سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:8 

شمشيرالحيدري 

(جنم: 15- سيپٽمبر 1931ع - وفات: 10- آگسٽ 2012ع)

گيت

گيت

دلڙي توسان اڙي،

 

اڄ مؤج آئي منَ تي،

جندڙي توسان جَڙي،

 

نغما چُريا چَپن تي،

توکي ساهه سمايم- او سانگيئڙا.

 

هيءَ ڳالهه آئي ڪنَ تي،

نياپا نيڻ ڏين،

 

وانگي وريا وطن تي.

منَ جا مورَ ٽِلن،

 

 

چپڙن چنگ چُرن،

 

سڄڻن جي سارَ آئي،

اکڙيون ڇيڄ وجهن.

 

دَک درد ٿيا توائي،

تنهنجي نيهن نچايم- او جانيئڙا.

 

بنَ ۾ بهار آئي.

تنهنجي قُرب ڪيا،

 

 

مون تي وارَ گهڻا،

 

گُل گؤنچ ٿيا گسن تي،

تنهنجي پُورن ۾،

 

ڪا ڇاٽَ پئي ڇنن تي،

پنهنجو پاڻ وڻان.

 

پهراڻ پيا پٽن تي،

تولئه سيج سنواريم- او جهانگيئڙا.

 

ٿيو چهچٽو چمن تي،

اکڙين اوڏا رهن،

 

ديدار ٿيا درن تي.

ڏاڍا ڏور پرين،

 

 

توسان ڪيئن سليان،

 

 

پنهنجا پُورَ پرين.

 

 

تنهنجي ماٺ منجهايم- او ڍاٽيئڙا.

 

 

شاعريءَ جي ڪلاسيڪيت، عروضيت کان ويندي جديديت واري سفر ۾ صدين جو ٿڪ شامل آهي، جنهن ۾ ڪيترائي شاعر پنهنجو وارو وڄائي وڃي آرامي ٿيا، سواءِ آڱرين تي ڳڻڻ جي، اڄ هزارها شاعرن جا نالا پڙهڻ، ٻڌڻ ۾ به نه ٿا ملن. ورهاڱي بعد شاعريءَ ۾ ڪيترائي نوان لاڙا متعارف ٿيا، جن شاعريءَ ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ شاعريءَ ۾ فارسيءَ جو اثر هئڻ ڪري، اسان جي ديس جو شاعر ڌرتيءَ جي اهنجن، عام ماڻهن جي ڏکن سُورن کان غير واقف ۽ مافوق الفطرت جو رهندڙ هو، اڪثر شاعرن جي شاعريءَ ۾ فارسي داخل ٿي وئي، جنهن سبب شاعري پنهنجي ٻوليءَ ۽ وطن سان، پنهنجي ماحول ۽ ماحول جي اهڃاڻن سان، پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سان پنهنجو سُٻنڌ ڄڻ ته ڇني ڇڏيو هو. ان قسم جون روايتون ڪلاسيڪل دؤر کان پوءِ ملن ٿيون، جن روايتن ۾ خيال ۽ معياري فن گهٽ پر تُڪبندي ۽ بي معنيٰ سکڻي لفاظي وڌيڪ هئي، ان قسم جي شاعريءَ ۾ اهڃاڻ سنڌ جا ناهن، ترڪيبون پنهنجون ۽ اصلوڪيون ناهن، جنهن ۾ علامتون پنهنجون ناهن، استعارا پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماحول جا ناهن، نتيجن اهو هڪ اهڙو دؤر رهيو، جنهن ۾ اسان جي شاعريءَ جي جيڪا عظيم ڪلاسيڪل روايت هئي، اُها نه رڳو پنهنجي سماج، پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي وطن ۽ فطري توڙي سماجي ماحول کان ڪٽجي اوپرائپ جو شڪار ٿي وئي، اهڙي جمود کي ترقي پسند دؤر ٽوڙي ڦٽو ڪيو، اهڙي دؤر ۾ جديديت جو دؤر پڻ شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪشنچند بيوس، کيئلداس فاني، شيخ اياز، نارائڻ شيام، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، امداد حسيني، ابراهيم منشي، استاد بخاري، سرڪش سنڌيءَ، آڪاش انصاري، وفا ناٿنشاهي کان ويندي اياز گل، ادل سومرو، زخمي چانڊيو، سعيد ميمڻ، حسن درس ۽ هاڻي بنهه نئين نسل اشفاق آذر، سرواڻ سنڌي، سعيد سومرو، امر اقبال، خالد چانڊيو تائين انيڪ باڪمال شاعر آهن، جن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي نوان لاڙا متعارف ڪرائي حسناڪي بخشي آهي.

