سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2019ع

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

 

اڊوڙي ڪئمپ

 

]علامه عنايت الله مشرقيءَ آگسٽ 1931ع کان خاڪسار تحريڪ جي شروعات ڪئي. 1932ع ۾ سنڌ مان ٽنڊي باگي جو مير نورحسين ٽالپر هن تحريڪ ۾ شامل ٿيو. خاڪسار تحريڪ، جيڪا مسلمانن جي زوال پذير معاشري ۾ اصلاح آڻڻ ۽ مسلمانن کي گڏيل قومي مفاد جي روشنيءَ ۾ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ واري تحريڪ تصور ڪئي ويندي هئي. ان لاءِ مير صاحب تن من ۽ ڌن قربان ڪرڻ واري حد تائين تيار ٿي ويو. جنهن جي ابتدا هن، ان عمل سان ڪئي ته خاڪسار تحريڪ کي فروغ ڏيڻ، منظم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي حصي جي خانداني ملڪيت مان نَوَ جو مڪمل پروگرام ايڪڙ زرعي زمين خاڪسار تحريڪ جي ڪمن ڪارين لاءِ وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. عزيزن ۽ رشتيدارن پاران مخالفت جي باوجود 1936ع جي پڇاڙيءَ ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ کي تفصيلي خط لکيائين، جنهن ۾ هن پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو تفصيلي تعارف ڪرائڻ بعد لکيو ته: ”مان جيتوڻيڪ توهان جي تحريڪ ۾ اسلام جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ شامل ٿيو هوس، پر اسلام ڪارڻ مون کي دولت جي جيڪا قرباني ڏيڻي هئي اها مان نه ڏئي سگهيس. ضبط نفس ۽ احتساب اڃان تائين مون ۾ پيدا نه ٿيو آهي. جيتوڻيڪ شيطاني زنجيرون مون کي زور سان جهلي بيٺيون آهن، هاڻي (سموري جائداد ڏيڻ کان پوءِ) منهنجي غربت ئي مون کي رب جي بارگاهه تائين پهچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪندي. اڄ مون وٽ جيڪو ڪجهه آهي، جيتري به ملڪيت ۽ جاگير آهي، پنهنجي ذاتي گهر تائين سڀ ڪجهه مان تحريڪ لاءِ وقف ڪريان ٿو. مهرباني ڪري اهو سڀ قبول ڪندا. اهو سٺو آهي ته مان غريب ٿي ڪري زندگي شروع ڪريان. مير نور حسين صاحب جنهن سنڌ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو هو، کيس انگريزي، فارسي توڙي عربي زبان تي عبور حاصل هو ان ايڏو قدم پئي کنيو. جنهن وقت پاڻ ايڏو وڏو قدم کڻي رهيو هو، ان وقت سندس عمر صرف 25 سال هئي. ان وقت تائين علامه مشرقي جا مشهور ڪتاب ’تذڪره‘، ’قول فيصل‘ ۽ ’اشارات‘ جو پاڻ تفصيلي مطالعو ڪري چڪو هو. انهن ڪتابن جي مواد کان متاثر ٿي پاڻ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. ان ايڏي وڏي قربانيءَ جو هن پهريان ذڪر سنڌ صوبي جي سالار اڪبر ميان نصير محمد خان سان ڪيو، جيڪو پيشي جي لحاظ کان وڪيل هو. تنهن کيس چيو ته: ”توهان کي صرف خوني ٺاهه ڪرڻ گهرجي ۽ جانبازن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.“ ميان نصير محمد واري اها راءِ مير صاحب کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هئي، انڪري پاڻ سڌي طرح علامه عنايت الله مشرقي کي جائداد وقف ڪري ڏيڻ لاءِ تفصيلي خط لکيائين، جنهن ۾ پاڻ کيس اهو به لکيائين ته: ”مان توهان جي خدمت ۾ اهو عرض ٿو ڪريان، ته خالي پيلي وعدن تي منهنجو ايمان نه آهي مان سڀ کان پهريان پنهنجي سڄي ملڪيت توهان جي حوالي ڪريان ٿو، انهيءَ کان پوءِ پنهنجي جان، توهان ٻنهي کي قبول ڪندا.“ مهرباني ڪري مرڪز مان ڪو ماڻهو روانو ڪيو جيڪو مون کان زمين جو قبضو وٺي خدا جي واسطي زمين جو قانوني دستاويز مون کان جلد وٺندا.“

