سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

 

سوچ - لوچ

8- مارچ تي هر سال سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي، ته جيئن ان ڏينهن تي خصوصي طور عورتن جي خدمتن کي مڃتا ملي. سڄي دنيا ۾ ان ڏينهن تي عورتن جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن، خدمتن ۽ جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي، سيمينار، ڪانفرنسون، ورڪشاپ ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن، جن ۾ عورتن سان گڏوگڏ مرد پڻ حصو وٺندا آهن ۽ عورتن جي جدوجهد کي ساراهيو ويندو آهي.

ان حقيقت کان عالمي ليول تي ڪوبه انڪار ناهي ته سڄي دنيا ۾ عورتن ادب تعليم و تدريس، سائنس، آءِ.ٽي، ميڊيڪل توڙي زرعي شعبي ۾ مردن سان ڪلهوڪلهي ۾ اوترو ئي پاڻ ملهايو آهي، جيترو مرد حضرات خدمتون سرانجام ڏين ٿا. ڪن ڪن شعبن ۾ ته عورتن جي ڪاميابي مردن جي ڪاميابيءَ کان اڳڀري آهي. جتي جتي، جنهن جنهن شعبي ۾ عورتن کي ڪم ۽ خدمت جو موقعو مليو آهي، عورتن پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن سان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن جي خدمتن کي اوتروئي اهميت ملڻ گهرجي جيتري مردن کي حاصل ٿئي ٿي.

دنيا وانگر اسان جي سماج ۾ پڻ عورتن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تحقيق ۽ تدريس کان علاوه ادب، فن، صحافت توڙي سماجي خدمتن جي شعبي ۾ عورتون اڳيان آهن. اهڙيءَ طرح زرعي شعبي، گهريتيڙي سان گڏ پنهنجي اولاد جي پالنا اهڙيون ذميواريون آهن، جيڪي صرف ئي صرف عورتن جي حصي ۾ اچن ٿيون، ان کان علاوه اسان جي معاشري سان گڏ ڪيترن معاشرن ۾ عورتون پورهيو ڪري پنهنجي ٻچن جي گذر سفر سان گڏ سندن تعليم ۽ تربيت لاءِ جستجو ڪن ٿيون.

عورتن جي خدمتن خاص طور هن سائنسي دور ۾ عورتن جي جستجوءَ کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ئي نٿو ڪري سگهجي، ۽ عورتن جي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون هڪ مڃيل حقيقت آهن.

عورتن جو ماضيءَ ۾ توڙي هن سائنسي دور ۾ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن کي ڪيترن ئي معاشرن ۾ مڃتا حاصل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن کي تعليم ۽ تربيت جا سمورا موقعا حاصل هجڻ گهرجن، ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيت ۽ قابليت سان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن، ۽ سماجي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت جو استعمال ڪري سگهن.

مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر:

        سنڌ حڪومت پاران مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ کي سنڌي ادبي بورڊ جو نئون چيئرمن مقرر ڪيو ويو آهي.

        چيئرمن طور مقرريءَ کان پوءِ مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ سنڌي ادبي بورڊ جو دورو ڪيو۽ بورڊ جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ ملازمن کان تجويزون پڻ ورتيون ته جيئن انهن تجويزن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ اُپاءُ وٺي سگهجن. چيئرمن صاحب بورڊ جي هر سيڪشن جو دورو پڻ ڪيو ۽ آفيسن کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون ته جيئن سنڌي ادبي بورڊ جا ملازم ان ڳالهه ۾ پُرعزم هجن ته نئين چيئرمن جي سربراهيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ بهتر نتيجا ڏئي سگهندو.

        سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ جي چيئرمن طور مقرريءَ جي آجيان ڪئي ۽ سَرهائيءَ جو اظهار ڪيو.

          سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ جي ناميارين ليکڪائن ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، آپا نذير ناز، آپا مريم مجيدي ۽ محترمه حسينه ساند جي ادبي خدمتن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سهڪار سان هڪ باوقار تقريب منعقد ٿي، هن تقريب ۾ هنن ليکڪائن جي خدمتن کي ساراهيو ويو، ڪافي قلم ڌڻين شرڪت ڪئي ۽ مختلف اديبن داڪٽر تنوير جوڻيجو،
آپا نذير ناز، آپا مريم مجيدي ۽ محترمه حسينه ساند جي زندگيءَ، لکڻين ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي ۽ سندن قلمي پورهئي تي خراج پيش ڪيو. اديبن ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي گڏيل سهڪار سان ٿيل هن تقريب جي انعقاد تي تمام گهڻو ساراهيو ويو. هن قسم جون تقريبون نه صرف معاشري جي صحتمنديءَ جي افزائي ڪن ٿيون ته ٻئي طرف قلم ڌڻين جي همت افزائي پڻ ٿئي ٿي، اميد ته سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي گڏيل سهڪار سان هن قسم جا پروگرام پڻ مستقبل ۾ منعقد ٿيندا رهندا.

 

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج)

عبدالقادر کوسو

 

 

 

 

 

شاهه جو سُر ڏهر/ڏاهر

۽ مُحققن جي تحقيق

 

شاهه جي ڪلام جي محققن جي گڏيل راءِ آهي ته هيءُ سُر، شاهه جي رسالي جو ”مغز يا تَت“ آهي. هِن سُر ۾ شاهه وڌ ۾ وڌ موضوعن کي بيان ڪيو آهي.

(1) سجاڳي، (2) ڏاڍي سان مهاڏو اَٽڪائڻ،
(3) حالتن کان باخبر رهن، (4) آئيندي جو اونو رکڻ،
(5) پنهنجي مقصد سان سچو رهڻ، (6) ڌڻيءَ جي ساراهه، (7) مناجاب، (8) مرشد جي اچڻ جي آس، (9) سلوڪ جي راهه ڏسيندڙن جي تلاش، (10) بي ثباتي ۽ بيوَسي جي ڪيفيت، (11) غفلت کي ڇڏڻ، (12) سنڌ جي تاريخ جاگرافي کان سواءِ ٻيا انيڪ ڪردار هِن سُر ۾ شامل آهن.

شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏيندڙن هن رسالي جي سُر ڏهر کي مختلف نمبرن تي رکيو آهي. سڀني ڇاپي رسالن ۾ هن سُر جو نمبر ساڳيو نه آهي. منهنجي اڀياس مان اندازاً 20 عدد ڇاپي رسالا گذريا آهن، ڪِن رسالن ۾ هي سُر 17هون نمبر، ڪِن ۾ 23هون نمبر ته ڪِن ۾ 24هون نمبر، ڪِن ۾ 25هون آهي، ڪِن ۾ 29هون نمبر آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رسالي ۾ هيءُ سُر تيرهون نمبر آهي. مختلف ڇاپي رسالن ۾ بيتن جي تعداد جو ڳاڻيٽو مختلف آهي. ڪِن ڇاپي رسالن ۾ هِن سُر ۾ 162 بيت آهن، ڪِن ۾ 161، ڪِن ۾ 150، ڪِن ۾ 147، ڪِن ۾ 115، ڪِن ۾ 112، ڪِن ۾ 109، ڪِن ۾ 106، ڪِن ۾ 98 ۽ ڪِن ۾ 71 آهي.

مجموعي طور تي چئي سگهجي ٿو ته سڀني ڇاپي رسالن ۾ بيتن جو وڌ ۾ وڌ تعداد 162 آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ بيتن جو تعداد 71 آهي.

ساڳيءَ ريت هِن سُر ۾ جيڪي وايون کنيون ويون آهن، انهن ۾ به اختلاف آهي.  سڀني مرتبن وٽ وايُن جو تعداد چار آهي، پر اُهي چارئي وايون ساڳيون نه آهن. ٿُلهي ليکي هن سُر ۾ سَت وايون آهن، جن مان ڪنهن مرتب ڪهڙيون کنيون ته ڪنهن مرتب ڪهڙيون کنيون. هِن سُر ۾ ڪِن رسالن ۾ چار داستان ڏنا ويا آهن، ڪن ۾ پنج، محمد قاسم راهمي واري رسالي ۾ ڪل 9 داستان آهن، سگهڙ فقير حاجي الهداد جهنجهي واري رسالي ۾ ڪل 8 داستان آهن ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري رسالي ۾ ڪل 5 داستان آهن.

شاهه جو سڀ کان پهريون رسالو جيڪو ڇاپي صورت ۾ آهي، اُهو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وارو آهي. انهيءَ رسالي ۾ سُر ڏهر کي ڏاهر ڪري لکيو ويو آهي. سنه 1866ع جي آخر ۾ ۽ سنه 1867ع جي شروع ۾ پهريون بمبئي ڇاپو ظاهر ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو به 1876ع ۾ سُر ڏهر کي ڏاهر ڪري لکيو ويو آهي. 1886ع ۽ بعد ۾ 1889ع ۾ بمبئي مان چوٿون ڇاپو ظاهر ٿيو ۽ ان کان پوءِ 1893ع ۾ بمبئيءَ مان شاهه جي رسالي جو پنجون ڇاپو پڌرو ٿيو. انهن ڇاپي رسالن ۾ سُر ڏهر کي ڏاهر ڪري لکيو ويو آهي. بمبئي مان شاهه جي رسالي جو ڇهون ڇاپو 1899ع ۾ ستون ڇاپو 1911ع، اٺون ڇاپو 1921ع ۾ شايع ٿيا. انهن رسالن ۾ به شاهه جي رسالي جي سُر ڏهر کي ڏاهر ڪري لکيو ويو آهي. ان کان پوءِ به بمبئيءَ مان شاهه جي رسالي جا ٻه ايڊيشن شايع ٿيا آهن، انهن ۾ به سُر ڏهر کي ڏاهر ڪري لکيو ويو آهي.

1931ع ۾ مولوي محمد ابراهيم بختيارپوري جو مرتب ڪيل رسالو وجود ۾ آيو ۽ ان کان اڳ 1913ع ۾ مرزا قليچ بيگ پنهنجو رسالو ترتيب ڏنو، اُن پڻ سُر ڏهر کي ڏاهر ڪري لکيو آهي. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، محمد عثمان ڏيپلائي، تاراچند شوقيرام جو رسالو 1900ع ۾ ڇپيو. انهن رسالن ۾ به سُر ڏهر کي ڏاهر ڪري لکيو ويو آهي. ٿلهي ليکي چئي سگهجي ٿو ته شاهه جي ڇاپي رسالن ۾ اَٺ اُهي رسالا آهن جن ۾ هِن سُر کي ڏهر ڪري لکيو ويو آهي، باقي اڪثر رسالن ۾ هِن سُر کي ڏاهر ڪري لکيو ويو آهي.

سُر  ڏاهر جو  پس منظر:

ڪيترن عالمن ڏاهر کي ڏهر ڪري لکيو آهي. لسانيات جي دائري ۾ ٻنهي لفظن جو جائزو وٺبو ته ڏهر لفظ ڏاهر جي مخفف (ننڍو ڪيل) آهي. ڏهر ٿر جي ٻن ڀٽن جي وچ واري هيٺاهين سنئين زمين کي چيو ويندو آهي. ڏهر کي ٻَني به چوندا آهن.