ساجد چانڊيو

ڪتاب: ”توکي ڪيڏو مون سانڍيو آهي ساهه ۾“

ص 6-7 تان کنيل

امداد حُسيني

 

 

 

 

 

منهنجي ڪهڙي عيد

 

منهنجي ڪهڙي عيد آ ڀاءُ،

منهنجي جيئري ناهي ماءُ.

اڳ ۾ هي احساس نه هو،

ڇاهي سير يا ڇاهي پاءُ.

هاڻي آ محسوس ٿيو،

جيون گهرو آهي گهاءُ.

جلدي يار وسامي ويو،

رحمت شفقت جو درياءُ.

اڳ ۾ هير ڏکڻ جي هئي،

هاڻي آهي ڪوسو واءُ.

ماءُ هئي سنسار هيو،

هاڻي ناهي رهيو سڀاءُ.

دير سان ايندو هوس گهر ۾،

امڙ لهندي هُئي سماءُ.

عيد پڙهي جي قبر تي ويم،

قُلَ پڙهي مان روئي پيم.

عيد مبارڪ ڪنهن کي ڏيان،

امڙ کي مان ڪيئن چوان.

عيد به منهنجي ڏُک ۾ آ،

ساهه نه منهنجو سُک ۾ آ.

آ ”ياسين“ اهو سوداءُ،

منهنجو سَرَهو ناهي ساهُه،

منهنجي ناهي جيئري ماءُ.

 

 

امداد حُسيني

 

انهيءَ وائيءَ وَرُ!

اچو ته

 

پنهنجي لاوارثيءَ جا وارث ٿيون

هڪ لڙڪ رُئون- هڪ آهه ڀريون

اچو ته

پنهنجي نِڌڻڪائيءَ جا ڌڻي ٿيون

امرت سمجهي زهر پِيُون

جاڙ ئي سهي پوءِ به جِيون

اچو ته

پنهنجي لاتعلقيءَ کي تعلق چئون

نابينائيءَ کي بينائي چئون

اچو ته

پنهنجي غلاميءَ کي آزادي سڏيون

برباديءَ کي آبادي سڏيون

غميءَ کي شادي سڏيون

 

اچو ته هر رهزن کي رهبر سمجهون

ديوار هجي به ته در سمجهون

ٿوري ۾ اهو ته وائيءَ وَرُ سمجهون!

 

ادل سومرو

 

 

 

 

 

پنکڙيون احساس جون

 

عشق آهي اڻپڙهيل ڪوئي فقير

هن جي مرضي جنهن جي در تي ڏي صدا.

روبرو ناهي ڪڏهن هن کي ڏٺو،

سوچَ ۾ آهي صفا منهنجي قريب،

گهاٽ تي گهاتو گهڻائي منتظر،

هوءَ چاهي جنهن جي ٻيڙيءَ ڏي وڌي.

ننڊ مان جاڳڻ نٿيون مون کي ڏين،

خواب ۾ ايندڙ پکين جون ٻولڙيون،

واٽ تي مون کي بيهاري وئي هلي،

۽ اُتي مون کي صديون گذري ويون.

ٿي ويا ماڻهن جا لهجا لوڻَ جا،

ڳوٺ وارا کوههَ کارا ٿي ويا.

