سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 1/ 2015ع

باب:

صفحو:8

عبدالقيوم صائب

 

 

 

 

  غزل
 

(1)

 ڪي ڪڻا آهن، اڃا جي سنڌ کي سارين پيا،

 ۽ وطن جي حبّ واري، قول کي پارين پيا.

(2)

 مينهن آڏو ڪهڙي مرلي، انڌ آڏو ڇا رئڻ!

ڇا سبب، ماڻهو رڳو، هرک ئي هارين پيا.

(3)

آيلن جي آڏتي جيڪا سياست ٿي هلي،

سو سراسر ڍونگ سان سڀ، ميم ۾ مارين پيا

(4)

دادلا پاڻهي اچن ٿا، دام جو ڪهڙو قصور،

ڊوهه کي سمجهن نٿا ۽، پاڻ کي تارين پيا.

(5)

غير تي هو ڀروسو، خود پاڻ کي ڌوڪو ڏيڻ،

آزمايل، آزمائي، آسمان ڏارين پيا.

(6)

پير تي پنهنجي ڪهاڙو،جيڪي هڻندا جانشين،

هٿ وٺي سي حاڪميءَ کي، پاڻ تان وارين پيا.

(7)

ڪهڙي ڪهڙي گل جي خوشبو ٿي طبيعت تي پوي،

هي بهاني ساز اِن رؤ، جيءَ کي ٺارين پيا.                                                               (8)

 روح پرور رمز سان، راءُ ريجهائڻ کپي،

سُر سُڻي جي ڪينري جا، زندگي گهارين پيا.

                                                                (9)

آهه سڀ کي نيٺ ڏيڻو، دين و دنيا جو حساب،

ڪي کرن ٿا پاڻُ ڄاڻي، ڪي ٻين کارين پيا.                                                                 (10)

يار ’صائب‘، پنهنجي حالت، تو بڻائي آهه ڇا!

تنهنجا پنهنجا، تنهنجي پويان، باهه ڇو ٻارين پيا.

مقصود گل

 

 

 

 

 

غزل

 

نينهن ۾ ناچاڪ آهيان دوستو!

تنهنڪري غمناڪ آهيان دوستو!

 

چنڊ تارن سان مُنهنجي دوستي،

رات جو رولاڪ آهيان دوستو!

 

مُنهنجي گفتن ۾ صدائون سوز جون،

عشق جو اٻڙاڪ آهيان دوستو!

 

شبنمي ڌارا اکين جي اوت ۾،

پرهه جو پيئاڪ آهيان دوستو!

 

درد سان ڌوئي اندر اُجرو ڪيم،

تن صفا، دل پاڪ آهيان دوستو!

 

عشق وحدت ۾ پڪو ايمان آ،

برهه ۾ بيباڪ آهيان دوستو!

 

ٿي رکي انسانيت ۾ دل يقين،

اُنس جو ادراڪ آهيان دوستو!

 

مُنهنجي نيت ۾ نچن ٿيون اُلفتون،

نفرتن کان پاڪ آهيان دوستو!

 

باغُ منُ، گل، واسُ، هيرون هيج جون،

مان وفا جو واڪ آهيان دوستو!!

هدايت بلوچ

 

 

 

 

 

غزل

 

اچو هٿ وڌايون، ۽  گڏجي هلون،

اچو سر ملايون، ۽ گڏجي هلون.

نه هڪٻئي جي عيبن تي چٿرون ڪيون،

سڀئي ڦٽ ڇُٽايون، ۽ گڏجي هلون.

ڪو ايڪي جو اعلان، اهڙو ڪريون،

سڀئي ساڻ آهيون، ۽ گڏجي هلون.

وڙهڻ ۾ گهڻو وقت، نڪري ويو،

ڳلي پاڻ لايون، ۽ گڏجي هلون.

گڏيل پنهنجا رستا، گڏيل منزلون،

سڀن کي سُڻايون، ۽ گڏجي هلون.

