سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 1/ 2015ع

باب:

صفحو:15

ڊاڪٽر احسان دانش

 

 

 

 

محبت جا ڪتابَ

(ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتابن جو سرسري جائزو)

زندگي به ڄڻ ڪا عجيب ڳجهارت آهي يا وري ڪو منجهيل سُٽ، جنهن کي ماڻهو جيترو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اوترو الجهڻ جو خطرو هوندو آهي. جيوَن جي ان الجهڻ سُلجهڻ وارن مرحلن توڙي، زندگيءَ جي ڊُڪ ڊوڙ ۾ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن جي وقت جي سِيما پار ڪري، سڦلتا ماڻي سگهندا آهن، باقي اڪثر ماڻهن جو درد ئي مقدر بڻبو آهي. درد جيڪو دل جي ديوارن کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن وجود کي ريت جي ذرن جيان وکيري ڇڏيندو آهي. ٿورا ماڻهو هوندا آهن جن کي حياتيءَ ۾ محبت جا ڪي اهڙا پل ملي ويندا آهن جيڪي جيون جو اَملهه سرمايو بڻجي ويندا آهن. هونءَ ته محبت هڪ احساس آهي جيڪو من جي آڳر تي مسرت جا گل مهڪائي ٿو، پر جڏهن اهو ساڳيو احساس ڪو وجود بڻجي اڳيان اچي، ته اهو محبت ٻرڙي کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير ٿِي سگهي ٿو.

ڊاڪٽر محبت- هڪ شخص

چوندا آهن ته زندگيءَ ۾ محبت هڪ دفعو ٿيندي آهي ۽ وڇوڙي جا وڍ پوڻ کان پوءِ ساڳيو احساس، درد جو لباس پائي وٺندو آهي. ايئن ئي ڊاڪٽر محبت به پنهنجي نالي واري معنويت ۽ حساس جيان جن به ماڻهن جي دلين ۾ گهر ٺاهيو، اتي سندس وڇوڙي کان پوءِ درد جو سيلاب نظر اچي ٿو. سندس ڀاءُ رياضت ٻرڙي توڙي ڀائو دُرمحمد ٻرڙي سان جڏهن به ڊاڪٽر محبت جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته هُو محبت سان گهاريل پَل ياد ڪري پنهنجيون پنبڻيون پسائي ويهندا آهن، سندن روح مان هڪ عجيب رڙ نڪرندي محسوس ٿيندي آهي. اهڙي رڙ جيڪا ڪنهن شڪسته حال قيديءَ جي نڙيءَ مان نڪرندي آهي. سندن لفظن ۾ هن شعر واري اداسي ۽ درد هوندو آهي:

یاد نی جب بھی دستک  دی  ہے،  پلکوں کی دروازے پر،

روح پہ اک برسات ہوئی ہے، دل کے رستے زخموں کی۔

اها منهنجي ڄاڻ جي گهٽتائي به ٿي سگهي ٿي، پر مان ”محبت“ نالي وارو فقط هڪڙو ئي ماڻهو سڃاڻان ۽ اهو آهي- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو. جيتوڻيڪ سندس زندگيءَ ۾، منهنجي ساڻس هڪ به ملاقات نه ٿي، پر سندس جدائيءَ کان پوءِ مان کيس گهڻو ويجهی کان سڃاڻان ٿو. هڪ ته رياضت منهنجن ويجهن دوستن مان هڪ آهي جنهن مان سدائين محبت جو ساءُ ۽ سڳنڌ محسوس ڪندو آهيان. اها سڳنڌ ٻن حوالن سان محسوس ٿيندي آهي: هڪ ته ڊاڪٽر محبت سنڌي ادب جو هڪ جاکوڙي ۽ اَڻ ٿَڪ ڪردار هو، جيڪا ساڳِي خوبي رياضت ۾ به موجود آهي. مون هن کي سدائين متحرڪ ۽ زندگيءَ جي جدوجهد ۾ مصروف ڏٺو آهي. ٻيو ته ڊاڪٽر محبت جي ويجهن دوستن جي مطابق هُو پيار، محبت، خلوص، سچائيءَ ۽ امن جو پيامبر هو ۽ رياضت ۾ به ساڳيا گڻ موجود آهن.

انگلی کوئی اُٹھا نہ سکا اس کی ذات پر،

کچھ اس طرح سے پیار کی رسمیں نبھا گیا۔

انگلی کوئی اُٹھا نہ سکا اس کی ذات پر،

کچھ اس طرح سے پیار کی رسمیں نبھا گیا۔

مان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي پنهنجي علم ۽ عقل آهر سندس تحريرن جي آئيني ۾ پڻ چڱيءَ ريت پرکيو ۽ پرجهيو آهي. هُو هڪ ذهين تخليقڪار هو، جنهن وٽ سائنسي سوچ ۽ پنهنجيءَ توريل تڪيل ڳالهه تي ثابت قدم رهڻ لاءِ ٺوس دليل هئا. تخليقي ۽ تحقيقي حوالي سان هن جيڪا ڳالهه ڪئي، هڪ نئين زاويه نظر سان ڪئي ۽ سندس انهيءَ انفراديت کيس هڪ جيڏن اديبن ۽ محققن ۾ منفرد مَقام بخشيو.

موضوعاتي لحاظ کان ڊاڪٽر محبت هر قسم جي موضوع تي مضمون لکيا آهن، اهڙن مضمونن ۾ سياسي مضمون، سماجي مضمون، سائنسي مضمون، ثقافتي مضمون، تاريخي مضمون، آرڪيالاجيءَ (آثار قديمه) تي مضمون، جيالاجيءَ تي مضمون، جاگرافيءَ تي مضمون، زولاجيءَ، باٽنيءَ، زراعت ۽ اقتصاديات تي مضمون، ادب، فلسفي ۽ لسانيات تي مضمون وغيره شامل آهن. هُن جي قلم ۾ وڏي قوت هئي ۽ هُو لکڻيءَ جي معاملي ۾ گهڻو ڪري انفراديت پسند هو. معلومات سندس تحريرن جو خاص گڻ آهي. هن جي تحرير جو انداز سمجهاڻيءَ وارو آهي، جنهن ۾ منطق ۽ دليل جي به گهڻائي آهي، جنهن ڪري اهي لکڻيون پڙهندي جلدي سمجهه ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ منجهن قاري جي دلچسپي به رهي ٿي. هن ڪيترن ئي خشڪ ۽ ڳوڙهن موضوعن تي به قلم کنيو آهي پر سندس تحرير جي سلوڻائيءَ سبب اهي ڳورا موضوع به پڙهڻ ۾ آسان محسوس ٿين ٿا.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جيتوڻيڪ زندگيءَ جو وڏو حصو عملي سياست کي ارپيو ۽ هڪ اڏول ۽ سچي ڪارڪن ۽ شاگرد اڳواڻ طور ڪم ڪيو، پر جڏهن سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جا گلاب ارپيندڙ هن هڏڏوکي انسان کي موٽ ۾ منافقت جي ککي پلئه پئي، ته سندس دل ٽُٽي پئي. پر وري جلد ئي هن پنهنجيءَ ٽٽل دل کي ميڙي ۽ جوڙي ورتو ۽ هڪ بهادر قومي سپاهيءَ وانگر ميدان تي اچي للڪار ڪئي، پر هاڻي هُو سياسي نه، پر ادبي ميدان جو شهه سوار هو. جيئن ته مشڪل پسندي ۽ ڳوڙهائپ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سرشت ۾ شامل هئي، تنهنڪري ادب جي ميدان ۾ به هن انهن موضوعن کي ڇهيو جن لاءِ سائنسي کوجنا، تحقيق، ڳوڙهي مطالعي ۽ وزني دليلن جي ضرورت هئي.

هڪ ليکڪ طور ڊاڪٽر محبت جو بنيادي موضوع، لسانيات هو. هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات جي حوالي سان جيڪو ابتدائي ڪم ڪيو آهي، اهو ئي ايڏو سگهارو ۽ اهميت وارو آهي، جنهن کي بنياد بڻائي، سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي مونجهارن کي حل ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان سندس پنج ڪتاب: ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“، ”ٻوليءَ جو بڻ“، ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ ۽ ”ضميري پڇاڙيون“ وڏي اهميت رکن ٿا. ان کان علاوه ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ پڻ انهيءَ سلسلي جو هڪ اهم ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ جي صحيح پڙهڻيءَ، تلفظي توڙي معنوي درستگين جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت جا اهي مقالا پڻ قابل ذڪر آهن جيڪي هن سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن لسانيات جي ماهرن جي ڪتابن، لغتن توڙي مقالن تي تنقيد ڪندي، لکيا آهن.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ اهڙو هيرو هو جنهن جي چمڪ اڃا دنيا جي نظر تائين پهتي ئي مَس هئي جو کيس ڪنهن بدنظر جي نظر لڳي وئي ۽ هُو هميشه هميشه لاءِ اسان سڀني جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو. افسوس ان ڳالهه جو آهي، ته هُو ان وقت اسان سڀني کان جدا ٿي ويو جڏهن اسان سڀني کي هن جي ضرورت هئي.

جڏهن هڪ موت عالِمَ جو، سڄي عالَم جي لئه آهي،

تڏهن آ درد، هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي.

مرڻ جن کي کپي، سي موت کان لڪندا رهيا آهن،

جيئڻ وارا الائي ڇو، وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙِي!

(اميد خيرپوري)

ڊاڪٽر محبت جي علمي ۽ ادبي پورهئي تي ڀرپور نموني لکڻ ۽ سندس ڪم جو تحقيقي ۽ تنقيدي تجزيو ڪرڻ لاءِ وڏو وقت ۽ گهڻا پَنا درڪار آهن. مان گذريل 16 سالن ۾ ڊاڪٽر محبت جي پورهئي مان ڪافي پرايو آهي ۽ سندس علمي لياقت جو مختلف موقعن تي اعتراف به ڪندو رهيو آهيان. گڏوگڏ سدائين ان افسوس جو اظهار به ڪيو اٿم ته ڊاڪٽر محبت جهڙي اورچ ۽ ذهين انسان سان قنبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ فاصلن جي گهٽتائيءَ باوجود ڪڏهن ملاقات ۽ ڪچهري نه ٿي سگهي!

