سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 1/ 2015ع

باب:

صفحو:18

شبنم گل

 

 

 

 

سنڌي ڪهاڻي: هڪ صديءَ جو سفر

ڪهاڻي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ سماجي دستاويز آهي، جنهن ۾ مختلف دورن جي تاريخ جو عڪس صاف پسي سگهجي ٿو. ڪهاڻي اندر جي اڌمن جو اظهار آهي، هڪ اهڙو اظهار، جنهن وسيلي تخليقڪار پنهنجي اندر جي منفرد دنيا کي دريافت ڪري ٿو. سنڌي سماج ميڙ مان اُسرندڙ تخليقي سگهه رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته مچ ڪچهريون، ميلا ملاکڙا ۽ ادبي محفلون تخليقي عمل لاءِ سدائين راهه هموار ڪندا رهيا آهن. لوڪ ادب ۽ لوڪ داستان جو بيش بها ورثو، جنهن قوم وٽ موجود هجي، اتي مضبوط تصوراتي سگهه موجود رهي ٿي. سياري ۾ پنهنجي ڳوٺ جون اهي مچ ڪچهريون اڄ به ياد آهن، جڏهن اڱڻ ۾ باهه جو مچ ٻاري سمورا گهر وارا چوڌاري ويهندا هئا ۽ پرولين، ڳجهارتن ۽ لوڪ داستانن کي ورجايو ويندو هو. سنڌي ادب ۾ جيئن ڪهاڻي سرجڻ لڳي ته ان جي پس منظر ۾ وڏڙن جون ٻڌايل لوڪ ڪهاڻيون ۽ داستانون اهميت جون حامل آهن. سنڌي ڪهاڻي جي شروعاتي دور ۾ هندي زبان جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون ۽ پرڏيهي ڪهاڻين جو بيش بها خزانو پڻ هندوستان جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿيڻ لڳو، ان بعد هندوستان جي ليکڪن مختلف ٻولين ۾ اورجينل ڪهاڻي لکڻ جو آغاز ڪيو. شوڪت شورو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته، ”1914ع ڌاري سنڌي ڪهاڻيءَ جو آغاز ٿيو، ان ڏس ۾ لال چند امر ڏني مل جي ڪهاڻي ”حُر مکيءَ جا“، ڀيرو مل مهر چند جي ڪهاڻي ”پريم جو مهاتم“، ديوان دولچند ڏيارام جي تاريخي رچنا ”نورجهان“، نرملداس فتح چند جي تاريخي ڪهاڻي ”سروجني“ ۽ محمد صديق مسافر جي تاريخي ڪهاڻي ”زيب النساءَ“ قابل ذڪر آهن.“

