سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو

 

 

 

سنڌ ۾ نقشبندي سلسلو ۽

ان جا نامور بزرگ

الله تعاليٰ جي يادگيريءَ ۾ محو رهڻ وارن ماڻهن جو ڏَس پتو قديم دؤر کان ئي ملي ٿو. ڪن جو چوڻ آهي ته اندر اُجارڻ ۽ دل جي دنيا کي آباد ڪرڻ جو رواج گهڻو ڪري حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي حوارين کان پيو آهي، ڇو ته يڪسوئي ۽ تنهائيءَ ۾ عبادت ڪرڻ جو تصور به عيسائيت ۾ ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر  هُو پنهنجي پر ۾ گهڻا اُڇهرا ۽ اڳڀرا به هئا، جو جان کي جوکو ڏئي عبادتون ڪرڻ، جبلن جي چُرن ۾ چِلا ڪڍڻ، نه ڳالهائڻ، نه کائڻ ۽ ڪجهه نه پيئڻ جا روزا رکڻ، خوشبوءِ نه سگهڻ ۽ پنهنجي چاهت ۽ نفس جي مخالفت ۾ گهڻي سختيءَ کان سواءِ ٻيا اهڙا کوڙ سارا عمل ڪندا هئا، جن ۾ انتها ۽ شدت پسندي پئي جهلڪندي هئي، سندن اهڙين اُٻهراين جي ڪري، الله جي آخري رسول حضرت محمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم فرمايو ته:  ”لاَ رَهْبَانِیَةَ فِي الاِسلامِ“ (اسلام ۾ ڪائي رهبانيت ڪانه آهي) يعني اسلام هڪ روادار ۽ وچٿرو مذهب آهي، منجهس عبادتن سان گڏ معاملات ۽ حقوق الله سان گڏ حقوق العباد جو به تاڪيد ڪيو ويو آهي، تنهن کان سواءِ نفس کي بيجاءِ تڪليف ڏيڻ کان به اسلام منع ڪئي آهي، فرمايوو ويو آهي ته: ”وَ اِنّ لِنَفْسِکَ عَلَیکَ حَقاً“ يعني اي انسان! تنهنجي مٿان تنهنجي نفس جو به حق آهي ته جيئن سندس مناسب ۽ جائز گهُرجون پوريون ڪيون وڃن.

جيستائين نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي زماني ۾ تصوف ۽ سلوڪ جو سوال آهي ته، پاڻ ڪريمن وٽ هڪڙا صحابہ قرآن جي تلاوت، ته وري ٻيا ذڪر اذڪار ۾ مشغول هوندا هئا، تنهنڪري گهڻن جو خيال آهي ته، مسجد نبويءَ آڏو صُفہ ۾ ذاڪرين جي رهڻ ڪري، تصوف جي شروعات اُتان کان ئي ٿي آهي، ڪن جو رايو آهي ته، (صوف) اُنَ جو لباس پهرڻ ڪري صوفي لقب وجود ۾ آيو.

علامہ سمعاني جي قول مطابق ته، اهي بزرگ ”صَفِ اول“ يعني حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پهرين دؤر جا هئا، تنهنڪري کين صوفي سڏيو پيو وڃي. جڏهن ته صوفي جو لقب اسان کي سڀ کان پهريان جابر بن حيان جي نالي سان اٺين صدي عيسويءَ جي پڇاڙي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو هُو زهد ۽ تقويٰ ۾ هڪ خاص مقام ۽ اهميت رکندو هو..

ڪجهه چون ٿا ته، سڀ کان پهريان هڪ نالي وارو صوفي ”ابوهاشم ڪوفي“ جي نسبت ۾ سن 199هه/813ع ۾ صوفي لفظ ٻڌڻ ۾ آيو(1).

هونئن ته سلوڪ جا ڪيترائي مکيه ۽ ذيلي سلسلا آهن، پر منجهن چار طريقا جهڙوڪ: قادري، چشتي، سهروردي ۽ نقشبندي وڌيڪ مشهور ٿيا، تن مان آخري ما وراءُ النهر يعني افغانستان کان مٿي روسي رياستن ۽ هندستان کان ٿيندو سنڌ پهتل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هيءُ سلسلو، حضرت محمد بهاءُالدين نقشبند (791هه/1389ع) جي نسبت سان نقشبندي چورائڻ لڳو، نه ته هن کان اڳ ۾ ان کي ”سلسلہء خواجگان“ سڏيو ويندو هو.

مولانا علي الواعظ الڪاشفي (939هه/1532ع)، جو حضرت عبدالرحمٰن جو ڏوهٽو ۽ مشهور نقشبندي خواجه عبيدالله احرار (895هه/1490ع) جو مريد پڻ هو، تنهن پنهنجي ڪتاب ”رشحات عين الحيٰوة“ ۾ لکيو آهي ته، هيءُ سلسلو حضرت ابوبڪر صديقرضه(2) ۽ حضرت سلمان فارسيءَ کان هيٺ لهندو، جڏهن حضرت بهاءُالدين تائين پهتو ته، ان وقت ترقي جا گهڻا مرحلا طئي ڪري چڪو هو.(3)

نقشبند جي لغوي معنيٰ ته، نقش نگار ۽ مصور جي آهي، پر هتي مراد، الاهي علم جي تصوير ڇڪيندڙ يا پنهنجي دل ۾ حقيقي ڪمال جو نقش چِٽڻ آهي.

حضرت بهاءُالدين، ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندو هو، تنهنڪري ٺڪر جي ٿانوَن تي ٻي نقش نگاري کي ڇڏي فقط ”الله“ جا اسمَ ئي اُڪيريندو هو، ڪي چون ٿا ته، وٽس جيڪو نئون طالب، ذڪر سکڻ لاءِ ايندو هو ته، کيس ڪنهن ڦرهيءَ تي اسم ذات ”الله“ لکي ڏيندو هو ته، هُو هن کي ڏسي ذڪر ڪري، جڏهن سالڪ جي ڪجهه ترقي ٿيندي هئي ته، کيس چوندو هو ته ائين کڻي سمجهه ته ساڳيو اسم ذات ڦرهي بجاءِ سندس دل تي لکيل آهي. ان مشق بعد اها تلقين ڪئي ويندي هئي ته اهو تصور ڪري ته سندس دل خود ”الله الله“ چئي رهي آهي ۽ هُو ان جي آواز کي ٻڌي ٿو. انڪري کيس ”نقشبند“ ۽ سندس پوئلڳ ”نقشبندي“ سڏجڻ لڳا، وري جڏهن حضرت شيخ احمد سرهندي (مجدد الف ثاني) هن طريقي ۾ ڪجهه نواڻ آندي ته ان جا سالڪ ”نقشبندي ۽ مجددي“ طور مشهور ٿيا. هت اسين حضرت ابوبڪر صديقرضه کان مجدد الف ثاني ۽ وري ان کان ٿيندي پير فضل علي قريشي(4) تائين سلسلي جو شجرو پيش ڪري رهيا آهيون، ته جيئن پڙهندڙن کي ما وراءُ النهر کان سفر ڪندو هندستان تائين پهچندڙ ”نقشبندي احراري“ (حضرت خواجہ عبيدالله ”احرار“ ڏانهن منسوب) سلسلي جي پروڙ پوي:

1.      حضرت محمد ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم

(ت- 12 ربيع الاول سن 11هه)

مدينة المنوره

2.     حضرت ابوبڪر صديق رضه

(ت- 13هه)

مدينة المنوره

3.     حضرت سلمان فارسي رضه

(د- 568ع- ت- 657)

مدائن

4.     قاسم بن محمد بن ابي بڪر رضه

(د- 38هه، ت- 108هه)

مدينة المنوره

5.     حضرت امام جعفر صادق رضه

(د- 80هه، ت- 148هه)