سمجهه وارن کي نه ايندو سمجهه ۾،

هي ته آهي پاڳلن جو مامرو.

***

سُونهن سان ئي زندگيءَ ۾ ساهُه آ.

خودڪشيءَ لئه موت آهي عاشقي.

ڪجهه چوڻ چاهيو هيو توکي ڪڏهن،

ڇا چوڻ چاهيو هيو، وسري ويو.

تو لڪائِي مُرڪَ پنهنجي پرس ۾،

۽ رڳو چهري تي هئي ڪاوڙِ رکي.

 

روحَ جو ئي راضپو ناهي اگر،

هي رڳو فارم ڀرڻ ڪافي نه آ-

هو آهي آزاد اوچي ڪنڌ سان،

عشق ڪنهن جي نوڪري ناهي ڪئي.

ڪين ٿو ڪوئي اُنهيءَ گهرَ ۾ رهي،

پوسٽ وارن خط واپس موڪليو.

سومرا! ڪنهن کي پيو ڳولين هتي،

هي شهر ڪنهن کي سُڃاڻي ڪين ٿو.

***

تون اچين ٿي ڊيل وانگر هوريان،

۽ هتي آهن ڌمالون دل مٿان.

تُنهنجي چُنري ڄڻُ اُڏامي وئي هلي،

ڪالهه ڪڪرن ۾ ٽنگيل انڊلٺ ڏٺي.

تو ڇڏيو مون کي يا توکي مون ڇڏيو،

پيار کي اِن ڳالهه جي ناهي خبر،

روز ٿو سوچيان پيو مان ڏينهن تي،

ڏينهن ڇو توکان سوا، گذري ويو.

آخري ڀيرو ملياسين پاڻ ٻئي،

ڳالهه تو مون سان ڪئي هئي آخري،

ڪا به پنهنجي ماڳَ تي پُهتي نه هئي.

دربدر آهن اسان جون خواهشون.

بينچ خالي هئي ڇڻيا ٿي پنَ مٿان،

ياد تُنهنجي ۽ سرءُ جي شامَ هئي.

 

نصير مرزا

 

 

 

 

 

غزل

 

سڄو شهر ميلو،

مان اُن ۾ اڪيلو.

ڏيئو چنڊُ ۽ رات،

تارن جهَميلو.

ڪٿي منهنجا گهوڙا،

ڪٿي آ طنبيلو.

سفر ۾ اَهيان مان،

ڪُلهي منجهُه ٿيلهو.

وسو يار بادل،

وسڻ جو آ ويلو.

’علي‘ منهنجو ساڻِ،

’علي‘ ئي وسيلو.

وائي

بانسري ڀٽائيءَ جي،

سنڌ ۽ سنڌي ٻولي.

ڇيرُ جا پئي ڇمڪي،

سمجهه سا درازا جي،

سنڌ ۽ سنڌي ٻولي.

چُپڙيُون ۽ يڪ تارا،

راڳڻيون سدا رنگي،

سنڌ ۽ سنڌي ٻولي.

ڇا رکيل ۽ چيزل شاهه!

صافُ دِلُ ٻئي صوفي،

سنڌ ۽ سنڌي ٻولي.

اچ قليچَ جي درَ تي،

موتين سان ڀَرُ جهولي،

سنڌ ۽ سنڌي ٻولي.

 

ج.ع منگهاڻي

 

غزل

موت جون ماتم جون آرڻ جون اٿئي سڀ حالتون،

پاڻ کي ڄڻ پاڻ مارڻ جون اٿئي سڀ حالتون.

 

هي زمينون پڍ سمورا ڪيئن ٿا ڦرجن ڪٿي،

هي ته اذيتناڪ گهارڻ جون اٿئي سڀ حالتون.

 

سڀ انڌا ٻوڙا ۽ گونگا ٿي پياسين ڪيئن ڀلا،

ڪنڌ ڪوري ساهه وارڻ جون اٿئي سڀ حالتون.

