سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾

’تجنيس مڪرّر‘ جو جائزو

·     اڀياس جو پس منظر:

سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ لاڙ جي لال، مولوي احمد ملاح جي شخصيت وڏي قد ڪاٺ واري آهي. سندس شاعريءَ جا ڪافي رخ سامهون اچن ٿا، ليڪن صنايع بدايع جي لحاظ کان ٻين شاعرن کان مختلف آهي. هڪ ئي وقت لفظن سان راند رچائڻ ۽ ان ۾ هڪ وڏو مفـ هوم سمائڻ ته مولوي صاحب کان ڪو پرائي. مون سندس شاعريءَ جي هڪ رخ صنايع بدايع جي جزن جاچڻ جي ڪوشش ورتي آهي.

مولوي صاحب جي ديوان/ ڪليات مان هتي صرف ’تجنيس مڪرّر‘ جي دائري هيٺ جاچڻ مقصود آهي. ياد رهي ته صنايع بدايع، شاعريءَ ۾ ڪاريگريءَ سان تجنيسن ۽ صنعتن سمائڻ جو علم آهي. تجنيس جو تعلق لفظن سان آهي، جڏهن ته صنعت جو لاڳاپو شعر جي معنى سان رهندو آهي. تجنيس ۾ ايترا لفظ ڪم آندا ويندا آهن، جن جي ڀيٽ ممڪن هجي، يعني هڪ لفظ مان تجنيس جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي؛ جڏهن ته صنعت هيٺ هڪ لفظ مان به  معنى جو اندازو ممڪن آهي.

’مڪرّر‘ لفظ جي مراد ته دهراءُ آهي. ليڪن ’تجنيس مڪرّر‘ مان مراد اهڙا ٻه لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ گڏ ڪم آندا ويا هجن، جن مان آخري لفظ، ماقبل آخريءَ مان ڪٽي جوڙيو ويو هجي، جيئن: سُڪار- ڪار. ’تجنيس مڪرّر‘ گهڻي قدر قافين ۾ ڪم آندي ويندي آهي. هن مضمون کي مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ تائين محدود رکجي ٿو.

مولوي صاحب جي لفظن سان راند اهڙي هوندي هئي جو هڪ ئي شعر مختلف تجنيسن سان ٽمٽار رهيو آهي، مثال طور:

ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،

ناههِ ڪنهن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)

مولوي صاحب جي غزليات ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سنڌي لفظن جي آخري زير، زبر ۽ پيش کي نظرانداز ڪري ٿو، ان جو اهم سبب ته اها ’لاڙي لـ هجي‘ (Dialect) جي خاصيت آهي، ٻيو ته علم عَروض جي بحر وزن جو ڄار به آخري وينجن (Consonant) جي ڇوٽي سُر (Short Vowel) کي حذف ڪرڻ کي روا ڪندو آهي. ان ڪارڻ مولوي صاحب جي لفظي استعمال کي ان دائري ۾ ئي ڏسڻو پوندو. ان حوالي سان مٿئين شعر جي هيٺين سٽر ۾ هڪ ئي وقت تجنيس مڪرر، تجنيس مرڪب ۽ تجنيس تام جو چس پيو ملندو.

·        اڀياس جا سوال

s                ڇا تجنيس مڪرّر ۾ ساڳيا لفظ دهرائبا آهن يا لفظ جو جز؟

s                ڇا تجنيس مڪرّر ۾ دهرايل لفظ جو جز معنادار هوندو آهي؟

s                تجنيس مڪرّر ۾ آخري دهرايل لفظ، ماقبل جي ڪـ هڙي حصي جو معنادار جز ٿي سگهي ٿو؟

s                ڇا تجنيس مڪرّر جو مخصوص هنڌ ’قافيو‘ ئي ٿي سگهي ٿو؟

·        اڀياس جو عمل:

لفظ ’مڪرّر‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى آهي ’دهرايل‘. هتي جڏهن لفظ ’تجنيس‘ ڪم آڻيون ٿا، ته ان مان مراد اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مختلف لفظ آهن، جيڪي هڪٻئي سان دهرائڻ واري عمل نسبت سلـ هاڙيل هجن. هتي ’تجنيس مڪرّر‘ جي دائري جاچڻ لاءِ لغت ۽ عالمن جي راين جي اتفاق ۽ اختلاف کي سامهون رکجي ٿو.