هي لفظ ’ڏاهه‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڏَس، اهڃاڻ، آگاهي، ڄاڻ وغيره.

خليفي نبي بخش چيو آهي ته:

ڪُتو بَهڪي، مَ اُٿي، ڏُڄڻ پئي ۾ ڏاهه.

هِن سٽ ۾ ڏاهه مان مراد ڄاڻ آهي. ڏاهه لفظ جي ٽين معنيٰ ٻانهي، گولي ۽ ڏَن ۾ آيل عورت به آهي، جنهن کي شاهه سُر سسئيءَ ۾ ڳايو آهي.

زرخريد جَتن جي، گولي بندي ڏاهه.

پر سُر ڏهر ۾ ’ڏاهه‘ لفظ جو واسطو گولي، ٻانهيءَ سان نه آهي، باقي آگاهي ۽ ڄاڻ جي معنيٰ مطابق ڏاهر اسم فاعل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ڏس ڏيندڙ، آگاهه ڪندڙ، يا ڏاهو، علم لِسان موجب جيئن لوهار مان لُهر، ميهار مان ميهر، ڏاتار مان ڏاتر ۽ ڪُنڀار مان ڪُنڀر اسم فاعل آهن. اسان وٽ اڄ به ڏاهري قوم آهي، هن قوم جي ماڻهن کي ڏاهريءَ جي بجاءِ ڏهري به چوندا آهن.

سُر ڏهر لاءِ خيال آهي ته ڏهر هڪ راڳ يا راڳڻيءَ جو نالو آهي. قديم زماني ۾ سنڌ ۾ ذڪر فڪر جا قديم بيت ۽ وايون سُر ڏهر ۾ آلاپيا ويندا هئا ۽ پوءِ انهن واين ۽ بيتن کي ڏهر جا بيت سڏيائون.

سُر ڏهر جيڪا هڪ راڳڻي آهي، اها گُم ٿي چڪي آهي. هن راڳڻيءَ ۾ مَدح، مناجات، مرشد جي ساراهه، سلوڪ جي راهه ۾ پانڌيئڙن جي سِڪ، غفلت کي ڇڏڻ ۽ موت جو برحق هجڻ جي ڳالهه بيان ٿيل هوندي آهي. ڏٺو وڃي ته شاهه جي سُر ڏهر ۾ شامل بيتن ۽ واين جو مضمون انهيءَ مضمون انهيءَ مفهوم سان ٺهڪي اچي ٿو.

ڏهر نالي جو ڪارڻ: شاهه هِن سُر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ واري زمين جي سمي سردار ڄام ڏاهر جو ذڪر ڪيو آهي. ڄام ۽ ان جي وڏن جي آباد ڪيل ڌرتيءَ جا ڪيترائي آثار اڄ به اُتي موجود آهن. جيئن هٻو، لوڻو، ڪيرو، کريڙ (ڄام ڏاهر وٽ واري سرزمين ۾) پنهنجي نالي سان شهر ٻڌايو جيڪو ڏاهر مان پوءِ ڏهر ڪوٺيو ويو. انهيءَ شهر جا آثار تعليمي ڏيپلي جي ٻلهياري ۽ رحمڪي بازار جي شهرن جي وچ تي موجود آهي. انهيءَ زماني ۾ ڍورا درياءَ جو وڏو وهڪرو اُتان وهندو هو ۽ ڏاهر جو شهر آباد هو.

ڄام ڏاهر جي بادشاهي ننگر پارڪر، مِٺي، ڏيپلو، ڊگهڙي، بدين، گولاڙچي، ڪڇ ۾ لکپت، سنڌڙي، کريڙ، ٻني ۽ ٻيلي تي مشتمل هئي.

سُر ڏهر ۾ شاهه تمام گهڻا موضوع بيان ڪيا آهن، پر جيڪي خاص موضوع آهن، اُهي هيٺ ڏجن ٿا:

(1) وهڪرا، (2) علائقا ۽ پَٽَ، (3) ٻيٽ ۽ جبل، (4) ماڳ مڪان، (5) قومون ۽ ذاتيون، (6) لوڙائو ۽ هاڻو، (7) ماري ۽ شڪاري، (8) پکي ۽ جانور.

مٿيان سڀ موضوع جاگرافي ۾ شامل آهن.

شاهه جي سُر ڏهر جو ٻيو اهم موضوع تاريخ آهي. شاهه نائين ۽ ڏهين صديءَ جي تاريخ هن سُر ۾ اهڙيءَ طرح پيش ڪئي آهي ۽ ڪو وڌاءُ ۽ گهٽاءُ نظر نٿو اچي. هِن سُر ۾ شاهه مشهور ۽ سکر ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ جسوڌڻ آگرو، لاکو ڦُلاڻي ۽ پُنرو بڊاماڻي، اهم ڪردار آهن.

شاهه جي سُر ڏهر ۾ خاص موضوع مناجات ۽ دُعا آهي. هِن سُر ۾ چوٿون موضوع غافل ۽ مغرور انسان کي چتاءُ آهي، هن سُر ۾ پنجون موضوع شاعر جو ذاتي مشاهدو آهي.

سنڌ جا مشهور قديمي وهڪرا

(1) اُڀرندو  هاڪڙو:

تاريخ جي ثابتين، سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن جي بيانن مان اسان کي اهو ثبوت ملي ٿو ته سومرن جي آخري دؤر سنه 1471ع تائين هاڪڙو درياءُ پنهنجي جوڀن ۽ جنسار سان وهندو هو. هيءُ درياء اُتر مان هماليه جبل مان نڪري پنجاب، بهاولپور، جيسلمير جي اُڀرندي ڪناري مان وهندو، ٿرپارڪر ضلع جي ڇور اسٽيشن وٽان اُوڀر ڏکڻ طرف مُڙي عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقي جي ايراضيءَ مان وهندو ننگرپارڪر، پاري ننگر جي قريب کاري ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. جسوڌڻ آگرو جڏهن پٽيهل درياءَ جي ڪنڌيءَ جو حڪمران هو ته هيءُ هاڪڙو درياءُ ننڍي ڍوري جي شڪل ۾ هو، جنهن کي ”سانگهه“ سڏيندا هئا. شاهه اهڙي منظرنگاري هيٺينءَ ريت ڪئي آهي:

ڪَنڌئين اَڪَ ڦُلاريا، ”سانگهه“ سُڪو گاهه،

مُهڙاڻي وٽان، رويو راڄ رضا گُهري.

مهڙاڻو جسوڌڻ آگري جو ٻيو نالو هو ۽ جسوڌڻ جا وڏا لوهارڪو ڪم ڪندا هئا.

سنڌ جو ٻيو مشهور قديمي وهڪرو ”ڍاڳِي“:

ڍاڳي قديم وهڪرو آهي، جنهن کي دامن درياء به ڪوٺيندا هئا، هيءُ وهڪرو نئين ڪوٽ واري ايراضيءَ مان ڏکڻ طرف ٻَلهيار شهر جي اُوڀر کان وهندو ڪڇ جي رڻ ۾ داخل ٿيندو هو. شاهه اُن وهڪري جو ذڪر هيٺينءَ ريت ڪيو آهي:

جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وَهن ٻِلهيار ۾،

تڏهن تازِڙيُن تُور، هو جَسُوڌڻ سِين.

ڪلياڻ آڏواڻي تازڙين تُورکي تاجڙ ذات ڄاڻايو آهي ۽ لکي ٿو ته اُهي هاري هئا ۽ جسوڌڻ آگري لاءِ لکي ٿو ته هُو واپاري ۽ وڻجارو هو، پر تمام گهڻا عالم جن ۾ شيخ سُومار بديڻائي ۽ معمور يوسفاڻي انهيءَ ڳالهه کي رد ڪن ٿا. شاهه جي رسالي جا اِهي ٻئي شارح ۽ تاريخدان هيٺين ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا ته تازڙين تُور جي معنيٰ بهترين تازيون گهوڙيون آهي. اُهي ٻئي عالم لکن ٿا ته جسوڌڻ آگرو پٽيهل درياءَ جو بادشاهه هو ۽ وڻجارو ڪونه هو. جَسو ۽ جَس راج جَسوڌڻ آگري جا يار هئا، پر بادشاهه نه هئا. جسوڌڻ آگري جي انهن ٻنهي يارن کي لاکي ڦُلاڻيءَ جي مامي ”راءِکنگهار“،
”ريٻارڻ“ جي عشق ۾ اچي قتل ڪرايو هو ۽ انهيءَ سبب جي ڪري ئي لاکو ڦُلاڻي ڌاڙيل ٿيو. ڀٽ ڌڻي اهڙي منظرنگاري پنهنجي هيٺئين بيت ۾ ڪئي آهي:

ڀُڄانُ ڀُلي نِڱئو، ڏيئي پاڳوڙي پير،

جَسي ۽ جَس راج جو، مٿي وانڍيُن وير،

ڪڇ رهندو ڪير، جو لاکو لوڙائو ٿيو.

علامه آءِ.آءِ قاضي جَسي ۽ جَسراج کي لاڙ جا حاڪم ڪري ڄاڻايو آهي.

سنڌ جو  ٽيون قديمي وهڪرو ”ڍور“:

ڍور سنڌوندي جو هيءُ قديم وهڪرو جيڪو ونگي شهر وٽان ڏکڻ اوڀر ڏانهن مُڙي قديم شهر ڏهر وٽان ڪڇ جي ايراضيءَ ۾ داخل ٿيندو هو. شاهه هن درياءَ جو ذڪر سُر ڏهر جي ٻارهن بيتن ۾ ڪيو آهي، جن مان مثال طور ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

ڍور نه اڳينءَ ڍار، مَهندِ ملاحن لَکيو،

موڙي ڇوڙيئُون مَڪڙا، پسيءَ پاڻيءَ پار،

جَسوڌڻ جيڏا يار، پيا وِيرَ وِماس ۾.

سَچُ ڪِ سُڪو ڍوُر، ڪَنڌئيِن اَڪَ ڦُلاريا،

جُنگن ڇڏيو زور، سَرُ سُڪو سُونگِي ڪيا.

سنڌ جو چوٿون قديمي وهڪرو ”پُراڻ/پوراڻ:

هيءَ درياءُ ٿرپارڪر ضلع ۾ ڪاهوءَ جي دڙي جي ڀرسان وهندو ڏکڻ ڏانهن ويندو هو. هن نديءَ تي پُوراڻ يعني پُورن واري ندي نالو مشهور ٿيو. هن نديءَ جي ڪناري پراڻي شهرن جا تمام گهڻا کنڊرات موجود آهن، جن ۾ ساموئي قديم، دڙيلو، جُهڏو قديم، بالائي ڪوٽ، ڪانجِي ڪوٽ، وِڳهه ڪوٽ، سنڌڙي، لکپت ۽ ونگو شهر مشهور آهن. ڪاهوءَ جو پٽ ميرپورخاص ۾ موجود آهي. ڪاهوءَ سومرا دؤر جي سمي سردار ڄام نندي جو سالو هو، جيڪو بَڊام جي ايراضيءَ ۾ رهندو هو. شاهه پُوراڻ جي پَٽ کي دُعا ڪندي هيٺينءَ ريت ڳايو آهي:

مون کي کِنوڻين خوش ڪيو، جي ڪَڪَر ۾ ڪاري،

وُٺا پٽ پُراڻ جا، وُٺيون ساماري،

لکن کي لطيف چئي، پَلُر پياري،

وِڄڙيُنِ واري، کڻي ڪعبي تي ڪَرَ نائيا.