سنڌي ڪهاڻيڪار مختلف دورن ۾، حالتن ۽ واقعن جو گهرائيءَ سان مشاهدو ڪندو رهيو آهي، اها مشاهداتي سگهه ڪهاڻيءَ جي ان پوري صديءَ دوران محسوس ڪري سگهجي ٿي. بقول هڪ تجزيه نگار جي ”ڪهاڻيڪار ان وقت تائين ڪاميابي حاصل ڪري نه ٿي سگهي، جيستائين سندس فن ۾ جدت پسندي، معجز بياني، تخليق جي بلندي ۽ تصور جي وسعت جون صفتون يڪجا نه ٿيون ٿين.“ اها حقيقت آهي ته سنڌي مختصر ڪهاڻي فني گهرجن جي اعتبار سان ڀرپور تاثر ڏيندي رهي آهي. پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾، سنڌي ڪهاڻي اڻت ۽ جوڙجڪ جي لحاظ سان ڀرپور نظر اچي ٿي. سنڌي ڪهاڻيڪار هر دور ۾ ڪهاڻين وسيلي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي وائکو ڪندو رهيو آهي. هو طبقاتي نظام، اڻ برابري، معاشي ڇڪتاڻ، استحصال ۽ رجعت پرست روين خلاف وڙهندو رهيو آهي. مختصر ڪهاڻي جي خاص ڳالهه شروعات ۽ پڄاڻي جي مهارت آهي. فني جوڙجڪ جي لحاظ سان جمال ابڙو، انيس انصاري، اياز قادري ۽ نسيم کرل جون ڪهاڻيون سگهاريون آهن. جمال ابڙو جا موضوع معاشي ۽ معاشرتي حالتن جا ترجمان آهن، سندس ڪهاڻي ”پيراڻي“ ڀرپور احساساتي سگهه رکندڙ ڪهاڻي آهي، ساڳيءَ ريت انيس انصاري جون ڪهاڻيون مختصر ڪهاڻيءَ جي گهاڙيٽي تي پوريون لهن ٿيون. ڪهاڻيءَ جي شروعات پُراثر آهي، ڇاڪاڻ ته ڪهاڻين ۾ انيس هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف وسيلي ڪردارن جي روين ۾ تبديلي ڏيکاري ٿو ۽ ان ٽيڪنيڪ کي انگريزي ۾ Epiphany سڏين ٿا. جيمس جوائس سڀ کان پهريان اها ٽيڪنيڪ متعارف ڪرائي هئي، جنهن ۾ ڪردار حقيقتن کي شعور جي روشني ۾ نئين انداز سان ڏسن ٿا. موپاسان ۽ ڪرشن چندر وٽ Plot twist جي مهارت ملي ٿي. انيس جون اڪثر ڪهاڻيون Twist ending ڇرڪائيندڙ انڪشاف تي پڄاڻيءَ تي پهچن ٿيون، اهو ئي سبب آهي ته سنڌي ڪهاڻيڪار فني گهاڙيٽي ۽ موضوع جي اعتبار سان روايتي ورجاءَ کان هٽي لکيو آهي. سنڌي ڪهاڻيڪار، پرڏيهي ادب جي معيار جون ڪهاڻيون لکيون آهن، اها الڳ ڳالهه آهي ته کين سٺا نقاد يا تجزيه نگار گهٽ مليا آهن. تنقيد، تخليق جو صحيح ملهه مقرر ڪري ٿي، پر اسان وٽ بنا ڄاڻ جي مسترد ڪرڻ ُواري روايت عام آهي. جڏهن ته  شخصيت پرستي وڌيڪ ۽ فني اڏام گهٽ نظر اچي ٿي. تخليق جي اوسر لاءِ خالص رويا، اُتساهه ۽ غير جانبدار سوچ جي گهرج ٿئي ٿي. سنڌي ڪهاڻي، ان فني سفر ۾ ڪٿي به ٿڪ ڀڃندي نظر نه ٿي اچي، پر نقادن جي توجهه ڪهاڻي تي هر دور ۾ ساڳي ناهي رهي. ڪهاڻي ادب جي هڪ اهم صنف آهي، جيڪا خالص تنقيدي روين سان عروج تائين پهچي ٿي. ڪهاڻيڪار ڪيترو به سٺو ڇو نه لکن، پر جيڪڏهن ڪهاڻين کي پرک واري نظر ۽ غير جانبدار نقاد نٿا ملن ته تخليق جي اڏام بي اثر ٿيو پوي. سنڌي ڪهاڻيءَ کي نقاد ۽ اظهار جو رستو نه ملي سگهيو آهي ۽ سندس پهچ يا نمائندگي صوبي جي سطح تي به گهٽ نظر اچي ٿي. اردو کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي جا ڪتاب گهڻا ڇپجن ٿا. سنڌي ڪهاڻي علائقائي ڇاپ کان ٻاهر نه نڪري سگهي آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ اهميت ۽ موضوع جي اعتبار سان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ کپي. مارشل لا کان وٺي، مختلف سياسي تحريڪن تائين سنڌي ڪهاڻيڪار، مستقل ڪهاڻين وسيلي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو رهيو آهي. ارتقائي مرحلن مان گذرندڙ سنڌي سماج جي حالت شيخ حفيظ، ابن حيات پنهور، رشيد ڀٽي، سراج، ع، ق شيخ، جمال ابڙو ۽ اياز قادري جي ڪهاڻين مان ظاهر آهي. پنجاهه کان ستر واري ڏهاڪي تائين ڪهاڻي جي کيتر ۾ هلچل محسوس ٿئي ٿي. سماجي حقيقت نگاري کان رومانيت تائين منفرد موضوعن تي ڪهاڻيون ملن ٿيون. غلام رباني، بشير مورياڻي، حميد سنڌي، عبدالقادر جوڻيجو، امر جليل، وليرام ولڀ، ماڻڪ، شوڪت حسين شورو، عبدالحق عالماڻي، نجم عباسي، قمر شهباز، علي بابا، مشتاق احمد شورو، رشيد ڀٽي، مدد علي سنڌي، غلام نبي مغل، ڪيهر شوڪت، طارق عالم، ممتاز مهر، ماهتاب محبوب ۽ اخلاق انصاري مختلف ۽ وقتائتن موضوعن کي ڪهاڻين ۾ سهيڙيو. انهن موضوعن ۾، سماجي، وجودي، علامتي ۽ رومانوي لاڙا ملن ٿا.