·        تجنيس مڪرّر جو دائرو:

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ان جي تشريح هيٺين ريت ڏنل آهي:

”تجنيس مڪرّر: ث. شعر ۾ ساڳئي لفظ جي ٻه دفعا اچڻ واري صنعت ’گرچ گل لاءِ پريشان هزار هزار، مون لاءِ مگر هڪ تون نگار نگار‘.“ (بلوچ، 1981ع: ص 591)

جامع سنڌي لغات ۾ ساڳئي لفظ جي دهراءَ لاءِ ’تجنيس مڪرّر‘ جو اصطلاح ڪم آندل آهي. حالانڪ ’تجنيس‘ مان مراد ئي مختلف لفظ هوندا آهن، ان سبب جامع سنڌي لغات ۾ ڄاڻايل مثال ’قافيي جو تڪرار‘ چئبو، تجنيس مڪرّر جو مثال نه سڏبو! تجنيس مڪرّر جو دائرو اڳئين لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي، باقي حصي کي هم قافيا ڪري رکڻ آهي.

تجنيس مڪرّر جي دائريبابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻايو آهي ته: ”هن کي ’مردد‘ ۽ ’مزدوج‘ به چوندا آهن. هن بيت جي پڇاڙيءَ ۾ ٻه هم جنس لفظ گڏ ايندا آهن، جن مان پـ هرئين لفظ جي منڍ ۾، ٻئي پوئين کان هڪڙو يا ٻه حرف زياده هوندا آهن، يا پهرئين لفظ جو پويون ڀاڱو وري ايندو آهي ۽ معنى پنـ هنجي خلاصي هوندي اٿس.

رباعي

تنـ هنجي ٿــــــــــي لڳي دوســـــــــت ’پياري ياري‘،

جند جان جي ڳڻتي مون ’وساري ساري‘،

جي ڏينـ هن ٻـــــــــه- ٽــــــــي مري ڏنم توکي ساهه،

گويا هيءَ حياتي مون ’اُڌاري ڌاري‘.....“

(قليچ، 2016: 98)

ظفر عباسيءَ پڻ ساڳي تشريح ۽ مثال لاهي رکيا آهن. (ظفر، 2007: 414)

تجنيس مڪرّر بابت مرزا قليچ بيگ جي وضاحت ان حوالي سان مناسب آهي ته ’پـ هرئين لفظ جو پويون ڀاڱو وري ايندو آهي ۽ معنى پنـ هنجي خلاصي هوندي اٿس.‘ يعني اهي ٻه الڳ لفظ ٿي بيـ هندا، جن جي معنى الڳ هوندي. ان حوالي سان ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻايل مثال مناسب ناهي.

نتيجةً، تجنيس مڪرّر جو اهو دائرو بيـ هي ٿو ته ’ٻه اهڙا معنادار لفظ، هم قافيا بيـ هاريا وڃن، جن مان پـ هريون، پوئين کان پد/ پدن (Syllable/ Syllables) يا حرفن/ اکرن ۾ وڌيڪ هجي. اهي لفظ گـ هڻي قدر قافيي جي جڳـ هه تي ڪم آندا ويندا آهن، ٻي صورت ۾ شعر يا بيان جي ڪنـ هن به هنڌ استعمال ٿي سگـ هن ٿا. ان تجنيس کي ’ذوقافيتَين‘ جو نمونو به سڏي سگـ هجي ٿو.