ان سلسلي ۾ مير صاحب زمين ۾ ان وقت بيٺل فصل جيڪو پنجن هزارن کان وڌيڪ اُپت ڏيڻ وارو هو، ان سان پڻ پنهنجي لاتعلقي جو اظهار ڪندي گهُر ڪئي ته: ”مرڪز مان جلدي ماڻهو موڪليو ته جيئن اهو زمين ۽ ملڪيت جو حساب مون کان وٺي. منهنجي زمين هاڻي توهان جي ۽ قوم جي ملڪيت آهي.“

مير صاحب پاران ڪيل ايڏي وڏي فيصلي خاڪسار تحريڪ جي رهبر علامه عنايت الله مشرقيءَ کي پڻ تذبذب جو شڪار ڪري وڌو، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته پاڻ ڪهڙو فيصلو ڪري. ان سلسلي ۾ علامه صاحب پنهنجي رسالي ’الاصلاح‘ ۾ مير صاحب جي همت، حوصلي ۽ قربانيءَ تي شاندار ادارتي نوٽ لکيو جنهن ۾ کيس حضرت ابوبڪر جهڙو جيئرو جاڳندو مثال پيش ڪرڻ جهڙو مثال ظاهر ڪندي، سندس لاءِ وڏا تفريقي جملا بيان ڪيا، پر پوءِ پاڻ ايڏي وڏي قرباني قبول ڪرڻ بابت ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهيو. پاڻ لکي ٿو ته: ”مان هن خط تي لڳاتار ٽن ڏينهن تائين سوچ ويچار ڪندو رهيس. مير نورحسين ٽالپر جو ايثار منهنجي وهم  ۽ گمان کان به وڌيڪ آهي ۽ مان سوچي سوچي ٿڪجي پيس. ٻه ٽي راتيون انهيءَ هيجان ۽ شاديءَ مرگ جي ڪري منهنجا اعصاب جواب ڏئي ويا. ننڊ صرف ٽي ڪلاڪ آئي.“ اهڙي ڪيفيت مان گذرڻ کان پوءِ مشرقي صاحب، مير نورحسين ٽالپر ۽ سنڌ جي سالار اڪبر محمد نصير خسان نظاماڻي کي ڌار ڌار ٽيليگرام ڪيا. مير نورحسين کي سندس اهڙي عمل تي دلي واڌايون ڏيندي لکيائين ته: ”جائيداد جي منتقليءَ جو انتظام ڪري رهيو آهيان، پر هڪ دفعو ٻيهر انهيءَ تي سوچ ويچار ڪيو.“ جڏهن ته سالار اڪبر کي لکيائين ته: ”مير نورحسين پنهنجي سموري ملڪيت هن اداري جي بيت المال کي ڏيڻ لاءِ ايلاز ڪري رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تار جي ذريعي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا.“ (پرين جي پچار، حصو ٽيون، ص 65)

نائين نومبر 1936ع تي مشرقي صاحب کي ٻنهي تارن جو جواب پهتو. مير نورحسين خان کيس لکيو: ”مون هيءُ سڀ ڪجهه ڪري ڏاڍو سستو سودو ڪيو آهي، لاهور ڪيمپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اچي رهيو آهيان.“

جڏهن ته نصير محمد نظاماڻي کيس لکيو ته: ”جاگير جي اڌ آمدني قبول ڪئي وڃي.“

مشرقي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: ”انهيءَ مسئلي تي مون لاهور جي وڏن وڏن وڪيلن سان صلاح ڪئي آهي. قرباني ايڏي وڏي آهي جو عقل انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته اڄ جي دور ۾ ائين به ٿي سگهي ٿو. منهنجو ايمان ايڏو طاقتور هجي ها جيڏو مير نورحسين جو آهي ته مان انهيءَ آڇ کي جهٽ قبول ڪريان ها. لڌيانه جي پبلڪ ميٽنگ ۾ اهو مسئلو پيش ڪيو ويو. صلاح اتي بيٺي ته مير صاحب جو ذاتي سامان ڪڍي جائيداد قبول ڪئي وڃي ۽ انهيءَ کي وقف ڪيو وڃي. ڏسون مان ڪهڙي حوصلي جو مالڪ بڻجان ٿو ۽ ڇا ٿئي ٿو.“ (ماهوار خاڪسار سپاهي، ڊسمبر 1936ع)