ڊاڪٽر محبت جي ڪتابن جو سرسري جائزو

پياري دوست رياضت جڏهن حڪم ڪيو ته مون کي ڊاڪٽر محبت جي انتقال کان پوءِ وارن هن وقت تائين شايع ٿيل ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن جي حوالي سان مقالو لکڻو آهي، ته سچ پچ سوچ ۾ پئجي ويس. ڪٿي مون جهڙو ڪم علم، ڪٿي ڊاڪٽر محبت جهڙي سائنسي سوچ رکندڙ ذهين ليکڪ جو علمي ۽ تحقيقي پورهيو. پر رياضت جي محبتَ (حڪم) کان ڪَن لاٽار ڪرڻ مشڪل هو، تنهنڪري ڊاڪٽر محبت جي ڪتابن کي نئين سر ترتيبوار پڙهڻ ويٺس، جيئن انهن بابت، ٻه اکر لکي سگهان. هيٺ سندس وفات کان پوءِ ڇپيل 16 ڪتابن بابت ڪجهه لکيو اٿم. ان لکت کي مان اڀياس سڏڻ لاءِ تيار نه آهيان، ان کي سندس ڪتابن  بابت تعارفي نوعيت جو تبصرو يا سرسري جائزو سڏي سگهجي ٿو.

(1) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ سندس شايع ٿيل هِيءُ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو 1998ع ۾، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان شايع ٿيو. سنڌ جي نقشي سان سنواريل چار رنگي سهڻي گيٽ اپ وارو هيءُ ڪتاب، 112 صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ انسائيڪلوپيڊيا، انسائيڪلوپيڊيا جي مختصر تاريخ توڙي سنڌ جي ماضي ۽ حال جي حوالي سان مختصر ڄاڻ ڏنل آهي ۽ آخر ۾ ڊاڪٽر محبت ان نُڪتي تي روشني وِڌي آهي ته ’انسائيڪلوپيڊيا جي سهيڙ/ ترتيب جي سلسلي ۾ اسان جو انفرادي توڙي اجتماعي طور ڪهڙو فرض آهي؟‘. هن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ’سنڌي مها ٻولَسُڌ‘ طور ڪيو آهي، گڏوگڏ ڪيترن ئي سائنسي مضمونن يا اصطلاحن جو پڻ سهڻو ترجمو ڪيو آهي. جهڙوڪ: جاگرافي (ڌرتي ليڪڻ، ڌرتي+ اڀياس= ڌرتڀياس)، سوشيالاجي (راڄ+ اڀياس= راڄڀياس)، ميٿميٽڪس (انگڀياس) وغيره وغيره. پهرين ڀاڱي جي آخر ۾ ڊاڪٽر محبتَ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ٺاهڻ جي سلسلي ۾ هڪ جامع اداري جي قيام تي زور ڏنو آهي ڇو ته اهو ڪم ڪنهن هڪ يا چند ماڻهن جي وس جو نه آهي.

هيءُ ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا جوڙڻ جي سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي. هن کي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ترتيب ڏيڻ جي سلسلي جو توضيحي ڪتاب به سڏي سگهجي ٿو. اهو خود هڪ اهم ۽ بنيادي ڪم آهي. جيئن ٽپن مان آکاڻي جڙندي آهي تيئن هن ڪتاب ۾ به انسائيڪلوپيڊيا جي سهيڙ جي حوالي سان خاص خاص نُڪتا بيان ڪيا ويا آهن. انهن نُڪتن کي وڌائي وڏو ڪبو (يعني تفصيل سان لکبو) ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهم ڪم ٿي پوندو. (هاڻي ڪجهه سال اڳ سنڌي لئنگويج اٿارٽي طرفان ان ڪم جو آغاز ڪيو ويو آهي.) ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ ئي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا- مواد سهيڙيو مهم“ 
جي سري سان ڊاڪٽر محبت ڪجهه بنيادي عنوانن مثلاً ذاتيون، ديهون، سپون، راڳ ساز، ڳهه زيور، ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙو، وڻ، ٻوٽا، ڀاڄيون، گاهه، پُرزا، اوزار، ليکڪ (شاعر/ نثرنگار) وغيره تي سٺو ڪم ڪيو آهي. انهن ۽ اهڙن ٻين عنوانن تي تفصيل سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ”ٻول گهاڙيتو“ جي عنوان سان ڊاڪٽر محبت جو هڪ نهايت اهم ۽ پُر مغز مقالو شامل آهي، جنهن ۾ هن خاص طور تي اصطلاحن (ٽرمنالاجي) تي جامع نموني لکيو آهي ۽ ڪيترن ئي سائنسي اصطلاحن کي پختن دليلن سان سنڌيءَ جو روپ ڏنو آهي، جيڪو يقيناً ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ٻئي ڀاڱي جو ٻيو مضمون ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جي مضمون ”سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاح سازيءَ جو مختصر جائزو“ تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر محبت جو اهو مضمون هڪ علمي ۽ تحقيقي جائزو آهي. آخر ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ٻه خط شامل آهن جيڪي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم ڏانهن لکيل آهن. انهن خطن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي باريڪين ۽ اصطلاح سازيءَ جي حوالي سان سٺو بحث ٿيل آهي.

(2) ماڻهو ۽ ماڻهپو

هيءُ پنهنجي موضوع جي لحاظ کان ڏاڍو ڪارائتو ڪتاب آهي. 112 صفحن جو هيءُ ڪتاب اپريل 1999ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو هو. ڪتاب جي سهيڙ رياضت ٻرڙي ڪئي آهي. ٽائيٽل تي ڊاڪٽر محبت جو اسڪيچ آهي ۽ اندر سندس اهم مقالا ۽ مضمون.

ڪتاب جو پهريون مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ هڪ ڀرپور مضمون آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ماڻهو ۽ ماڻهپي جي تاريخ ۽ ارتقا تي جامع نموني لکيو آهي. هو لکي ٿو:

”فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ جو عمل شروع ڪندي ئي ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو جانوراڻي ماحول کان ڇڄڻ ۽ ماڻهو ٿيڻ شروع ٿيو. توڙي جو ماڻهو هجڻ جو ادراڪ ڪالهه ڪالهوڻي مس ڪري سگهيو آهي، پر ان راهه تي وڌندي کيس لڳ ڀڳ 30 لک ورهيه لڳي ويا آهن. انهن ٽيهن لک ورهين ۾ ئي هو اشرف المخلوقات، ڌڻيءَ جو هٿ، خدا جو پاڇو، ڌرتيءَ جو مالڪ، فطرت کي کوجيندڙ، مؤجد، محقق، پارکو ۽ پرجهو، ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، قدرت جو شاهڪار ۽ فنڪار ٿي سگهيو آهي...“

هي مضمون نه رڳو ڄاڻ جي کاڻ آهي پر ان ۾ ماڻهوءَ کي ماڻهپي ۽ اعليٰ ڪردار جو ڏس به ملي ٿو. بهرحال، هي مضمون پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان تعلق رکي ٿو.

ڪتاب جو ٻيو مضمون ”انساني حقن لاءِ جدوجهد جي تاريخ ۽ پس منظر“ دراصل هڪ ليڪچر آهي، جنهن کي مختصر ڪري مضمون جي شڪل ڏني وئي آهي. هي انساني شعور کي وڌائيندڙ ۽ اندر جي انسان کي جنجهوڙيندڙ هڪ ليڪچر آهي، جنهن ۾ انساني برابريءَ، ظلم، زيادتيءَ، بنيادي حقن جي لتاڙ ۽ ماڻهوءَ جي ساهه کڻڻ تائين جي آزاديءَ جي جدوجهد جو تاريخي پس منظر بيان ٿيل آهي. ڪتاب جو ٽيون مضمون آهي: ”رياست جي بڻ بابت نظريا“. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هن جنهن به موضوع تي لکيو آهي، ان تي رڳو سرسري نگاهه ناهي وڌي پر ان کي تحقيقي ۽ سائنسي بنيادن تي پرکي پروڙي، ڇنڊڇاڻ ڪري نهايت وضاحت سان لکيو آهي، جنهن جو هڪڙو مثال سندس مذڪوره مضمون ”رياست جي بڻ بابت نظريا“ آهي. هن مضمون ۾ هن ڇهن رياستي نظرين جو ذڪر ڪيو آهي، جن کي هن ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: (الف) قياسي نظريا (Speculative Theories) جن تحت رباني نظريو(Theory of Divine Origin)، زوراور نظريو (Force Theory)، سماجي ٺاهه وارو نظريو (Theory of Social Contract)، (ب) تاريخي نظريا (Historical Theories) جن ۾ ابوي يا پيءُ آدرشي نظريو(Patriarchal Theory)، اموي يا ماءُ آدرشي نظريو 
(Theory Matriarchal) ۽ تاريخي يا ارتقائي نظريو (Historical or Evolutionary Theory) شامل آهي. انهن  سمورن نظرين کي ڊاڪٽر محبت، تمام وصاحت سان بيان ڪيو آهي.

چوٿون مضمون آهي ”جمهوريت“، جنهن ۾ جمهوريت جي لغوي ۽ اصطلاحي معنيٰ ۽ مفهوم کان وٺي جمهوريت جي قسمن، جمهوري حڪومت تي عائد ٿيندڙ فرضن توڙي جمهوري نظام جي خامين ۽ خرابين جي حوالي سان بهترين نموني لکيو ويو آهي. ”سنڌ ۾ ماڻهو“ جناب ايم.ايڇ پنهور جي هڪ تحقيقي مقالي جو ترجمو آهي، جنهن ۾ پٿر جي دور کان وٺي سنڌ ۾ ماڻهوءَ جي قدامت ۽ قيام جي آثارن کي تاريخي حوالن سان ثابت ڪيو ويو آهي. موضوع جي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکندي ڊاڪٽر محبت هن مقالي کي سولي سنڌي جو روپ ڏنو آهي. هن ڪتاب جو ڇهون مقالو ”پاٿر ڄمار“ آهي، جنهن ۾ هن پٿر جي الڳ الڳ دورن جهڙوڪ جُهوپهڻي (Paleolithic)، وچپهڻي (Mesolithic)، نوپهڻي (Neolithic) جو تمام ڀرپور نموني ذڪر ڪيو آهي. ان کان علاوه هن مقالي ۾ پٿر جي دور جي مختلف قديم ڌاتن جي باري ۾ پڻ ڄاڻ ڏني وئي آهي. ”ماڻهو- جهڙو- جانار ۽ ماڻهو“ جي عنوان هيٺ لکيل مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت ماڻهوءَ جي جانوراڻين عادتن ۾ ماڻهوءَ جي ذهني ارتقا کان وٺي انساني پورهئي جي ابتدا، ٻوليءَ جي جنم ۽ سوچ ۽ شعور  جي اوسر تائين مختصر طور ڏاڍو سهڻو جائزو پيش ڪيو آهي.

ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جو آخري مقالو ”سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار“ پڻ ايم.ايڇ پنهور جو لکيل آهي، جيڪو پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ منفرد مقالو آهي. ڊاڪٽر محبت ان جي انفرديت ۽ اهميت کي محسوس ڪندي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

(3) اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون

هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ٽين ورسي اپريل 2000ع جي موقعي  تي ”سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي“ طرفان شايع ڪرايو ويو. 203 صفحن جي هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: 1- هر هڪ لفظ هيري کاڻ، 2- ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي، ۽ 3- استدلال جو اهو طريقو غلط آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر محبت جي ساروڻين ۽ لسانيات جي شعبي ۾ ڪيل ڪم تي ڳالهايو آهي.

”اچو ته پنهنجي سنڌي سنڌي لکت سنواريون“ ٻوليءَ جي باريڪ فني پهلوئن تي لکيل هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو نه رڳو لسانيات جي ماهرن جو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، پر سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ خاص طور لکندڙ هر فرد لاءِ هڪ ڪارگر نسخو آهي. ڪتاب جي پهرين حصي ”هر هڪ لفظ هيري کاڻ“ ۾ ڪجهه فعلن ۽ ضميري پڇاڙي جي حوالي سان هڪ اڀياس پيش ڪيل آهي. هن مقالي ۾ هن خاص طور فعل جي مختلف حالتن، صحيح توڙي غلط استعمال تي روشني وڌي آهي. هن حصي ۾ ٻن عنوانن 1- ”ڇا تو لفظن جو ڳالهائڻ ٻڌو هو،“ 2- ”هڪ راز کُلي ٿو“ تي ڳالهايو ويو آهي. هنن ٻنهي عنوانن ۾ فاعلاڻو فعل، لڪل فعل ۽ مختلف زمانن جي مونجهارن جو ذڪر ڪندي انهن جي حقيقت ۽ اصليت تي روشني وڌي وئي آهي.

ڪتاب جي ٻئي حصي ”ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي“ ۾ ترتيبوار هيٺيان عنوان شامل ڪيا ويا آهن: 1. ضميري پڇاڙي ڇا آهي؟ 2. ڇا ضميري وچاڙيون ۽ ضميري اڳياڙيون به ٿينديون آهن؟ 3. زمان ماضي 4. زمان مستقبل 5. زمان حال مدامي 6. زمان حال متشقي 7. زمان حال استمراري 8. زمان مستقبل استمراري 9. زمان ماضي استمراري 10. زمان ماضي قريب 11. زمان ماضي بعيد 12. درست فعلي ڦيرو 13. فاعل ۽ مفعول سان لاڳاپيل فعلن جي ڳولا 14. سڌريل ٻولي ڪهڙي ۽ سڌاريل ٻولي ڪهڙي؟ هن حصي ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌي ٻولي جي گرامر جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ اهم مغالطن کي پڌري پٽ آندو آهي. نه رڳو ايترو پر انهن ۾ سڌارا پڻ تجويز ڪيا آهن. هن ڪتاب جو ٽيون حصو ”استدلال جو اهو طريقو غلط آهي“ دراصل نالي واري محقق گنگارام سمراٽ جي هڪ مضمون جو جواب آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت، سمراٽ صاحب کي محترم سراج جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ تي ڪيل تنقيد جو نهايت مدلل ۽ عالماڻو جواب ڏنو آهي. هيءُ مضمون، هڪ علمي بحث آهي جنهن کي پڙهي ڊاڪٽر محبت جي تنقيدي شعور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

(4) يادون ۽ سُڪونُ

مذڪوره ڪتاب ڊاڪٽر محبت جي چوٿين ورسي اپريل 2001ع تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري ستار هڪڙي ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ۽ چار رنگي خوبصورت ٽائيٽل واري 112 صفحن جي ڪتاب کي رياضت ٻرڙي سهڻي نموني سهيڙيو آهي. ”يادون ۽ سڪون“ ۾ ڊاڪٽر محبت جون بي تڪلف ڳالهيون، ڪهاڻيون، طنز و مزاح واريون لکڻيون ۽ هڪ پرڏيهي ناول جو اختصار شامل آهي. ڪتاب جي ڪنڊ ۾ ستار هڪڙي پبلشر جي حيثيت ۾ ٻه چار لفظ لکيا آهن، جنهن بعد رياضت ٻرڙي جا پيش لفظ شامل آهن. پيش لفظ ۾ رياضت، ڊاڪٽر محبت جي سياسي، سماجي ۽ علمي زندگيءَ توڙي ادبي لاڙن تي مختصر لفظن ۾ ڀرپور روشني وڌي آهي.

ڪتاب ”يادون ۽ سڪون“ ۾ سڀ کان پهريان ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون بي تڪلف ڳالهيون‘ شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي مختصر سوالن ۽ جوابن تي مشتمل آهن. ڊاڪٽر جا اهي جواب پڙهڻ وٽان آهن. ان کان پوءِ هڪ صفحي تي مشتمل خود ڪلامي واري انداز ۾ ’آئيني آڏو‘ جي عنوان سان پاڻ کان پڇيل سوالن جا جواب ڏنل آهن. انهن سوالن مان آخري سوال آهي: آخري خواهش؟ جنهن جي جواب ۾ لکيل آهي: ’ڇو ڀلا؟‘ حقيقت اها آهي ته ان ’ڇو ڀلا‘ جي پٺيان هڪ وڏو سناٽو آهي ۽ هڪ چڀندڙ درد به، جيڪو چوڏهن سالن کان محبت سان پيار ڪندڙن جا نيڻ آلا ڪندو رهيو آهي....

ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون ڪُل 16 ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان ٻه ڪهاڻيون 1- هُو ويچارو، ۽ 2- ڊينڊڙو ماڻهو ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل ’يادون ۽ سڪون‘ پڻ ڊاڪٽر محبت جي هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي. ڊاڪٽر محبت جون ڪهاڻيون اسان جي سماج جي ٽٽندڙ ۽ ڀرندڙ قدرن جون ڪهاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ معاشي تنگ دستي، انسانيت سوز روين ۽ محبت ۾ لڪل نفرت وغيره کي موضوع بڻايو ويو آهي. هنن ڪهاڻين ۾ ڊاڪٽر محبت جو اندازِ بيان نهايت سلوڻو ۽ سليس آهي. ڪتاب ۾ طنز مزاح جي سري هيٺ ڊاڪٽر جون ٻه ڪهاڻيون 1- بڪواس، ۽ 2- آزادي، ۽ اردو ادب مان شفيق الرحمان جو ٻارن جي تربيت لاءِ لکيل طنزيه ۽ مزاحيه نسخو ’سنجيدگيءَ سان چپڙا ڊگها ڪيو‘ شامل آهن. ڊاڪٽر محبت جي مزاحيه انداز کي سندس ڪهاڻي’بڪواس‘ جي هنن مڪالمن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو: ”چوندو ’اکيون ڪنڌ ۾ ڇو نه آهن؟‘ چوندو مانس ’بابلا، ان ڪري جو پوءِ اسين ڪالر واري قميص پائي نه سگهون ها.‘“

ڪتاب جي آخر ۾ جارج آرويل جي ناول کي مختصر ڪري ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ان کي
’انقلاب‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. ناول کان اڳ ڊاڪٽر محبت هن ناول متعلق جيڪي سٽون لکيون آهن سي سموري ناول جي موضوع جو احاطو ڪن ٿيون. هُو لکي ٿو: ”هي ناول سڄي دنيا ۾ ايترو ته مشهور ٿيو جو چوڏهن زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. مقبوليت جو سبب هي آهي ته مصنف آمريت ۽ روسي نظامِ حڪومت تي ڀرپور طنز ڪئي آهي. عوام کي هن جانور جي روپ ۾ ۽ اقتدار جي بکاريل ليڊرن کي سوئر جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.“

(5) ٻوليءَ جو بُڻ (سنڌي ٻوليءَ جي خصوصي حوالي سان)

ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد ۽ خاص طور سنڌي ٻولي جي اصليت ۽ ماهيت بابت پيش ڪيل نظرين، مفروضن ۽ مغالطن توڙي فني پهلوئن جي اڀياس جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو هيءُ هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو سندس پنجين ورسي اپريل 2002ع تي رياضت ٻرڙي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل خوبصورت چار رنگي ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب 191 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر محبت پاڻ ئي لکيو آهي، جڏهن ته پيش لفظ اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري رياضت ٻرڙي لکيو آهي، جنهن ۾ هن اڪيڊمي پاران ڇپايل ڪتابن تي مختصر روشني وجهندي ڊاڪٽر جي مذڪوره ڪتاب بابت چند وضاحتون پيش ڪيون آهن. پيش لفظ ۾ اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته ڊاڪٽر محبت هيءُ ڪتاب 1994ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت بابت رياضت لکي ٿو ته:

”جيئن ادا محبت ٻرڙي جي ٻين سڀني موضوعن جي لکت جو بنياد سائنسي جوڙجڪ تي آهي، تيئن سندس هي ڪتاب به سائنس جي بنيادي سوالن ’ڇا، ڇو، ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿان‘ کي ذهن ۾ رکي، ڳُوڙهي سوچ ويچار، منطقي دليلن ۽ تحقيق جي اصولن موجب لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته هُو عقيدن جي ڄار ۾ ڦاسڻ بدران، سائنس جي وسعتن ۾ رهندڙ ماڻهو هو، سندس هن ڪتاب ۾ به اهڙا گهڻا ئي نتيجا اخذ ڪيل آهن، جيڪي ٻوليءَ (خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ) بابت جوڙيل طي ڪيل عقيدن جي ڄار کي پاڙن کان اکيڙڻ لاءِ ڪافي آهن.“

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت جي گذريل ڪتاب جيان جداجدا ڀاڱا ڏنل نه آهن، پر موضوع جي مناسبت سان الڳ الڳ عنوانن تحت مضمون لکيل آهن جيڪي ترتيبوار ”ماڻهو ۽ ٻولي، توهان جو نالو، ٻوليءَ جي ڪائنات ۽ ’آواز‘ جو ’ايٽم‘، ٻوليءَ جي اوسر بابت نظرين تي هڪ نظر، سراج الحق ميمڻ صاحب جن جي هڪ راءِ، ڊگها ۽ ننڍا لفظ، ڪجهه ٻوليئاڻي اصطلاح، سَنڌي، پڇاڙي- ڊگهي ۽ ننڍي، سُرن جو اثر، سُر هڪ فطري آواز ۽ وينجڻ هڪ ’گهاڙ‘، جانوٽ ۽ ماڻهو (سندن پورهيو، سماج، راهپ ٻولي ۽ سمجهه) مادو- حياتي- ماڻهو ۽ پٿر دَور، ڇال، اشارن واري ٻولي، وينجڻ جو اثر، هڪ رَسيل وينجڻ وارا لفظ، گهه“ وارن عنوانن سان شامل آهن.