لغتن جي مدد سان ’تجنيس مڪرر‘ جو اشتقاق هيٺين ريت سامـ هون اچي ٿو:

·                     تجنيس مڪرّر: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مڪرَّر- مُفعَّل- اسم مفعول (ڪَرَّ = هو وري وري آيو) وري وري اچڻ-  ڏينـ هن ۽ رات جو واپس ٿيڻ- ڌاڳي جو ويڙهجڻ] علم بيان موجب ڪنـ هن شعر جي ٻٽن قافين يا هم قافيه لفظن مان آخري ۽ ماقبل آخري (Second last) قافين ۾ لفظن جو اهڙو دهراءَ ٿيڻ جو اڳئين قافيي ۾ پد/ پدَ (Syllable) يا اکر/ اکرَ وڌيڪ ڪم آندل هجن، جيئن:

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،

ناههِ ڪنهن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)

’تجنيس مڪرّر‘ جا مثال شعر يا بيان جي ڪنـ هن به حصي ۾ ٿي سگـ هن ٿا، ليڪن خاص طور ’ذوقافيتَين‘ جو نمونو به آهي. ڄاڻايل مثال مان ’نروار‘ مان ’نر‘ ڪڍجي ته وار، يا وري ’وار‘ جي اڳيان ’نر‘ ملائجي ته ’نروار‘ ٿئي ٿو، ائين ٻيا مثال. مطلب ته تجنيس مڪرر ۾ اڳئين لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي، آخري حصي کي الڳ سان معنادار لفظ هم قافيا ڪري بيـ هاريو ويندو آهي. اهو ته ٿيو ’تجنيس مڪرر‘ جو عام انداز، ليڪن مولوي صاحب وٽ مڪرّر جا ٻيا انداز به آهن.

·        ’تجنيس مڪرّر‘ ۽ ’صنعت ذوقافيتَين‘ جو فرق:

تجنيس مڪرّر، بيشڪ ذوقافيتَين جو نمونو آهي، ليڪن انـ هن اصطلاحن ۾ ٿورو فرق آهي. ذوقافيتَين ۾ ڪي به ٻه گڏ قافيا ڪم آڻي سگـ هجن ٿا، جڏهن ته ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ اهڙا ٻه قافيا گڏ ڪم آڻڻ، جن مان آخري، پهرئين جو حصو هجي. اهڙو فرق هيٺين شعرن مان نوٽ ڪري سگـ هجي ٿو:

تجنيس مڪرّر جو نمونو:

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)

تجنيس مڪرّر ۾ ’نروار- وار‘ ۽ ’هوشيار- يار‘ بيشڪ ذوقافيتَين جو نمونو آهي، ليڪن ’نروار- وار‘ ۾ آخري قافيو ’وار‘، اڳئين قافيي ’نروار‘ جو حصو آهي.

صنعت ذوقافيتَين جو نمونو:

اَٿم ڏينـ هن رات تنـ هنجي تات، تَن مَن تار تُون تُون تُون،

هِنيون حيران هِيرن لئي، هنجَن هُونگار هُون هُون هُون.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 416)

صنت جو لاڳاپو لفظن کان وڌيڪ ان جي معنى سان هوندو آهي. مٿئين شعر ۾ ’تار- تون تون تون‘ ۽ ’هونگار- هون هون هون‘ ذوقافيتَين آهن، ليڪن خاص ڳالهه اها آهي ته ’تون تون تون‘ قافيو ’تار‘ جو حصو ناهي، نه  وري ’هون هون هون‘ تڪرار جي صورت ۾ ’هونگار‘ جو حصو آهن. البت، اهو اتفاق آهي ته هڪ ’هون‘، ’هونگار‘ جو حصو آهي، پر صرف اتفاق آهي، لازمي ناهي.