 

ساهه جي هوندي هلون ٿا ساهه کان عاري اسين،

ڏونگرن کي ڏار ڏارڻ جون اٿئي سڀ حالتون.

 

وائڙا ٻاتاڙيل سڀ ڇڙوڇڙ آهيون ابورا!

سڏ ڪري سڀني کي سارڻ جون اٿئي سڀ حالتون.

 

ڌن اسان جو ڌر اسان جي ۽ ڌڻي سڀ غير ٿيا،

دولتن کي هاڻ وارڻ جون اٿئي سڀ حالتون.

 

کينئن جون خبرون اچي ساٿي منگهاڻيءَ کي ڏيو،

سنڌڙيءَ جو هانءُ ٺارڻ جون اٿئي سڀ حالتون.

 

امر اقبال

 

غزل

 

ڪيڏي ڪوڙي شامَ لڙي ٿي مون ۾ وو!

ٽيپو ٽيپو راتِ ڳڙي ٿي مون ۾ وو!

هڪڙو گهرو گهاءُ ڍڪيان ٿو مُرڪن سان،

ٻيهر ڪائي گهاءَ گهڙي ٿي مون ۾ وو!

آسَ جو آتشدان مسلسل جاڳي ٿو،

صندل جهڙي سار سڙي ٿي مون ۾ وو!

روح ۾ ڪوئي روڳ رهيو آ سنگتيءَ جان،

جندڙي ڪهڙو جوڳ جڙي ٿي مون ۾ وو!

تڙڪو تڙڪو ڏينهن ڏُکي ٿو مون ۾، ۽،

رم جهم رم جهم رات رڙي ٿي مون ۾ وو!

آنءُ سمورو ڇَڄَ جيان ٿو ڇوليون ٿيان،

نينگر سارو ڇوهه ڇڙي ٿي مون ۾ وو!

 

غزل

 

جيون- ڪمرو اوندهه اوندهه جارو ڪينَ مليو!

پاڻ بچائي نڪرون ها پر چارو ڪينَ مليو!

لوڪ رکيا ها سَوَ سَوَ سورج پنهنجي قبضي منجهه،

هاءِ اسان کي هڪڙو ننڍڙو تارو ڪينَ مليو!

اک ڀري ئي، توکي ڏسندي، دل تي اوڍيون ها،

نيڻ- نهارن رش گهڻي هئي وارو ڪين مليو!

خودداريءَ جا کيتَ وراثت منجهه مليا ها پر،

پيٽ بکئي لئه ان اپايون ٻارو ڪين مليو!

رڻ ۾ رت ڦُڙا ٿي ڦهليون، ٿڪجي نيٺ مُيون،

اکڙين سان انياء اهو ٿيو، آرو ڪين مليو!

 

خليل عارف سومرو

 

 

 

 

 

غزل

 

پيار جو ذائقو چکي ڏسجي،

رُوح ٽانڊن مٿان رکي ڏِسجي.

واءُ جاسوس ۽ چُغل خور آ،

چنڊ توکي لِڪي لِڪي ڏسجي.

دوستن سان ته روز ٿو ملجي،

پاڻ سان ڀي ڪڏهن ملي ڏسجي.

سچ بي خوف چئجي دنيا کي،

ڳالهه ٿي ڏاڍي هي ڏُکي ڏسجي.

مام مَجذوبيت جي ڇا آهي،

درد درويش کان پُڇي ڏسجي.

هُن کي ويهارجي اڳيان عارف،

سُونهن هن جي وري وري ڏسجي.

 

ڇهه - سِٽا

 

جنگ تُنهنجي مفاد ۾ ناهي،

جنگ منهنجي مفاد ۾ ٺاهي.

دؤر، تاريخ، وقت شاهد ٿئي،

جنگ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي.

امن چاهيون خليل عارف ٿا،

جنگ پنهنجي مفاد ۾ ناهي.

 

عشق آهيان نِينهن مُنهنجو نانءُ آ،

رات ناهيان ڏينهن مُنهنجو نانءُ آ.