مير صاحب طرفان جماعت جي بهتريءَ لاءِ ڏنل اها پيشڪش ته عملي روپ وٺي ڪانه سگهي (اهو تفصيل هن مضمون جي موضوع سان لاڳاپيل ناهي) البت سندس پاران ڏنل ايڏي قرباني جي قدر طور کيس خاڪسار تحريڪ جي پاڪباز فورس جو سالار مقرر ڪيو ويو. اها فورس ”انهن ماڻهن تي مشتمل هئي جيڪي پنهنجي جان سان گڏ جائيداد ۽ مال ملڪيت جي قرباني ۽ ايثار جو مظاهرو ڪندا هئا.“ (پرين جي پچار، ص 66)

مير صاحب پاران ڏنل ايڏي وڏي قرباني، جنهن بابت علامه مشرقي سوڌو اعليٰ قيادت مهينن تائين غور ويچار ۽ صلاح مصلحت ۾ مصروف رهيا، ان عمل مير صاحب جو خاڪسار تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ وڏو مرتبو پيدا ڪري ڇڏيو. سندس شهرت ۽ مقبوليت جو اندازو هن هڪڙي مثال منجهان لڳائي سگهجي ٿو. دهليءَ مارچ 1937ع تي سڄي هندستان جي جانبازن جي ڪيمپ لڳي، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مير صاحب جهاز رستي ويو هو، پاڻ جڏهن 10 مارچ 1937ع تي دهلي ايئرپورٽ تي پهتو ته هزارين خاڪسار سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ ۽ هن کي سلامي ڏيڻ لاءِ آيل هئا. انهيءَ ڪيمپ جو سالاراعظم يعنيٰ وڏو نگران مير صاحب کي ئي بڻايو ويو.“ (پرين جي پچار، ص 66)

ان ڪانفرنس تان موٽڻ کان پوءِ مير صاحب خاڪسار تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجي زمين (جاگير) اڊوڙي تي جماعت جي هڪ شاندار ڪئمپ لڳرائي، جنهن ۾ علامه مشرقي سوڌو هزارين ڪارڪن شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس جي منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ مير صاحب چاليهن کان پنجاهه هزار رپين تائين خرچ ڪيو هو. اڊوڙي ۾ لڳل اها ڪئمپ سنڌ جي سياسي تحريڪ جو هڪ اهم باب آهي. سياسي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ، ان ڪئمپ جو تفصيلي پروگرام پيش ڪجي ٿو ته جيئن اهو نئين نسل جي مطالعي لاءِ محفوظ ٿي سگهي. هيءُ پروگرام تحريڪ جي رسالي خاڪسار سپاهي ڊسمبر 1938ع ۾ سپليمينٽ طور پڌرو ڪيو هو. - آزاد قاضي[

(ڪئمپ جون تاريخون 31 ڊسمبر 1938ع ۽ 1-2 جنوري 1939ع

(زيرِ قيادت مير نورحسين خان ٽالپر، جانباز نمبر 157، پاڪباز نمبر 2، سالار اول

عهيدارن جي مڪمل فهرست

نصير محمد خان نظاماڻي بي.اي، ايل.ايل.بي سالار اَپر سنڌ

 

نائب سالار اول

1-

پير الاهي بخش روينيو منسٽر سنڌ

نائب سالار اول

2-

الهداد خان شجره شڪارپور

نائب سالار اول

3-

پير مخدوم منظور احمد شاهه سجاده نشين، قادر پور ان ملتان

نائب سالار اول

4-

سيد الهه بخش شاهه ايم.اي، ايل.ايل.بي، عليڳڙهه

نائب سالار اول

5-

عبدالعزيز جانباز نمبر 136، ڪوئيٽا

نائب سالار اول

مير الله بخش خان ٽالپر ايڊيٽر رساله خاڪسار سپاهي، سالار منزل

1-

ڊاڪٽر قاضي محمد اڪبر ميونسپل ميمبر حيدرآباد

سالار منزل

2-

مير جان محمد خان پاڪباز نمبر1

نائب سالار منزل

3-

محمد يوسف خيراتي، ڪراچي

نائب سالار منزل

4-

مولوي احمد شير، ماتلي

نائب سالار منزل

5-

مولوي شفيع محمد خان نظاماڻي

نائب سالار منزل

6-

نواب ايوب خان رئيس اعظم مردان سرحد

نائب سالار منزل

نظام الدين خان نظاماڻي حيدرآباد سنڌ، سالار امين

1-

سيد عبدالرزاق ايڊيٽر آواز، ڪراچي

نائب سالار امين

2-

مولوي فضل احمد فضل ديوبند، حيدرآباد

نائب سالار امين

3-

علي اڪبر، ڪراچي

نائب سالار امين

مقبول الحق ايس فضل اينڊڪو، ڪراچي، سالار قائد

1)