 جديد ڪهاڻيءَ تي پرڏيهي ادب جو اثر نظر اچي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ سرئيلزم جو لاڙو مختلف موضوع ساڻ کڻي آيو، سماجي حقيقت نگاري کان هٽي ڪري، ڪهاڻيڪار پنهنجي اندر جي اسرارن کي دريافت ڪرڻ لڳو. بک، جنس، ڪاوڙ، خوف ۽ وجد جي ڪيفيتن جو اظهار موضوع ۽ ڊڪشن ۾ نواڻ آندي. سرئيلزم، فرائڊ جي ٿيوري ايگو ۽ سپرايگو جو اظهار آهي. ان لاڙي کي جديد ادب ۾ Magical realism (جادوئي حقيقت پسندي) جو نالو ڏنو ويو. ان ڪيفيت ۾ ڪهاڻيڪار جا خيال شعور جي وهڪري ۾ لڙهڻ لڳن ٿا، جنهن جي ڪري ٻوليءَ ۾ وسعت ۽ رواني محسوس ٿئي ٿي. اخلاق انصاري سرئيلزم، (خوابن ۽ لاشعوري وارتائن) جي موضوع کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي ڪهاڻين ۾ سهيڙيو آهي ۽ لياقت رضوي پڻ ان موضوع تي لکيو آهي. خواتين ڪهاڻيڪار معاشرتي تضاد، جنس جي تفريق ۽ هٿ ٺوڪين اخلاقي دردن جي باري ۾ وڌيڪ لکيو آهي. عورت من اندر جي راهن جي مسافر ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس حساسيت من اندر جي وارتائن کي باريڪ بيني ۽ خوبصورتيءَ سان نمايان ڪري ٿي. ثميره زرين، تنوير جوڻيجو، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب، زرينه بلوچ، فهميده حسين، رعنا شفيق، نورالهديٰ شاهه، نذير ناز، ليلى بانا، زبيده ميتلو، آمنه ابڙو، نسيم ٿيٻو، خيرالنساءَ جعفري، سحر امداد، شبنم گل، تهمينه مفتي، ج، ع منگهاڻي، شگفته شاهه، تانيه ٿيٻو، ريحانه نظير، نجمه پنهور، ثمينه ميمڻ، سنڌيا شاهه، شبانه سنڌي ۽ سدرة المنتهيٰ مختلف موضوعن کي ڪهاڻين ۾ سهيڙيو آهي، انهن ڪهاڻيڪارائن جو انٽيرير مونولوگ (خود ڪلامي) گهڻو جاندار آهي، ان وسيلي منطقي انداز ۾ اندروني تضاد کي نمايان ڪيو وڃي ٿو. جديد ڪهاڻيڪار، سماجي، سياسي، معاشرتي ۽ نفسياتي مسئلن، نئين ۽ پراڻي دور جي ٽڪراءُ ۽ تبديلي جي عمل کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي. ڪهاڻين ۾ سماجي/ سياسي مسئلن جي اپٽار سان گڏ ذاتي محرومين جو ذڪر پڻ ملي ٿو. حالتن پٽاندڙ احساس محرومي، جيڪا سنڌ جي مزاج جو حصو بڻجي چڪي آهي ۽ سدائين ڪهاڻيڪار جي تخليقي سگهه بڻي آهي.

 محمود مغل، زيب سنڌي ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، قاضي اياز مهيسر، رفيق سومرو، شرجيل، عزيز ڪنگراڻي، اسحاق انصاري، اشتياق انصاري، قاضي آصف، ايوب عمراڻي، امير ابڙو، جان خاصخيلي، عبيد راشدي، انور  ابڙو، منور سراج، امر لغاري، صديق مڱيو، حميد ابڙو، منظور جوکيو، رسول ميمڻ، ممتاز لوهار، جهان آرا سومرو، بانو محبوب جوکيو، زيب نظاماڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪهاڻيڪار آهن، جن پنهنجي مشاهداتي سگهه، تجربي ۽ حساسيت جا رنگ ڪهاڻين ۾ چٽيا آهن. پراڻا ڪهاڻيڪار شهرت ماڻڻ کانپوءِ ڪهاڻي کان منهن موڙي چڪا آهن، ان جو سبب پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪشش آهي، پر پوءِ به ڪي ڪهاڻيڪار اڄ به ڪهاڻيءَ جي منفرد صنف سان ساٿ نڀائي رهيا آهن. انيس انصاري اڪيڊمي نوَن ڪهاڻيڪارن کي همٿائڻ لاءِ مسلسل نوجوان ڪهاڻيڪارن کي لکڻ جو اُتساهه ڏيندي رهي ٿي. سنڌي ڪهاڻي جي صدي 1914ع کان 2015ع ۾ پوري ٿيڻ تي، ڪهاڻيءَ جي سئو ساله جشن طور مختلف شهرن ۾ انيس انصاري اڪيڊمي طرفان مختلف پروگرام ترتيب ڏنا ويا، اهي ڪوششون جاري رکڻ گهرجن، جيئن سنڌي ادب جي اها سگهاري صنف سدائين متحرڪ رهي.

نورمحمد شاهه

 

 

 

 

 

سنڌ جي تهذيب حيات ۽ انڪار جو اجنبي فتنو

 

سنڌ نه فقط هڪ جاگرافيائي ايراضي ۽ اُن جي پيداواري وسيلن جو نالو آهي، پر اُن تهذيب ۽ ثقافت جي وارث پڻ آهي جيڪا صدين جي بصيرت ۽ حڪمت جي سائنس آهي. اسان جي جيئڻ جي فلسفي ۽ عمل جي سليقي جا سڀ ڪلاسيڪي قدر اُن منجهه متعين آهن. اُنهن قدرن جي سائنسي حيثيت انڪري آهي جو سنڌ جي اِتهاس جا اعليٰ عارف ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي دؤر دؤران مطالعي ۽ مشاهدي بعد انهن قدرن ۾ زندگي ۽ عمل جي لافاني حسن، ڏاهپ ۽ حڪمت جي تصديق ڪندا پئي آيا آهن. 