پُراڻ درياءَ جو ذڪر شاهه سائين هيٺئين بيت ۾ پڻ ڪيو آهي:

جُهونِي تُون پراڻ، جَڳَ ڇَٽيهَه سَنڀائين،

توڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پَهِيڙا.

سنڌ جو پنجون قديم وهڪرو ”پَٽِيهَل“:

هي لاڙ جو مشهور قديم وهڪرو آهي، جيڪو بدين جي اولهه کان گولاڙچي جي ايراضيءَ مان وهندو هو ۽ بَڙَ جي ڍوري وٽان وڃي رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن درياءَ جي قديم شهرن مان ”آڳڙو“ خاص کنڊر آهي.

شيخ سومار بدينائي پنهنجي ڪتاب ”لطيف جا لاڙ تان ڀيرا“ ۾ هن پَٽيهل درياءَ لاءِ لکي ٿو ته: ”مٿي بيان ڪيل آڳڙو کنڊر پٽيهل درياءَ جي ڪنڌيءَ وارو اهو شهر هو، جتي جَسوڌڻ آگرو بادشاهه هو.“ وڌيڪ لاءِ هُو لکي ٿو ته: ”جَسوڌڻ آگري  کي ڄام اُنڙ سَمي قتل ڪرايو، جنهن جو ڪارڻ جَسوڌڻ آگري جي حسين و جميل زال ”مروبت راڻي“ هئي ۽ ڄام اُنڙ سمي انهيءَ نيت سان جَسوڌڻ آگري کي مارايو هو ته ان جي مري وڃڻ کان پوءِ هو سندس زال مروبت خاتون پرڻجي ها، پر ائين ٿي نه سگهيو. جَسوڌڻ آگري جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ان جي زال مروبت راڻي راتوواهه پنهنجي ڌيءَ نوريءَ کي ساڻ ڪري ٺٽي جي مشهور ڍنڍ ”ڪينجهر“ تي وڃي ملاحن ۾ پناهه ورتي ۽ اها ساڳي نوري ئي هئي جيڪا ملاحن ۾ نِپني ۽ اُن حسين خاتون تي بعد ۾ ڄام اُنڙ سمي جو پٽ ”ڄام تماچي“ عاشق ٿي پيو، جنهن جو ذڪر شاهه پنهنجي رسالي جي سُر ڪاموڏ ۾ ڪيو آهي:

ماءُ جَنهن جي مروبت خاتون، پيءُ جَسوڌڻ ڄاماڻي،

جيئن سڳو منجهه سروندڙي، تيئن راڻين ۾ راڻي،

اصل هئي اُن کــــــــي، اَهل ڄـــــــامـــــــاڻــــــي،

سَمي سُڃاڻـــــــي، ٻيڙو ٻَڌُس ٻانهــــــن ۾.

شاهه پَٽيهل درياءَ جو ذڪر اُن جي سُڪڻ ۽ پٽيهل جي طرفان جوابي مناظراتي بيت هيٺينءَ ريت بيان ڪيا آهن، شاهه جو پٽيهل درياءَ کان سندس سُڪڻ جي لاءِ پُڇيل بيت:

پَٽيهل تو ۾ پُور، اڳيون ناهي آبَ جو،

سُڪين ڪهڙي سُور، پيئي واري وِچ ۾.

پٽيهل جو شاهه کي جوابي مناظراتي بيت:

پٽيهل چئي پرينءَ کي، ساري آئون سُڪو،

آهيم اولاد ڪو، جَسوڌڻ جو جان ۾.

تاريخ جي ثابتين، سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن جي بيانن مان اهو ثبوت ملي ٿو ته سومرن جي آخري دؤر تائين هاڪڙو درياءُ پنهنجي جوڀن ۽ جنسار سان وهندو هو.

سُر ڏهر جي ٻئي داستان ۾ شاهه سائين جَسوڌڻ آگري ۽ پٽيهل درياءَ جو ذڪر ڪيو آهي. جَسوڌڻ آگري جي دؤر ۾ پاڻيءَ جي موج سببان ملڪ ۾ آبادي ۽ ماڻهن ۾ خوشحالي هئي، ان بعد وري پٽيهل ۾ پاڻي سُڪڻ، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ ملڪ ڦِٽڻ جو ذڪر شاهه جي سُر ڏهر جي ٻئي داستان ۾ ٿيل آهي.

ڪنڌئين اَڪ ڦُلاريا، سانگُن سڪو گاهه،

مُهڙاني وٽان، رويو راڄ رضا گهري.

(بلوچ جو رسالو)

سُر ڏهر ۾ علائقن جو ذڪر:

1. ڪاڇو: ڪڇ جو ٻيو نالو آهي. ڪاڇي لاءِ جوهر بروهي ۽ معمور يوسفاڻي جو هڪٻئي سان اختلاف رهيو آهي. جوهر بروهي ڪاڇو دادءَ واري علائقي کي سمجهندو هو، پر جڏهن معمور يوسفاڻي ساڻس مناظرو ڪيو ۽ کيس چيائين ته ٿر واري ڪاڇي ۾ ٻَني به آهي، ٻيلو به آهي، کريڙ به آهي، لوڻو به آهي، هَٻو به آهي، جُهرو جبل به آهي، ڀُڄ به آهي، ڍاڳي به آهي، ڍور وهڪرا به پهچن ٿا، لاکو ڦلاڻي به آهي، پُنرو بڊاماڻي به آهي، جَسوڌڻ مهڙاڻي به آهي، جاڙيجا سما به آهن، ريٻاري به آهن، سنگهار قومن جا آثار به آهن ته انهيءَ مناظري ۾ جوهر بروهي کي معمور يوسفاڻيءَ چيو ته ”تنهنجي دادءَ واري ڪاڇي ۾ اهي سڀ شيون ڪٿي آهن؟ ۽ پوءِ برابر جوهر بروهي اهو تسليم ڪيو، ته اهو ساڳيو ڪاڇو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي اچڻ وڃڻ جا چوڏهن رستا آهن، اُهي هيٺ ڏجن ٿا:

          چوڏهن چارا: (1) جاتي، (2) رحم ڪي بازار، (3) ڪَرهيو ڀانڊاري، (4) گهاڙي، (5) علي بندر، (6) ڏهر، (7) ونگڙو، (8) ٻَلهيار، (9) ننگر، (10) ونگو، (11) جليلي، (12) ٿر تلاءُ، (13) سوراچند، (14) آڌيگام وانا وارو چارو.

ڪاڇي جو ذڪر شاهه هيٺين بيتن ۾ ڪيو آهي:

ڀُڄان ڀُلي پير، وڌو راءَ رڪاب ۾،

ڪَڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

 

تن جاڙيجن جاڙَ ڪئي، راءَ سين رُٺا جي،

ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.

 

ڀُڄان ڀُلي نِڱئو، ڏيئي پاڳوڙي پير،

جَسي ۽ جَسراج جو، مٿي وانڍين وير،

ڪڇ رهندو ڪير، جو لاکو لوڙائو ٿيو.

ٻيو علائقو چوٽاڻ:

قديم دؤر ۾ ننگر پارڪر واري مِٺي تعلقي جي اوڀر واري ايراضيءَ کي چوٽاڻ چوندا هئا، هن علائقي ۾ ڄام سپڙ جي حڪومت هئي ۽ هيءُ سما ننگر جو حاڪم هو. وسڪاري جي مُند ۾ هيءُ حاڪم چوٽاڻ واري علائقي ۾ وڃي رهندو هو، شاهه اهڙي صورتحال جي منظرنگاري هيٺينءَ ريت ڪري ٿو.

جهوڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان وَٽ ۾،

آيل سنگهارن، جيڪُس چوٽاڻو چِت ڪيو.

هن بيت ۾ شاهه سائين چوٽاڻ کان سواءِ جنهن ٻئي علائقي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو علائقو وٽ آهي.

          وَٽ: تعلقي ڏيپلي ۽ مِٺي جي ڪڇ رڻ واري پٽيءَ جو نالو وَٽ آهي، هيءُ علائقو ڊيگهه ۾ گهڻو ۽ ويڪر ۾ گهٽ آهي.

چوٿون علائقو، ”ٻيلو“:

ٻيلو ڪڇ جي رڻ ۾ مشهور ٻيٽ آهي، اصل سَٻڙ نالي ٻه مشهور ڪردار آهن. شاهه سُر سورٺ ۽ پرڀات ۾ ٻيلي جو ذڪر ڪيو آهي. سپڙ ٻه ٿي گذريا آهن. (1) ڄام سپڙ چوٽاڻي، (2) سپڙ ولد چوٽو رونجهو ٻيلي ڌڻي.

هن سپڙ جو ذڪر شاهه سُر پرڀات جي بيت جي هيٺئين سِٽ ۾ ڪيو آهي:

رُونجهي رات اُپٽيا، هِيري سَندا هَٽ. (سُر پرڀاتي)

سپڙ رونجهو اصل ۾ لسٻيلي جو هو، اُتان ڪاوڙجي شهدادپور واري ايراضي کنڊر ”ماڙي سَپڙ“ ۾ اچي رهيو جيڪا اڄ به کنڊرات جي صورت ۾ موجود آهي.

شاهه سُر ڏهر ۾ جيڪو علائقو ٻيلو ڳايو آهي، اُن ۾ سَپڙ چوٽاڻي جو ذڪر آهي:

ڪيڏانهن ويا سَنگهار، جي هُئا هِني ڀيڻئين،

ڏور ته ڏوريون يار، ٻيلي ٻنهي ڪُنڌِئين.

پنجون علائقو ”کريڙ“:

کريڙ لفظ لاءِ مرزا قليچ بيگ پنهنجي رسالي ۾ صفحه 711 تي هڪ لفظ کي ”کريڙ“ لکيو آهي ۽ لغات لطيفي ۾ هن جي معنيٰ ڏيندي لکي ٿو ته: هي رڻ ڪڇ جو ٻيٽ آهي.