حڪيم محمد معاذ سابق، سيڪريٽري ڪانگريس ڪاميٽي، نوابشاهه

نائب سالار قائد

2)

الهداد جانباز نمبر 45 ٽيليگراف انسپيڪٽر، ميرپورماٿيلو

نائب سالار قائد

3)

سعيد محمد خان سالار اداره ڪراچي

نائب سالار قائد

4)

حاجي عبدالله خان پروپرائيٽر واچ ڪمپني، پشين

نائب سالار قائد

5)

ملڪ محمد افضل خان، راولپنڊي

نائب سالار قائد

6)

چوڌري ذڪاء الله ايم.اي،ايل.ايل.بي وڪيل، چڪوال

نائب سالار قائد

سيد بچل شاهه جانباز نمبر 120، ٽنڊو محمد خان، سالار محتسب

1-

عبدالرحيم ميمڻ. بي.اي، ڪراچي

نائب سالار محتسب

2-

رازق ڏنو سالار، لاڙڪاڻه

نائب سالار محتسب

3-

مستري فيض محمد، جيڪب آباد

نائب سالار محتسب

4-

نواب محمد دائود خان، تاجپور

نائب سالار محتسب

5-

صوبيدار غلام حسين، چڪوال

نائب سالار محتسب

6-

ارباب بشير اڪبر خان، ٽهڪال

نائب سالار محتسب

ڪپتان محمد حسين سابق ڪپتان پٽيالا انفنٽري پٽياله، سالار جنگ

1-

ليفٽيننٽ جي احمد، دهلي

نائب سالار جنگ

2-

ماستر بشير احمد، ڪراچي

نائب سالار جنگ

3-

گلشير خان سالار اعليٰ، چڪوال

نائب سالار جنگ

4-

شير بهادر خان بدرش بي.اي، ايل.ايل.بي وڪيل، نوشهره سرحد

نائب سالار جنگ

5-

سيد غلام موسيٰ حسين شاهه، مدينه گجرات

نائب سالار جنگ

6-

محمد اشرف سالار شهر راولپنڊي

نائب سالار جنگ

7-

امير حبيب الله خان تلون ضلع جالندر

نائب سالار جنگ

ڊاڪٽر عبدالرحيم ايم.بي.بي.ايس، ڪراچي، سالار هلال احمر

1.

علامه عنايت الله خان المشرقي اداره عليه، لاهور

نائب سالار هلال احمر

2.

ڊاڪٽر نذر محمد ايم.بي.ايل، ضلع جهلم

نائب سالار هلال احمر

3.

بشير احمد صديقي سالار خاص، پنجاب

نائب سالار هلال احمر

4.

چوڌري نور خان، ضلع جهلم

نائب سالار هلال احمر

5.

راجه سرفراز خان، ايم.ايل.اي، چڪوال

 

نائب سالار هلال احمر

ميان احمد شاه بئريسٽر چارسده سرحد، سالار تبليغ

1-

الشيخ الفاضل ملا مروت مشهور خطيب، سرحد

نائب سالار تبليغ

2-

الشيخ الفاضل شاڪرالله صدر جمعيت العلماء، سرحد

نائب سالار تبليغ

3-

پروفيسر تجمل مرزا جلال پور جٽان گجرات

نائب سالار تبليغ

پير رشيدالدوله، گجرات سالار اشاعت و معلومات

1.

شاهه دين اسلم، لاهور

نائب سالار اشاعت و معلومات

2.

ملڪ محمد اڪرم، راولپنڊي

نائب سالار اشاعت و معلومات

3.

حاجي غلام رسول مرچنٽ امرتسر

نائب سالار اشاعت و معومات

4.

پير صدرالدين شاهه جهنڊي وارو سرهاري

نائب سالار اشاعت و معومات

5.