·        مولوي احمد وٽ تجنيس مڪرّر جو دائرو:

’مڪرّر‘ لفظ جي مراد بيشڪ ’دهراءَ‘ واري آهي ۽ ساڳئي دهرايل لفظ کي چئي سگـ هجي ٿو، ليڪن جڏهن تجنيس لفظ جو جوڙ ڳنڍجي ٿو ته ان مان مراد ئي آهي، مختلف جنس جو لفظ! ان لحاظ کان ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻايل تشريح نا مناسب آهي. تجنيس مڪرّر مان مراد ئي اهڙا مختلف لفظ، جن مان اڳئين لفظ جو ڪجهه حصو ڪٽي، ان مان ئي ٻيو لفظ بيـ هاري مڪرّر ’ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ. يعني اهو لازمي آهي ته اهڙا هم قافيا لفظ جن مان پويون، اڳئين جو حصو هجي.

مولوي احمد سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو نرالو شاعر آهي، جنهن وٽ صنايع بدايع نسبت تجنيسن ۽ صنعتن جا اضافي دائرا پڻ ملن ٿا. جيئن ته ’تجنيس مڪرّر‘ جو بنيادي اصول ’اهڙا ٻه هم قافيا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جن مان اڳيون لفظ پوئين لفظ کان پد يا پد ۾ وڌيڪ هجي يا پويون لفظ، اڳئين لفظ جي ڪاٽ سان بيـ هاريل هجي‘ ته ان حوالي سان مولوي صاحب وٽ ڄاڻايل تجنيس جا ٽي انداز نوٽ ڪيا ويا آهن:

1.       لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

ان دائري اندر پـ هرئين لفظ جو آڳو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيـ هاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)

ڄاڻايل شعر ۾ ’نروار- وار‘ ۽ ’هوشيار- يار‘ ذوقافيتين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل مثال ۾ لفظ ’نروار‘ جو اڳيون حصو ’نر‘ ڪٽي، ان مان ’وار‘ لفظ بيهاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي نموني ’هوشيار‘ مان ’هوش‘ ڪٽي ’يار‘ بيـ هاريو ويو آهي. اهڙي ڪاريگري سان ٻه لفظ بيـ هارڻ، جن مان پويون، اکرن جي نسبت، اڳئين جو لازمي جز هجي ته ان کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو ڪوٺيو وڃي.

2.      لفظ جو وچيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

ان دائري هيٺ، پـ هرئين لفظ جو وچ ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيـ هاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،

کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 154)

ڄاڻايل شعر ۾ ’چيٽ- چٽ‘ ۽ ’کيٽ- کٽ‘ ذوقافيتين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل ’مڪرّر‘ جي مثالن ۾ لفظ ’چيٽ‘ جو وچيون حصو ’ي‘ ڪٽي، ان مان ’چٽ‘ لفظ بيـ هاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي نموني ’کيٽ‘ مان وچ ڪٽي ’کٽ‘ بيـ هاريو ويو آهي، ان انداز جي ڪاريگريءَ کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو چئجي.

3.      لفظ جو پويون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

ان دائري هيٺ، پـ هرئين لفظ جو پويون حصو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيـ هاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،

ڀُڻين ڀُڻ ڀُڻ ڪندو جيئن منجهه ڀِٽن ڀَٽ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 155)

ڄاڻايل شعر ۾ ’مٽن- مٽ‘ ۽ ’ڀٽن- ڀٽ‘ ذوقافيتين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن. ڄاڻايل ’مڪرّر‘ جي مثالن ۾ لفظ ’مٽن‘ جو پويون حصو ’ن‘ ڪٽي، ان مان ’مٽ‘ لفظ بيـ هاري، گڏ ڪم آندا ويا آهن. ساڳئي نموني ’ڀٽن‘ مان پويون حصو ڪٽي ’ڀٽ‘ بيـ هاريو ويو آهي، ان انداز جي ڪاريگريءَ کي ’تجنيس مڪرّر‘ ٿو چئجي.

تجنيس مڪرّر جا اهي ٽئي انداز اهڙا آهن، جيڪي ڪنـ هن به شاعر وٽ ڪونه ٿا ملن. اهي قافين جي صورت ۾ ڪم آندا ويا آهن، جنهن سبب انهن کي ’ذوقافيتَين‘ به چئي سگهجي ٿو.