ڪتاب ”ٻوليءَ جو بڻ“ ۾ ڊاڪٽر محبت هڪ سلسلي سان نهايت سولي ۽ سهنجي نموني ٻوليءَ جي تاريخ، بناوت، بڻ بڻياد، نظرين، آوازن جي تال ميل، سرن ۽ وينجڻن جي حوالي سان معلومات ڏئي سنڌي ٻوليءَ مان مثال ڏنا آهن. هُو ڪتاب جي پهرين مضمون ۾ ئي ماڻهو ۽ ٻولي جي تعلق تي روشني وجهي ٿو جنهن بعد ماڻهن جي نالن، ذاتين، قومن ۽ قبيلن جي اصليت توڙي انهن جي معنوي حقيقت بابت نه رڳو ڄاڻ مهيا ڪري ٿو پر نون بحثن جي دعوت پڻ ڏئي ٿو. ڊاڪٽر محبت جي هڪ محقق، نقاد ۽ ٻوليءَ ڄاڻڪ طور اهم ڳالهه اها آهي ته هن دليل جي بنياد تي هميشه پنهنجو ڌار موقف رکيو ۽ وڏن وڏن محققن جي ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ پنهنجا دليل ڏنا. ٻوليءَ جي فني پهلوئن تي ڳالهائيندي هن ڪتاب ۾ پڻ ڊاڪٽر محبت جو ساڳيو انداز نظر اچي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات واري شعبي ۾ ”ٻوليءَ جو بڻ“ هڪ ڳڻپ جوڳو ڪتاب آهي.

(6) سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت

هيءُ ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي ٽِه رُخي مطالعي تي مشتمل آهي، جنهن کي نوجوان محقق رياضت ٻرڙي وڏي محنت سان سهيڙي، سوڌي ۽ سنواري هڪ خوبصورت عنوان ڏئي ڊاڪٽر محبت جي ڇهين ورسي اپريل 2003ع تي شايع ڪرايو. ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايل ٻه رنگي ٽائيٽل واري 112 صفحن جي هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر محبت جي محبت ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم جون لکيل تعارفي سٽون پڻ موجود آهن.

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا سنڌي ٻوليءَ جي فني ۽ فڪري اڀياس جي حوالي سان لکيل چار تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا شامل آهن، جڏهن ته ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي جي هڪ انگريزي مضمون جو سنڌي ترجمو پڻ موجود آهي. ڪتاب جا پيش لفظ مرتب رياضت ٻرڙي لکيا آهن، جنهن ۾ هُن ڪتاب ۾ شامل مقالن بابت ڄاڻ ڏيندي ضروري وضاحتون پيش ڪيون آهن.

ڪتاب جو پهريون مقالو ”هڪ- حقيقت ڇا آهي؟“ هڪ انوکو علمي مقالو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت لفظ ”هڪَ“ جي حقيقت جامع حوالن سان واضح ڪئي آهي ۽ ”هڪ“ بابت پنهنجو الڳ موقف پڻ ڏنو آهي، جنهن سان ڊاڪٽر محبت محققن کي وڌيڪ تحقيق جي دعوت ڏئي ٿو. ٻيو مقالو ”جامع سنڌي لغات جو جائزو (پهرين جلد جي حوالي سان پهرين پڙهِڻي)“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جوڙيل لغات جي پهرين جلد ۾ لفظي کوٽ طرف خاص توجهه ڏياريو آهي. هن پنهنجو موقف ڏيندي لکيو آهي ته ”آءٌ ان راءِ جو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ جو هر هڪ لفظ واحد توڙي جمع، مذڪر توڙي مونث، ماضي توڙي مستقبل، جيڪو ڪنهن به طرح، ايتري قدر جو رڳو سُر جو فرق هجي ته لغات ۾ ڌار داخلا (عنوان، انٽري) رکندڙ هجي. ’ڏسڻ‘ جو ماضي’ڏٺو‘،
’ڄاڻڻ‘ جو ماضي ’ڄاتو‘ آهي، ’ڏٺو‘ ۽ ’ڄاتو‘پنهنجي الڳ جاءِ تي اچڻ گهرجن ۽ اتي گهربل معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏئي سندن بنيادي يا اصولي لفظ ڏانهن اشارو ڪجي.“ ڊاڪٽر محبت مثال طور لفظ”لکڻ“
جون الڳ الڳ 328 صورتون پڻ ڏنيون آهن. اهڙيءَ طرح هن ”جامع سنڌي لغات“ (جلد پهريون) ۾ موجود لفظن سان لاڳاپيل 1155 نون لفظن جي نشاندهي ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقي پورهئي کان انڪار ممڪن نه آهي، ڇو ته هن سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ جو بنياد وڏو، جيڪو هڪ مشڪل ڪم هو پر ڊاڪٽر محبت جي تنقيد ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي.

ڊاڪٽر محبت جي هن ڪتاب جو ٽيون مقالو ”الفابيٽ/ رسم الخط/ اسڪرپٽ“ حليم بروهي جي لکيل ان مضمون جو جواب آهي، جنهن ۾ هن صاحب لکيو هو ته سنڌي، عربي، فارسي ۽ اهڙي هر ٻولي جيڪا ساڄي کان کاٻي لکي وڃي ٿي، سائنسي ٽيڪنيڪي ۽ ڇپائيءَ جي معاملن ۾ مدي خارج آهي. ساڳئي مضمون ۾ هن سنڌي ٻوليءَ کي رومن رسم الخط ۾ آڻڻ لاءِ پڻ زور ڀريو هو.

ڊاڪٽر محبت مٿئين مضمون ۾ حليم بروهيءَ جي اٿاريل سوالن جا نهايت مدلل جواب ڏيندي مٿس تنقيد ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت تي پڻ روشني وڌي آهي.

(7) شعور

پنهنجي عنوان وانگر ڏاهپ سان ڀرپور هيءُ ڪتاب، اپريل 2004ع تي ڊاڪٽر محبت جي ستين ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جو چار رنگي خوبصورت ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب 134 صفحن تي مشتمل آهي. علم آگهي، سمجهه ۽ شعور کي جيڪڏهن ڪو سونُ سمجهي ته سچ ته هيءُ ڪتاب، سونهري اکرن سان لکيل آهي. ڪتاب جي پبلشر رياضت ٻرڙي منڍ ۾ ڪتاب بابت ’ٻه اکر‘ جي عنوان سان ڪجهه ضروري وضاحتون پيش ڪيون آهن ۽ رياضت جي طرفان هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي باعمل شاگرد ۽ سڄاڻ ليکڪ ستار هَڪڙي کي ارپيو ويو آهي.

مذڪوره ڪتاب 15 بنيادي عنوانن ۾ ورهايل آهي، جيڪي ترتيبوار هن طرح: سمجهه ڇاکي چئجي ٿو؟، ماڻهوءَ راڄ ڪيئن ٺهيو ۽ان ۾ سمجهه ڪيئن وَڌي؟، ڇا ٻوليءَ کان سواءِ ڪا به سوچ، ڪا سمجهه ٿي سگهي ٿي؟، سمجهه وسيلي ماڻهو ڇا ٿو ڪري؟، سمجهه حقيقت ۾ ڇا آهي؟، حياتي ڇا آهي؟، احساس جون واٽون اسان جي دماغ تائين ڇا ٿيون پهچائن؟، غلط سوچ ڇو ٿي ٺهي؟، ڀڳوان، ڌڻي، ديو، ديوتا، ماڻهوءَ جا هٿ ٺهيا بي ساهه عضوا، ماڻهوءَ جو دماغ: ڳتيل، منظم، جيئرو مادو.، جيڪڏهن سماج نه ٺهي ها ته ڇا سوچ (سمجهه) ٺهي سگهي پئي؟، روحاني خوشي ڇا آهي؟، سمجهه جو مادي تي اثر.

هيءُ ڪتاب، سمجهه ۽ شعور کي بنيادي نقطن کان اعليٰ سطح تائين سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ”شعور“ سائنسي اصولن تحت لکيل آهي، تنهنڪري دليل ۽ موضوعن جو ترتيبوار تسلسل هن ڪتاب جي خاص خوبي محسوس ٿين ٿا. ڊاڪٽر محبت جي وڏي خوبي اها آهي ته هُو جنهن به موضوع کي ڇهي ٿو، ته ڪوشش ڪري ان موضوع متعلق سمورن زاوين کي روشن ڪري پڙهندڙ اڳيان آڻي ٿو. هن ڪتاب ۾ سمجهه کان احساس ۽ احساس کان فلسفي نفسيات ۽ روحانيت تائين محبت، شعور جي سمورن رخن تي ڀرپور نموني ڳالهايو آهي.

ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نامياري ليکڪ تاج جوئي، ڊاڪٽر محبت لاءِ محبت جا لفظ لکيا آهن ۽ مذڪوره ڪتاب متعلق چيو آهي ته: ”ڪتاب
’شعور‘ فلسفي جي نُڪتهء نگاهه کان لکيل آهي ۽ سوچ جا نوان زاويا ظاهر ڪري ٿو.“ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2008ع ۾ پڻ ڇپيو آهي.

(8) موسيٰ کان مارڪس تائين

ڊاڪٽر محبت نه رڳو هڪ ورسٽائيل ليکڪ، ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ محقق هو، پر سندس علمي، ادبي پورهئي ۾ سندس ترجمن کي به وڏي اهميت حاصل آهي. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن مان ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن کي سندس ڀاءُ رياضت ٻرڙي سن 2005ع ۾ ڊاڪٽر محبت جي اٺين ورسي جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. 176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب، پوپٽ، لهرن ۽ رنگين آسمان واري ٽائيٽل سان ٻاهران ئي ڏاڍي سهڻي ڏِکَ ڏئي ٿو.