ملڪ عبدالعزيز سالار، ڪوئٽا

نائب سالار اشاعت و معومات

سالارانِ محفوظ

       ڪئمپ جي هيڏي وڏي عملي جي اڊوڙي ڪئمپ ۾ حاضريءَ کان پوءِ هيءُ امڪان باقي آهي ته ڪئمپ جا ڪي آفيسر بيماري يا ڪنهن ٻي ضروري سبب کان پنهنجي ڊيوٽي ڏئي نه سگهن، تنهنڪري سالارن کي جيڪڏهن ڪئمپ ۾ حاضر هجن ته سالار محفوظ سمجهيو ويندو، ته غير حاضر سالارن جي جاءِ ڀري سگهن.

1.

ملڪ احمد شيخ بي.اي، سالار لاهور

 

2.

ميان محمد شريف سالار اڪبر، گجرات

 

3.

مهر محمد صادق بي.ايم، ايل.ايل.بي وڪيل، لائلپور

 

4.

مولوي محمد شريف بي.اي.ايل.ايل.بي، سالار فيروزپور

 

5.

مير حضرت شاهه ايم.اي، ايل.ايل.بي، ڪئمپل

 

6.

خواجه غلام محمد بي.اي. ايل.بي.بي، سالار لڌهيانه

 

7.

ڊاڪٽر غلام محمد ايم.بي.بي.ايس، امرتسر

 

8.

عبدالرحمين بي.اي سابق سالار امرتسر

 

9.

پروفيسر ظهورالدين، راولپنڊي

 

10.

ملڪ محمدالدين بئريسٽر، هوشيارپور

 

11.

شير زمان خان سالار راولپنڊي

 

 

 

 

 

 

 

اڊوڙي ڪئمپ جو روزانه پروگرام ۽ اداره عليه جا حڪم

1- اڊوڙي ڪئمپ جي ڪنهن آفيسر کي ڪئمپ مان غيرحاضر رهڻ جي اجازت ملي نه سگهندي. جيڪڏهن ڪو آفيسر انهي وقت موت جي بستري تي پيو هجي ۽ اهڙي ثابتي ملي ته اها ڳالهه جدا آهي. ڪئمپ جي آفيسر لاءِ، غير حاضري جي سزا انتهائي خواري آهي، جنهن ۾ دُرن جي سزا ٿي سگهي ٿي.

2- 25 نومبر 1938ع جي اخبار ’الاصلاح‘ ۽ ماه نومبر 1938ع جي رسالي ’خاڪسار سپاهي‘ ۾ شايع ٿيل تعداد موجب سڀ ڪنهن سالار کي پنهنجو تعداد پورو ڪرڻو ٿيندو. ٻي صورت ۾ سخت ۾ سخت سزائون ڏيڻ ۾ اينديون، تعداد پوري ڪرڻ لاءِ ناقص وردي واري يا بنا وردي سپاهي کي اڌ سپاهي سمجهي تعداد پورو ڪري سگهجي ٿو.

3- سپاهين جي مقرر ڪيل تعداد جي ذميداري سالار کان سواءِ انهي جي سپاهين کي پڻ آهن. سالار انهي سپاهي ڪئمپ ۾ سزا ڏياري سگهي ٿو، جنهن تعداد پوري ڪرڻ ۾ هن کي پوري طرح مدد ته ڏني هوندي، انهي حساب سان عمدي سپاهي کي انعام به ملي سگهي ٿو.

4- سنڌ کان ٻاهران آيل سپاهين جا نالا اداره عليه جي خاص رجسٽر ۾ داخل ٿيندا، اهو رجسٽر سالار امين وٽ هوندو، بشرطيڪ اهو سپاهي ٻڌائي پنهنجو نالو اهڙي طرح لکائي.

5- ڪئمپ جو پروگرام: 29 ڊسمبر 1938ع ڏينهن خميس صبح جو 7:00 بجي کان رات جو 11:00 بجي تائين جماعت جي داخلا.