انساني فڪر ۽ عمل جي روءِ داد کي ڏسجي ٿو ته پهرئين دائري ۾ عام ماڻهو ۽ روايتي علم ادب وارا شخص ملن ٿا، جيڪي ورثي ۾ مليل روايتن کي بنا شڪ شبهي جي مڃين ٿا ۽ پوءِ عمل وري ڪجهه رواج ۽ روايتن جي تقليد طور ته ڪجهه پنهنجي خواهشن ۽ تمنائن موجب ڪن ٿا. ٻئي دائري ۾ گهري غور فڪر ڪرڻ وارا ماڻهو، تخليقي صلاحيتن وارا ليکڪ ۽ شاعر ملن ٿا، جيڪي علمي روايتن، ڪائنات ۽ پاڻ تي غور فڪر جي نتيجي ۾ حيران ۽ پريشان بڻجي، ٿلهي ليکي ٽن ڌارائن ۾ ورهائجي وڃن ٿا. منجهائن هڪڙا تخليق ۾ شعور، تنظيم ۽ حڪمت کي ڏسي، پنهنجي عقل جي عاجزي تسليم ڪري، منطقي استدلال تحت اڻ ڏٺي خالق ڪائنات تي يقين آڻين ٿا ۽ مالڪ جي رضا ڪارڻ عمل شروع ڪن ٿا.  ٻيا وري باغي بڻجي شعور، تنظيم ۽ حڪمت جي سچائيءَ ۽ علامتي حقيقتن کان منهن موڙي سرڪشي اختيار ڪن ٿا ۽ سڀ ڪجهه پاڻ کي ۽ مادي دنيا کي سمجهي، پنهنجي مرضي ۽ فائدن خاطر ڪم ڪرڻ شروع ڪن ٿا. ٽيان اُهي آهن جيڪي اقرار يا انڪار جي ڌر ٿيڻ بجاءِ وچ تي رهن ٿا، نفي ۽ اثبات کي فطرت جا ٻه پاسا تصور ڪن ٿا ۽ پنهنجي ڪابه مخصوص راءِ نٿا جوڙين، عمل پنهنجي مرضي  ۽ خوشيءَ خاطر ڪن ٿا.

انساني فڪر جي انهن ٽن صورتن مان پهرينءَ جو تعلق عاجزيءَ ۽ محبت سان آهي. جڏهن ته پوين ٻن جو آڌار عقل ۽ سرڪشيءَ  تي آهي. عشق ۽ عقل جي باهمي ڪشمڪش هڪ فطري عمل آهي، جيڪو ازل کان جاري آهي، پر ابتدا کان وٺي اڄ تائين زندگيءَ جي تهذيب کي فقط محبت ئي اڏيو آهي. عاشق جڏهن حواسن جي علم عقل جا سڀ سهارا ڇڏي، ارواح جي آري محبت جي درياءَ ۾ ڪاهي پوي ٿو ته محبوب وچ سير ۾ پهچي کيس پنهنجي پيار جي تُرهي تي تاري ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته عاجز عقل بندن منجهان جڏهن ڪي محبت، اخلاص ۽ عمل ۾ راسخ بڻجن ٿا، تڏهن تن کي مالڪ پنهنجي پيار سان نوازي معرفت ۽ يقين عطا فرمائي ٿو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي اِن صداقت جو شاهد بڻجي فرمايو ته:

ڏڏ ٿي ڏان گهريج تون، ڇڏي وڄا جي وائي،
سَڀِر رات سنباهيا، تازي تو لائي،
جو ڄاڻي نه ڪائي، تنهن سين ٻيلي ڌڻيءَ ٻاجهه ڪي.

*

جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهيان ئي ڳجهه ۾،
سو جي سڻن ڪڏهين، ڪرت وارا ڪي،
ته ساز مڙيئي سي، هوند پٿون ڪن پلڪ ۾.

*

اٿيو اٻوجهاءُ، سپڙ جو سڏ ٿيو،،
جئن ائين ڪيرت ڪٽ نه سکيا، تئن پاڻان ريڌو راءُ،
مڱو مون ملاءُ، آئون اوهان جو آهيان.

* 

ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻان مٿي مڱڻي،
مون در ڇڏيو، مڱين ڪوه ٻيا،
تڏهن تو پيا، وچيان وِلها ڏينهڙا.

 

بندر ديسان ديس، مل نه ملي واريين،
فقيراڻي ويس، امُلَ ڏين اتورئا.

*

الا، ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

*

صبوح جو سهاڳ، مڱڻهارن ماڻيو،
ڏٺائون ڏاتار کي، وڏيءَ وير وهاڳ،
وس منهنجي ناھ ڪا، سيڻن هٿ سهاڳ،
پرين سين پهاڳ، مانَ نماڻيءَ نصيب ٿئي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، مٿين سڀني شعرن ۾ هڪ ئي مرڪزي نقطو ڄاڻايو آهي ته ڏڏن ۽ اٻوجهن تي مالڪ پنهنجي مهر ڪري مٿن انعام ڪري ٿو، يعني کين معرفت ۽ يقين عطا ڪري ٿو. هن حقيقت منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته انساني علم، عقل ۽ فلسفي وٽ معرفت ۽ يقين نه آهي، اُتان ته سالڪ ڏڏ ۽ اٻوجهه بڻجي موٽي ٿو، اُها شيءِ مالڪ وٽ پاڻ وٽ آهي، جنهن کي گهري تنهن کي عطا ڪري ٿو. تڏهن قاضي قادن فرمايو ته:

ڪنز، قدوري، ڪافيه، ڪي ڪين پڙهيام،
سو پاڙھ ئي ڪو ٻيو، جان ئي پرين لڌام.

