکي ۽ اوهان کي زندگيءَ ۾ هميشه سرفراز ۽ ڪامران فرمائي. آمين.

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

نوابشاهه

 

سائين رباني صاحب،

اسلام عليڪم

احوال ته اخبارن ۾ توهان جي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن ٿيڻ جو پڙهي، ڏاڍي خوشي ٿي. دعا آهي ته سنڌ جو هيءُ تاريخي ادارو توهان جي سربراهيءَ ۾ اڳي کان به وڌيڪ ترقي ڪري!

ريڊيو پاڪستان،                           نيڪ تمنائن سان،

خيرپور ميرس                              انور کٽياڻ

15-8-2002ع

 

محترم و مڪرم غلام رباني صاحب

السلام عليڪم:

اوهان مون سان ڳالهه ڪانه ڪئي. پر، هت لاهور ۾ مون کي اها خوشخبري ملي، ته ان جي تصديق پشاور مان ڪيم. اوهان کي ڪيئن ٻڌايان ته ڪيڏي خوشي ٿيم!

بلاشبه، سنڌ سرڪار سياڻپ جو ڪم ڪري، اوهان جهڙي تجريبڪار ۽ علمي ۽ فڪري طرح توانا شخصيت کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر ڪيو آهي. مون کي پوري پوري اميد آهي ته جيئن اوهان پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ قومي ۽ صوبائي ٻولين جي ادب جي ترقيءَ ۾ ’قومي يڪجهتي‘ لاءِ مثبت قدم کنيا هئا، تيئن هاڻي سنڌي ادبي بورڊ ۾ به ساڳئي نيڪ مقصد لاءِ ڪم ڪندا.

اوهان تاجڪستان جي اديبن جي اسلام آباد ۾ ميزباني ڪئي هئي ۽ جسٽس جاويد اقبال کي سندن پارت ڪري کين لاهور به موڪليو هو. اوهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته خدا جي فضل سان تاجڪ زبان ۾ علامه اقبال جو ڪلام ترجمو مڪمل ٿي ويو آهي. مون به ان ۾ دل لائي محنت ڪئي آهي.

انشاء الله هاڻي پاڻ ٻئي ڄڻا گڏجي علامه اقبال ۽ پاڪستان جي صوبائي ٻولين جي عظيم شاعرن شاهه ڀٽائيءَ، وارث شاهه، ڄام درڪ ۽ خوشال خان خٽڪ جي ڪلام ۽ پيغام کي دنيا جي ٻين ملڪن ۽ قومن ۾ ڦهلائڻ جي گڏجي ڪوشش ڪنداسين. ـــ ـــ دعائون ۽ سلام

محمد سهيل عمر،

ڊئريڪٽر

اقبال ايڪيڊمي، لاهور

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com