سڀ ڪو دستو يا سڀڪا جماعت باب الاسلام جي ٻاهران اچي بيهندي ۽ بگل وڄائيندي، پوءِ نائب سالاران قائد وردين جي تپاس ڪندا، وردين جا نقص ڪئمپ کان ٻاهر درست ڪرڻ بعد جماعت جو سالار هرهڪ سپاهي جي داخلا 5 آنا في سپاهي جي حساب سان نائب سالار قائد کي ڏيندو، نائب سالار قائد انهي دستي کي وٺي وڃي سالار قائد جي تنبو جي اڳيان ”پاش“ ڪرائيندو. (اهو تنبو باب الاسلام کان ٻاهر هوندو.) سالار قائد پنهنجي سلامي وٺڻ بعد نائب سالار قائد کي انهي دستي جو اجازت نامه ڏيندو، پوءِ نائب سالار قائد سالار امين وٽ ويندو (جنهن جو تنبو پڻ باب الاسلام جي ٻاهران هوندو) انهي دستي جي داخلا في ڏئي رجسٽر ۾ داخلا ڪرائي ۽ اجازت نامه پيش ڪري باب الاسلام مان لنگهي سالار منزل جي خيمي وٽ وڃي، سالار منزل کي سلامي ڏياريندو، جتان سالار منزل تنبن جا نمبر ڏيندو“ جن ۾ انهي دستي کي رهڻو هوندو ۽ ڪئمپ جي پنجن ڏينهن جو پروگرام به دستي جي سالار کي ڏيندو. خيمي ۾ پهچڻ تي 15 منٽن اندر سڀ سپاهي پنهنجو سامان ترتيب سان رکي چست ٿي وڃن ۽ سالار منزل جي شايع ٿيل پروگرام تي عمل ڪن. تنبو ۾ داخل ٿيڻ کان پوري اڌ ڪلاڪ بعد اهو دستو چست ۽ درست ٿي سالار اول جي اڳيان مقرر رستي کان اچي لنگهندو ۽ علم ۽ سالار اول کي نهايت چست غائبانه يا حاضر خاموشي سان سلامي ڏيندو ۽ موٽي پنهنجي خيمي ۾ ايندو.

29- ڊسمبر جو سالار منزل جو شايع ڪيل پروگرام هيٺيون هوندو.

ستين بجي صبح کان يارهين بجي رات تائين جماعت جي داخلا، هن ڏينهن تي سڀ ڪنهن سالار کي اجازت آهي ته ڪئمپ جي اندر داخل ٿيل جماعتن سان پنهنجي جماعت جي ملاقات پنهنجي ڪمان ۾ ڪرائي ليڪن ڪابه بدنظمي پيدا نه ٿئي. ٻارهين بجي ماني کائڻ جي گهنٽي، ماني کان پوءِ وضوع ڏيڍ بجي نمازِ ظهر باجماعت (امام سالار اول) 5 بجي نمازِ عصر با جماعت (امام مخدوم منظور احمد شاهه) ساڍي ڇهين بجي نماز مغرب باجماعت (امام حڪيم محمد معاذ). ساڍي اٺين بجي نماز عشا باجماعت (امام بشير احمد صديقي).

30- ڊسمبر ڏينهن جمع: ڇهين بجي صبح بيداري جو بِگل ۽ حاجت ضروري ستين بجي نماز فجر (زير امامت مولوي فضل احمد) ان کان پوءِ قرآن خواني ۽ دعا اٺين بجي کائڻ پيئڻ ۽ تياري ساڍي نوين بجي جنرل پريڊ جو بِگل، سڀ جماعتون باوردي پنهنجي پنهنجي خيمي جي اڳيان سالار جي ماتحت بيهي وڃن. ڏهين بجي اداره عليه جي تنبو جي اڳيان ”مارچ پاسٽ“ زيرِ ڪمان سالار اول، سڀني جي اڳيان ڪئمپ جي آفيسرن جو دستو مارچ ڪندو ۽ سلامين جي حالت ۾ لنگهي سڀئي انهي تنبو جي کاٻي پاسي ”چار قطار“ جي حالت ۾ قد جي لحاظ سان بيهندا ويندا، سالار قائد هن رسم کان پوءِ پنهنجي نائب سالارن کان قائد جي مدد سان سڀني دستن ۽ ڪئمپن جي آفيسرن جا نالا ۽ رهڻ جو هنڌ ۽ علائقه وار تعداد ۽ نالو سالار جو وغيره جي مڪمل فهرست ۽ سنڌ جي ۽ سنڌ کان ٻاهرين سپاهين جي جدا جدا ياداشت قائد تحريڪ کي پيش ڪندو. ان کان پوءِ اداره عليه کي حڪماً زير قيادت سالار اول 15 ضرب گولن جي سلامي ڏني ويندي.