کريڙ لاءِ معمور يوسفاڻي لکي ٿو ته ”کريڙ“ رڻ ڪڇ جو ٻيٽ آهي. سنڌ جا قديم وهڪرا ”کريڙ“ ٻيٽ کي پاڻي پهچائيندا هئا. ڪونجون ۽ پاڻيءَ جا ٻيا سڀ پکي اُتي پهچندا هئا، پر ڏهين صديءَ جي آخر ۾ اُهي وهڪرا سُڪي ويا ۽ اُها زمين اهڙي ته پڪي ٿي وئي جو پکين جا پير به ڏُکجي پيا. آفتاب ابڙي سُر ڏهر بابت پنهنجي هڪ مقالي ۾ ”کريڙ“ لفظ جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته اهو لفظ ”ڪريهر“ آهي. هُو وڌيڪ ان لفظ کي سمجهائڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ سگهڙ جو حوالو ڏيندي رقم طراز آهي ته هيءُ زمين جو هڪ قسم آهي ۽ انهيءَ سخت زمين کي ”ڪريهر“ چئبو آهي، جنهن ۾ پکي کوٽهڙو ڪري نه سگهندو آهي. ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جي لفظ ”ڪَريهر“ کي اگر صحيح سمجهجي ته هيءُ زمين جو هڪ قسم آهي، جتي پکي کوٽهڙو ڪري نه سگهندو آهي ته يڪدم خيال انهيءَ پاسي وڃي ٿو ته ڇا ڪونج پکي کوٽهڙو ڪندو آهي؟

اصل ۾ هي لفظ شاهه جي شارحن ۽ محققن پنهنجا پنهنجا انومان ڪڍي معنائون لکيون آهن ۽ پنهنجا پنهنجا رايا ڏئي ان جي معنيٰ ۽ تشريح ڪئي آهي. اها ڳالهه مڃجي ٿي ته شاهه جي رسالي تي جيتري تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي، ايتري اڄ ڏينهن تائين ڪير به سنڌي عالم نه ڪري سگهيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ کَريڙ کي پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ”کَريهڙ“ لکيو آهي ۽ ان جي معنيٰ ”کيڙي يا کيڙيل زمين لکي اٿس. هن کريڙ لفظ جي معنيٰ ”کرڙي“ به ٿيندي. هاڻي جيڪڏهن قلمي نُسخن بمبئي ڇاپن ۾ لفظ کَريڙ لکيل آهي، مرزا قليچ بيگ به انهيءَ لفظ کي ”کريڙ“ ڪري لکيو آهي. معمور سفاڻي به هن لفظ کي کريڙ لکيو آهي، پر آفتاب ابڙي پنهنجي مقالي ۾ هن لفظ کي ”ڪَريهر“ لکي ڪونج پکيءَ جو کوٽهڙو ڪرڻ واري جيڪا ڳالهه لکي آهي، اها ڪافي مُنجهائيندڙ آهي. سنڌ جي لطيف شَناس ماڻهن کي منهنجي اها گذارش آهي ته هن لفظ جي بيهڪ آخر ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ مان هن لفظ جي لاءِ مَعُمور يوسفاڻي واري معنيٰ سان به اتفاقي آهيان ته ڊاڪٽر بلوچ واري نئين تحقيق ڪيل لفظ ”ڪريهڙ“ کان به انڪاري نه آهيان.

اسان جي ڪافي بزرگ محققن جن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي ۾ هن بيت کي هيٺين طرح لکيو آهي. صفحه 597، بيت عه 14 ، داستان 04.

آيون ڍور ڍَري، اصل سندي آسري،

کَري هَرڀون کري پاڻان پير ڏکويا پکڻين.

”سُرڏهر“

علامه آءِ آءِ قاضي هيٺئين سِٽ کي مٽائي ڪجهه ٻي طرح هيئن لکيو آهي:

”کَڙي هرڀون کري“، پاڻان پير ڏکويا پکڻين.

سر ڏهر (صفحه 659).

غلام محمد شاهواڻي ساڳئي بيت جي پوئين مصرع کي هيٺئين طرح لکيو آهي.

”کنڀڙڀوُن کري“، پاڻان پير ڏکويا پکڻين.

(صفحه 127)

غلام محمد شاهواڻي ”کنڀڙ“جي معنيٰ لکي ٿو ته کنڀڙاٽين يا پَرن ۽ ”کري“ جي معنيٰ سخت، صحيح لکي آهي.

محمد عثمان ڏيپلائي صفحو 253 تي هن سٽ کي ”کَري هرڀون کري“ واري ترتيب ۾ لکيو آهي. سڀني بمبئي ڇاپن ۾ پوئين مصرع ۾ ”کريهر“ لفظ لکيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کري هر لفظ کي ”کنڀڙ“ ڪري لکيو آهي. پوين سڀني شارحن پهرين رسالن جو نقل ڪيو آهي. سُرسسئي سان شروع ٿيندڙ سڀني رسالن ۾ هيءُ لفظ ”کريڙ“ لکيل آهي. جڏهن کان راڳ نامي جي ترتيب سان شروع ٿيندڙ سُرڪلياڻ کي اول نمبر تي رکيو ويو ته اُنهن سڀني مُرتبن ”کريڙ“
لفظ کي نه سمجهندي ”کري هر“ ۽ ”کنڀڙ“ لکي ڇڏيو، ڪن رسالن ۾ اهو لفظ ”ڳنيهر“ پڻ لکيو ويو آهي.

ٿُلهي ليکي سڀني رسالن جي مطالعي جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هيءُ اصل لفظ کَريڙ آهي ۽ اُن جي معنيٰ سخت، کرڙي واري، کيڙيل زمين يا کيڙي صحيح ثابت ٿئي ٿي. هن لفظ جي بيهڪ کي تقريباً ستن نمونن سان لکيو ويو آهي.

1- کڙي هرڀُون کري 2- کَري هرڀون کڙي 03 کري هو ڀُون کري 4- کَريڙِون کري 5- ڪريهرڀڻ ڪري 6- ڳنيهرڀون ڳَري 7- کنڀڙِون کري.

شاهه جي سُر ڏهر جي هن بيت جو نثري مفهوم ڪجهه هيٺينءَ ريت آهي.

آيُون ڍور ڍَري، اصل سندي آسري

کَريڙڀُون کَري، پاڻان پير ڏکويا پَکڻين.

نثري مفهوم: ڪُونجون اڳ ۾ سنڌ جي قديم وهڪرن مان جيڪي وهڪرا ”کريڙ“ جي ٻيٽ کي پاڻي پهچائيندا هئا. انهيءَ جي آسري تي ”کريڙ“ واري ٻيٽ تي اچي کٿُيون، پر ڀٽائي چوي ٿو ته اُهي وهڪرا سُڪي ويا ۽ اُها زمين اهڙي ته پڪي ٿي وئي جو پکين جا پير به ڏکجي پيا.

سُر ڏهر تي شاهه جي 244 هين عُرس جي موقعي تي پڙهيل مقالن جو ڪتاب آهي، هن جو پهريون ڇاپو 1989ع ۾ ڇپيو، انهي ڪتاب جو مُرتب ڊاڪٽر نوازعلي شوق آهي، انهي ڪتاب ۾ آفتاب ابڙي جو مقالو ”سُر ڏهر جي لَغات لکيل آهي“ ۽ انهيءَ مقالي ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي کَريڙ لفظ کي ”ڪَريهَر“ ڪري لکيو آهي، جيڪو تحقيق طلب آهي.

شاهه سنڌ جي قديم وهڪرن جو ”کريڙ“
ٻيٽ تائين پاڻي پهچائڻ جو ذڪر پنهنجي هن سُر ۾ ڪيو آهي، اُهي وهڪرا ڏهين صديءَ جي آخر ۾ سُڪي ويا. اهڙو پس منظر مٿئين بيت ۾ بيان ڪيل آهي. هڪ ٻيو بيت پڻ هيٺ پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ شاهه”کريڙ“ واري ايراضيءَ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جُون لوڙيُون هڻڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

هَــــــنــــــي مــــــٿــــــان هَــــــٿــــــڙا، لاکــــــو نــــــه لاهي،

”کـــــــريــــــڙ“ کــــــيــــــل ڪــــــري، اُڀــــــوئــــــي آهي،

وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.

ڇهون علائقو ٻنو: عالمن لکيو آهي ته جنهن جاءِ تي حضرت آدم عليہ السلام کي لاٿو ويو، ان جاءِ جو نالو ’دَجنا‘ هو. اهو نالو عرب عالمن لکيو آهي. ”کاهڙ“ ۾ هڪ اهڙو ماڳ آهي، جنهن کي ڏاجهڻا چون ٿا. ڏاجهڻا کي جيڪڏهن عربيءَ ۾ لکبو ته دَجنا ٿيندو. روايت آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي جنت جي هير حاصل ٿيندي هئي ۽ پاڻ صلي الله عليہ وآلہ وسلم نماز کان فارغ ٿيڻ وقت گهڻو ڪري سنڌ مُلڪ ڏانهن مُنهن ڪري ويهندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو هن ڌرتيءَ کي باب الاسلام ڪوٺيو ويو آهي. پهريون وحي جو سلسلو هِتان شروع ٿيو، جنهن ۾ حضرت آدم عليہ السلام جي اولاد مذهبي تربيت حاصل ڪئي. پهرين ديني درسگاهه پڻ هتي قائم ٿي. هن علائقي کي ڏاڏي آدم عليہ السلام جي ٻَني به چوندا آهن. ٻني علائقي جو ذڪر شاهه هيٺئين بيت ۾ ڪيو آهي:

ٻَني ٻَهڻ نه ڏي، جُهري ويئي جهوڪ،

لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

ستون نمبر علائقو پاندر: ٻَنيءَ جي ڀرسان مشهور خِطو آهي. هن خطي کي شاهه هيٺئين بيت ۾ ڳايو آهي.

لاکو لوڻي آيو، هَٻي پيئي هاڪَ،

پاندُر ڪَنا پُڇڙِي، ڏونگِر پئي ڏَاڪَ،

اُٺيون ۽ عِراق، گڏيا ته گَنئُون ٿيا.

هن بيت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻي سِٽ هيٺين ريت لکي آهي:

پائِرَ ڪانه پڇڙي، ڏُونگر پئي ڏاڪِ.

ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته: ”لاکي جي لوڙيُن سبب پائر ۽ ڏونگر ۾ اهڙو ته ڏَهڪاءُ پيدا ٿيو جو ”ٻَڪِري يا رڍ جو پُڇُ“ مطلب ته ڪو به چوپايو جانور اڳ وانگر ڇيڪ چَرندي نظر نه ٿي آيو.“ هن بيت ۾ مَعمُور يُوسفاڻي جو خيال آهي ته ”پاندُر کان پُڇڙي“ يعني پَڇُم تائين لاکي جي لوڙين جو ذڪر شاهه هن بيت ۾ ڪيو آهي. هن بيت ۾ لاکي جي اُٺين هڻڻ بابت ٻني هٻي ۽ پَڇُم مان ڌاڙو هڻڻ بابت شاهه جي منظرنگاري بيان ٿيل آهي ۽ عراق مان مراد عراقي نسل واري گهوڙي ”لکي“ آهي، جنهن گهوڙيءَ تي چڙهي لاکو اُٺين جا وڳ ڊوڙائي تيز رفتاريءَ سان ڪاهي ويندو هو ۽ واهر لاءِ پويان کيس ڪوبه وَهٽ پُهچي نه سگهندو هو.