مدينة المنوره

6.     حضرت بايزيد بسطامي رحه

(د- 134هه، 261هه)

بسطام، ايران

7.     حضرت خواجہ ابوالحسن خرقاني رحه

(د- 352هه، ت- 425هه)

خرقان، ايران

8.     حضرت ابوالقاسم جورجاني رحه

(ت- 450هه)

جورجان، ايران

9.     حضرت خواجہ بوعلي فارمدي رحه

(د- 407هه، ت- 477هه)

مشهد، ايران

10. حضرت خواجہ يوسف همداني رحه

(ت- 535هه)

ترڪستان

11.  حضرت خواجہ عبدالخالق غجدواني رحه

(ت- 575هه متفق عليہ)

بخارا

12. حضرت خواجہ محمد عارف ريوگري رحه

(ت- 616هه)

تاجڪستان

13. حضرت خواجہ محمود انجير فغنوي رحه

(ت- 715هه)

بخارا

14. حضرت خواجہ عزيزان علي راميتني رحه

(ت- 721هه)

بخارا

15. حضرت خواجہ محمد بابا سماسي رحه

(ت- 755هه)

بخارا

16. حضرت خواجہ سيد امير ڪُلال رحه

(ت- 7725هه)

بخارا

17. حضرت خواجہ بهاءُالدين نقشبند رحه

(د- 718هه، ت- 791هه)

بخارا

18. حضرت خواجہ علاؤالدين عطار رحه

(ت- 802هه)

حصار

19. حضرت خواجہ يعقوب چرخي رحه

(ت- 851هه)

دوشنبہ

20.            حضرت خواجہ عبيدالله احرار رحه

(د- 795هه، ت- 896هه)

سمرقند

21. حضرت خواجہ محمد زاهد رحه

(ت- 936هه)

حصار

22.            حضرت خواجہ دروسِ محمد رحه

(ت- 970هه)

ترڪي

23.            حضرت خواجہ محمد امڪنگي رحه

(ت- 108هه)

بخارا

24.            حضرت خواجہ محمد باقي بالله رحه

(د- 971هه، ت- 1011هه)

دهلي

25.حضرت خواجہ مجدد الف ثاني رحه

(د- 971هه، 1037هه)

سرهند

26.            حضرت خواجہ محمد معصوم رحه

(د- 1007هه، ت- 1079هه

سرهند

27.            حضرت خواجہ سيف الدين رحه

(د- 1049هه، ت- 1095هه)

سرهند

28.            حضرت خواجہ حافظ محمد محسن رحه

 

دهلي

29.            حضرت خواجہ سيد نورمحمد بدايوني رحه

(ت- 1135هه)

دهلي

30.            حضرت خواجہ ميرزا مظهرجان جانان رحه

(ت- 1195هه)

دهلي

31. حضرت خواجہ غلام علي مجددي رحه

(ت- 1240هه)

دهلي

32.            حضرت خواجہ شاهه ابوسعيد رحه

(ت- 1250هه)

دهلي

33.            حضرت خواجہ احمد سعيد دهلوي رحه

(ت- 1277هه)

مدينة المنوره

34.            حضرت حاجي دوست محمد قنڌاري رحه

(ت- 1214هه)

موسيٰ زئي

35.حضرت خواجہ محمد عثمان داماني رحه

(ت- 1314هه)

موسيٰ زئي

36.            حضرت خواجہ سراج الدين رحه

(ت- 1333هه)

موسيٰ زئي

37.            حضرت خواجہ فضل علي قريشي رحه

(ت- 1354هه)

مسڪين پور

هندستان ۾ حضرت خواجہ باقي بالله کان پوءِ جنهن هن سلسلي کي گهڻو ڦهلايو، سو حضرت شيخ احمد سرهندي، مجدد الف ثاني رحه آهي، جيستائين سنڌ ملڪ جو تعلق آهي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي اهو پهريون بزرگ آهي، جنهن حضرت مجدد رحه جي پٽ خواجہ محمد معصوم رحه کان فيض پرايو ۽ هِتي هن سلسلي جو بنياد وڌو(5) جڏهن ته مخدوم صاحب کان اڳ به اسان کي نقشبندي سلسلي جا ڪافي بزرگ ۽ پيروڪار ملن ٿا، پر مٿئين قول کي ڌيان ۾ رکندي اسان سنڌ ۾ سلوڪ واري سفر جي شروعات، مخدوم هاشم ٺٽوي کان ئي ڪريون ٿا:

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي:

سندس پورو نالو محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمٰن بن عبداللطيف بن عبدالرحمٰن بن خيرالدين الحارثي السندي آهي، قبيلي جي لحاظ کان کيس پنهور سڏيو وڃي ٿو(6). ڪن کيس قريشي خاندان جو فرد به لکيو آهي(7) انهيءَ ڳالهه جي تصديق هن مان به ٿئي ٿي ته خود مخدوم صاحب به پاڻ کي حارث بن عبدالمطلب جو اولاد چورايو آهي، تنهنڪري سمجهه ۾ اچي ٿو ته، پاڻ اصل قريشي آهي، باقي سنڌ ۾ ”پنهور“ ڪيئن ڪوٺيا ويا، تنهن بابت اسان جو رايو آهي ته، هن خاندان وٽ مال متاع ۽ جانور (پهرُو) جامَ هجن ۽ انهن جانورن کي ڌارڻ ۽ چارڻ(8) جي نسبت سان کين ”پنهوار“ يعني پهروئن کي پالڻ وارا، پوءِ ماڻهن ”پنهور“ مان تخفيف ڪري کين ”پنوهر“ سڏيو، سنڌ ۾ لوڪ داستان جو مشهور ڪردار ۽ شاهه ڀٽائي جي سورمي ”مارئي“ جو قبيلو پڻ اهوئي هو، هاڻي هن قبيلي وارا اُتر سنڌ ۾ ”پنهوار“ ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ”پنهور“ سڏجن ٿا.

ولادت: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي 10 ربيع الاول سن 1104هه(9) تي مخدوم عبدالغفور جي گهر ۾ اک کولي، سندس ولادت جي تاريخ عربيءَ جي هيٺين فقري مان نڪري ٿي:

وانبتها الله نباتا حسنا

1104هه

بيعت: مخدوم صاحب علم جي تحصيل کان پوءِ اندر کي اُجارڻ لاءِ روحاني رهبر جي تلاش ۾ نڪري پيو، جنهنڪري پهريان مخدوم ابوالقاسم نقشبندي رحه(10) جي خدمت ۾ پهتو ته، جيئن کيس نقشبندي سلسلي ۾ تلقين ڪري. کانئس ذڪر وٺڻ کان پوءِ سڌو ”سرهند“ هليو ويو ۽ خواجہ محمد معصوم مجددي رحه (جو مٿي ڏيکاريل شجري ۾ 26 نمبر تي آهي) کان پڻ فيض پرايائين.

مخدوم ٺٽوي نقشبندي سلسلي ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ کان پوءِ قادري سلسلي جي هندستاني بزرگ، شيخ سعدالله سورتي(11) سان پڻ بيعت ٿيل نظر اچي ٿو(12).

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي خوش اخلاق، پرهيزگار، صابر ۽ خاص ڪري دين جي طالبن مٿان وڏو مهربان هو(13).

منهنجي استاد علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي هڪ قلمي بياض تان مخدوم صاحب جي هيٺين عبارت نقل ڪئي آهي، جنهن مان هدايت ۽ نصيحت سميت سندس پرهيزگاريءَ جي واضح جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

چہارم ہزار کتاب تکرار کردم،

چہار سخن اختیار کردم،

یکے آنکہ ای نفسِ من!