مٿيون ڪتاب مشهور اردو سوشلسٽ ليکڪ سبطِ حسن جو سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب آهي، جنهن کي ڊاڪٽر محبت 1978ع کان 1980ع کان 1980ع واري عرصي ۾  ترجمو ڪيو. هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت جي ابتدائي ترجمن مان هڪ آهي، تنهنڪري جيڪو رس، چس ۽ ٻوليءَ جو نج پڻو سندس بعد وارن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ آهي سو هن ڪتاب ۾ گهٽ ٿو محسوس ٿئي، جنهن جو اقرار خود رياضت ٻرڙي به ڪتاب ۾ لکيل ’ٻه اکر‘ ۾ هن طرح ڪيو آهي:

”ترجمي جي ٻولي ايتري رچيل ناهي، جيتري ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 1990ع کان پوءِ جي تحريرن ۽ ترجمن جي آهي ۽ جيڪا بيحد خوبصورت ۽ متاثر ڪندڙ آهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته هيءُ ترجمو، ڊاڪٽر محبت جي ابتدائي ترجمن مان هڪ آهي.“

هيءُ ڪتاب، ”موسيٰ سي مارڪس تڪ“ جو مڪمل ترجمو نه آهي، پر ڊاڪٽر محبت ڪتاب جي ابتدائي ڏهن بابن کي سنڌيءَ جو ويس پارايو آهي، جيڪي ترتيبوار هن طرح آهن: 1- ابتدائي ڪميونزم، 2- موسوي شريعت جون رهيل نشانيون، 3- اسپارٽا جو فوجي ڪميونزم، 4- افلاطون جو اميراڻو ڪميونزم، 5 مسيحي سوشلزم، 6- مزدڪ جي تحريڪ، 7- سر ٿامس مور جو يوٽوپيا، 8- بيڪن جي ماديت ۽ خيالي سوشلزم، 9- فرانسي انقلاب جا کاٽو، ۽ 10- فرانسي انقلاب کان پوءِ. (ڪتاب جو رهيل ڪجهه حصو سال 2010ع ۾ رياضت ٻرڙي ڪيو ۽ ڪتاب ترجمو ساڳئي سال سنڌيڪا اڪيڊمي ڇپائي پڌرو ڪيو.)

انهن ڏهن عنوانن کان سواءِ ڪتاب ۾ سبطِ حسن جا پيش لفظ پڻ ترجمو ڪري ڏنا ويا آهن، جن ۾ هُن لکيو آهي ته: ”حيرت آهي ته پاڪستان جي ڪنهن به زبان ۾ سوشلزم متعلق سٺي يا بري هڪ به تاريخ موجود ڪانهي. هيءُ ڪتاب، ان گهٽتائيءَ کي ختم ڪرڻ جي مقصد خاطر لکيو ويو آهي.“ 1976ع ۾ لکيل هن ڪتاب کان پوءِ جيتوڻيڪ ڪميونزم جي حوالي سان ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي، پر هن ڪتاب کي بنيادي اهميت حاصل آهي. ڊاڪٽر محبت انهيءَ اهميت کي محسوس ڪندي هن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ جو سينگار بڻايو.

ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نوجوان تخليقڪار ۽ مترجم فياض لطيف ڏاڍي خوبصورت راءِ ڏني آهي. هُو لکي ٿو:

”سنڌي ۾ لاتعداد ترجما ٿيا آهن ۽ ٿيندا پيا رهن، پر ڊاڪٽر محبت جيڪا مواد ۽ موضوع جي چونڊ ڪئي آهي، اها وقت ۽ حالتن جي تقاضا موجب ۽ وڏي وقعت ۽ ڪارج واري آهي. هُو عام مترجمن جيان ترجمن ۾ پنهنجن خيالن ۽ نظرين جي پرچار ۽ پٺڀرائي پيش ڪندڙ قلمڪار نه هو، پر سرجڻهار جي نُڪتهء نظر سان اختلاف جي باوجود به عبارت ۽ تحرير کي ايمانداريءَ سان الٿو ڪري پڙهندڙن اڳيان پيش ڪندو هو.“

(9) سنڌ: حڪمران، ايم.ڪيو.ايم ۽ سنڌي عوام

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو بنيادي طور هڪ سياسي ذهن رکندڙ ماڻهو هو. هن عملي سياست ۾ به پاڻ ملهايو. اهو هر ماڻهو سندس سياسي بصيرت جو معترف آهي جنهن سندس اهي ڪتاب ۽ مضمون پڙهيا آهن جيڪي هن سنڌ جي بدلجندڙ سياسي صورتحال ۽ منافقاڻن سياسي روين تي لکيا آهن. ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم.ڪيو.ايم ۽ سنڌي عوام“ به سنڌ جي سياسي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي. هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت جي نائين ورسي اپريل 2006ع جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي ٻه رنگي سادي ٽائيٽل واري 264 صفحن جي هن ڪتاب ۾ رياضت ٻرڙي محبت جي ٽڙيل پکڙيل مضمونن ۽ اخباري ڪالمن کي سهيڙيو ۽ سموهيو آهي.

هن ڪتاب ۾ جملي 21 مضمون شامل آهن، جن جا ترتيبوار عنوان هن طرح آهن: 1- ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟، 2- سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟، 3- ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟، 4- پاڪستان کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو، 5- ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام، 6- سنڌ جي بندرگاهه خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو، 7- سنڌ- سنڌ ۾ سياسي گهوٽالو ۽ وطن دوست ڌر جي ضرورت، 8- ايندڙ چونڊون: سنڌ دشمن سازشن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت، 9- سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا مفاد، 10- سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي، 11- ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ، 12- ڪُڦاٿل پاڪستاني، 13 قاتل بهاري سنڌ مٿان ڪاهيندا پيا اچن، 14- سنڌ جون گهڻ گهريون ڌريون دهشتگردن کي ڪيئن مُنهن ڏين؟، 15- سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڏانهن سنجيده رويي جي گهرج، 16- سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست، 17- ’مهاجر‘، اُردڪ‘ ۽ دهشتگرد ۾ فرق ڪرڻ کپي!، 18- سنڌ جي نئين چونڊيل حڪومت ۽ ايم.ڪيو.ايم جو ڪردار، 19- سنڌ جي سالميت ۽ ايم.ڪيو.ايم، 20- ڇا ايم.ڪيو.ايم سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مَٽائي سگهندي؟، ۽  21- دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو.

مٿيان سمورا مضمون پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جون موجوده حالتون به ماضيءَ جي سياسي حالتن کان ڪي گهڻيون مختلف نه آهن. سچ ته ڊاڪٽر محبت جا اهي سياسي تجزياتي مضمون جيڪي لکيل ته 1990ع کان 1997ع تائين آهن، پر اڄ به اهي سنڌي ماڻهوءَ جي رهنمائيءَ لاءِ ڪارگر آهن. رياضت ٻرڙي به ڪتاب جي ”ٻه اکر“ ۾ لکيو آهي ته: ”هنن مضمونن جو هڪ مقصد سنڌي ماڻهن کي اتساهه ڏيارڻ، سجاڳ ڪرڻ ۽ عملي اپاءَ کڻڻ لاءِ آماده ڪرڻ به آهي.“ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ نالي واري ليکڪ جامي چانڊئي بلڪل صحيح لکيو آهي ته:

”هن (ڊاڪٽر محبت) جي تجزياتي سياسي بصيرت جي هڪ جهلڪ هڪ خاص موضوع تي هن ڪتاب ۾ شامل سڀ مضمون به آهن، جن کي بار بار ۽ سنجيدگيءَ سان پڙهڻ گهرجي.“

(10) ٻول جو بُڻ

هڪ محقق طور ڊاڪٽر محبت جي دلچسپيءَ جو بنيادي موضوع ”لسانيات“ ئي رهيو، جنهن سان هن ساهه جي سڳي جي ساٿ تائين نڀايو ۽ ڀرپور نموني نڀايو. ”ٻول جو بڻ“ ڊاڪٽر محبت جي انهن بهترين تحقيقي ڪتابن مان هڪ آهي جيڪي هن لسانيات جي حوالي سان لکيا. هيءُ ڪتاب، اپريل 2007ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي طرفان ڊاڪٽر محبت جي ڏهين ورسيءَ جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو. سنڌي اکرن تي اسپاٽ لائيٽ جو منظر پيش ڪندڙ چار رنگي خوبصورت ٽائيٽل ۽ 210 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي منڍ ۾ پبلشر رياضت ٻرڙي ”ٻه اکر“ ۾ ڪتاب بابت ضروري وضاحتون پيش ڪيون آهن، جنهن بعد ڊاڪٽر محبت جو 7 صفحن جو مهاڳ لکيل آهي.

هيءُ ڪتاب، 13 وڏن عنوانن ۾ ورهايل آهي، هرهڪ عنوان، وري الڳ الڳ ننڍن عنوانن تي مشتمل آهي. هتي سمورا عنوان لکڻ بدران 13 وڏا عنوان لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جن ۾ 1- ٻولي ڇا آهي؟، 2- ٻوليءَ جا آواز، 3- لکت سرشتو، 4 – وائل آواز، 5- وائڄڻ، 6- جهيڻو وائل، 7- هڪ نيارو ۽ اڳ اڻ- کوجيل سنڌي وائل، 8- اڳ اڻ- کوجيل ڪي نيارا سنڌي وائل، 9- ٻول/ لفظ جو عام تصور، 10- سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت، 11- پد، 12- جوڙپ ۽  اندروني تبديل، ۽ 13- پاڙ/ ڌاتو/ مصدر شامل آهن. هنن عنوانن تحت ڊاڪٽر محبت سنڌي ٻولي ۽ ٻول جي بڻ بڻياد جي حوالي سان سندن فني نزاڪتن ۽ ندرتن تي ڀرپور روشني وڌي آهي. نه رڳو اهو، پر ڪافي نيون ۽ بحث طلب ڳالهيون پڻ ڪيون آهن. ڊاڪٽر محبت هن ڪتاب ۾ ٻول جي حقيقت کي واضح ڪندي ٻولي جي قسمن، معنادار ايڪن، مصدر ۽ ڌاتن تي ڀرپور نموني لکيو آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌيءَ ۾ ”ٻول“ جي حقيقت ۽ اصليت کي سمجهڻ جي حوالي سان هيءُ پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد ڪتاب آهي.