اٺون نمبر علائقو پَڇُم: هيءُ علائقو پاندر جي قريب آهي. هيءُ علائقو سنڌ توڙي ڪَڇ ۾ مشهور آهي، جنهن کي شاهه پڇڙي، پَڇُمڙي ڪوٺيو آهي.

هن علائقي ۾ ڏونگر به آهن ته سَنئون پَٽ به آهي. هن علائقي بابت مثال لاءِ اڳ ۾ ئي مٿي بيت لکيو ويو آهي، پر هڪ سٽ هيٺ ورجايان ٿو، جنهن ۾ شاهه پَڇُم جو ذڪر ڪيو آهي.

پاندُر ڪَنان پُڇڙِي، ڏونگر پَئي ڏَاڪَ.

نائون علائقو ڪوهيار: پارڪر ۽ ڪَڇ ۾ سُر ڏهر جي بيتن ۾ ڪٿي لفظ ڪوهيار، ڪٿي ڇَپر، ڪٿي روهه استعمال ٿيل آهي. هن علائقي ۾ رواجي جبل به آهن ته نالي وارا جبل به آهن. انهن جبلن ۾ هَٻو، جُهرو، ڪِيرو، لُوڻو، ووڙائو ۽ ڪارونجهر آهن. ڀٽائي ڪوهيار علائقي جو ذڪر هيٺين بيتن ۾ ڪيو آهي، جن ۾ ڪٿي ڇپر ۽ ڪٿي روهه استعمال ٿيل آهي.

1- روهه راماڻا ڪَن، اڄ پڻ هَلڻ هَاريُون،

ڪَرڳل ڪُونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.

2- چيتا ڪيو چُڻيج، بَڊاماڻِي بُٺ ۾،

نيڻن ننڊمَ ڏيج، ڇيڙُون ڇَپر آيون.

3- ڪاڇو ۽ ڪوهيار، ڏونگر سندن ڏيهڙو،

ساجُهر نَهِي بارُ، ڪوه نه ويئن تن سين.

علائقو نمبر ڏهون لوڻو: لوڻو جبل به آهي، پٽ به آهي ۽ لوڻو ڳوٺ به آهي. لوڻو ٻني کان اولهه طرف آهي. لوڻي جو ذڪر شاهه جي هيٺئين سٽ ۾ ٿيل آهي.

لُوڻي مٿان لوڪ، لاکي لَکَ لَڏائيا.

يارهون نمبر علائقو ”هٻو“:

هٻو، لوڻي واري علائقي جو مشهور جبل آهي، جيڪو ڄام ڏاهر سمي جي پڙ ڏاڏي ڄام هَٻي جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. ڄام هٻي بابت شاهه جو بيت مٿي اڳي لکي چڪو آهيان. صرف هڪ سِٽ مثال خاطر هيٺ لکجي ٿي.

لاکو لوڻي آيو، هَٻي پِيئي هاڪَ.

علائقو نمبر ٻارهون ”جُهرو“:

ٻني جي ڪناري جو مشهور جبل آهي، جتي اُٺن جُون جهوڪون هُيون ۽ لاکي جي لوڙائو بنجڻ سبب اُهي ختم ٿي وَيون. اهڙي منظرنگاري شاهه هيٺئين بيت ۾ ڪئي آهي.

ٻني ٻَهڻ نه ڏئي، جُهري ويئي جهوڪ،

لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

علائقو تيرهون ”ڀُڄُ“:

ڀُڄ، ڪَڇ جو مرڪزي شهر ۽ ڪڇ صوبي جي وچ ۾ آهي. لاکو ڦلاڻي ڀُڄُ جو رهاڪو هو. اهڙي منظرنگاري ڀٽ ڌڻي هيٺئن بيت ۾ ڪئي آهي.

ڀُڄان ڀُلِي پير، وڌو راءَ رِڪابَ ۾،

ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائُن سين.

علائقو چوڏهون ”بَڊام“:

ٻڊام اهڙو علائقو هو، جنهن ۾ هاڪڙي درياءَ ۽ پُوراڻ جو پاڻي ريل ڇيل پيو هلندو هو. بَڊام جا کنڊرات تعلقي ٽنڊي باگي ضلع بدين ۾ اڄ به موجود آهن. بڊام جو سردار بَڊاماڻِي پُنرو هو ۽ چيو وڃي ٿو، ته اهو نائين صدي عيسويءَ جي دور جو هو، اوکيءَ ۾ هر ڪنهن جي مدد ڪندو هو ۽ هن جي علائقي مان ڪوبه ڌاڙيل مال نه ماريندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو ماريندو هو ته ان جي وَاهر لاءِ بَڊاماڻِي پُنرو پهچندو هو. ڀٽ ڌڻي اهڙي منظرنگاري هيٺئين بيت ۾ ڪئي آهي.

ڪَنڌيءَ مور ڪُڻڪيو، وَڳن واجهائيو،

بَڊاماڻي پُنرو، جو ٻُڄهي سو آئيو.

علائقو پندرهون ”گهاڙي“:

گهاڙِي بدين ضلعي جو تمام پراڻو شهر آهي، جنهن کي هاڻي شيخاڻي گهاڙِي چون ٿا. هيءُ شهر جڏهن آباد هو ته لاکو ڦلاڻي پيو يارن وٽ ايندو هو، پر اهڙو وقت آيو جو ٻين مشغولين جي ڪري يارن سان مِلڻ لاءِ ڪافي وقت گذري ويو پَر وڃي نه سگهيو، يارن کيس چوائي موڪليو ته ”لاکا تو گهاڙي وساري ڇڏي، شاهه اهو منظر هيٺيئن بيت ۾ پيش ڪيو آهي.

لاکا لڳئي ڏينهن، گهاڙيءَ ريءَ ڪيئن گهاريئين،

مٿان وَسي مينهن، واٽُون وَلين ڇانئيون.

علائقو سورهون ”ڪنڊو“

ڄام ڏاهر جي ٻڌرايل شهر جي کنڊرن وٽ ڍور درياءَ تي هڪ وڏو ڪنڊو هو، ڏهين صدي عيسوي جو.

2- ملاح قوم (قبيلو):

ملاح ڪا خاص قوم نه آهي، جن ماڻهن به اهو پيشو اختيار ڪيو، ملاح سڏجڻ ۾ آيا. فارسي زبان ۾ ملاح کي ميربحر ۽ عربيءَ ۾ اَميرالبحر سڏيو ويو آهي. ملاحن جو دريائن ۽ سمنڊن سان واسطو رهيو آهي. جهازراني ۽ ٻيڙا هاڪارڻ هن قوم جو پيشو آهي. هونءَ ته شاهه سُر سريراڳ ۽ گهاتوءَ ۾ هن قوم جو ڪافي ذڪر ڪيو آهي پر سُر ڏهر ۾ هيٺئين ريت ذڪر ڪيوا ٿس.

ڍرو نه اڳينءَ ڍار، مَهند ملاحن لکيو،

موڙي ڇوڙيئون مڪڙا، پسي پاڻيءَ پار،

جسوڌڻ جهڙا يار، پيا وير وِماس ۾.

3- اوڏ قوم (قبيلو):

اوڏ، دراوڙ نسل جي مزدور قوم آهي. هن قوم جو واسطو مٽيءَ سان رهيو آهي. شاهه سُر ڏهر ۾ تمام گهڻن بيتن ۾ هن قوم جو ذڪر ڪيو آهي. ڪڇ جي علائقي ۾ لاکي جاڙيجي اوڏن کي ڏاڍو ستايو. لاکي ڦلاڻيءَ بيلي اوڏڻ سان عشق ڪيو ۽ بيلي اوڏڻ جي نالي سان هڪ تلاءَ به ٺهرايو هو. ڀٽائي اوڏ قوم جو ذڪر هيٺئين ريت ڪيو آهي.

1- اوڏڻ اوڏي آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،

مٽيءَ سندو مامرو، لٿو تو مٿاءُ،

توتي ريڌو راءُ، ڪامل ڌڻي ڪڇ جو.

2- اَڏيو جو اوڏن، سو ڍنگهر ڍِلو مَ ٿئي،

جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.

3- لاکا لک هئا، پر ڦُلاڻيءَ ڦير ٻيو،

آجا اوڏ ٿيا، پلئه لڳي جنهن جي.

لاکو ڦلاڻي ڳُڻن، ڳالهين ۽ ڏاڍاين جو اُهڃاڻ آهي، پر شاهه سندس اهو ڳُڻ ڳايو آهي جو غريب اوڏڻ سان دل لاتائين ۽ اوڏن جي لڄ پت رکيائين ۽ پاڻ وٽ اوڏن کي اَجهو ۽ اوٽ ڏنائين.

4- جاڙيجا قوم (قبيلو):

جاڙيجا سمن جي هڪ مشهور نُک آهي، شاهه جاڙيجا قوم جو ذڪر هيٺئين بيت ۾ ڪيو آهي.

جاڳو جاڙيجا، سمان سُک مَ سُمهو،

پَسو آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.

5- ٺاڪر قوم (قبيلو):

هيءَ قوم راجپوت نسل قوم آهي، سندن پيشو جنگ ۽ سپاهه گيري آهي. هن قوم لاءِ اها چوڻي آهي جيڪا ساموئي ۽ ماموئي فقيرن جي هڪ بيت سان منسوب آهي ته:

کاري کاٻاڙلي، جهڙو لڳندو ڇهه پهر،

مِرمچي ماري، سُک وسندي سنڌڙي.

شاهه ٺاڪر قوم جو ذڪر پنهنجي هيٺئين بيت ۾ ڪيو آهي.

ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکو لُولاٽِين سين،

سَائُومانَ سندياءِ، ٺٺ مٽائي ٺاڪرو.

6- ڍاٽي قوم (قبيلو):

ڍاٽي اُها قوم آهي جيڪا ڍٽ جي رهاڪو هجي. انهيءَ قوم جو ذڪر شاهه سائينءَ هيٺيئن ريت ڪيو آهي.

ڍاٽي وڳ مَ ڍار، هن پرائي ڏيهه ۾،

چيهو چلڙچڪ ٿيو، وڳ اتاهين وار،

ڏٺم ڪالهه قطار، لاکي لوڙائن جي.

7- ريٻاري قوم:

هيءُ قوم، ڪڇ ۽ پارڪر جي پراڻي قوم آهي. لاکي ڦلاڻي جاڙيجن سمن، ريٻارين کي ڌاڙا هنيا. ڪڇ جي راجا راءِ کنگهار جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جو مامو هو، انهيءَ ريٻارڻ عورت سان عشق ڪيو هو. ريٻارين لاکي ڦلاڻيءَ جا ٻه يار جسو ۽ جسراج قتل ڪرايا هئا. انهيءَ وير وٺڻ لاءِ لاکو ڦلاڻي ڌاڙيل ٿيو ۽ هن ريٻارين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو. اهو پس منظر شاهه هيٺين بيتن ۾ پيش ڪيو آهي.

1- رڙي ريٻارڻ روءِ، واڙي پايو وڇڙا،

کرا ويڻ کنگهار کي، چَئنچل اُڀِي چوءِ،

واڙي وڇ نه ڪوءِ، لاکو لوڙائن سين.