اگر طاعتِ خدائے تعالیٰ کُن بکُن،

وَاِلاّ رزقِ او مخو۔

چار هزار ڪتاب پڙهيم،

تن مان چار ڳالهيون پسند ڪيم،

هڪ، اها ته، اي منهنجا نفس!

جي خدا تعاليٰ جي عبادت ڪرين ته ڪر،

نه ته ان جو رزق نه کاءٌ

دوم آنکہ ای نفسِ من!

از آنچہ خدا تعالیٰ منع کردہ است،

بہ پرھیز،

وَاِلاّ ملکِ او دور شہ۔

ٻيو هي ته اي منهنجا نفس!

جنهن کان خدا تعاليٰ روڪ ڪئي آهي،

ان کان پاسو ڪر،

نه ته ان جي ملڪ مان نڪري وڃ.

سوم آنکہ ای نفس!

آنچہ قسمتِ ازلی بتو می رسد،

برآن قانع باش،

ٽيون هي ته، اي منهنجا نفس!

جيڪو ازلي قسمت مان توکي پهچي،

ان تي قناعت ڪر،

اِلا خدا دیگر بطلب،

کہ قسمتِ تو زیادہ کند-

نه ته ٻيو ڪو خدا ڳول،

جيڪو توکي روزي وڌائي ڏئي.

چہارم آنکہ ای نفسِ من!

من اگر قصدِ گناھ کنی،

تا جاءِ پیدا کن،

کہ خدا تعالیٰ ترا نہ بیند،

اِلا مکن(14)

چوٿون هي ته، اي منهنجا نفس!

جي گناهه جو ارادو ڪرين ته،

ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر،

جتي توکي خدا نه ڏسي

نه ته نه ڪر.

وفات: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ستر سالن جي ڄمار گهاري سن 1174هه ۾ وفات ڪري ويو(15). کيس ٺٽي کان ٻاهر مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

مخدوم محمد زمان لنوارائي:

بزرگ جو پورو نالو محمد زمان والد جو نالو حاجي عبداللطيف نقشبندي آهي. سندس والده صاحبہ خواجہ عبدالسلام جوڻ واري جي نياڻي هئي. مخدوم صاحب جي نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو(16). هيءُ خاندان عباسي خليفہ مهدي يا هارون الرشيد جي دؤر ۾ سنڌ ۾ آيو هو(17).

ولادت: مخدوم صاحب جي ولادت 21 رمضان سن 1125هه تي سنڌ جي هڪ ڳوٺ لُنواريءَ ۾ ٿي.

بيعت: لنوارائي بزرگ، مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ وٽ اڃا اصول فقہ جا ڪتاب پڙهي رهيو هو ته اتفاق سان سندس ملاقات خواجہ ابوالمساڪين محمد ٺٽوي سان ٿي، جو کيس پنهنجي درگاهه تي وٺي ويو ۽ ڇهن مهينن جي ٿورڙي عرصي ۾ کيس خلافت ۽ هدايت جو تاج ڍڪائي واپس ورڻ لاءِ هدايت ڪيائين(18). وري جڏهن سندس مرشد خواجہ محمد، مڪہ مڪرمہ ڏانهن هجرت ڪئي ته پاڻ سندس مسنَد تي ويٺو ۽ نقشبندي سلسلي کي سنڌ، هند کان سواءِ عرب تائين ڦهلايائين(19).

مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ مخدوم محمد زمان جو احوال ڏيندي لکي ٿو ته:

”ميان محمد زمان اڄڪلهه جو مرشد، ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽوي جي مريدن مان آهي، ڏاڍو هدايت وارو نقشبندي سلسلي جي مريدن جي مرجع ۽ وڏين ڪرامتن جو صاحب آهي. هن وقت بدين جي ويجهو لنواريءَ جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. هن دنيا کي فيض جي درياهه مان سيراب ڪري رهيو آهي. گهڻن ماڻهن جو اعتقاد آهي ته هن وقت سندس وجود بينظير آهي، ڪنهن به آمدني نه هوندي وٽس عام
مهمان خانو هلي ٿو(20).

خليفا: خواجہ محمد زمان جي خليفن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن مان ڪجهه مشهور بزرگ هيءُ آهن: مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رحه، شيخ محمد صالح ڳهراڻي رحه، حاجي ابوطالب اگهمي رحه، حافظ هدايت الله رحه، شيخ شعيب ڪڇي رحه، حافظ عبدالمالڪ عرف سائينڏنو رحه، حافظ صدرالدين رحه، حافظ ڪبير رحه ۽ شيخ محمود جزري رحه. (22)

مخدوم لنوارائي 63 ورهين جي ڄمار ماڻي 4 ذوالقعد سن 1188هه ۾ هن جهان مان رحلت ڪئي(22).

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي: پاڻ سعدالله جو پٽ ۽ ذات جو مڱريو آهي،(23) وقت جو يگانو عالم ۽ مجتهد هو(24)، تنهنڪري رواجي عالمن، پيرن، فقيرن ۽ سيدن تي اک به ڪين ٻڏندي هئس، ايستائين جو ابتدائي دؤر ۾ ته، مخدوم محمد زمان لنوارائي جهڙن مڃيل عالمن ۽ بزرگن تي پڻ چَٿرون ڪندو هو. هڪ ڀيري خواجہ محمد زمان جو ڪو مريد لنواري وڃي رهيو هو ته، گرهوڙي کيس بيهاري چيو ته، پنهنجي پيرَ کان پڇجانءِ ته معراج خاص طرح نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم لاءِ هو يا ٻين لاءِ به آهي....؟(25) جڏهن فقير، خواجہ صاحب جي خدمت ۾ پهتو ته، ذڪر اذڪار ۾ اهڙو محو ٿي ويو، جو کانئس گرهوڙي صاحب وارو نياپو ڏيڻ وسري ويو، هاڻي فقير مرشد کان موڪلائي وطن ٿي وريو ته بزرگ کيس چيو ته اَبا اوهان کي جيڪو واٽ تي گرهوڙي بزرگ پيغام ڏنو هو، اهو ته اسان کي ڏنوَ ئي ڪين، هاڻي کيس چئجو ته بغداد جي خليفي لاءِ جا پُل ٺهرائي وئي هئي، سا اڄ سوڌو قائم آهي. حالانڪ اها خاص سندس لاءِ ئي جوڙائي وئي هئي، تڏهن به جيڪو چاهي ته اتان گذري سگهي ٿو(26). البت اُتان لنگهڻ جو حق رڳو رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ئي آهي، پر بادشاهه پٺيان لشڪري به لنگهي سگهن ٿا، انهيءَ ۾ ته خود بادشاهه جو فخر آهي(27). جڏهن گرهوڙي بزرگ، اهو جواب ٻڌو ته اکين تان اولا لهي ويس، جو نيٺ خواجہ صاحب جي مرتبي کي مڃيندي وڃي مريد ٿيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ کيس خلافت ملي. گرهوڙي صاحب چوندو هو ته اڳ ۾ آءٌ علم ۾ ڪنهن کي پاڻ جهڙو ڪين سمجهندو هئس پر خواجہ صاحب جي بيعت کان پوءِ پاڻ ۾ علم جي کوٽ سمجهان ٿو، پوءِ پاڻ مرشد جي حڪم مطابق اچي گرهوڙ ۾ رهيو ۽ نقشبندي سلسلي ۾ ماڻهن کي روحاني تلقين ڪندو رهيو، سن 1192هه ۾ هڪ مشرڪ جادوگر سان مقابلي ۾ شهادت ماڻيائين.(28) سندس مزار ”گرهوڙ“ تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ ۾ آهي.