·        تجنيس مڪرّر نسبت، مولوي احمد جا مڪمل غزل:

’تجنيس مڪرر‘ جي حوالي سان مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ هيٺيان ٽي انداز نوٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي مڪمل غزل جي صورت ۾ خيال خاطر پيش ڪجن ٿا:

ٻن قافين مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،

ناههِ ڪنهن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.

ڪر خدا ترسي خدا لڳ، خون ناهي خان، خوب،

ڀال ڪر، ڀالو کڻي، بي ڏوهه مَ ڪنهن بيمار مار.

سال سالم وچ نه پيو، ڪيئن صلح جي وسريَئي صلاح،

مَـــــــس لنگـ هيا آهـــــــــن انـ هـــــــيءَ آچار کـــــــي آچار چار.

دلربا دلبر، تو ڌاران، ٿيم سِر ڌڙ ڌار ڌار،

گـ هائي غمزي سان مَ رک، غم ۾ وري غمخوار، خوار.

هيج ما هي جي هَنجون، تو هار هاريان ٿو هميش،

منهن پيم مـ هراڻ، تنـ هن مـــــــان مـ هر سان مختار، تار.

غــــــرض گـ هڻين ڳــــــــالـ هين ســـــان، ڇا سندم ڪامل قريب،

عرض آهم، ٿـــــــــــي مَ ’احمد‘ کان سدا آڌار ڌار.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 244)

ڄاڻايل غزل ۾ ’تجنيس مڪرر‘ جو هنڌ، قافيو آهي. لفظ ’قافيو‘ ’قفّ‘ مان ورتل آهي جنهن جي معنى ’پٺيان هلڻ‘ آهي.  هن جي هڪ ئي شعر ۾ ڏٺو وڃي ته ٻٽو قافيو ڪم آهي، ليڪن هن تجنيس جي نسبت ان کي ٻٽي قافيي (قافيتَين) وارو غزل به نه چئبو. ٻئي پاسي جيڪڏهن غزل ۾ ساڳيا لفظ اڳتي پوئتي ڪبا ته وري هڪ الڳ تجنيس جو مثال بڻجي ويندو، جنهن کي ’تجنيس زائد‘ ڪوٺيو ويندو آهي.

مٿيون صرف هڪ غزل سامهون رکيو ويو، جنهن جي قافين جا لفظ دهرايل آهن، يعني پهرئين لفظ مان آڳو ڪٽي، ٻيو لفظ بيـ هاريو ويو آهي، جيئن: ’نروار- وار‘، ’هوشيار- يار‘، ’انڪار- ڪار‘، ’بيمار- مار‘، ’آچار- چار‘، ’غمخوار- خوار‘، ’مختار- تار‘ ۽ ’آڌار- ڌار‘.

ٻن قافين مان وچ ڪٽي، ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،

کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.

چال پنـ هنجي رَک چڱي، چَلنديون نه چالاڪيون ٻيون،

نيــــــــــٺ ڪـ هڙن ناٽوَن کـــــي، ٿا ڇــــــــڏائــــــــــــن نيٽ نَٽ.

خوب صورت خَلق ۾ تون، خوب سيرت خُلق رَک،

تون لَکن جو لعل آهين، پوءِ نه لِڏ ۾ ليٽ لَٽ.

اڄ عطر لائين لڱن کي، مُشڪ لوئين ميٽ ماڳ،

پَر مَرڻ کان پوءِ مٿي ۾، مُشڪ مِٽيون ميٽ مَٽ.

ري مُروَت ۽ صفا، مَروو صفا ڊوڙي ته ڇا،

پاڪ پاڪيءَ ري نه ڪنـ هن، پاڪيٽ جا پاڪيٽ ڪَٽ.

اُڀ زمين تو وَٽ امانت، ڇڏ خيانت جا خيال،

پاٽ پَٽ تي سَٽ نه پُٽَ، پاڻـ هين نه پنـ هنجو پيٽ پَٽ.