”حضرت علي ڪرم الله وجھ کان ابو حجيفه نالي شخص سوال پڇيو ته: ڇا توهان جو ڪو ڪتاب آهي؟ پاڻ فرمايائون ته، نه خدا جي ڪتاب کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪو ڪتاب نه آهي، مون کي اُهو فهم عطا ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ مومن کي (خدا جي طرفان) عطا ڪيو ويندو آهي ۽ (پڻ اُن جو فهم) جيڪو هن صحيفه ۾ لکيل آهي(1).“

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ معرفت جي اِن فهم جو ذڪر ڪندي فرمايو:

روزا ۽ نمازون،  اِي ءُ پُڻ چڱو ڪمُ،
اُو ڪو ٻيو فهمُ، جنھِ ۾  پسڻُ پرينءَ کي.

*

معرفت جي فهم بابت قرآن مُبين جون شاهديون آهن ته:

”اِهوالله جو فضل آهي، جنهن کي گُھري نصيب ڪري(2).“

*

”اِهوالله جو فضل آهي، جنهن کي گُھري نصيب ڪري ۽ (اِن جو) الله ڄاڻندڙ بس آهي(3).“

*

”الله جنهن کي گُھري پنهنجي نور جي راھ  ڏيکاري ٿو(4).“

لطف الله قادريءَ پنهنجي ڪتاب ”منهاج المعرفت“ جي شروعات هنن لفظن سان ڪئي آهي ”سڀئي تعريفون ان الله جي لاءِ آهن جنهن عارفن جي دلين کي پنهنجي نور جي معرفت سان مشرف ڪيو ۽ عاشقن جي سينن کي پنهنجي محبت جي باهه سان گرم ڪيو(5).“

برکه در سر محبت بندہ شد،
تا ابدھم محرم وھم زندہ شد.

(جيڪو محبت جي راز جو ٻانهو ٿيو ابد کان وٺي همراز ۽ زنده ٿيو)

برکه او عارف نبا شد زندہ نيست،
قرب حق لائق بر بندہ نيست.

(جيڪو الله جو سڃاڻندڙ نه ٿيو، اُهو جيئرو ناهي حق جي قرب جي لائق هر ٻانهو نه آهي.)

علام اقبال معرفت جي فهم جي حقيقت بيان ڪندي چوي ٿو ته:

" I have seen him. There are moments in a Man’s life when he can experience God. Such moments are, however, rare, very rare, no one is shout out, but he who wants the experience has to wait for it”.(6)

سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي تاريخ کي ڏسجي ٿو ته قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات رضوي، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست ۽ ٻين اعليٰ شاعرن ۽ عارفن وٽ ”پرينءَ کي پسڻ وارو فهم“ واضح صورت ۾ نظر اچي ٿو. تنهن کان پوءِ جديد شاعرن ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، مخدوم طالب الموليٰ، حاجي احمد ملاح، استاد بخاري، امداد حسيني، اياز گل، ادل سومرو، حسن درس ۽ ٻين پنهنجي وقت جي سموري جدت ساڻ سنڌ جي ڪلاسيڪي روايت جي سچائيءَ کي پنهنجو ڪيو آهي. شيخ اياز لکي ٿو:

”اسان جا ڪلاسيڪي شاعر مشاعري با زنه ٿيا، ڇو ته اُهي بيحد خود دار انسان هئا، هو ڪنهن  آسڻ تي نه ويندا هئا، پر ڪوڙئين انهن جي آسڻ تي اچي سلام ڪندا هئا، ڇو ته هو نه فقط شاعر هئا، پر پيغامبر به هئا، سنڌ جي عوام انهن کي بي مثال سنجيدگيءَ سان داد ڏنو، اُنهن جي سٽ سٽ ياد رکي ۽ انهن جي پيغام کي پنهنجي زندگيءَ جي نظريئي ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ... اسين انهن شاعرن جا وارث آهيون جن انسان ذات کي هڪ لازوال پيغام ڏنو آهي...اهو عظيم پيغام جو اسان کي پنهنجا پيغامبر شاعر ڏئي ويا، ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ ان کي هن اونداهي کنڊ ۾ مشعل راهه ڪري بلند رکنداسين.(7).“

ڪهڙي اهڙي سائنسي ٿيوري آهي جنهن جي علمي تاريخ ائين تصديق ڪئي هجي، تنهنڪري ”پرينءَ کي پسڻ وارو فهم“ هڪ اهڙي ڪلاسيڪي سچائي آهي جنهن جي حيثيت معروضي سائنسي سچاين کان لک دفعا وڌيڪ مصدق آهي.