مخدوم محمد معين ٺٽوي:

کين مخدوم ٺارو به سڏيندا هئا، سندس والده اورنگزيب عالمگير جي مير منشي مُلا عثمان سميجو جي نياڻي هئي، مُلا صاحب بادشاهه جي ويجهن ماڻهن مان هو، سوانح نگارن مان رڳو علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، هڪ قلمي بياض تان مخدوم صاحب جي ولادت جي سال جو مادو لڌو آهي:

مخدوم عالم محمد معين

1093ه

 

جنهن مان سندس ڄم جو سال معلوم ٿئي ٿو(29) مخدوم معين ظاهري علمن جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ روحاني علوم ۽ طريقت ڏانهن لاڙو رکيو، سو سڀ کان پهريان سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي رحه جي حلقئه ارادت ۾ شامل ٿيو ۽ وٽس سلوڪ ۽ طريقت جون منزلون طئي ڪيائين(30). پر ڪجهه وقت کان پوءِ پاڻ وحدة الوجود جو قائل ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ اهڙي پرچار پڻ ڪرڻ لڳو، جنهنڪري مرشد ميان ابوالقاسم نقشبندي رحه کانئس ناراض ٿي پيو، پر آخر ۾ مرشد کي پرچائي راضي ڪيائين، مخدوم صاحب جو نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيڻ جو ذڪر مير علي شير قانع ٺٽوي هنن الفاظن سان ڪري ٿو:

”دست ارادة نقشبنديہ بخدمت درجت ميان ابوالقاسم نقشبند داده“ مخدوم صاحب آخري زماني ۾ مجذوبانہ زندگي گذارڻ لڳو ۽ راڳ گهڻو ٻڌندو هو، سن 1161هه ۾ وفات ڪيائين، کيس مڪليءَ جي قبرستان ۾ پنهنجي مرشد ابوالقاسم نقشبندي رحه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.(31)

مخدوم ابوالحسن ڏاهري:

مخدوم ڏاهري ضلع نوابشاهه جي تعلقي دولت پور ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اٽڪل سن 1114هه ۾ ڄائو. سندس تعلق سنڌ جي قديم قبيلي ”ڏاهري“ سان آهي(32).

بيعت: ڏاهري صاحب، نقشبندي سلسلي جي بزرگ علامہ عبدالرسول صديقي احمدآبادي سان دستِ بيعت ٿيو، جنهن ٿورڙي وقت ۾ کيس خلافت جو تاج پارايو. پاڻ (مخدوم ڏاهري صاحب) پنهنجي مشهور ڪتاب ”ينابيع“ ۾ اهڙو ذڪر ڪيو اٿس.

نقشبندي سلسلي بابت سندس فارسي زبان ۾ تصوف جي موضوع تي لکيل مٿي ڄاڻايل ڪتاب لاءِ منهنجي استاد علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو چوڻ آهي ته، سندس هيءُ ڪتاب، امام غزالي رحه جي ڪيمياء سعادت کان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهي(33).

مخدوم ڏاهري خلافت ملڻ بعد احمدآباد کان سڌو سنڌ آيو، ماڻهن کي ذڪر اذڪار جي تلقين سان گڏ نماز سيکارڻ ۽ کين ظاهري توڙي باطني فيض ڏيڻ جو ڪم ڪندو رهيو(34).

مخدوم ابوالحسن ڏاهري 12 ربيع الاول سن 1181هه ۾ وفات ڪري ويو کيس دوڙ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ضلع نوابشاهه ۾ دفن ڪيو ويو(35).

مخدوم محمد ٺٽوي رحه:

پاڻ مخدوم آدم نقشبندي جو پوٽو آهي، جنهن وفات وقت پنهنجي خليفي مخدوم ابوالقاسم نقشبندي رحه کي وصيت ڪئي هئي ته، سندس پوٽي جي مڪمل طور ظاهري توڙي باطني تربيت ڪري، سو ميان ابوالقاسم پنهنجي مرشد جي حڪم مطابق صاحبزادي کي پنهنجي تربيت ۽ پرورش ۾ ورتو، کيس پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏنائين ۽ وفات وقت پنهنجي باطني امانت سندس حوالي ڪيائين.

مخدوم محمد ٺٽوي رحه، نقشبندي طريقي ۾ اعليٰ پايي جو بزرگ ۽ اهلِ الله هو، سندس ڪيترائي مريد، خادم ۽ خليفا هئا، پر خصوصي طور مخدوم محمد زمان لنوارائي سان ڏاڍو راز هوندو هئس، هڪ دفعي اهل و عيال مڪي ۾ ڇڏي واپس ٺٽي آيو ۽ چيائين صرف محمد زمان لنواري واري کي امانت ڏيڻ آيو آهيان.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي پنهنجي ڪتاب ”فتح الفضل“ ۾ پنهنجي مرشد محمد زمان لاءِ لکي ٿو ته، پاڻ سلوڪ جو طريقو شيخ محمد رحه کان ورتو هئائون، مخدوم محمد ٺٽويءَ سن 1149هه اربع جي ڏينهن ميدانِ عرفات تي وفات ڪري ويو. سندس مريدن ۽ معتقدن اتان جنازو کڻائي اچي جنت المعليٰ ۾ دفن ڪيو.

شاهه فقير الله علوي:

سندس نالو فقيرالله رحه بن شاهه عبدالرحمٰن رحه ۽ ڏاڏي جو نالو شمس الدين رحه اٿس(36). سندس نسب محمد بن حنيفہ رحه جي واسطي سان حضرت علي رحه ابي طالب سان ملي ٿو(37). انڪري ئي کين ”علوي“ چيو ويندو آهي.

بيعت: ظاهري علم جي تڪميل کان پوءِ پاڻ روحانيت ڏانهن لاڙو رکيائين ۽ نقشبندي سلسلي جي وڏي ولي ۽ بزرگ حضرت شيخ محمد مسعود دائم رحه(38) جي هٿ ٿي بيعت ڪيائين. سندس طريقت جو شجرو هن ريت آهي:

”شاهه فقيرالله رحه عن محمد مسعود الدائم رحه عن محمد سعد اللاهوري رحه عن الشيخ آدم بنوري رحه عن حضرت مجدد سرهندي فاروقي نقشبندي.(39)

سنڌ ۾ آمد:  علوي صاحب ڪيترن ملڪن جي سير سفر کان پوءِ سن 1150هه ۾ شڪارپور آيو ۽ هميشه لاءِ سنڌ کي پنهنجو وطن بنايائين. هتي هڪ خانقاهه جو بنياد رکي نقشبندي سلسلي مطابق ماڻهن کي باطني علمن جو ڏس ڏيندو رهيو(40).

شاهه فقيرالله 3 صفر سن 1195هه ۾ وفات ڪئي، سندس مزار شڪارپور جي هزاري در محلي ۾ واقع آهي(41). سندس سالياني عرس تي افغانستان کان پڻ وڏي انگ ۾ زائرين ايندا آهن.