ڪتاب ”ٻول جو بڻ“ جي بئڪ ٽائيٽل تي نالي واري محقق، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ سورنهن آنا سچ لکيو آهي ته:

”ڊاڪٽر محبت پهريون محقق هو، جنهن سنڌي زبان ۾ عملي لسانيات جو بنياد وڌو ۽ ٻوليءَ جي افادي رخ کان بحث ڪيو.“

(11) جدلي ماديت جا بنيادي اصول

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ تخليقي ۽ تحقيقي ذهن رکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مادري ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ ليکڪ هو. هن ان عشق جو ثبوت ٻن طريقن سان ڏنو. پهريون هن لسانيات جي موضوع تي ڪارائتا ڪتاب لکي، سنڌي ٻوليءَ جا نوان لِڪل رخ روشن ڪيا، ٻيو انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان انوکن ۽ گهڻو ڪري فني موضوعن تي لکيل مضمون، مقالا توڙي ڪتاب پنهنجي مٺڙي ٻولي سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، جن مان اڪثر سندس انتقال کان پوءِ ڇپجي پڌرا ٿيا. ”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“ پڻ هڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي جيڪو ڊاڪٽر محبت 1980ع ڌاري انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو. اصل ۾ هيءُ ڪتاب، روسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جا ليکڪ اي. اسپرڪن ۽ او، ياخوت آهن. مذڪوره ڪتاب 1971ع ۾ "The Basic Principles of Dialectical and Historical Materialism" جي نالي سان D. Langstone ترجمو ڪيو.

”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“ ڊاڪٽر محبت جي يارهين ورسي اپريل 2008ع جي موقعي تي ”سينٽر فار پِيس اينڊ سِول سوسائٽي حيدرآباد“
 (CPCS) طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. چار رنگي  سادي پر وڻندڙ ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب 160 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ سڀ کان پهريان ڊاڪٽر محبت جي مواد جي سهيڙ ڪندڙ رياضت ٻرڙي جا ٻه صفحا پيش لفظ طور ڏنل آهن، جنهن بعد  صفحي نمبر 6 تي ڊاڪٽر محبت پنهنجي پاران طور ويٽنامي شاعر توئي دين جو هڪ مختصر نظم ڏنو آهي جيڪو سچ ته ڏاڍو اتساهيندڙ آهي ۽ هتي به اهو ننڍڙو نظم لکڻ تي دل چوي ٿي:

ياد رک!

تو وٽ تنهنجو عقل ۽ تنهنجو علم،

تنهنجي وطن ۽ قوم جون امانتون آهن،

امتحان پاس ڪري،

وطن جي ويرين وٽ ڪرسي ماڻڻ،

تنهن کان وڏي

بي حيائي ۽ غداري ٻي ڪانهي.

پنهنجي علم کي

پنهنجي وطن جي نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪر،

پنهنجي حياتيءَ جي پل پل سان

قوم جي تاريخ ۾ سونهن ۽ سينگار پيدا ڪر.

هيءُ ڪتاب، بنيادي طور ڇهن بابن تي مشتمل آهي جيڪي ترتيبوار هن ريت آهن: 1- جدلي ماديت- مارڪسي فلسفو، 2- مارڪسي فلسفي جو اُسرڻ ۽ ان جي ترقي، 3- مادو ۽ ان جي وجود رکڻ جون شڪليون، 4- شعور جو بڻ بنياد ۽ ان جي فطرت، 5- جدليات جا بنيادي قانون ۽ درجا، ۽ 6- جدلي ماديت جو عملي نظريو.

حقيقت هيءَ آهي ته موضوع جي لحاظ کان هي ڪتاب جيڏو ڳوڙهو آهي اوڏو ئي اهم پڻ. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جدلي ماديت جي فلسفي ۽ نظرين کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ منهنجي خيالن ۾ هيءُ پنهنجيءَ نوعيت جو منفرد ڪتاب آهي. ڊاڪٽر محبت هن ڪتاب کي وڏي محبت ۽ چاهه سان ترجمو ڪيو آهي. ايتري تائين جو ڪيترن ئي فلسفياڻن اصطلاحن کي به نهايت سولي سنڌيءَ جو روپ ڏنو آهي. ڊاڪٽر محبت جو هيءُ ڪتاب پنهنجي موضوع جي اهميت جي لحاظ کان ترجمي جي ميدان ۾ هڪ اهم وک آهي. البته ڊاڪٽر محبت جي هن وقت تائين ڇپيل ڪتابن منجهان هيءُ واحد ڪتاب آهي، جنهن کي ترجمو ڪندي ڊاڪٽر تحريف ۽ توضيح کان ڪم ورتو آهي حتاڪه ڪيترين ئي جاين تي لطيف جا بيت ڏئي، ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

(12) ڌرتي منهنجو گهر

ڊاڪٽر محبت هڪ ليکڪ طور نه رڳو ادب، سماج، سياست ۽ لسانيات کي پنهنجو موضوع بڻايو، پر هن ڪيترن ئي سائنسي موضوعن تي پڻ قلم کنيو، جنهن جو ثبوت ڪتاب- ”ڌرتي منهنجو گهر“ آهي. هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت جي ٻارهين ورسيءَ جي موقعي تي اپريل 2009ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان ڇپرايو ويو. ڪاري آسمان ۾ ڌرتيءَ جي گولي جي خوبصورت تصوير سان سينگاريل چار رنگي ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب 80 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ اڪيڊميءَ جي چيئرمن خادم حسين رند ”اداري پاران“ هڪ صفحو لکيو آهي، جنهن بعد ”پس منظر“ جي عنوان سان رياضت ٻرڙي جا ٻه صفحا ڏنل آهن. ان کان پوءِ ڊاڪٽر محبت پاران هن ڪتاب لکڻ جي مقصد جي حوالي سان نهايت مختصر نموني ٻه اکر لکيل آهن. هن لکيو آهي ته:

”هيءُ ڪتاب، ان نيت سان لکيو ويو آهي ته نه رڳو هوشيار شاگرد پاڻ سمجهڻ پر اهي وڏڙا، جيڪي پنهنجي ايندڙ نسل کي علمي ۽ سياسي سمجهه سان مالا مال ڪرڻ گهرن ٿا، پاڻ پڙهي، پنهنجن ٻارڙن کي سولائيءَ سان سمجهائي سگهن.“

ڪتاب ”ڌرتي منهنجو گهر“ مختلف ننڍن ننڍن عنوانن تي مشتمل آهي، جن ۾ ”ٿوري ڄاڻ سڃاڻ (اسين ڪٿي رهون ٿا؟) ڌرتي ڪيئن ڄائي؟، ڌرتيءَ جي ڄمار، ڌرتي گولو/ ڇا ڌرتي گول آهي؟، هڪ وڏو چقمق، اچو ته ”ڌرتي“ ٺاهيون ۽ ان  کي وڍيون، ڌرتيءَ جو اندر ڪيئن ”ڏٺو“ ويو؟ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو/ ٻاهر، ڌرتيءَ جو قد ڪاٺ- ننڍڙي ڌرتي، وڏڙي ڌرتي- ڌرتيءَ جي ماپ ۽ تور، ڌرتيءَ جي چرپر، ڌرتيءَ جو وايو منڊل، ڪجهه وصفون/ سمجهاڻيون“ شامل آهن.

مٿين عنوانن مان ظاهر آهي ته هن ڪتاب ۾ ڌرتيءَ جي قدامت کان وٺي سندس مقناطيسي عمل توڙي معدنيات وغيره تائين ڀرپور ڄاڻ مهيا ڪئي وئي آهي. مان سمجهان ٿو ته هيءُ ڪتاب، هر ان ماڻهوءَ کي پڙهڻ کپي جنهن جي ذهن ۾ ڌرتيءَ جي اصليت ۽ حقيقت متعلق سوين سوال آهن. هن ڪتاب ۾ انهن سوالن جا جواب نهايت آسان نموني سمجهايل آهن.

(13) آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي

ڊاڪٽر محبت پنهنجي حياتيءَ ۾ ترجمي جي حوالي سان نهايت ڪارائتو ڪم ڪيو آهي. جنهن جو هن کان اڳ به مختصر ذڪر ڪري آيا آهيون. هن جي وفات کان پوءِ سندس ترجمو ڪيل جيڪي ڪتاب منظرِ عام تي آيا آهن، انهن ۾ هن ڪتاب جي تمام وڏي اهميت ۽ افاديت آهي. ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ ڊاڪٽر محبت جي تيرهين ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. سنڌ جي طبعي ڀاڱن کي واضح ڪندڙ سرحدي نقشي سان سينگاريل چار رنگي ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب 240 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي سوڌ، سنوار ۽ ترتيب رياضت ٻرڙي جي محنت جو نتيجو آهي. هيءُ ڪتاب، نامور تاريخدان ۽ زرعي ماهر ايم. ايڇ پنهور جي مضمونن ۽ مقالن جي ترجمي تي آڌاريل آهي. ڊاڪٽر محبت هن ڪتاب کي نهايت سليس ۽ سرل ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ڪتاب ۾ ڪتب آندل ڪيترن ئي ڏکين لفظن ۽ اصطلاحن کي ڏاڍي سهڻي نموني سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي.

مذڪوره ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهريون ڀاڱو ايم. ايڇ پنهور جي مضمونن ۽ مقالن جي ترجمي تي ٻڌل آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ضميمي طور ڪجهه تخليقي مضمون، خط ۽ ڪجهه ٻيا ترجمو مضمون شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ عبدالستار هڪڙي اداري پاران هڪ صفحو لکيو آهي، جنهن بعد ڪتاب جي مرتب رياضت ٻرڙي چئن صفحن تي مشتمل ’ٻه اکر‘ لکيا آهن. جنهن ۾ هن ڊاڪٽر محبت جي لکڻ واري سفر تي مختصر روشني وجهڻ بعد ڊاڪٽر محبت جي، پنهور صاحب جا مضمون ترجمو ڪرڻ واري ڪرت وارو پس منظر بيان ڪندي سٺي ڄاڻ ڏني آهي. هو لکي ٿو:

”ڊاڪٽر محبت 1993ع جي شروعات کان جناب ايم.ايڇ پنهور جي مقالن، مضمونن ۽ ڪتابن جو ترجمو ڪرڻ جي وڏي رٿا جوڙي هئي، جنهن ۾ نه رڳو هن پنهور صاحب جي ٻن ڪتابن ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري...“ ۽ ”سورس مٽيريل....“ جي ترجمن جو ڪم شروع ڪري ڏنو هو، پر پنهور صاحب جي مقالن ۽ مضمونن جي ضخيم سهيڙ بعنوان ”اينشنٽ سنڌ“ (Ancient Sindh)(اڻ ڇپيل) مان ترجما پڻ شروع ڪري ڏنا هئا ۽ ڪجهه ٻين ميسر مضمونن مان پڻ ترجمو پئي ڪيو.“