ڇو وڻان ٿو ٿر ۽ ڪاڇي کي گهڻو،

سانوڻيءَ جو مينهن مُنهنجو نانءُ آ.

جَن ڏٺو دردن سان وڙهندي هر گهڙي،

تن رکيو هي شينهن منهنجو نانءُ آ.

 

نظم

 

تخليق رب تراشي،

هيءَ سُونهن جي نقاشي.

هِن جي مُصوريءَ ۾،

ڇا فرق شاعريءَ ۾

هِڪ اپسرا جو خاڪو،

دنيا تي جنهن جو ڌاڪو.

هِن حُسن جي بدن جا،

تجلا به وڄ وراڪا،

هن جي چپن جا گُفتا،

ماکي مکڻ جا لهجا.

جاڙن ڀِرن جي بيهڪ،

دوها ۽ بيت ڀاسي،

جي زلف ٿي پکيڙي،

ڪيئي رُتون ٿي واسي.

ڇَنڊي ٿي وار آلا،

وايون ڇَڻي پون ٿيون.

آرس ٿي جيئنءَ موڙي،

منڊجي دليون وڃن ٿيون.

اکڙيون سمنڊ گهرو،

جت گيت پيا ڇُلن ٿا.

ڇاتيون جڏهن ڇلن ٿيون.

ڪي زلزلا اچن ٿا.

هُوءَ چوسِٽا رباعيُون،

ڪپڙا وتي ٿي پايون.

دوهيڙا هن جا حامي،

ڪافيون وٽس سلامي.

غزلن جا ڪيئي گُل ڦُل،

هن جي مٿان نڇاور،

هي نظم نئين ڪويتا،

هر پل سندس ثناگر،

هي ڇا ته ڇوڪري آ،

اهڙي نه ڪا پري آ،

مِٽيءَ جي روشني آ،

۽ مُنهنجي شاعري آ.

 

ڪوثر سوز هالائي

 

 

 

 

نظم

 

نه تنهنجي شهر آياسين،

نه منهنجي شهر ڏي آئين،

 

اها پنهنجي ڪهاڻي آ،

اوهان جي شهر جا رستا،

 

ديوارون مون ڏٺيون آهن.

گلن تي گوليون داڳيون،

 

ڪنڊن جون کوڙ رکشائون،

دلين جون ڌار دنيائون،

 

وڇوڙا وڻ وڏا آهن،

نه ڪو ٽاريون نه ڪي ڇائون،

 

دلين جون ڌارَ دنيائون،

اِجهو ٿو تون اچين مون ڏي،

 

اجهو ٿو مان اچان تو ڏي،

تنهنجو امڪان پنهنجو هو،

 

نظم

 

دلين جون ڌارَ دُنيائون!

اڻ ڏٺل دوست جي نانءُ.

اکيون اقرارَ دنيائون، منهنجو امڪان پنهنجو آ،

دلين جون ڌار دنيائون، نه ملياسين اسين ٻيئي،

ڏنيون سين پيار پنهنجي کي، جدائيءَ جي پهاڙن تان،

رڳو لڙڪن جون ڀيٽائون، اڃان تائين لٿا ناهيون،

وفا جا واعدا ويهي، اوهان جي يادگيرين جو.

***

رهيا ڪنهن راهَ اوکيءَ ۾، پرين سامان پنهنجو آ،

وڌو ويساه اوکيءَ ۾، منهنجو سامان پنهنجو آ،

صدائن کي روانو ڪيو، تنهنجو ارمان پنهنجو آ،

اسان هو شهر تنهنجي ڏي، منهنجو ارمان پنهنجو آ.

***

اوهان جي شهر جو درياههُ، اوهان جوڙي رکيون هونديون،

اسان جي سمنڊ ۾ سانڍيلُ، سواگت لاءِ مالهائون،

نه ڪنهن نم جي نشاني آ، دلين جون ڌار دنيائون،

نه ڪنهن بڙجو حوالو آ، لڌيون سين درد سان لائون.