مٿي ڄاڻايل نقشبندي بزرگن جو تعلق ٻارهين صدي هجريءَ سان آهي، جڏهن ته تيرهين صدي هجريءَ ۾ به سنڌ اندر نقشبندي سلسلي جا ڪافي سالڪ ملن ٿا، پر هِت اسين انهن مان رڳو ٻن بزرگن جو مختصر احوال ڏئي رهيا آهيون:

پاڻ رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي مهماني ڪندڙ صحابي، حضرت ابو ايوب انصاريءَ جي خاندان مان آهي ۽ دنيا جو وڏو عالم، فاضل، محدث ۽ ولي ٿي گذريو آهي. جڳ مشهور محدث مخدوم محمد عابد انصاري سيوهاڻي سندس ڀائيٽو ۽ شاگرد آهي، جيئن ته بزرگ پاڻ کي نقشبندي سڏائيندو هو، پر اهو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته ڪنهن جو مريد هو، ڪن سببن ڪري سنڌ کان لڏي يمن ويو ۽ اتي ”حُدَيده“ ۾ رهيو. سندس حضرت خضر عليہ السلام سان به ملاقات ٿيندي هئي، اهو ائين جو جڏهن سندس پيءُ محمد مراد رحه جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن پنهنجي پٽ محمد حسين رحه کي سڏي چيائين ته اجهو خضر عليہ السلام کانئس موڪلائڻ آيو هو، سوکيس تنهنجي پارت ڪئي اٿم ته آئي وقت ۾ تنهنجي امداد ڪندو رهي. حضرت خضر عليہ السلام اڄ جُده ۾ شافعي وارن جي جامع مسجد ۾ ٽپهري جي نماز تي توسان ملندو، ان کان پوءِ خضر جي شڪل شباهت ٻڌائيندي چيائين ته، مسجد ۾ جنهن مرد جي پير جي چيچ ڀرواري آڱر سان مليل هجي ته پڪ ڄاڻ اهوئي خضر آهي. مخدوم حسين فرمائي ٿو ته، مون ٽپهري جي وقت مسجد ۾ وڃي جماعت سان نماز ادا ڪئي، واندو ٿي گهر پئي موٽيس ته ايتري ۾ مٿين نشانين وارو مڙس مُنهن پئجي ويو، وڏو قداور ۽ سانورو رنگ هئس، مون کي چيائين ته، تنهنجي والد کيس تنهنجي پارت ڪئي آهي، مون اڳتي وڌي وڃي سندس هٿ چميا ۽ برڪت حاصل ڪيم، تنهن کان پوءِ وري ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي رهندي هئي(42). مخدوم محمد حسين انصاري سن 1211هه تي يمن جي بندر واري شهر حُدَيده ۾ گذاري ويو(43).

مخدوم محمد عابد انصاري رحه:

مخدوم محمد عابد رحه سن 1196هه تي سنڌ جي تاريخي شهر سيوهڻ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم هتي پرائڻ کان پوءِ سڄي خاندان سميت يمن ڏانهن لڏي ويو، علمي دنيا ۾ سندس وڏو نالو آهي، پاڻ چوٽيءَ جو عالم ۽ محدث ٿي گذريو، نالي وارن محدثن وٽانئس حديث جي سَنَد ورتي آهي. ايستائين جو سندس مرشد خواجہ محمد زمان (ثاني) لنوارائي(44) پڻ حديث جي فن ۾ سندس شاگرد آهي. هيءُ عجيب اتفاق آهي، جو خواجہ صاحب هڪ ئي وقت سندس مرشد ۽ شاگرد آهي ته وري مخدوم عابد سندس استاد ۽ مريد آهي. جڏهن مخدوم محمد زمان، حج تي ويندي يمن کان گذريو ته سيوهاڻي صاحب بندر حُديده وٽ سندس استقبال ڪيو ۽ نقشبندي سلسلي ۾ کانئس تلقين ورتائين(45).

هڪ ڀيري ته مخدوم محمد عابد انصاري رحه سيوهاڻي، يمن کان سيڙجي لنواري آيو، جيئن سلسلي جا مزيد سبق طئي ڪري، ڳچ عرصو مرشد جي صحبت ۾ رهي واپس عرب هليو ويو ۽ مدينہ منوره ۾ سن 1257هه ۾ وفات ڪيائين(46).

ٻارهين ۽ تيرهين صدي هجريءَ ۾ سلوڪ جي سفر کان پوءِ مناسب ائين ٿيندو ته ڪجهه چوڏهين صديءَ جو به ذڪر آڻجي، هن دؤر ۾ اسان کي نقشبندي سلسلي جي بزرگن مان مٿي شجري ۾ 37 نمبر تي آيل بزرگ پير فضل علي قريشي جو نالو ملي ٿو(47). پاڻ اصل ۾ ڪالاباغ جو رهاڪو هو، بعد ۾ شهر ۽ ڳوٺ مٽائيندو مظفرڳڙهه جي شهر سلطان ڀرسان ”مسڪين پور“ نالي سان نئون ڳوٺ ٻڌي آباد ڪيائين ۽ آخري حياتي سن 1935ع تائين اتي ئي گذاريائين. سندس خليفن جو انگ تمام وڏو هو، جي سڄي ننڍي کنڊ ۾ ته ڦهليل هئا، پر سنڌ ۾ سندن ڳاڻيٺو ڪو گهٽ ڪين هو، جن سنڌ اندر سلسلي کي زور وٺرايو، تن مان ڪجهه هيءُ بزرگ آهن:

ميان نوربخش خواجھ رحه:

حضرت نوربخش صاحب، خواجہ قبيلي سان تعلق رکندڙ هو. پاڻ پنهنجي پير حضرت فضل علي قريشي رحه جي ڀرسان ڳوٺ ڦُلڻ (تڏهوڪو تعلقو علي پور موجوده جتوئي ضلع مظفرڳڙهه) ۾ ئي رهندو هو، انڪري مرشد سان ويجهو تعلق ۽ رابطو هئس، گڏوگڏ اڪتساب فيض به سندس لاءِ گهڻو آسان هو، پاڻ مرشد جي حڪم مطابق رياست بهاولپور سان گڏ سنڌ ۾ آمد جاري رکيائون پر ائين کڻي چئجي ته سندس گهڻوتڻو ڌيان سنڌ مٿان ئي هو، جنهنڪري سنڌ جي راڄڌاني سوڌو اڪثر شهرن ۾ سندس مريد ۽ خليفا ٿيا. مون (هن مقالہ نگار)  جو والد ميان لعل بخش مڱريو بازيدپوري، شيخ علي احمد ٽنڊوآدم واري سميت لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، ٿرپارڪر ۽ ٻين ڪيترن علائقن ۾ سندس خليفا هوندا هئا(48).

پاڻ فقير طبع، سادو کائيندو ۽ سادو پهريندو هو، غير نمازي ۽ رشوت خور جي ڪڏهن به دعوت قبول نه ڪندو هو، هيءُ بزرگ سن 1955ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ پنهنجي پويان ٽي فرزند: احمد سعيد، عبدالرشيد ۽ عبدالقادر ڇڏيائون، تن مان وچون عالم، فاضل ۽ وقت جو ولي ٿي گذريو، جو پنهنجي والد ميان نوربخش رحه سميت حضرت مولانا عبدالغفور عباسي مدني جو پڻ مجاز خليفو هو(49). هيءُ ڀلارو به سن 1996ع ۾ هي جهان ڇڏي ويو، هاڻي سندس وڏو فرزند خواجہ عبدالحميد صاحب، گادي نشين آهي، جو پنهنجي والد ۽ ڏاڏي بزرگ جي جماعت کي سنڀالي پيو ۽ ڏينهن رات سلسلي جي خدمت ۾ رُڌل آهي(50).

پير عبدالغفار ”مٺا سائين“:

پاڻ چنڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ اصل ۾ رياست بهاولپور جو رهاڪو هو، حضرت پير فضل علي قريشيرحه جو مٿن وڏو راز هو، سن 1935ع ۾ مرشد جي رحلت بعد پنجاب کي ڇڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو، سندن وفات بعد پٽس مولانا خليل الرحمٰن رحه جان نشين ٿيو، پر هيءُ بزرگ به ٿوري ئي عرصي ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو، تنهن کان پوءِ سندن (پير مٺا سائين جي) وڏي خليفي حضرت مولانا الله بخش عباسي صاحب، لاڙڪاڻي واري مرڪزي درگاهه کان سواءِ ڪنڊيارو (ضلع نوابشاهه موجوده نوشهروفيروز) ۽ راڌڻ ضلع دادو درگاهن جي سرپرستي ڪئي، جماعت کي منظم ڪيو ۽ گهڻي انگ ۾ مريدي خادمي کي وڌايو.