ڪتاب جي ٻنهي حصن ۾ سنڌ بابت گهڻ رخي ڄاڻ مهيا ڪيل آهي. جنهن جو اندازو عنوانن منجهان ئي لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ جيڪي مضمون ۽ مقالا شامل ڪيا ويا آهن انهن جا عنوان هن طرح آهن. ”سنڌ ۾ ماڻهو“، ”سنڌ جا شهر ۽ وسنديون“، ”سنڌ جون ٻوليون“، ”سنڌ جي ٻولي“،
”جاگيرپ خلاف سنڌ جي سرويچ جدوجهد“، ”آبهوائي تبديليون ۽ انهن جو اتهاس تي اثر“، ”سنڌ ۾ زرعي آبهوائي علائقن بابت نئين سوچ“، ”سنڌ ۾ ڳوٺائي مفلسي“، اهي سمورا عنوان نه رڳو سنڌ جي قدامت ۽ اهميت بابت ڄاڻ مهيا ڪندڙ آهن، پر سنڌ اندر ماحولياتي ۽ آبهوائي تبديلين توڙي جاگيرداري نظام خلاف هلندڙ جدوجهد ڏانهن به اشارا ڪن ٿا. سنڌ جي قديم ٻولين توڙي سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ اهميت تي به انهن عنوانن وسيلي روشني پوي ٿي. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ انهن مضمونن ۽ مقالن جو مطالعو ڪندي محسوس ٿيندو ته موضوعاتي حساب سان هي نهايت ڳوڙهيون تحريرون آهن. انهن کي انگن اکرن، سالن، نقشن، تصويرن توڙي ڊاياگرامن وسيلي آسان ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ڊاڪٽر مضمونن جي ڏکي ٻوليءَ کي آسان ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن، جنهن ۾ هو يقيناً سڦل ويو آهي.

ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ڪتاب جي موضوع سان لاڳاپيل پنج عنوان ”پاٿر ڄمار“، ”ماڻهوءَ جهڙو جانار ۽ ماڻهو“، ”ايم.ايڇ پنهور جو ڊاڪٽر محبت ڏانهن خط“، ”ايم.ايڇ پنهور ڏانهن ڊاڪٽر محبت جو خط“ ۽ ”ٿر ۽ ڪوهستان رڻ جا وڻ ٽڻ“ (مسز فرزانه پنهور جو لکيل مضمون) شامل آهن. جن مان پهريان ٻه عنوان ڊاڪٽر محبت جا تخليقي مضمون آهن، جيڪي هن کان اڳ سندس ڪتاب
”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ ۾ پڻ شامل آهن، پر ڪتاب جي مرتب هن ڪتاب جي موضوع کي ڌيان ۾ رکندي انهن مضمونن کي ٻيهر جاءِ ڏني آهي. اهڙي طرح هن حصي جي آخر ۾ ڪتاب جي مرتب رياضت ٻرڙي طرفان ايم.ايڇ پنهور ۽ داڪٽر محبت جا پروفائيل ۽ ڪتاب جي حوالي سان 8 صفحن تي مشتمل ڪوش 
(Glossary) به ڏنل آهي، جنهن تي بيشڪ هن وڏي محنت ڪئي آهي.

(14) ڏاهپ جو جنم

هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت جي ترجمو ڪيل ڪتابن واري فهرست ۾ شامل آهي، جيڪو 2011ع ۾ سندس چوڏهين ورسيءَ تي سِي.پِي.سِي. ايس (CPCS) حيدرآباد پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. 190 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڪامريڊ ڪارل مارڪس جي تصوير ڏنل آهي. هن ڪتاب اصل انگريزي ٻوليءَ ۾ ”برٿ آف اَ جينيسَ: دَ ڊولپمينٽ آف دَ پرسنلٽي ائنڊ ورلڊ آئوٽ لُڪ آف ڪارل مارڪس“ جي نالي سان لکيل آهي جنهن جو ليکڪ گينرخ وولڪوف آهي. بعد ۾ ان ڪتاب جو تقي حيدر ”ايڪ عالي دماغ ڪي پيدائش: ڪارل مارڪس ڪِي شخصيت اور عالمي زاويه نظر ڪا ارتقا“ جي نالي سان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن جي ڪجهه حصي کي ڊاڪٽر محبتَ ٻرڙي سنڌي جو روپ ڏئي ”ڏاهپ جو جنم“ نالي سان 1983ع ڌاري اڻ پورو ڇڏي ڏنو. رهيل هڪ حصي جو ترجمو سندس ڀاءُ رياضت ٻرڙي هن ڪتاب ڇپجڻ واري سال يعني 2011ع ۾ ڪيو. ڪتاب جي منڍ ۾ رياضت ’ٻه اکر‘
جي سري سان لکيل تحرير ۾ ان حوالي سان لکيو آهي ته: ”پڇاڙڪن ٽن بابت ۽ پڄاڻيءَ جو ترجمو مون پاران ئي ڪيل آهي.“ رياضت ٻرڙي ڪتاب جو انتساب سنڌي ادب جي نامياري ڏاهي سائين محمد ابراهيم جوئي جي نالي ڪيو آهي.

مذڪوره ڪتاب پنهنجي انگريزي ۽ اردو نالن منجهان ئي ظاهر آهي ته هي دنيا جي هڪ ڏاهي ڪارل مارڪس جي زندگي، فڪر ۽ نظريي جي موضوع تي لکيل ڪتاب آهي. جنهن ۾ ليکڪ گيزخ وولڪوف مختلف بابن وسيلي مارڪس کي پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. هن ڪتاب جو سنڌي عنوان جيتوڻيڪ ڪتاب جي انگريزي ۽ اردو عنوانن سان ٺهڪندڙ نه آهي، پر ڪتاب جي سنڌيڪار ڊاڪٽر محبت، مارڪس سان نظرياتي لڳاءَ ۽ محبت سبب هن ڪتاب کي محبت سان ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪارل مارڪس جي حياتيءَ سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون موجود آهن، جيڪي هن کان اڳ منظر عام تي نه آيون هيون.

ڪتاب جي ’پيش لفظ‘ ۾ ڪتاب جي اهميت، افاديت ۽ مقصد کي هن طرح واضح ڪيو ويو آهي:

”هيءُ ]ڪتاب[ ان نيت سان لکيو ويو آهي ته مارڪسزم ]مارڪسي- راهه[ جو هڪ قسم جو ”تعارف“ هجي، ان عظيم نظريي جي وجود ۾ اچڻ ۽ ان جي اوسر جي هڪ ڳالهه هجي، جنهن انسانذات جي مقدر تي، ڪنهن به ٻي نظريي کان وڌيڪ اثر وڌو آهي.... هن ڪتاب جي ڌيان جو مرڪز سائنسي ڪميونزم جي بانيءَ جي حياتيءَ جو هڪ ننڍڙو مُدو، 1835ع کان 1844ع تائين وارو دَور آهي يعني جمنازيم مان تعليم وٺي واندو ٿيڻ کان پوءِ کان وٺي پهريُن لکڻين تائين وارو اهو مُدو، جنهن ۾ ماديت ۽ سائنسي ڪميونزم تائين عبور هڪ حقيقت بڻجي وڃي ٿو.... ان مُدي ۾ هڪ ننڍي بورجوا گهراڻي جي فرد ۽ جمنازيم جي اڳوڻي شاگرد روحاني اوسر جون اُوچايون اُڪريون ۽ پنهنجي دَور ۽ ان دَور جي ماڻهن (هم عصرن) کان گهڻو اڳتي نڪري ويو.... هن ننڍڙي ڪتاب جي مقصد لاءِ انهن خاص خاص پاسن تي زور ڏيڻ ئي ڪافي آهي جن تي مارڪس جي شخصيت جي ۽ هن جي عالمي نُڪتي نظر جي اوسر ٿي.“

هيءُ ڪتاب، مختلف عنوانن وارن يارنهن بابن ۽ ’پڄاڻي‘ تي مشتمل آهي، جيڪي ترتيبوار هن طرح آهن: ”خواب لهندڙ بي عَمليءَ“ جون ٻيڙيون“، ”هڪ ڌنڌي جي ڳولا“، ”مِهڻي جي مار“
۽ ”شاعراڻي شعلي جي طلب“، ”آهي ڳالهه سڌي، خدائن کان مون کي نفرت آهي“، ”فلسفي کان سواءِ ڪا به اڳڀرائي ممڪن ناهي“، ”حقيقت تي بنا رک رکاءُ تنقيد“، ”هڪ سچي جنگجو نعري جي ڳولا“،
”ڪميونزم: مڪمل انسان دوستيءَ جي حيثيت ۾“، ”هڪ ڏاهو ۽ ان جو ماحول“، ”ڏاهي جي ساٿ ۾- هڪ ٻيو ڏاهو“ ۽ ”ناڻي جو فلسفو“. هر باب جي منڍ ۾ هڪ قول ڏنل آهي. اهڙن قولن مان نوَ ڪارل مارڪس جا، ٻه لينن جا ۽ هڪ اينجلس جو آهي. اهي قول جهڙوڪر بابن جي اهميت کي به اجاگر ڪن ٿا.

(15) فلسفو: هڪ مطالعو

ڊاڪٽر محبت جي پسنديده موضوعن مان فلسفو به هڪ هو، جنهن تي پڻ هو وقتاً فوقتاً ڪم ڪندو رهيو. مذڪوره ڪتاب فلسفي جي بنيادي تعارف جي حوالي سان مختصر هوندي به پنهنجي موضوع جي حوالي سان ڪافي جامع آهي. ”فلسفو: هڪ مطالعو“ ۾ دراصل ڊاڪٽر محبت جي ٻن ننڍڙن ڪتابن 1. فلسفو ۽ 2. مارڪسي لينني فلسفو، کي شامل ڪيو ويو آهي. احسان دانش (راقم) طرفان پڪاسو جي پينٽنگ ڏئي سنواريل ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب 96 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ڊاڪٽر محبت جي پندرهين ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جنهن جي سهيڙ جو ڪم رياضت ٻرڙي سرانجام ڏنو.