شهيدن جا بدلا، ته جيسين وٺون،

نه جيئرا جلايون، ۽ گڏجي هلون.

هيئين سان هدايت، هنڍائي ڇڏيون،

اسين ديس آهيون، ۽ گڏجي هلون.

 

غزل

ڌرتي ناهي، تڏجڻ خاطر،

لڄون نه آهن، لٽجڻ خاطر.

ڳوڙها اک ۾، ايندا آهن،

پيار منجهاران، اگهجڻ خاطر.

نيڻ ته آهن، مڌ پيڻ لئي،

نيڻ نه آهن، چڀجڻ خاطر.

ڳل تي رهنڊون، توبه توبه!

ڳٽا ته آهن، چمجڻ خاطر.

مٽي ڪرڪي، مور نه مرڪي،

سنڌ نه آهي، سُڏڪڻ خاطر.

سورن کان ڪجهه، ساهي گهرجي،

لڙڪ اگهياسون، مرڪڻ خاطر.

نيڻ هدايت، ننڊ نه ڄاڻن،

ائين سمهون ٿا، سمهڻ خاطر.

آزاد قاضي

 

 

 

 

غزل

 

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاريان ٿو،

پنهنجي ماضيءَ کي ڄڻ وساريان ٿو.

تنهنجون يادون، عجيب يادون هِن،

تن سان جيءَ کي ته مان جياريان ٿو.

يار تو سار آ لڌي ڪڏهين،

تو سوا ڪيئن ته مان گذاريان ٿو.

بي رُخي بار بار تنهنجي ڏسي،

دل جي جذبن کي مان به ماريان ٿو.

تون جفائون ڪرين ڀلي پيو ڪَر،

پرت پنهنجي کي، مان ته پاريان ٿو.

ڪڏهن ڀلجي پڇيو اٿئي مون کان،

تو سوا ڪيئن ته پاڻ ٻاريان ٿو.

تنهنجي يادن جي يادخاني ۾،

ديپ يادن جا ڪي ته ٻاريان ٿو.

ڪيئي اُڌما اندر جون آلاپُون،

دل کي ڪيئن مان به پيو ڌتاريان ٿو.

تنهنجي يادن جا ديپ دل ۾ ٻرن،

ڪا گهڙي يار جي نه ساريان ٿو.

(شمشيرالحيدري جي غزل کان متاثر ٿي، ساڳئي تتبع تي چيل)
 

غزل

عشق جي ايوان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا،

نينهن جي نيشان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

من جي منشا اڌوري نه رهجي وڃي،

دل جي درمان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

نينهن آهي شينهن ايئن چوندا هِن،

پوءِ به جانان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

نينهن جي شينهن پئي ستايو آ،

ان جي نيشان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

سُک، صُلح، سانت سڀ ڇڏائي ويا،

گوڙ گهمسان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

لوڪ سان گڏ لُڙهي ٿياسين لهوارا،

هاڻ ارمان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

ابليس کان هت هرڪوئي وڌِ آهي،

ڇو رڳو شيطان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

روز ڪيئي هِت مورتيون ۽ بُت پيا ڀڄن،

پاڻ بس بانانَ* جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

ساري دنيا ڪري پئي امن جون ڳالهيون،

پاڻ جوش ۽ جولان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

جوش ۾ هوش رهندو نه آ ڪڏهين،

پاڻ پنهنجي ئي نقصان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

ظلم، ڏاڍ، جبر، ٿئي ته ڀل پيو ٿئي،

هاڻِ حضرتِ انسان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

هُن جي محبت ۽ پيار جياريو آ،

اُن جي احسان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

تونگري به دِل است، چوندا هِن،

سُڃ هوندي، سلطان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.

عشق ’آزاد‘ رڳ رڳ ۾ رچي ويو آ،

پيار و پيمان جون ڳالهيون ڪريون ويٺا.


* افغانستان جو بانانَ صوبو، جتي طالبان ٻڌ جا مجسما ڀڳا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org