2- رڙي ريٻارڻ روءِ، اُڀي ڍنگهر جهل،

ڀِري هتان ڀَل، ڪيتريون ڪاهي ويا.

8- سنگهار قوم (قبيلو):

سنگهار سماٽ قوم جي پراڻي شاخ آهي، هِيءَ مالدار قوم هئي. تمام سخي، سڄاڻ ۽ بهادر قوم هئي. هنن وٽ مال جهجهو هوندو هو ۽ اربع جي شام ۽ خميس جي رات جو هيءَ مالدار قوم سمورو کير ورهائي ڇڏيندي هئي. ڀٽائي پنهنجي رسالي جي سُر ڏهر ۾ هن قوم جي سخاوت، مهمان نوازي ۽ بهادريءَ کي ڳايو آهي ۽ سترهن بيتن ۾ انهيءَ قوم جو ذڪر ڪيو آهي.

هن قوم ۾ کير ورهائڻ جو باقاعده رواج هو. اُن دور ۾ واڻيا مالدارن وٽان گيهه وٺڻ ويندا هئا.

سنگهار قوم وٽ مينهون، اُٺيون ۽ ڍڳيون هونديون هيون. سنگهار لفظ جي معنيٰ آهي مالدار، هن قوم جي مالداري پنج ڇهه سو سال هلي ۽ اڳتي هلي مالدارن کي سنگهار سڏيو ويو ۽ هن قوم جون بعد ۾ ڪيتريون ذاتيون ٿي ويون، جن جو تفصيل ڏيڻ هن مقالي ۾ طوالت جو سبب ٿيندو. مان هتي صرف سنگهار قوم بابت سُر ڏهر جا ٻه بيت لکان ٿو، جن ۾ انهن جي سخاوت شاهه بيان ڪئي آهي. بيتن جي بيهڪ ۽ پڙهڻين تي ڪافي اختلاف رهيو آهي. مان هتي ٻنهي پڙهڻين سان بيت لکان ٿو، جنهن ۾ اربع جي شام ۽ خميس جي رات سنگهارن جي کير ورهائڻ واري رسم ۽ کير ولوڙڻ جو ذڪر ٿيل آهي.

1- ڪير ڪَريندي ريس، آيل سنگهارن سين.

جنين جي خميس، واڻيو واري ڇڏيو.

2- ڪيو ڪريندي ريس، آيل سنگهارن سين،

جنين جي خَميس، مَنڌي مُور نه مَٽ ۾.

ڊاڪٽر بلوچ هيٺئين سٽ مٽائي هيئن لکي آهي.

سُر ڏهر جا ڪردار:

سُر ڏهر جا مشهور ڪردار هيٺيان آهن.

1- هَاڻُو:

هَاڻُو جي معنيٰ آهي هڻڻ وارو، يعني مال هڻي وڃڻ وارو. تکو گهوڙو ڊوڙائي مال کي ڊوڙائي وڃڻ وارو، شاهه هَاڻُو جو ذڪر پنهنجي هيٺين سِٽَ ۾ ڪري ٿو.

جر هاڻُو هُونئي مِٽ، ته به اوڊولاه مَ اُن جو.

2- لوڙائُو:

لوڙائو لفظ لوڙ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لَٺِ. لوڙائو اسم فاعل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لٺ وَهائيندڙ. اصطلاحي معنيٰ ۾ لوڙائو ان سورهيه کي چيو ويندو آهي جيڪو لٺ وهائي، ٻين ماڻهن کي ڪيرائي ۽ پنهنجي جان بچائي نڪري وڃي. لوڙائو يا هاڻو خاص قبيلو يا قوم نه آهي. لوڙائو جو مثال شاهه جي هيٺين سٽ ۾ موجود آهي.

واڙي وڇ نه ڪوءِ، لاکو لوڙائن سين.

3- ماري ۽ شڪاري:

سُر ڏهر ۾ ماري ۽ شڪاريءَ جو ذڪر شاهه ڪيو آهي. جيڪي پرديسي پکين ۽ جانورن کي ماريندا آهن. پکين ۾ ڪُونجون ۽ جانورن ۾ هرڻ ۽ روجهه جو شڪار ماري ڪندا آهن. شاهه ماري ۽ شڪاريءَ جو ذڪر پنهنجن هيٺين بيتن ۾ ڪيو آهي.

1- ڪُونجَ نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سندي مَن ۾،

اوچتي پَرياڻَ، وَڳَرَ هَڻي وِيڇُون ڪَيا.

2- روجهه ۽ هرڻ بابت شعر:

رويو ريجاڻي چرين، ڇڏيو پائروٽ،

ڪُهي ڪيناري چاڙهيون، هرڻ وڪڻي هٽ،

تو سر مٿان سَٽ، ماري ڏينهاڻي ڪري.

3- کوءِ ٻيريون ٻَن ٻور، ڦريو ڦَاڪان نه چرين،

سائي پٺي سور، جڏهن تڏهن رُڃ جو.

روجهن بابت وائيءَ جون سٽون:

ڇيڙي وڌيس ڇپرين، ٻاروچاڻي نيهن،

لُڪون لڳن ڪوسيُون، ڏاڍا تپن ڏينهن،

مون کي پرين ميڙئين، روجِهڙيون ميڙئين مينهن.

مٿين بيتن ۾ ماري ۽ شڪاري جو اٽڪل سان ڪونجن، هرڻن ۽ روجُهن جو شڪار جو ذڪر ڪيو آهي. هن مختصر مقالي ۾ پَرياڻ لفظ تحقيق طلب آهي، جيڪو سُر ڏهر ۾ ته ٻن بيتن ۾ ٿيل آهي، پر منهنجي مطالعي جي آڌار هيءُ لفظ شاهه چوويهن جاين تي استعمال ڪيو آهي ۽ اُهي چوويهه بيت پرياڻ لفظ وارا مُنهنجي لکيل مقالي ۾ جيڪو جنوري 2018ع واري شماري ۾ ڇپيل آهي، ان ۾ لکيل آهن. هتي ٻه بيت سُر ڏهر جا پَرياڻ لفظ سان لکان ٿو، جن ۾ پرياڻ لفظ جي معنيٰ توجهه طلب آهي، جن ۾ هڪ بيت مٿي لکي چڪو آهيان ۽ ٻيو هيٺين ريت آهي.

ڪڏهن جَهلين ٻڪرا، ويٺي منجهه وٿاڻ،

اوچتا، پَرياڻ، آهن ڌَڻ ڌڻين جا.

پَرياڻ لفظ جون شاهه جي شارحن ۽ محققن ڌار ڌار معنائون لکيون آهن، اُهي هيٺ ڏجن ٿيون.

پَرياڻ= اهڃاڻ، ڏَسُ، پتو، آثار، نِشان، پريتڻو، پَريان وارا.

شاهه جي رسالي جي شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن لفظ جون هيٺيون معنائون ۽ اشتقاق لکيا آهن.

پَرياڻ (سن. پَرياڻ + پر= اڳتي + يا = وڃڻ)

پَهه، رٿ، ارادو، ”بيبي خديجه خواب ۾ ”پُروڙيسَ پَرياڻ، (گُل حسن شر). ويچار، خيال، نصيحت، اَنجام، ٻانڌاڻ، مٿي جيڪي به معنائون ڏنيون ويون آهن، اُهي پنهنجي جاءِ تي، پر سُر ڏهر جي هيٺئين بيت ۾ ڊاڪٽر بلوچ پَرياڻ لفظ جي معنيٰ ڏهڪاءُ لکي آهي.

ڪُونجَ نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾،

اوچتي پَرياڻ، وَڳرَ هڻي ويڇُون ڪيا.

ڊاڪٽر بلوچ هن لفظ جي معنيٰ ڏئي، اهو سمجهائي ويو آهي ته شاهه جي اکرن تي تحقيق هلندي رهندي، پوءِ ٻوليءَ جا ماهر ڀلي اُنهن اکرن جي نين معنائن تي تنقيد ڪندا رهن. وڏي شاعر جي شاعري جي اکرن کي جيڪڏهن نه سمجهيو سين ته ان جي شاعريءَ جو فڪر سمجهڻ کان تمام بعيد آهي. ڀٽ ڌڻي ماري ۽ شڪاري بابت هيٺين بيتن ۾ به ذڪر ڪيو آهي.

1. بغل منجهه بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا،

ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي.

2- وڳر ۾ وائي، ڪالهه تُنهنجي ڪونجڙي،

سر ۾ سارينئي گهڻو، ڀينر ۽ ڀائي،

پسين نه پاهي، جا ماريءَ سندي من ۾.

3- وڳراڪيريو، سرساريو سور ڇڙي،

جُهري جهڄندي ڏئي، سنيها کي سڄڻين.

شاهه سُر ڏهر ۾ ڪونج پکي کانسواءِ جن ٻين پکين جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ۾ باز، مور، ٻاٻيهو، للو ۽ ٻگهه پکي اچي وڃن ٿا.

مثال 1-

اچي پرين پٻ کيا، ڪر ٻاٻيهو جيئن موران.

مثال 2-

للي ڏيئي لات، ڀڳاڪوٽ ڪفار جا،

وائي ڪن نه وات، ٻگها ٻاتاڙا ٿيا.

سر ڏهر جو اهم ڪردار لاکو ڦلاڻي:

لاکي ڦلاڻي بابت تاريخدان چون ٿا ته هيءُ ڦل جو پُٽُ هو ۽ ڪڇ جو حاڪم راءِ کنگهار، لاکي ڦلاڻيءَ جو مامو هو. لاکو ڦلاڻو سنڌ جو هڪ وڏو سورهيه ۽ سرويچ انسان هو. لاکي ڦلاڻيءَ جي دور بابت تاريخ ۾ اختلاف آهي. تاريخ ريگستان جو مصنف راءِ هريجن لاکي لاءِ لکي ٿو ته: هو تقريباً 866ع ڌاري ڄائو هو ۽ لڳ ڀڳ 955ع ۾ وفات ڪري ويو.

شاهه جي رسالي جي محقق ۽ شارح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: لاکو ڦلاڻي سنه 1200ع کان 1350ع تائين ٿي گذريو، لاکو ڦلاڻي ستن سورهين ۽ ڏهن ڏاتارن ۾ به شامل آهي. شهسواري، سرڪشي، سورهيائي ۽ سخاوت جيڪا ان وقت جي حاڪم لاءِ ضروري سمجهي ويندي هئي، اُهي سڀئي صفتون لاکي ڦلاڻيءَ ۾ هُيون. سياسي بصيرت رکندڙ مفڪرن جو قول آهي، ڏاڍي سان ڏاڍ ڪرڻ ۽ مسڪين جي مدد ڪرڻ ڪنهن به ملڪ جي حاڪم لاءِ ضروري گڻ آهن ۽ اُهي سمورا گُڻ لاکي ڦلاڻيءَ ۾ موجود هئا. شاهه، لاکي ڦُلاڻيءَ جا اهڙا گڻ هيٺئين بيت ۾ ڳايا آهن.

لاکا لک سڄن، پرڦلاڻيءَ ڦير ٻيو،

جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجن، سُتي سُنچو نه لهي.