ڪتاب ”فلسفو: هڪ مطالعو“ ۾ موجود پهريون ڪتاب ’فلسفو‘ اَٺن عنوانن تي مشتمل آهي، جيڪي ترتيبوار هن طرح آهن: ”تعارف“، ”فلسفي جي ٻني“، ”نڪتهءِ نظر ۽ ڀروسو“، ”فلسفي جو جانبدار ڪردار“، ”ماديت خيال پرستي“، ”جدليات ۽ مابعد طبعيات“، ”جدلي ماديت“ ۽ ”مارڪسي فلسفي جو اسرڻ“. انهن عنوانن وسيلي ڊاڪٽر محبت فلسفي جي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. ڪتاب جي هن حصي جي خاص خوبي اها آهي، ته ڊاڪٽر محبت هر عنوان تي لکڻ کان اڳ هڪ بيت ڏنو آهي. هڪ ڳوڙهي موضوع کي آسان طرح سمجهائڻ لاءِ هن مضمونن جي وچ وچ ۾ به لطيف سائين جا بيت ڏنا آهن. مذڪوره سمورا عنوان جيتوڻيڪ پنهنجي اندر وڏي موضوعاتي وسعت رکن ٿا پر ڊاڪٽر محبت انهن عنوانن تي لکندي ڄڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. ڪتاب جو مرتب رياضت ٻرڙو ”ٻه اکر“ جي سري هيٺ ڪتاب جي اهميت کي اجاگر ڪندي لکي ٿو:

”پهريون ڪتاب، فلسفو اهڙي ته وڻندڙ ٻوليءَ ۾، سهڻن سنڌي شعرن سان سينگاري لکيل آهي، جو ڇا چئجي! ائين ٿو لڳي ته ڊاڪٽر محبت ڪا وڻندڙ آکاڻي ٻڌائي رهيو آهي، جنهن ۾ دقيق، ڳوڙهن ۽ متيون منجهائيندڙ لفظن ۽ جملن کان ائين پاسو ڪيل آهي ڄڻ ته اُهي سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن ئي ڪونه.“

ڪتاب جو ٻيو حصو جيڪو هڪ ننڍڙي ڪتاب ’مارڪسي لينني فلسفو‘ جي عنوان تي مشتمل آهي، تنهن ڪتاب جا 23 صفحا والاريا آهن. هن حصي ۾ ڊاڪٽر محبت مارڪسي ۽ لينني فلسفي کي چارٽن ۽ ٽيبلن وسيلي سمجهايو آهي، جنهن ۾ واضح طور 1 مارڪسي- لينني بناوت‘،
’جدلي ماديت‘، ’فلسفي جو بنيادي سوال‘، ’اول ڇا آهي: مادو يا شعور؟‘، ’ماديتي فلسفي جي ترقيءَ ۾ بنيادي ڏاڪا‘، فلسفي جو بنيادي سوال‘، ’مارڪسي فلسفي جي ڦٽي نڪرڻ لاءِ حالتون‘، ’هيگل جي فلسفي جو چارٽ‘، ’لينن پاران مادي جي تشريح‘،
’مادي جي بناوت‘، ’سماجي شعور جي بناوت‘،
’جدليات جون اهم صورتون‘ وغيره موضوع شامل آهن. ڪتاب جي هن حصي کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو، ته اهو ڪو ڪتاب نه آهي پر ڊاڪٽر طرفان ڏنل ڪنهن ليڪچر جو مواد آهي، جنهن کي هن بورڊ تي يا نقشن ۽ چارٽن وسيلي ئي پيش ڪيو هوندو، ان ليڪچر کي هاڻي ملٽي ميڊيا (پاور پوائنٽ) تي ڀرپور نموني پيش ڪري سگهجي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مارڪسي لينني فلسفي جهڙي ڏکئي موضوع کي ڊاڪٽر ان طرح ڏاڍي سولي ۽ سهنجي نموني سمجهايو آهي.

(16) ضميري پڇاڙيون

ٻولي، ڊاڪٽر محبت جي سموري ڪم جو محور آهي. ٻوليءَ جي موضوع تي هيءُ سندس ڇهون ڪتاب آهي. جڏهن ته مجموعي انگ ۾ هيءُ ڪتاب، ڊاڪٽر محبت جي وصال پُڄاڻان ڇپيل سورنهون ڪتاب آهي، جنهن کي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان 2013ع ۾ سندس سورنهن ورسيءَ تي پڌرو ڪيو ويو. گهڻ رنگي گل واري ٽائيٽل سان سينگاريل هيءُ ڪتاب، 112 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي پيشڪش آهي رياضت ٻرڙي جي.

مذڪوره ڪتاب در اصل ڊاڪٽر محبت جي لکيل هڪ مقالي تي ٿيل تنقيد جو جواب آهي، جنهن بابت هن ڪتاب جو پيشڪار رياضت ٻرڙو ’پيش لفظ‘ ۾ هن طرح وضاحت ڪئي آهي: ”موجوده ڪتاب جو پس منظر هي آهي ته ”ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي“ عنوان سان هن (ڊاڪٽر محبت) هڪ مفصل تحقيقي مقالو لکيو جيڪو ٽه ماهي مهراڻ 1- 2 / 1994ع ۾، 60 صفحن تي ڇپيو. ان مقالي جو اڀياسُ، سنڌي ٻوليءَ جي فدائي، جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا ”’ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي‘ مقالي جو لسانياتي اڀياس“ عنوان سان لکيو، جيڪو پڻ مهراڻ 1/ 1995ع ۾، 34 صفحن تي ڇپيو. جيئن ته ڊاڪٽر الانا جي گهڻين ئي وضاحتن ۽ اعتراضن سان ڊاڪٽر محبت متفق نه هو، ان ڪري هن هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳئي موضوع ’ضميري پڇاڙين‘ تي ڊاڪٽر الانا جي مقالي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، جوابي ۽ چٽائي ڪندڙ تفصيلي مقالو ”اڀياس جو اڀياس“، لڳ ڀڳ 100 صفحن تي مشتمل لکيو ۽ مهراڻ ڏي ڇپائيءَ لاءِ، منهنجي معرفت موڪليو، پر تنهن وقت جي محترم ايڊيٽر ڪن ”مجبورين“ سبب اهو مقالو نه ڇپيو ۽ معذرت سان واپس ڪيو.“ ڊاڪٽر جو اهو مقالو بعد ۾ ڪينجهر رسالي ڏانهن موڪليو ويو پر اُتي به نه ڇپجي سگهيو ۽ اتان گم ٿي ويو. هي ڪتاب انهي مقالي تي مشتمل آهي. رياضت ان بابت وڌيڪ لکي ٿو:

”ان اهم مقالي ”اڀياس جو اڀياس“ جي ميسر 80 صفحن جي اڻ پوري مواد کي، ٻي واسطيدار رف مواد سان ڀيٽي، ”ضميري پڇاڙيون“ عنوان هيٺ پيش ڪري رهيو آهيان.“

هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين بابت تمام اهم معلومات موجود آهي ۽ تنقيد جي جواب ۾ ڊاڪٽر جو نهايت مدلل ۽ عالماڻو انداز اختيار ڪيل آهي. ڪتاب ننڍن ننڍن عنوان ۾ ورهايل آهي، جهڙوڪ: ”وڌيڪ اڀياس ۽ پاڻ کي درست ڪرڻ جي گهرج“، ”وچياڙي“، ”اڳياڙين ۽ پڇاڙين ملائڻ لاءِ ڌاتو جو شرط“، ”مفرد ۽ مرتب لفظن بابت تصور“، ”عجيب دعويٰ“، ”اسان“ بابت وري سوچڻ جي گهرج“، ”نئين کوجنا“، ”ضميري پڇاڙيءَ جو ڪارج“، ”’اربع خطا‘ ۽ ليکڪ جو هڪ استاد“، ”فعل لازمي ۽ زمان ماضي“، ”ضمير متڪلم واحد ۽ ان جي ضميري پڇاڙي“. اهي سمورا عنوان ڪتاب جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. انهن عنوانن وسيلي ڊاڪٽر محبت، الانا صاحب کي مدلل جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ واري سفر کان هڪ عالم ۽ لسانيات جي ماهر واري حيثيت تائين اسان کي هڪ محنتي، جاکوڙي ۽ مستقل مزاج انسان طور نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن وقت تائين هن جو سمورو علمي ادبي پورهيو منظر عام تي نه آيو آهي. (جيڪو اميد آهي ته وقت سر ضرور پڌرو ٿيندو.) پر سندس موجود مواد جي بنياد تي اسان چئي سگهون ٿا ته هو سنڌ جو هڪ جينيس فرد هو، جنهن پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان بيحد محبت پئي ڪئي. هن جي سڄي زندگي ان محبت جو ثبوت آهي. خاص طور هن عمر جي پڇاڙڪن ستن سالن ۾ پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ سان چاهه جو عملي ثبوت ڏيندي هڪ ٻئي پُٺيان ڇهه ست ڪتاب لکي ورتا، جيڪي سندس وفات پُڄاڻان پڌرا ٿيا. سندس وصال کان پوءِ هن وقت تائين يعني سورنهن سالن ۾ اسان جي هٿن ۾ سندس سورنهن ڪتاب پهتا آهن، جنهن سان ڊاڪٽر محبت جي ڪم جي وسعت جو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ڪتابن جي بنياد تي سندس علمي، ادبي قد ڪاٺ جو تعين به آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان مان ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي ساٿين: ستار هڪڙي، ڀائو در محمد ٻرڙي، دين محمد ڪلهوڙي، خادم رند ۽ رياضت ٻرڙي کي جس ڏيندس جن جي ڪوششن سان اهي ڪتاب پڌرا ٿيندا رهيا آهن.

 

مددي ڪتابَ

1.       ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 1998ع

2.      ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 1999ع

3.      ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، اپريل 2000ع

4.      ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”يادون ۽ سُڪونُ“، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2001ع

5.      ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”ٻوليءَ جو بُڻ“ (سنڌي ٻوليءَ جي خصوصي حوالي سان)، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2002ع

6.      ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2003ع

7.      ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”شعور“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2004ع

8.      ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ (ترجمو)، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2005ع

9.      ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”سنڌ: حڪمران، ايم.ڪيو.ايم ۽ سنڌي عوام“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2006ع

10.  ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”ٻول جو بڻ“، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2007ع

11.   ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“، (ترجمو)، سِي.پِي.سِي.ايس (CPCS) حيدرآباد، مارچ 2008ع

12.  ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”ڌرتي: منهنجو گهر“، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر اپريل 2009ع

13.  ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“، (ترجمو)، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر اپريل 2010ع

14.  ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”ڏاهپ جو جنم“، (ترجمو) سِي.پِي.سِي.ايس (CPCS) حيدرآباد، اپريل 2011ع

15.  ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”فلسفو: هڪ مطالعو“، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2012ع

16.  ٻرڙو محبت ڊاڪٽر، ”ضميري پڇاڙيون“، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، اپريل 2013ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org