حضرت پير عبدالغفار کي سندس مريد ”مٺا سائين“ کانئس پوءِ سندس وڏي خليفي خواجہ الله بخش کي ”سهڻا سائين“ ۽ وري هاڻي سندس پٽ مولانا محمد طاهر کي ”سڄڻ سائين“ ڪري سڏين ٿا. سندن ٻين خليفن جا لقب به ڪجهه اهڙي نموني جا آهن جيئن ”محبوب سائين“، ”ڍولڻ سائين“ ۽ دلبر سائين وغيره. مٺا سائين جا مريد پنهنجي مرشد پير عبدالغفار جي نسبت سان ”غفاري“ به سڏجن ٿا.

غلام دستگير شاهه لڪياري:

ساهتي پرڳڻي جي قديم شهر هالاڻي سان تعلق رکندڙ هيءُ سيد سڳورو پڻ پير فضل علي قريشيءَ جو خليفو هو، سندس زباني آهي ته هڪ ڀيري ملتان پئي ويس ته رستي ۾ اوچتو خيال آيو ته ڇو نه ويندي ويندي پير فضل علي قريشي نقشبنديءَ سان ملاقات ڪجي، سو سڌو مسڪين پور (ضلع مظفرڳڙهه) هليو ويس، حضرت زمين تي ويل هو، جڏهن موٽي آيو ته حالي حوالي ٿياسين، عرض ڪيم ته هر سال ملتان اچڻ ٿيندو آهي، هن مهل به اوڏانهن پئي ويس پر اوهان جو ٻڌي هيڏانهن هليو آيس ته جيئن اوهان جي زيارت ڪندو وڃان، بس هاڻي هلون ٿا، الله واهي! تنهن تي قريشي صاحب وراڻيو ته فقير! ملتان ڇا وڃي ڏسندؤ، اوهان کي ته اهي اکيون ئي ڪين آهن، اکيون ٿين ته پوءِ وڃجو، اڄ رات هتي ترسي پؤ، سو حضرت جي حڪم جي پوئواري ڪندي رات رهي پيس، ننڊ ۾ ڇا ٿو ڏسان ته مان قريشي صاحب سان نقشبندي سلسلي ۾ دستِ بيعت ٿيو آهيان، قريشي صاحب سندس هٿ وٺي پنهنجي مرشد خواجہ سراج الدين رحه جي هٿن ۾ ڏنا، ان وري پنهنجي مرشد حضرت محمد عثمان داماني رحه جي هٿن سان ملايا تان ته اهو سلسلو حضرت سلمان فارسي رحه ۽ حضرت ابوبڪر صديق رحه کان ٿيندي هن فقير جا هٿ وڃي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي هٿن مبارڪن سان مليا. بس خواب دل ٺاري ڇڏي، باطني بيعت ته رات جو ٿي چڪي هئي، هاڻي صبح سان ظاهري طور بيعت ٿي ته قريشي صاحب يڪدم فرمايو ته، شاهه صاحب هاڻي ڀلي ملتان وڃو. سيد غلام دستگير شاهه فرمائي ٿو ته اڳي ملتان وڃي ٺلهي قبر ڏسي واپس هالاڻي ورندو هئس، پر هن دفعي جو ويس ته قبر واري جي زيارت به نصيب ٿي.(51)

ٿوري ئي وقت ۾ کين خلافت ملي، پاڻ الله جي فقيرن ۽ دين جي طالبن جي وڏي خدمت ڪندو هو، جهڙا پاڻ ظاهري طور سخي هو ته وري اهڙي طرح روحاني فيض ڏيڻ ۾ پڻ فياض هو. سندس خليفن ۾ حاجي محمد ملوڪ مڱريو ”بازيدپور“ وارو ۽ فقير عزيز الله اُڄڻ جا نالا پڻ مشهور آهن.

پاڻ سن 1979ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا، حياتيءَ ۾ پنهنجي مرشد پير فضل علي قريشيءَ جي نسبت سان هڪ ديني مدرسو ”دارالفضل“ جي نالي سان قائم ڪيو هئائون، جو اڃا تائين قائم ۽ دائم آهي. هاڻي سندس ڀائيٽو سيد نثار احمد شاهه سلسلي کي هلائي رهيو آهي(52).

ميان لعل بخش مڱريو:

ميان صاحب جي نسب جو شجرو هن ريت آهي: لعل بخش بن محمد عرس بن محمد اسماعيل بن محمد ابراهيم بن محمد آدم مڱريو، سندس ولادت سن 1901ع بازيدپور (لڳ ڪنڊيارو موجوده ضلع نوشهروفيروز) ۾ ٿي. سال 1940ع واري ڏهاڪي ۾ مٿي ڄاڻايل نقشبندي بزرگ ميان نوربخش سان دستِ بيعت ٿيو ۽ ذڪر اذڪار تي وڏي محنت ڪيائون، پاڻ سنت ۽ شريعت مٿان گهڻو پابند هو، حلال رزق ڪمائڻ ۽ کائڻ سندس زندگيءَ جو اهم اصول هو، اهوئي سبب هو جو حرام ته پنهنجي جاءِ تي پر مشتبہ شيءِ جو کين ڪشف يا خواب وسيلي اڳ ۾ اطلاع ٿي ويندو هو.

سندس مرشد خواجہ نوربخش کيس نقشبندي سلسلي ۾ خلافت عطا ڪئي. ياد رکڻ گهرجي ته حضرت نوربخش جا خلافت ڏيڻ لاءِ گهڻا سخت شرائط هوندا هئا ته: سالڪ شريعت مطهره جو پابند، سنت تي عمل پيرا ۽ ذڪر جا سبق پورا ڪيل هجنس، جنهنڪري ٿورا ئي مريد اها سعادت ماڻي سگهندا هئا، تن ۾ ميان لعل بخش مڱريو بازيدپور وارو به هڪ هو(53).

پاڻ پيرسني ۽ بيماريءَ سبب هن سلسلي کي گهڻو هلائي نه سگهيو ۽ 3 شوال سن 1382هه بمطابق 27 فيبروري سال 1963ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، پويان ٽي نياڻيون ۽ چار پٽ: محمد اسماعيل، محمد ابراهيم، بشير احمد ۽ رفيق احمد (هن مقالي جو ليکڪ) سوڳوار ڇڏيائون، سندس آخري آرامگاهه پڻ بازيدپور ۾ آهي(54).

مٿي ذڪر ڪيل نقشبندي بزرگن کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي جيئن: مخدوم محمد زمان لنواري وارن جي شاخ، مخدوم غلام محمد ملڪاڻي وارن جي شاخ ۽ سرهندي بزرگن جي جماعت پڻ ان سلسلي جي ترقي ۽ ترويج ۾ مصروف آهي. هوڏانهن پير فضل علي قريشي مسڪين پوري جي شاخ مان ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي جماعت، مسڪين پور واري مرڪزي درگاهه کان (پير فضل علي قريشي جي ڏوهٽي پير ڪليم الله شاهه جو پٽ) پير محمد شاهه قريشي مسڪين پوري ۽ (پير فضل علي قريشي جي خليفي مولانا غلام حبيب چڪوالي جو خليفو) پير ذوالفقار احمد نقشبندي سميت (پير فضل علي قريشي جي وڏي خليفي حضرت عبدالغفور مدني جي خليفي مولانا عبدالرشيد ڦلڻ شريف واري جو فرزند) حضرت خواجہ عبدالحميد نقشبندي پڻ سنڌ ۾ گهڻو اچن وڃن ٿا،  نقشبندي سلسلي کي جيڪو سنڌ ۾ فروغ مليو آهي، تنهن ۾ انهن بزرگن جو وڏو ڪردار ۽ سندن خدمتون شامل آهن.