معمور يوسفاڻي جي تحقيق مطابق، لاکي ڦلاڻيءَ جي زال مهر راڻي، ڄام ڪرن جي ڌيءَ هئي. مهر راڻي پنهنجي شاديءَ لاءِ نهايت ڏکيا شرط رکيا هئا، جيڪي لاکي ڦلاڻيءَ پورا ڪيا هئا ۽ مهر راڻيءَ سان شادي ڪئي هئائين.

مهر راڻيءَ جي مائٽن ڏاج ۾ مال ملڪيت ۽ ڳهن ڳٺن سميت کيس کي هڪ مڱڻهار فقير به ڏنو هو. جڏهن راءِ کنگهار ڪڇ جي راجا جو عشق ريٻارڻ عورت سان ٿيو ته ريٻاري لاءِ غرض بنجي ويا، انهن لاکي ڦلاڻيءَ جا ٻه يار: جسو ۽ جسراج قتل ڪرايا، انهيءَ وير وٺڻ لاءِ لاکو لوڙائو بنجي ويو ۽ ڌاڙا هڻڻ لڳو. هڪ رات لاکو ڦلاڻي رات جو دير سان موٽيو ۽ پنهنجي مڱڻهار فقير کي چيائين: مون کي کماچ تي راڳ ٻڌاءِ. مڱڻهار فقير ان رات اهڙو ته راڳ ڳايو جو لاکي ڦلاڻيءَ چيس ته جيڪو گُهرڻو اٿئي سو گهُرُ. ان مڱڻهار فقير چيو ته مون وٽ سڀ ڪجهه آهي. مان اوهان جو نوڪر آهيان، پر مهر راڻيءَ فقير کي اشارو ڪيو ته سندس ڳچيءَ ۾ پيل سندس سونو هار کانئس گهري وٺي. ان تي مڱڻهار فقير مهر راڻي جي ڳچيءَ ۾ پيل هار ڏانهن اشارو ڪيو. لاکي چيو ته مهر اڄ کان پوءِ مون کي حرام آهي، اها توکي بخشيان ٿو. مڱڻهار فقير چيو ته مون ته توکان هار ٿي گُهريو، اها تُنهنجي راڻي آهي پر لاکو ڏک مان ڪاوڙجي لوڙيون هڻندو رهيو ۽ مهر کي ڏُهاڳ ڏئي هليو ويو.

مهر راڻيءَ جا مائٽ اها ڳالهه ٻڌي مهر کي وٺڻ آيا، پر مهر انڪار ڪيو ۽ چيائين ته آءٌ لاکي ڦلاڻيءَ جا ڪَکَ ڪا نه ڇڏينديس. ان کانپوءِ مهر راڻي بادشاهي لباس لاهي ڇڏيو ۽ فقيراڻو لباس پهري مائٽن کان ڏاج ۾ مليل مڱڻهار جي نگرانيءَ ۾ ڏينهن گذاريندي رهي. مڱڻهار فقير راڄ مان ٽُڪر پني ايندو هو ۽ پن جي ٽڪرن تي ورهين جا ورهيه مهر گذاريا ۽ لاکي ڦلاڻيءَ جي ڏهاڳ ڏيڻ جي ڪري اهڙي ته جُهور پوڙهي ٿي وئي هئي، جهڙيءَ طرح بيبي زليخان حضرت يوسف عليہ السلام لاءِ پوڙهي ٿي وئي هئي.

مهر راڻيءَ کي جيڪو ڏُهاڳ مليو، اُن جو سبب سندس مڙس سان هڪ قسم جي حُجت هئي، ائين ڪرڻ سان لاکي ڦلاڻيءَ جي دل ۾ مهر لاءِ محبت گهٽ ٿي ويئي ۽ نفرت وڌي. لاکو ڌاڙيل هو ۽ اهو ڏوهه بخش ڪرڻ ڌاڙيل لاءِ ڏکيو هو، پر لاکي پنهنجي ڏاتاري ڏيکاري زهر جو ڍُڪ ڀريو.

مهر راڻيءَ جا مڱڻهار فقير سان ناجائز تعلقات نه هئا، پر شڪ ۽ گمان جڏهن دل ۾ ويهندو آهي ته دل واري ماڻهوءَ لاءِ نفرت پيدا ٿيندي آهي. گهڻن عالمن اهو لکيو آهي ته لاکي ڦلاڻي مهر کي ڇڏي سُٺو ڪم نه ڪيو. ٿر جي هڪڙي سگهڙ انهيءَ ڀُل تي لاکي ڦلاڻيءَ کي ڪچو ڪيو آهي ۽ کيس ٻاراڻي طبعيت وارو ڪوٺيو اٿس، چوي ٿو ته:

لاکـــــــــو ڦــــــــلاڻــــــــي، ڪَچــــــــو ڪَچــــــــاڻي،

جنهن ڪري ٻاراڻي، ڦٽي ڪئي مَهر راڻي.

زليخان جهڙو ڪردار نڀائيندڙ مهر راڻي جُهور پوڙهي ٿي وئي. ڪافي ورهين کانپوءِ لاکو ڦُلاڻي اُتان اچي مٽيو، جنهن جُهوپڙيءَ ۾ مهر پنهنجي حياتيءَ جا ڏکيا ڏينهن گذاري رهي هئي. لاکي ڦلاڻيءَ کي اتي اُڃ ڏاڍو ستايو، نوڪر کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو. لاکي جو نوڪر جڏهن مهر جي جهوپڙيءَ ۾ پاڻي وٺڻ لاءِ ويو ته مهر راڻيءَ کانئس پڇيو ته تون ڪير آهين؟ نوڪر جواب ڏنو ته آءٌ لاکي ڦُلاڻيءَ جو نوڪر آهيان، ان کي سخت اُڃ لڳي آهي پاڻي ڏيو. مهر پاڻيءَ جو وٽو ڀري اُن ۾ ڪَکَ وجهي ڏنا ته ڪکن سبب لاکو ساهي ڪري پاڻي پِئي، ڇو ته لاڳيتو پاڻي پيئڻ سان لاکي جي صحت نه خراب ٿي وڃي. جڏهن نوڪر پاڻيءَ جو وٽو کڻي لاکي وٽ پهتو ته ڪکن جي ڪري يڪساهيءَ ۾ پاڻي پي نه سگهيو ۽ هوريان هوريان ڪک ڪڍندو پاڻي پيئندو رهيو. جڏهن پاڻي پيتائين ته نوڪر کان پڇيائين ته پاڻيءَ ۾ ڪَک ڪنهن وڌا آهن؟ نوڪر سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ لاکو سمجهي ويو ته اها رڻ جي راهي مهر آهي. لاکي ڦلاڻيءَ وٽو نوڪر کي هَٿ ۾ ڏئي مهر ڏانهن واپس موڪليو ۽ چيائين ته نوڪر، مهر کي وڃي چئو ته اڃا پئي جِئين!

نوڪر اهي لفظ مهر کي جڏهن وڃي چيا ته هوءَ رڙ ڪري پَٽَ تي ڪري پَئي ۽ ساهه نڪري ويس. نوڪر اها ماجرا وڃي لاکي کي ٻڌائي ۽ لاکو يڪدم مهر جي لاش وٽ پهتو ته مڱڻهار فقير به اتي اچي پهتو. مهر جي لاکي لاءِ وفاداريءَ جي ماجرا ان مڱڻهار فقير لاکي ڦلاڻيءَ کي ٻڌائي. لاکي ڦلاڻيءَ پوءِ مهر کي دفن ڪيو ۽ ڌاڙا هڻڻ ڇڏي ڏنا. لاکي جي ڌاڙن بند ڪرڻ بابت تاريخدانن جا اختلاف آهن. ڪي چون ٿا ته لاکي پنهنجي پيءُ ڦُل جي وفات کانپوءِ ڌاڙا هڻڻ بند ڪيا پر اڪثر محققن جو اهو رايو آهي ته لاکي ڦلاڻيءَ مهر راڻي جي مرڻ کانپوءِ لوڙيُون هڻڻ ڇڏي ڏنيون. ٿر ۾ مهر راڻيءَ جو قبرستان اڄ به موجود آهي، جنهن کي مهر جو ڏهر چيو ويندو آهي.

لاکو سَتن سُورهين مان ٽيون نمبر سورهيه هو ۽ ڏَهن ڏاتارن مان ٻيو نمبر ڏاتار آهي.

لاکي ڦلاڻيءَ جي وفات:

لاکي ڦلاڻيءَ جي موت بابت ٻه روايتون آهن. ڪي راوي چون ٿا ته ڪَڇ جي ”راجا راءِ کنگهار“ جي مَعشوقه ريٻارڻ دولاب واري دعوت ۾ لاکي کي قتل ڪرايو هو. راءِ کنگهار پنهنجي ڀاڻيجي لاکي ڦلاڻيءَ کي صُلح جو پيغام موڪلي پاڻ وٽ دعوت ڏئي گهرايو ۽ پوءِ کيس قتل ڪرايائين. ڪي عالمن چون ٿا ته سولنگين جي هڪ جنگ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو.

لاکي جي موت ۽ سندس گهوڙي لَکِي جي موت بابت شاهه جو بيت هيٺ ڏجي ٿو.

لَکِي لاکو، ٻئي مُئا ٻاجهه ٿي،

قادر لاٿو ڪڇ تان، اديُون اولاڪو،

وانڊن ۾ واڪو، ريٻاري رَهي ويا.

لاکي جي موت جا ٻن قسمن جا چُوٻول آهن. هڪ راءِ موجب، لاکي جي موت تي ماڻهو خوش ٿيا. ملڪ تان ڏول لهي ويو، بدامني ختم ٿي وئي. ٻي راءِ موجب، لاکو سنڌ جو سُورهيه هو، هن ظالمن جي ظلم کان خلق کي نجات ڏياري ۽ ظالم حڪمران ”راءِ کنگهار“ لاءِ ڀٽائيءَ جي هن ”سورمي“ وَڏيون انتظامي مُشڪلاتون پيدا ڪيون.

لاکي ڦلاڻيءَ کي ٻه زالون هُيون، هڪڙي مهر راڻي ۽ ٻي بيلي اوڏڻ.

لاکي جي ڪردار کي شاهه ڇو ڳايو؟، ان بابت منهنجي راءِ هيءُ آهي ته:

1- لطيف سنڌ جي تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين کي سمجهائڻ لاءِ لاکو ڳايو.

2- جن به سنڌ جي بهادر سُورمن ٻاهران آيل چالاڪن سان مَهاڏو اٽڪايو، پنهنجي ديس خاطر انهن سان وِڙهيا، انهن کي سنڌ جي اٻوجهه عوام ڌاڙيل ڪوٺيو، پر سنڌي سورما، ڌاڙيل نه هئا، پر انهن کي ڄاڻي ٻُجهي ڌاڙيل ڪوٺيو ويو. ڀٽائي ان حقيقت کي سمجهائڻ لاءِ لاکي ڦُلاڻيءَ جي ڪردار کي ڳايو آهي.