 

غزل

 

تنهنجون جفائون، زورُ وٺي ويون،

منهنجون وفائون، زورُ وٺي ويون.

بهار کي ڪنهن گس ۾ بيهاريو،

تڏهن خزائون، زورُ وٺي ويون.

ڏيئن کي ڏيو ڏههَ ڀيرا آٿت،

هاڻي هوائون، زورُ وٺي ويون.

باهه جا ڪهڙا منظر ڏسجن،

سڙيون چتائون، زورُ وٺي ويون.

اُتاوِلا من ٿورو ڌيرج،

سڻ صدائون، زورُ وٺي ويون.

دل جي گيت جي گونج لڳن ٿيون،

چاهنائون، زورُ وٺي ويون.

ڪونه مليو هو ڪونه مليو آ،

تڏهن پڇائون، زورُ وٺي ويون.

راوَڻُ راههَ جا پٿر بڻيا،

پر سيتائون، زورُ وٺي ويون.

 

روبينه ابڙو

 

 

 

غزل

 

جهُڙ ڦُڙ مَلهار سانوڻ، ڪاڇي، مٿان ڪَڪَر تون،

مان مِينهَن جو مهينو، ڇَم ڇَم وَسين ڇَمر تون.

 

ڪَلهه ڀي هُئين تون سُوريءَ، جي سيج جو ستارو،

اڄ ڀي اچين ٿو مون کي، نيزي مٿان نظر تون.

 

هِڪِدم ٿئين ٿو ظاهر ۽ پوءِ وڃين ٿو گم ٿي؟

بازار جيئن اڳيان ۽ پوئين گِهٽيءَ ۾ گهر تون.

 

سامهون سفا ڪنهن گهاٽي، جَهنگ جيئن آهيان بيٺي،

وَڻ وَڻِ وِچان اچي پوءِ گوليءَ جيان گذر تون.

 

پهريان پکيءَ جي تنها پَرَ جيئن هُئين اُڏاڻو،

۽ پوءِ هڪڙي پَرَ مان بڻجي وئين وَڳر تون.

 

تو ۾ کُلي ٿي منهنجي ساري حَسين دنيا،

ننڍپڻ جي خُوابَ جهڙو ۽ منهنجي گهر جو دَر تون.

 

ايندي ٿيان ها اوڏي، ويندي اڃان به ويجهي،

روئي وڃان ها وِڇڙي، مرڪي پيئين مگر تون.

 

غزل

ناهي تنها منهنجو پاڇو، ٻانهَن آهي ٻيلهه تنهنجي،

لاڙ، ڪوهستانُ، ڪاڇو، ٻانهَن آهي ٻيلهه تنهنجي.

 

آئون اُوندهه ۾ ڪِران ۽ تون ڇِڪي ٻاهر ڪڍين،

پَٻَ جو ساڳيو پاسو ٻانهَن آهي ٻيلهه تنهنجي.

 

هنيانءُ هرٻي کيتَ وانگي، مون ۾ پيو نِسري، ڦُٽي،

تو ڪيو مون منجهه واسو، ٻانهَن آهي ٻيلهه تنهنجي.

 

دور درياهه ۽ دڙن تي، بادلن جيئن ڏيکُ تنهنجو،

وِڄُ جيئن تنهنجو وَراڪو ٻانهَن آهي ٻيلهه تنهنجي.

 

پٿرن جي پنڌَ ۾ يا واٽَ تي واريءَ مٿان،

مون ڌِڪو جنهن وقت کاڌو ٻانهَن آهي ٻيلهه تنهنجي!

 

مان چَتونءَ جي چُهنبَ ۾ زيتونَ جي ٽارِي ڏسان،

خيال ۾ تنهنجو ئي خاڪو ٻانهَن آهي ٻيلهه تنهنجي.

 

آ سنهي سئيءَ ساڻ سبيل ۽ جڙيل پنهنجو جُسو!

ڌِيان جو ساڳيو ئي ڌاڳو، ٻانهَن آهي ٻيلهه تنهنجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org