ڪالهه چيو قالُوا بَلى مون، تا قيامت قول هڪ،

ڦِٽ مَ دل، نه ته ڦُٽ اسان کان، جي اٿئي ٻيو ڦيٽ ڦَٽ.

عيب ’احمد‘ ۾ اجـــــــايـــــــا، پـــــــر اَحـــــــد ۾ آســـــــرو،

بادشاهي بارگاهه، ڀيٽـــــــڻ گـ هريـــــــن ٿـــــــو، ڀيٽ ڀَـــــــٽ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 154)

مٿئين غزل ۾ ’چيٽ مان چٽ‘، ’کيٽ مان کٽ‘، ’نيٽ مان نٽ‘، ’ليٽ مان لٽ‘، ’ميٽ مان مٽ‘، ’پاڪيٽ مان ڪٽ‘، ’پيٽ مان پٽ‘، ’ڦيٽ مان ڦٽ‘ ۽ ’ڀيٽ مان ڀٽ‘ ۾ پهرين قافيي مان ’حرف علت (ي)/ ڊگـ هو سُر (اي)‘ وچئون ڪڍي، ٻيو قافيو بيـ هاريل آهي، ان سبب ان چال کي ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ ڄاڻبو.

ٻن قافين مان پڇاڙي ڪٽي، ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،

ڀُڻين ڀُــــــڻ ڀُــــــــڻ ڪندو جيئن منجـ هه ڀِٽن ڀَٽ.

پَکن مان ڪنهن پَکي پيغام آندو،

ته مارئي، ڪينَ ماڙين تي مٽن مٽ.

ڪياڙي ڪير ڏي ڪاغذ سندن کي،

نظر منجـ هه هـــــــــن نوشتي جــــــــــــي سِٽن سَٽ.

کَرو منجـ هه کيٽ، ڳالـ هيون ڳاهه جــــــون ڪَن،

سُئم سرتين جو سڏ ويهي سِٽن سَٽ.

نه سُمـ هنديَس سيج تــــــــــــي، مَر ســــــج نه اڀري،

اٿم کُٽڪو ته کنئِي ڇا لي کِٽن کَٽ.

مٿي مِصري، وطن ويندم نه وسري،

ڳڻيان ٿي ڳاٽ لئي ڳُڙ جي ڳِٽن ڳَٽ.

عمر جو ڪوٽ آهُن سان اڏايان،

چُـ هاڪن ســــــــان ڪـــــــريــــــــان چاڙيَن چِٽن چَٽ.

پڙهان پيغام پاڙيچيَن، جيئن تون،

چِٺي ڄاڻين چِٽي حرفن چِٽن چَٽ.

عمر جو ڪوٽ ’احمد‘ اڄ نه آباد،

ڪيو ماڙين کي مارئي جي پِٽن پَٽ.

(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون- 155)

مٿين ٻٽن قافين ’مِٽن مَٽ‘، ’ڀِٽن ڀٽ‘، ’سِٽن سَٽ‘، ’کِٽن کَٽ‘، ’ڳِٽن ڳَٽ‘، ’چِٽن چَٽ‘ ۽ ’پِٽن پَٽ‘ مان پـ هرين قافيي جي پڇاڙي ’ن‘ ڪٽي باقي ساڳيو لفظ قافيي طور ڪم آندو ويو آهي. اهڙي قسم جي قافين جي سٽاءَ کي ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ تصور ڪيو ويندو آهي.

هن مضمون جو مقصد صنايع بدايع جي پيراميٽرن تحت ڪنهن به شاعر جي شاعري کي جاچڻ آهي. مون هتي مولوي صاحب جي عميق سمنڊ مان صرف هڪ رخ ’تجنيس مڪرّر‘ جي دائري هيٺ ڏسڻ جي ڪوشش ورتي آهي. مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جو شوق رکندڙ دوستن کي گذارش ڪجي ٿي ته سندس ڪلام مان اهڙن پيراميٽرن تحت کوج ڪئي وڃي ته جيئن علمي توڻي ادبي ميدان ۾ اضافي سرهاڻ پکڙجي.