3- دشمن قوتن وٽ لاکو ڌاڙيل آهي، پر ڀٽائي وٽ سُورهيه سردار آهي. بُراين کي ختم ڪندڙ، شرير قومن کي تڙيندڙ، ڏُتڙيل ۽ مسڪينن لاءِ سُک ۽ آسائش جي علامت آهي. مٿين مڙني صفتن جي ڪري لاکي ڦلاڻيءَ کي ڀٽائي ڳايو.

سُر ڏهر جو مجموعي پيغام:

هيءُ سُر اَلمياتي، رُومانوي، جنگي ۽ وطن پرستيءَ جو آئينو آهي. هن سُر ۾ ڪُونج پکي، سنگهار ۽ اوڏ قوم جو هڪ مڪان نه آهي. ڪُونج جون ٻه صفتون آهن، هڪ ته نماڻائيءَ سان گذارڻ ۽ ٻيو پنهنجي ڪُڙم قبيلي سان وفاداري ڪرڻ، ۽ پنهنجو اصلي ماڳ نه وسارڻ جهڙي طرح سنگهار ۽ اوڏ قوم لڏوري قومون آهن، اهڙيءَ طرح انسان به هت لڏوري آهي، ڀٽائي اهو فلسفو به هن سُر ۾ سمجهايو آهي.

هن سُر ۾ حُضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ساراهه، ڪرڻ هن دنيا کي مانجهاندي جو ماڳ سمجهڻ، پنهنجي ٻَني ۽ ونيءَ جي حفاظت ڪرڻ جو پيغام به هن سُر ۾ موجود آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي شادابي، ساون ميدانن جو تذڪرو ۽ سنڌ جا قديم وهڪرا، اُنهن جو سُڪي وڃڻ کانپوءِ وارو منظر به ڀٽائيءَ هن سُر ۾ بيان ڪيو آهي. شاهه سنڌ جو اهو تاريخدان آهي، جنهن باريڪ بينيءَ سان سنڌ جي تاريخ لکي آهي. لطيف سنڌ جي سماجي زندگي ۾ اتحاد جو پيغمبر آهي. هن سُر بابت شاهه جي 244هين عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو ڪتاب سُر ڏهر 1989ع ۾ ڇپيل آهي. ان ڪتاب جو مرتب محقق نواز علي شوق آهي ۽ اهو ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن جو ڇپيل آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ 16 نامور اسڪالرن جا مقالا ڇپيل آهن. ڪتاب جي صفحه 219 کان صفحه 240 تاءِ آفتاب ابڙي جو لکيل مقالو، سُر ڏهر جي لُغت لکيل آهي. ڊاڪٽر ابڙي هن مقالي ۾ ڪافي لفظن ۽ محاورن جون معنائون سمجهايون آهن، پر اُهي سڀ معنائون ساڳيون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واريون تشريح سان لکيون اَٿس.

ڊاڪٽر ابڙي صرف ٻن لفظن جون معنائون ڦيرائي لکيون آهن، اُهي ٻه لفظ هيٺ لکجن ٿا.

1- سانگُن 2- ڪَريهر:

ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ٻنهي لفظن جو استعمال مثالن سان لکجي ٿو. ڊاڪٽر ابڙي جي معنيٰ به لکجي ٿي، ان کانسواءِ تمام شارحن ۽ مُحققن جي معنيٰ به لکجي ٿي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري معنيٰ به لکجي ٿي.

مثال1 :

جان جَرُ هُئڙو جال، تان تُون مَچَ نه موٽئين.

پُونئي اڄ ڪ ڪالهه، سانڀويون سانگن ۾.

هن بيت جي پوئين سِٽ آفتاب ابڙي پنهنجي مقالي ۾ هيٺينءَ ريت لکي آهي.

پوندئي اڄ ڪِ ڪالهه، سانڀويُون سانگن جُون.

هن سٽ جي بيهڪ تمام قلمي نسخن ۾، بمبئي ڇاپن ۾ ساڳي لکيل آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ واري رسالي ۾ ”سانگن“ لفظ استعمال ٿيل آهي.

لفظ سانگن جي معنيٰ مرزا قليچ بيگ لغات لطيفي ۾ ڪليُون يا ڳلڦڙ لکي آهي.

ڊاڪٽر بلوچ سانگن جي معنيٰ ننڍو ڍورو لکي آهي. آفتاب ابڙي پنهنجي مقالي ۾ هن لفظ جي گهڻي تشريح کانپوءِ معنيٰ لکي آهي: نيزو هڻندڙ ملاح يا مهاڻو.

هاڻي جيڪڏهن ڊاڪٽر ابڙي جي معنيٰ صحيح سمجهجي ته ڀٽائيءَ جو هڪ ٻيو بيت سانگن لفظ سان سُر ڏهر ۾ موجود آهي، ان جو مفهوم بگڙي وڃي ٿو.

ڪنڌيئن اَڪ ڦلاريا، سَانگُن سُڪوگاهه،

مهڙاڻي وٽان، رويو راڄ رضا گهري.

هن بيت ۾ سانگُن لفظ جي معنيٰ ننڍو ڍورو بلڪل ٺيڪ آهي، باقي ملاح يا مهاڻي واري معنيٰ سان هن بيت جو مفهوم سمجهه کان ٻاهر آهي.

سانگُن جي معنيٰ نيزو هڻندڙ، بَڙڇي هڻندڙ يا سانگي يعني لڏوري برابر ٿئي ٿي، پر ڀٽائي جي مٿين ٻنهي بيتن ۾ سانگُن لفظ جي معنيٰ ننڍو ڍورو يا واهڙ وڌيڪ صحيح آهي.

ڊاڪٽر ابڙي جي هن لکيل مقالي ۾ منهنجو اختلاف جنهن ٻئي لفظ سان آهي، اهو اصل لفظ ”کريڙ“ آهي، جنهن کي بلوچ صاحب ”کريهڙ“ ۽ ڊاڪٽر ابڙي ”ڪَريهر“ لکيو آهي. ۽ ان جي معنيٰ لاءِ لکي ٿو ته: هي هڪ قسم جي زمين آهي، جنهن ۾ پکي کوٽهڙو ڪري نه سگهندو. هاڻي سُر ڏهر ۾ شاهه اڪثر ذڪر ڪونج پکيءَ جو ڪيو آهي، ڇا ڪُونج پَکي کوٽهڙي ڪندي آهي ڇا؟ ڪونج پکي لاءِ لکيو ويو آهي ته ان پکيءَ جي جنس مادي هجي يا نرُ پر ان کي مونث جنس ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.

هن مقالي لکڻ لاءِ مُون ڪافي رسالن ۽ ڪتابن جو اڀياس ڪيو آهي. شاهه جي تمام سُرن تي ڪتاب ڇَپجي چُڪا آهن پر مان پنهنجي مطالعي جي آڌار تي اها ڳالهه لکان ٿو ته اسان کي اڃا ”شاهه جا اکر ۽ محاورا“ سمجهڻ لاءِ ڪافي وقت لڳندو. برک عالم ۽ ڏاها شاهه جي ڪلام تي تحقيق ڪري وڃي قبرن ۾ اَبَدي آرامي ٿيا آهن، باقي مُون پارا اَڌ پڙهيا پاڻ کي شاهه جو پارکو سمجهي لفاظي ڪن ٿا، جن کي شاهه جي هڪ سٽ به پڙهڻ نه ٿي اچي. اسان جو هر لکندڙ پنهنجي حيثيت مڃائڻ لاءِ شاهه تي لکندو رهي ٿو، اها اسان سنڌين جي خوشنصيبي آهي ۽ هر ڪنهن کي ڇُوٽ مليل آهي ته جيڪو وڻيس سو لکي. هر پڙهئي ۽ اڻ پڙهئي، ڌنار کان وٺي عالم تائين چوي ٿو ته شاهه منهنجو آهي ته پوءِ تضاد ڇا جو آهي؟ مان هن مقالي ۾ اها راءِ لکان ٿو ته شاهه تي جن مُحققن محبت ۽ اورچائيءَ سان تحقيق ڪئي آهي، اُنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو سگهارو آهي، جنهن پنجاه قلمي ۽ ڇاپي رسالا ڀيٽي، انهن جون پڙهڻيون لکي پنهنجو رسالو ترتيب ڏنو. شاهه جي رسالي جي لُغت، ”روشني“ ۽ ”جامع سنڌي لغات“ لکي ۽ لوڪ ادب تي چاليهن کان وڌيڪ ڪتاب سهيڙي اسان سنڌين کي سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻ ڏني. منهنجي هيءَ راءِ آهي جيڪا غلط به ٿي سگهي ٿي. ڪنهن کي به مڃرائڻ لاءِ نه ٿو لکان، پر جنهن جو جيترو پورهيو ڪيل هجي، ان کي اوترو خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي. ها ڊاڪٽر بلوچ بيتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري بيت خارج ڪيا آهن، پر انهن بيتن کي پروڙڻ جي ڪَسوٽيءَ لاءِ اسان وٽ علم جا اڪابر ڊاڪٽر بلوچ کانپوءِ ”ٻيو مڙئي خير آهي“. ڪنهن به موضوع تي ڪُجهه لکڻ، بعد ۾ اها دعويٰ ڪرڻ ته هاڻي حد ٿي چُڪي آهي، مُنهنجي خيال ۾ ته اها ڳالهه مناسب نه آهي. اختلاف راءِ رکڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي، اُهو اختلاف رکي سگهي ٿو. آءٌ ڪو اديب يا عالم ڪو نه آهيان، فقط ٻارن کي پڙهائيندڙ آهيان، سو به ٻهراڙيءَ ۾ جتي اديبن ۽ عالمن جي کوٽ آهي، پر شاهه جي شوق ۾ بس ڪجهه لکڻ جي قابل ٿي سگهيو آهيان. اميد آهي ته علمي، ادبي ۽ لطيف شناسيءَ جي پڙهندڙن وٽان هن عنوان تي لکڻ لاءِ اُن کي قبوليت جو شرف حاصل ٿيندو.

هي سڀ هلڻ هارا، ڪو نه رهندو ڪو هِت جيڏيُون.

1- اَڏيارهندا اِتهين، هـــــــي ســـــــڀ مـــــــاڳ موچارا.

2- جن کي بادشاهيون بُلند هُيون، سي ڇڏي ويا ويچارا.

3- ڪُل نفس ذائقه الموت، سمجهه اي اشارا.

4- اَلا! عبداللطيف چَئي، اُت سترڪج ستارا.

      ڪـــــــونـــــــه رهـــــــنـــــــدو ڪـــــــو هـــــــت جيڏيُون....


* بڊام جي نالي سان تاريخي آثار موجوده قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي قنبر ۾ به موجود آهن. مثال طور: بڊام جو دڙو، بڊام جي ڍنڍ، بڊام جو ڪوٽ وغيره. هي آثار قنبر تعلقي ۾ يونين ڪائونسل غيبي ديري جي حد ۾ موجود آهي، اهو طبعي طرح ڪاڇو ۽ جابلو علائقو سڌجي ٿو. (معاون ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org