حوالا ۽ سمجهاڻيون:

دائرة المعارف الاسلاميہ، جلد-6، دانشگاهه پنجاب لاهور، (ڇاپو پهريون)، سال 1962ع، ص 418-419.

ياد رکڻ گهرجي ته، سلوڪ جا سمورا سلسلا مختلف بزرگن کان ٿيندا، حضرت علي بن ابي طالب تائين پهچن ٿا، ان لاءِ محققن جو چوڻ آهي ته، حضرت علي رضه به بيعت ته ابوبڪر صديق رحه سان ڪئي هئي، تنهنڪري سمورن سلسلن جو منبح حضرت ابوبڪر صديق رضه کي ئي سمجهڻ کپي. (ڊ.ر.ا.م)

دائرة المعارف الاسلاميہ، جلد-22، دانشگاهه پنجاب لاهور، (ڇاپو پهريون)، سال 1962ع، ص 436.

پير فضل علي قريشي، هن ننڍي کنڊ ۾ نقشبندي سلسلي جو وڏو بزرگ هو، پاڻ اصل ته ڪالاباغ جو هو پر پوءِ اتان لڏي پنجاب جي ضلع مظفرڳڙهه ۾ شهر سلطان جي ڀرسان ”مسڪين پور“ نالي نئون ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو ۽ پنهنجي وفات سن 1935ع تائين ان ئي ڳوٺ ۾ رهيو، وٽانئس نقشبندي سلسلي ۾ وڏو فيض جاري ٿيو، اٽڪل هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ سندس خلفاء هئا، جن ۾ ختم نبوت جو مشهور مبلغ، واعظ ۽ ڪلام جو بادشاهه سيد عطاءُالله شاهه بخاري، مولانا عبدالغفور مدني، مولانا عبدالغفار چنڙ (پير مٺا سائين، جنهن جي نسبت سان سنڌ ۾ ”غفاري“ جماعت مشهور آهي). مولانا نوربخش ڦُلڻ شريف وارو ۽ مولانا سيد غلام دستگير شاهه هالاڻي واري سميت ٻيا ڪيترائي بزرگ سندس نسبت ۾ شامل هئا، سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس ۾ رهائش پذير مرحوم ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان پڻ سندس خليفي مولانا سعيد احمد، وري ان جي خليفي ۽ تصوف تي اعليٰ درجي جي ڪتابن جي ليکڪ مولانا سيد زوار حسين شاهه جو خليفو هو. (ڊ.ر.ا.م)

شامي منظور احمد، سيد: تعارف نقشبند، ڇاپو پهريون، مڪتبہ خانقاهه نقشبنديہ، ٽنڊوآدم، سن طباعت ندارد، ص 7.

کهڙائي، اميراحمد، مخدوم: مقدمہ بذل القوة، (ڇاپو پهريون)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1386هه/1966ع، ص 8

بدوي لطف الله: تذڪره لطفي، (حصو پهريون)، (ڇاپو ٽيون)، آر.ايڇ. احمد اينڊ برادرس، سال 1972ع، ص 643.

ڳئون، مينهون ۽ ٻڪريون ڌارڻ جي ڪري اُتر سنڌ ۾ ”ڌاراڻي“ قبيلو ۽ مال پالڻ ۽ چارڻ جي ڪري ”چارَڻُ“ قبيلو وجود ۾ آيو، سنڌ ۾ ”چارڻ چوريو چنگ“ به ان ڪري ئي چوڻ ۾ آيو، جو چنگ به پهريان مال چاريندڙ ڌنار ئي جهنگ ۾ وڄائيندا هئا، ان کان پوءِ ئي اها صنف ڳوٺن جي محفلن ۾ آئي. (ڊ.ر.ا.م)

ميرزا، عباس علي، بيگ: خدايار خاني، (ڇاپو پهريون)، ڄام شورو، سنڌالاجي، سال 1980ع، ص 181.

هيءُ بزرگ ذات جو ”درس“ هو ۽ لقب نورالحق هئس، پاڻ مخدوم آدم نقشبندي سان بيعت ٿيل هو، ابوالقاسم سن 1138هه ۾ وفات ڪئي، سندس قبر مڪليءَ تي عام ۽ خاص لاءِ زيارتگاهه آهي. (ڊ.ر.ا.م)

سيد سعدالله سورتي، الله آباد جي ڀرسان ”سورت“ شهر جو رهاڪو هو، اَٺن واسطن سان سندس روحاني شجرو، شيخ عبدالقادر جيلاني رحه تائين پهچي ٿو، پاڻ سن 1138هه ۾ وفات ڪري ويو. (ڊ.ر.ا.م)

قانع، علي شير ٺٽوي، مير: معيارِ سالڪان طريقت (مترجم سنڌي) (ڇاپو پهريون)، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2010ع، ص 654.

مڱريو رفيق احمد، ڊاڪٽر: شيخ محمد حيات سنڌي، (ڇاپو پهريون)، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2009ع، ص 300.

الرحيم (ٽِماهي) علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي بابت ”منهنجي علمي ڊائري“، ص 68.

الرحيم (ماهوار) مولوي الله ورايو بروهي، بابت "ٹھٹہ ایک تاریخی علمی مرکز“ جلد 2، شمارو 2، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، ماهه جولاءِ، سن 1964ع، ص 64.

میمن، عبدالمجید سندھی، ڈاکٹر: "پاکستان میں صوفیانہ تحریکیں"، طبع اول، سنگِ میل پبلیکیشن لاہور، ص 528۔

قدوسی، اعجاز الحق، مولوی: "تذکرہ صوفیاءِ سندھ"، طبع اول، اردو اکیدمی کراچی، سال 1952ء، ص 256۔

مولائي شيدائي، رحيمدادخان: ”جنت السند“ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1993ع، ص 575.

کهڙائي، امير احمد، مخدوم: ”مقدمہ بذل القوة“(ڇاپو پهريون)، حيدرآباد،سنڌي ادبي بورڊ، سال 1966ع، ص 66.

قانع، علي شير ٺٽوي، مير: ”تحفة الڪرام“ مترجم سنڌي، ڄام شوور، سنڌي ادبي بورڊ.

المرادي محمد خليل، شيخ: ”سلڪ الدرر“ طبع اول، ج 3، دارالبشائر الاسلاميہ بيروت، لبنان، سال 1988ع، ص 162-167.

مولائي شيدائي، رحيمداد خان: ”تاريخ تمدنِ سنڌ“، ڄام شورو، سنڌالاجي، سال 1995ع، ص 641.

ياد رکڻ گهرجي ته مخدوم محمد زمان لنوارائي جي سوانح ۽ سندس فڪر بابت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ محمد پناهه ڦرڙي کان پوءِ وچين عرصي ۾ ڪو خاص ڪم نه ٿيو هو، ان بعد اُتر سنڌ کان جاکوڙي جوان جناب جوڻيجو سائين بخش قبولائي اُڀريو، تنهن لنواري وارن بزرگن جي سوانح حيات سان گڏ سندن اولاد ۽ خلفاءِ بابت گهڻو ڪجهه تحقيقي مواد نروار ڪري سنڌ وارن کي ڏنو آهي. (ڊ.ر.ا.م)

قانع، علي شير ٺٽوي، مير: ”معيارِ سالڪان طريقت“، مترجم ڄام شورو، سنڌي، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2010ع، ص 643.

جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: ”سنڌيون“(ڇاپو پهريون)، مترجم سنڌي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1970ع، س 89.

گربخشاڻي هوتچند، ڊاڪٽر: ”لنواريءَ جا لال“، (ڇاپو ٽيون)، ڪراچي، ايجوڪيشنل ڪمپني، سال 1987ع، ص 84-85.