·     حاصل مطلب/ نتيجو:

صنايع بدايع جي هيٺ تجنيس مڪرّر جي دائري جي اڀياس بعد مولوي احمد جي غزليات جو جائزو ورتو ويو. جائزي دوران جيڪي نڪتا نتيجي جي صورت ۾ سامهون آيا آهن، تن کي هيٺين ريت رکجي ٿو:

·       فني لحاظ کان مولوي احمد ملاح جي شاعري مٿاهين پد جي رهي آهي، ايتري قدر جو سندس هڪ شعر ۾ ئي چند تجنيسون ۽ صنعتون نوٽ ڪري سگهجن ٿيون، جيئن سندس هيٺئين شعر ۾ هڪ ئي وقت ’تجنيس مرڪب، تجنيس تام، تجنيس مڪرّر ۽ صنعت ذوقافيتَين جون حرفتون سمايل آهن:

ڪينَ ٿئي ثاني سڄڻ سان، سج سڄوئي چنڊ سميت،

ناههِ ڪنهن انسان کي، اِن ڪار ۾ انڪار ڪار.

 

·          تجنيس مڪرّر جو جيڪو دائرو ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻايل آهي، سو نامناسب آهي. البت، مرزا قليچ بيگ جو ڄاڻايل دائرو بـ هتر آهي.

·          جيئن ته ’مڪرّر‘ جي معنى ’دهراءَ‘ واري آهي، ان سبب ساڳيو دهرايل لفظ (هزار- هزار) ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ شامل نه ڪبو، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس‘ مان مراد ئي ’لفظن جي مختلف جنس‘ آهي.

·          تجنيس مڪرّر مان مراد اهڙا ٻه هم قافيا لفظ ڪم آڻڻ آهي، جن مان پـ هريون آخريءَ کان اکرن ۾ وڌيڪ هجي، يا ائين کڻي چئجي ته آخري قافيو، اکرن جي نسبت، اڳئين قافيي جو جز هجي ۽ پڇاڙي ساڳي هجي، جيئن:

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

·          ’تجنيس مڪرّر‘ کي ’صنعت ذوقافيتَين‘ جو مثال چئي سگهجي ٿو، ليڪن ’ذوقافيتَين‘ کي ’تجنيس مڪرّر‘ نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس مڪرّر‘ ۾ آخري قافيو، اڳئين جو جز هوندو آهي.

·       مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس مڪرّر‘ جا ٽي نمونا نوٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪنهن به عَروضي شاعر وٽ ڪونه ٿا ملن:

1.                   لفظ جو اڳيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

ان دائري اندر پهرئين لفظ جو آڳو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيـ هاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

2.                  لفظ جو وچيون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

ان دائري هيٺ، پـ هرئين لفظ جو وچ ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيهاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

ڪٿ دو فَصلي دوستَ، دائم، ڪِٿ ڪَتي ۽ چيٽ چَٽ،

کاٽ کاٽائُن نه ڪم، تون کوٽ کائِي کيٽ کَٽ.

3.         لفظ جو پويون حصو ڪٽي ٻيو لفظ بيـ هارڻ:

ان دائري هيٺ، پـ هرئين لفظ جو پويون حصو ڪٽي، ٻيو معنادار لفظ بيـ هاري، ذوقافيتَين جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جيئن:

نه تون ڪو مِير مارئيءَ وٽ مِٽن مَٽ،

ڀُڻين ڀُــــڻ ڀُــڻ ڪندو جيئن منجـ هه ڀِٽن ڀَٽ.

 

·           حوالا/ ذريعا:

·          بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981ع)، جامع سنڌي لغات. جلد: 2. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

·          رستماڻي ضرار، پروفيسر (2017ع)، ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پهريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

·          عباسي ظفر (2007ع)، سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون. حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.

·          مرزا، قليچ بيگ (2016ع)، علم عَروض. ڄام شورو: مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org