يورپ جڏهن فطرت جي مادي عنصرن جون ترڪيبون معلوم ڪري سائنسي علم تخليق ڪيا ۽ اُن جي بدولت تمدني زندگيءَ کي بيحد سجايو ۽ جيئڻ جا بيشمار سک ۽ آسائشون اپنائيون ته هو ائين وسهڻ لڳا ته ڪائنات جي حقيقت فقط مادي فطرت آهي، جنهن جو سائنسي اڀياس ڪري، ڪائنات تي انساني عقل جو اختيار ثابت ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري هڪ طرف سائنسي تحقيق جو مشن جاري رکيائون ۽ ٻئي طرف ڪائنات ۽ زندگيءَ جو گڏيل مادي تصور جڙڻ بعد، پراڻي تهذيب جي عالمگير سچائي ۽ ان سان لاڳاپيل صحتمند قدرن کي غير اهم بڻائي، مادي دنيا ۽ ان سان لاڳاپيل مفادن جي قدرن واري عالمي سياست جو بنياد وڌو ويو. دنيا جا اقتصادي وسيلا پنهجي مفادن لاءِ ڪتب آڻڻ خاطر عالمي سياست جا منافق منصوبا تيار ڪري عمل ۾ آندا ويا. دنيا جي قومن کي ڪوڙن، بي بنياد ۽ بي لاڀ نظرين ۽ نعرن جي فريب ۾ مبتلا ڪري، کين پنهنجي تهذيب ۽ اثاثي قدرن کان جدا ڪري، ٽڪي جا ماڻهو بڻائي ڦٽو ڪيائون. هاڻ جتي ٿا داڻو اڇلين اُتي نعرن، نظرين ۽ ڌرڻن جا ڌوڙيا لڳا پيا آهن. ادب کان زندگيءَ جي سچائيءَ کي لهڻ ۽ ماڻهپو اختيار ڪرڻ وارو حقيقي مقصد ڇڏائي، ان کي ٺلهو بي روح سياست جو پرچارڪ بڻائڻ خاطر، جدت ۽ ترقي جي پُر فريب نالن ۾ وڏا ناز ۽ ناچ ڪرائي، شرنايون وڄائي، ان کي ادب براءِ زندگيءَ جو گمراهه ڪندڙ نالو ڏنو ويو.

هاڻ ائين پيو لڳي جيئن اڄڪلهه ملڪ ۽ مذهب جي ترقيءَ لاءِ مولوي حضرات سياست ڪري رهيا آهن، تيئن سنڌ ۽ اُن جي تهذيب جي ترقيءَ لاءِ نالن ۽ نعرن جا خير خواهه ڪم ڪرڻ لڳا، جن سياست ۽ ادب تي اثر انداز ٿي پنهنجي سدا حيات تهذيب جي روح کي پراڻو ۽ غير جاندار ڄاڻي، اُن کي کوکلي فخر ۽ سرڪشيءَ عيوض وڪڻي ڦٽو ڪيو. ڀٽائي ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي تهذيب حيات واري پيغام تي پردو وجهي، سندن شعرن کان رڳو سياسي جذبات گرمائڻ جو ڪم وٺڻ شروع ڪيائون. اها فضا پوريءَ طرح سنڌي ادب تي ڇانئجي وئي. ڪن زندهه شاعرن ۽ اديبن ماجرا کي بروقت سمجهي پنهنجي تهذيب جي حق ۾ موقف اختيار ڪيو. پر سندن ڳالهيون عالماڻي حد تائين محدود رهيون، ٻاهران سياسي ڪلچر ادب تي ايترو حاوي ٿي ويو جو روايتي اديب ۽ شاعر جيڪي هميشه وڏي تعداد ۾ هوندا آهن، تن کوکلن نعرن ۽ نظرين جي هسٽيريا ۾ وٺجي اهڙو کوکلو ڪلچر برپا ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ اُن جي قدرن جو روح ۽ حُسن نظر ئي نٿو اچي.

شيخ اياز، ڇهين سنڌ ثقافت ڪانفرنس، جيڪا 19 نومبر 1966ع تي،  سَن ۾ منعقد ٿي هئي، ان جي مشاعري جي صدارتي خطبي ۾ چيو هو ته:

”جديد شاعريءَ جڏهن اک کولي، تڏهن اُن جي چوڌاري اوندهه نظر آئي. زندگيءَ جا قدر بدلجي چڪا هئا، فاشزم جا ڪوڙا پيغمبر چوٽيءَ جا شاعر ٿي سمجهيا ويا، انصاف، امن، انسان دوستيءَ جي سج کي انهن جي شاعري گرهڻ جئن ويڙهي چڪي هئي، اسان ڏٺو ته اسان جا شاعر تصوف وارو انساني برادريءَ جو پيغام وساري چڪا آهن. تخليقي قوت کي تعصب جي ڌٻڻ ڳڙڪائي چڪي آهي. شاعري فقط لفاظي آهي، نقالي آهي، ادبي، شعبده گري آهي ۽ ان ۾ پيغمبريءَ جي بوءِ به نه رهي آهي. اسان ڏٺو ته اسان جي ثقافت جي جڙ ڪٽجي چڪي آهي، جا ثقافت اڳ واڙيءَ ڦُل جئن وڌي هئي، اُها بي پاڙيءَ وَل جئن ڦهلي رهي آهي، جا اسان جون ساريون صلاحيتون سُڪائي ڇڏيندي. اسان ڏٺو ته ڀولڙا تاريخ جي مداريءَ جي هٿ ۾ نچي رهيا هئا ۽ شينهن پنجوڙ ڏسي پاسي ٿي ويا هئا.