داؤد پوٽو، عمر، ڊاڪٽر: ”ڪلام گرهوڙي“،  (ڇاپو پهريون)، ڪراچي، سنڌي ادبي سوسائٽي، سال 1956ع، ص 13-14.

ميمڻ، محمد صديق، خانبهادر: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، (ڇاپو ڏهون)، سال 1976ع، ص 172.

جتوئي علي نواز: ”شهيد گرهوڙي جو سنڌي ڪلام“ سال 1984ع، ص 8.

گرهوڙي صاحب جي سوانح حيات، سندس ڪلام ۽ فڪر بابت ڏسو ڪتاب ”لنواريءَ جا لال“ ليکڪ: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ”ڪلام گرهوڙي، ليکڪ: ڊاڪٽر عمر بن محمد داؤد پوٽو، ”لنواريءَ جا لال“ ليکڪ: محمد پناهه ڦرڙو، ”ڪلام گرهوڙي“ ليکڪ: شيخ عبدالرزاق راز، ”شهيد گرهوڙي جو سنڌي ڪلام“ ليکڪ: پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي، ”ابياتِ سنڌي“ ليکڪ: ڊاڪٽر عمر بن محمد داؤد پوٽو، ”سوانح حيات شهيد گرهوڙي“ ليکڪ: سائين بخش تاج محمد قبولائي ۽ راقم جو ڪتاب ”شيخ محمد حيات سنڌي“،ڄام شورو، طبع سنڌي ادبي بورڊ، سن 2009ع، جنهن ۾ گرهوڙي صاحب جي زندگي متعلق تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.

(ڊ.ر.ا.م)

الرحيم (ماهوار) علامہ غلام مصطفیٰ قاسمی، بابت ”علماءِ سندھ اور شاہ ولی اللہ کے علمی روابط" شاہ ولی اکیڈمی حیدرآباد، ماہ ڈسمبر 1923ء، ص 21۔

قانع علي شير ٺٽوي، مير: ”معيارِ سالڪان طريقت“ مترجم سنڌي، (ڇاپو پهريون)، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2010ع، ص 664.

مخدوم محمد معين بابت وڌيڪ لاءِ ڏسو: ڊاڪٽر محمد انس راڄپر جو ڪتاب ”مخدوم محمد معين ۽ سندس فلسفو“ طبع سنڌ ثقافت کاتو ڪراچي، جيئن ته هي ڪتاب اصل ۾ پي ايڇ.ڊي جو مقالو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر انس صاحب مخدوم صاحب جي هر پهلوءَ بابت کُلي ڪري بحث ڪيو آهي.  (ڊ.ا.ر.م)

مخدوم ابوالحسن ڏاهري بابت وڌيڪ لاءِ ڏسو: سندس ڪتاب: ”ينابيح الحياة الابديہ في تاريخ الطلاب النقشبنديہ“ هن ڪتاب کي سنڌ جي نامياري اديب ۽ ڪاموري ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب مرتب ڪيو هو، جنهن ۾ مخدوم صاحب جي سوانح حيات ۽ سندس فڪر تي سير حاصل بحث ڪيل آهي، ان کان سواءِ هڪ ٻئي محقق ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري صاحب، جنهن پڻ مخدوم صاحب جي ڪتاب ”سراج المصلي“ تي پي ايڇ.ڊي لاءِ تحقيقي مقالو لکيو ۽ سندس حالات زندگيءَ بابت به گهڻو ڪجهه لکيو اٿس، هوڏانهن سنڌ جي سريلي مبلغ ۽ واعظ مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب پڻ سندس ڪيترن رسالن کي ترتيب ڏئي پڌرو ڪيو آهي. (ڊ.ا.ر.م)

الرحيم (ماهوار)، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي بابت ”چار ابوالحسن سنڌي“ شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد، آڪٽوبر 1977ع، ص 38-40.

وفائي دين محمد، مولوي: ”تذڪره مشاهيرِ سنڌ“ (ڇاپو پهريون)، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1985ع، ص 123.

کهڙائي امير احمد، مخدوم: ”مقدمہ بذل القوة“،  (ڇاپو پهريون)، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1966ع، ص 70.

قدوسی اعجازالحق، مولوی: ”تذکره صوفياءِ سندھ“ اردو اکیڈمی لاہور، سال 1959ء، ص 189۔

مولائي شيدائي، رحيمداد خان: ”تاريخ تمدن سنڌ“ (ڇاپو پهريون)، ڄام شورو، سنڌالاجي،  سال 1995ع، ص 675.

علوي، فقيرالله، شاهه: مڪتوبات، مطبع اسلاميه لاهور، سن طباعت ندارد، ص 305.

وفائي، دين محمد، مولوي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد ٽيون)، (ڇاپو پهريون)، سال 1984ع، ص 189.

الوحيد (سنڌ آزاد) نمبر: مولوي دين محمد وفائي، بابت ”سنڌ جا ڪي مشهور بزرگ“ (ڇاپو ٻيو)، سال 1979ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد، ص 36.

کهڙائي اميراحمد، مخدوم: ”مقدمہ بذل القوة“(ڇاپو پهريون)، سنڌي ادبي بوڊ حيدرآباد، سال 1966ع، ص 150.

وفائي، دين محمد، مولوي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ (جلد ٽيون)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 1986ع، ص 248-249.

قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامہ: الرحيم ”مشاهير سنڌ، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، (ڇاپو ٻيو) سال 1988ع، ص 10-11.

مڱريو، رفيق احمد، ڊاڪٽر: مخدوم محمد عابد انصاري سيوهاڻي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2018ع، ص 133.

مخدوم محمد حسين انصاري جي تفصيلي احوال لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب ”مخدوم محمد عابد انصاري سيوهاڻي“ طبع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2018ع.

هي خواجہ محمد زمان (اول) جو پوٽو ۽ خواجہ گل محمد جو پٽ آهي، پاڻ به پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وانگر نقشبندي سلسلي ۾ وقت جو وڏو ڪامل ولي ۽ بزرگ ٿي گذريو. - ڊ.ر.ا.م

مڱريو، رفيق احمد، ڊاڪٽر: ”مخدوم محمد عابد انصاري سيوهاڻي“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2018ع، ص 159.

مخدوم محمد عابد انصاري جي تفصيلي احوال لاءِ ڏسو راقم جو ڪتاب ”مخدوم محمد عابد انصاري سيوهاڻي“ طبع سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2018ع.

وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”عرب جي حلبي عالم“ علامہ سائد بڪداش جو عربي زبان ۾ لکيل ڪتاب ”الشيخ محمد عابد الانصاري“ طبع بيروت- لبنان سال 1423هه.

پير فصل علي قريشي جي تفصيلوار تذڪري لاءِ ڏسو ڪتاب ”مقامات فضيلہ“ مرتب: سيد ڪليم الله شاهه، مسڪين پوري.

ڏسو ڪتاب: ”انوارِ فضيلہ“ (مطبوع) مرتب: پير طريقت حضرت مولانا خواجہ عبدالرشيد نقشبندي.

ڏسو ڪتاب: ”مدینہ میں مدفون پاکستانی بزرگانِ دین مطبوع۔

مڱريو، رفيق احمد، ڊاڪٽر: ”تاريخ بازيدپور“ بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2018ع، ص 266-267.

ايضاً، ص 314 تا 336 (تلخيص).

مڱريو، رفيق احمد، ڊاڪٽر: ”تاريخ بازيدپور“ بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص 268 تا 271 (تلخيص).

ڏسو ڪتاب: ”انوارالفضيلہ“ مطبوع، مرتب: پير طريقت حضرت مولانا خواجہ عبدالرشيد نقشبندي.

مڱريو، رفيق احمد، ڊاڪٽر: ”تاريخ بازيدپور“ بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص 109 تا 112 (تلخيص).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org