ان وقت اسان سوچيو ته اسان جي نجات ان ۾ آهي ته ڀٽائيءَ سان پنهنجو سلسلو جوڙيون ته اُهي روحاني قدر، جيڪي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي جان هئا، تن کي جديد شاعريءَ جو سنگِ بنياد ڪيون، ته هن ڪوڙ جي سڙاند ۾ وري اُها سچ جي سڳنڌ ڦهلايون، جنهن کان هن ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ وانجهي ٿي چڪي آهي. مومل به نئين، مينڌرا به نوان ، پر ڪاڪ پراڻي هئي، اسان ان تي پنهنجا رنگ رتول اڏيا، ۽ مستقبل فيصلو ڪندو ته اسان جي جديد شاعريءَ ته به ڪي صديون ڀونر ڀنڀوليا ايندا يا نه!(8)“

سنڌ جي ثقافت کي پراڻو ۽ مدي خارج هئڻ جي مهڻن سان نوازي جدت ۽ ترقيءَ جي نالي ۾ اجنبي روايتن کي سنڌي ثقافت جو نعم البدل بنائڻ واري روش بابت شيخ اياز، ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس، جيڪا 3 سيپٽمبر 1966ع تي، ميرپور بٺورو ۾ منعقد ٿي، ان جي مشاعري جي صدارتي خطبي ۾ چيو ته:

”پنهنجي ثقافت سان محبت قدامت پسندي نه آهي، ۽ نه اجنبي روايت سان بغاوت تنگ نظريءَ جي نشاني آهي. جا به اجنبي روايت اسان جي ثقافت جي مزاج سان ٺهڪي نه اچي، ان سان لڳاءُ ۽ ان جو ڦهلاءُ انهيءَ وڻ- ويڙهيءَ وانگر آهي، جا سائي وڻ کي سڪائي ڇڏيندي آهي.

ثقافت قوم جو روح آهي، ثقافت زنده هوندي آهي ته قوم زنده هوندي آهي. ثقافت قوم جي لطيف احساس جو نچوڙ آهي، جيئن اها پراڻي ٿيندي آهي، تيئن مڌ وانگر رچي ريٽي ٿيندي آهي. ان جي قدامت سان ربط کان سواءِ جدت اڻڀي ۽ الوڻي آهي. ... ثقافت قوم جي روح مان چشمي وانگر ڦٽندي آهي ۽ صديون سيراب ڪندي ويندي آهي.

هر عظيم ثقافت وانگر سنڌي ثقافت به هڪ جامع حقيقت آهي، جنهن جو فن ۽ ادب هڪ اهم حصو آهي. اسان جڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ اگري اجنبيت محسوس ڪئي، ته اسان انسان بغاوت ڪئي. اسان وري بيت، دوهي، وائي، ڪافي ۽ گيت کي زنده ڪيو ڇو ته ان ۾ سنڌ جي سڳنڌ هئي. اسان غزل ۽ آزاد نظم جي مزاج ۾ ايتري تبديلي آندي، جو اُن ۾ ڪائي اجنبيت نه رهي. اسان بحروزن، قافيي ۽ رديف ۽ ٻئي پوري فني لوازمات کي سنڌيت جي مزاج سان موافق ڪيو ۽ جديد کان جديد ترين انسان جي ذهني ڪشمڪش ان ۾ سمائي آياسين. هن وقت سنڌي شاعري، فڪري ۽ فني لحاظ کان، قدامت ۽ جدت جو بهترين ميلاپ آهي، ۽ ان ۾ هند- پاڪ جي عظيم تخليقي حاصلات آهي.. اسان جي بغاوت قدامت سان نه پر مرده قدامت سان آهي ۽  اگري اجنبيت سان آهي، جا اسان جي مٺڙي تهذيب کي بگاڙي رهي آهي(9).“

 سنڌ جو اعليٰ شاعر سيد امداد حسيني پنهنجي هڪ مضمون بعنوان ”شيخ اياز: هڪ مرندڙ تهذيب جو زنده شاعر“ ۾ لکي ٿو:

”هن ڌرتيءَ تي انسان ذات جي سونهپ لاءِ نبين جو اچڻ ڪڏهن ڪو بند ٿي چڪو آهي، پر هن سرشتيءَ جي سرجڻهار انسان ذات جي سونهپ لاءِ پنهنجي سرجڻهارڪ شڪتي وديعت ڪري شاعرن کي ڌرتيءَ تي موڪليو. اياز به اهڙن ئي شاعرن مان هڪ آهي، جنهن کي قادر مطلق ڏات جا ڏونا ڏان ڏئي هن ڌرتيءَ تي موڪليو... باغي اياز ڀٽائيءَ جي ڀاڻ آيو، ڏيهه پرڏيهه ڏوري هُن جنهن سچ کي ڳولي لڌو، ان جي مڃتا به هن ڀٽائيءَ آڏو ڪئي:

اهڙي لوءِ نه ڪا هئي، جهڙي پنهنجي لوءِ،
اوءِ ڀٽائي اوءِ، مون ساري دنيا گهمي.

اياز جي دور ۾ سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ مجموعي طور تي پوري سنڌ کي انيڪ خطرا درپيش هئا. اياز جهڙي عظيم شاعر آڏو سنڌ جي عظيم تهذيب مري رهي هئي. ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ سنڌ ۾ ٻار جي ڄمڻ تي جيڪي ريتون رسمون ساٺ سونڻ ٿيندا هئا، تن جو وستار سان بيان ڪري، اياز لکي ٿو ته:

هي هو هڪ نئين جنم جو استقبال جو سنڌ جي ثقافت جو حصو ٿي چڪو هو. اهڙي ثقافت کي ڪنهن نهوڙي نيو هو، ڪنهن ان جو گلو گهٽي ان کي خاموش ڪري ڇڏيو هو؟ جا شيءِ دنيا جي بي مثال هئي، ائين ڇو لتن ۾ لتاڙجي وئي، ڇا جديد دور جي يلغار سبب هو يا ان جا سبب ڪي ٻيا هئا؟ ڇا ان جو ڪارڻ ٽي ايس ايليٽ جهڙا کوکلا ماڻهو (Hollow Man) هئا. اي سنڌ جي ڌرتي! تون ڪيترو لوئي لتاڙي وئي آهين. ڇا تنهنجو وجود به ائين مٽجي ويندو جيئن بابل ۽ نينوا جي تهذيبن جو مٽجي ويو ۽ ڇا نارائڻ شيام جي پيش گوئي پوري ٿيندي:

الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

انهن روح کي پيڙيندڙ سٽن کان پوءِ اياز لکي ٿو:

”وس پڄي ته تاريخ جي دون ۾، اهو ٺونشو هڻان جو اُن جي ناسن مان رت ٺينڍيون ڪري نڪري اچي“

۽ اياز جو لکيو ئي اهو ٺونشو آهي جيڪو هُو تاريخ جي دون ۾ هڻي چڪو آهي ۽ ان جي ناسن مان رت ٺينڍيون ڪري وهي رهيو آهي، پر جيڪڏهن اهو ڪنهن کي نظر نٿو اچي ته پوءِ اهو اکين سان گڏوگڏ اندر جو به انڌو آهي. 

        ”ڳالهائن مان ڇا حاصل

        انڌن کي سورج بابت

        سمجهائڻ مان ڇا حاصل(10).“

اياز بيشڪ ته پنهنجي اعليٰ شاعري ۽ نثر وسيلي، اونده ۽ بي مقصديت ڏانهن منهن موڙي سفر ڪندڙ پنهنجي وقت جي تاريخ جي سونڊ ۾ اهڙو زوردار ٺونشو هڻي ڪڍيو آهي جو هاڻي اُها سئين منهن اُلٽي راھ هلڻ کان معذور بڻيل آهي. يعني سنڌ جي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي پيغام کي رد ڪري، جدت جي نالي ۾ تاريخي خودڪشي ڪرڻ جي حجت ڪنهن وٽ نه رهي آهي،  پر افسوس ته منهن تي ماسڪ پهري، اياز، ڀٽائي، امداد ۽ سڄي سنڌ جي شاعريءَ جا سهرا ڳائي، پنهنجي وارثي ٺاهي، شاعريءَ جي تهذيبي تسلسل واري پيغام تي خاموشيءَ جو پردو وجهي، ٺلهو سياسي ۽ عارضي مفادن جي مقصد سان شاعرن جي کوکلي فخر ۽ عظمت جا عام ماڻهن ۽ رواجي دانشورن کان هوڪا ڏياري، اهڙو ڇسو ۽ بي بصيرت ڪلچر برپا ڪيو ويو آهي، جنهن سنڌ جي ڪلاسيڪي تهذيب جو روح گھُٽي ۽ ٻوساٽي ڇڏيو آهي. کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ سهڻ کان سواءِ جيئڻ جو ڄڻ ٻيو ڪو مقصد نه رهيو آهي. قول ۽ فعل جي ڪائي اهميت ۽ ذميداري نه رهي آهي. بقول هڪ نوجوان سياسي دانشور حياتي هر وجهين حيوانيت مثل آهي. ان جو مطلب ته ادب انسانيت جو ڪارج وڃائي چڪو آهي. پر ائين نه آهي زنده شاعر ۽ اديب  هميشه اعليٰ ادب تخليق ڪندا رهن ٿا، سنڌ جي تهذيب پنهنجي امر روح سان سدا سلامت رهڻي آهي، تاريخ کي پاسن بدلائڻ جي فطري عادت آهي، پر زنده شاعر ۽ اديب وقت ۽ تاريخ جا محتاج نه ٿيندا آهن. سنڌ محبت جي سرزمين آهي، بي پاڙي ڏاهپ ۽ سرڪشيءَ جي فريب جو ماحول اجنبي ۽ عارضي آهي. 

 

حوالا

1.             بخاري، ابو عبدالله محمد بن اسماعيل، صحيح بخاري،لاهور، عبدالله اڪيدمي، 2009ع، ڪتاب العلم، حديث 111، ص 143

2.            قرآن مجيد، مترجم: قريشي، عبدالڪريم، حيدرآباد، اسرا قرآن اڪيڊمي، 2013ع، سورت الجمعت: آيت 4

3.            ايضاً، سورت النساءِ: آيت 70

4.              ايضاً، سورت النورِ: آيت 35

5.            قادري، لطف الله ، منهاج المعرفت، ڄامشورو، ، سڌي ادبي بورڊ، جلد پهريون، ص 3

6.            پرويز، تصوف کي حقيقت، لاهور، طلوع اسلام ٽرسٽ، ص 310

7.            شيخ اياز، ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر،  حيدرآباد، نيو فيلڊس، جلد چوٿون، ڇاپو ٻيو، سال 2005ع، ص 230_231)

8.            شيخ اياز، ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر،  حيدرآباد، نيو فيلڊس، جلد چوٿون، ڇاپو ٻيو، سال 2005ع، ص 239, 240

9.            شيخ اياز، ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر،  حيدرآباد، نيو فيلڊس، جلد چوٿون، ڇاپو ٻيو، سال 2005ع، ص 231, 232, 233

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org