سوائين ٻارهين بجي اداره عليه جي حڪم سان سالار اول کي 31 سر گولن سان سلامي، هڪ بجي ماني کائڻ ۽ نماز جمع جي تياري، ڏيڍ بجي نماز جمع باجماعت (امام ملا مروت) اڍائي بجي کان پنج بجي تائين ڪئمپ کان ٻاهر جدا جدا ميدانن ۾ (1) بندوق جي نشاني بازي (زير قيادت ملڪ محمد اڪرم خان) (2) گهوڙن ڀڄائڻ جي شرط (زير قيادت ڪپتان محمد حسين) (3) گٽڪي بازي (زير قيادت غلام موسيٰ حسين شاهه) (4) تلوار زني (زير قيادت ايوب خان) (5) ڪشتي (زير قيادت گلشير خان)
(6) پهلواني ۽ ورزش جا ڪم (زير قيادت محمد اشر) (7) رسو ڇڪڻ (زير قيادت پير الاهي بخش)
(8) بائيسڪل جو مقابلو (زير قيادت سيد الهه بخش شاهه) (9) موٽر سائيڪل ريس (زير قيادت نواب محمد داؤد) (10) ڊوڙ (ريس) (زير قيادت ملڪ احمد افضل) (11) تير زني (زير قيادت عبدالڪريم ميمڻ) (12) باڪسنگه (زير قيادت شير اڪبر خان) (13) ڪوڏي ڪوڏي (زير قيادت چوڌري ذڪاءالله) (14) ترڻ (زير قيادت شير بهادر خان بدرستي) (15) جنگي ڪرتب (زير قيادت صوبيدار غلام حسين) (16) سنڌي ملهه (زير قيادت الهداد خان شجراه) جا مظاهرا ٿيندا. سڀني ميدانن جي تياري ۽ سامان موجود ڪرڻ سالار اول جو فرض آهي ليڪن جيڪي سپاهي هنن مظاهرن ۾ داخل ٿيڻ گهرن ٿا، اهي پنهنجو سامان مثلاً: بندوق، تلوار، گهوڙا، موٽر سائيڪل، باڪسنگه گلوز، گٽڪا، تيرڪمان وغيره وغيره پاڻ سان آڻين. سالار اول 16 نقد انعام مهيا ڪندو، نماز عصر کان پوءِ 5:30 بجي هي انعام اداره عليه پنهنجي هٿن سان تقسيم ڪندو ۽ انعامن سان گڏ سَنَدون به ڏيندو، سَنَدون سالار اول تيار ڪندو.

مقرر ٿيل آفيسرن کي گهرجي ته پنهنجن پنهنجن مظاهرن جو مڪمل انتظام ۽ داخل ٿيڻ وارن سپاهين جون فهرستون، کيلن بابت هدايتون 29- ڊسمبر 1938ع کان وٺي تيار ڪرڻ شروع ڪن جيئن پوري اڍائي بجي سڀ انتظام مڪمل ٿي وڃي. کيلن ۽ مظاهرن جي مڪمل انتظام ۾  الهداد خان شجره ۽ پير محمد منظور احمد شاهه سالار اول کي هرممڪن مدد ڏيندا.

پنجين بجي نماز وچين امام جماعت (امام شيخ الفاضل شڪرالله ساڍي پنجين کان سواءِ ڇهين بجي تائين تقسيم انعامات ساڍي ڇهين بجي نماز مغرب باجماعت (امام تجمل مرزا) (هر شخص باوضوع رهي) ستين بجي ماني کائڻ تفريح ۽ سپاهين جي پاڻ ۾ ملاقات ساڍي اٺين بجي نماز عشاء (امام حاجي عبدالله خان) ساڍي اٺين بجي عام مجلس اداره عليه جي قيادت ۾ قائدِ تحريڪ جي تنبو ۾ ساڍي ڏهين بجي تائين، هن مجلس ۾ ڪجهه ڪجهه آزادي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ، تقريرون ۽ تجويزون ٿينديون. يارهين بجي رات جو سمهڻ جو بگل ۽ سڄي رات پهرو.

31- ڊسمبر 1938ع ڏينهن ڇنڇر:

ڇهين بجي صبح بيداري جو بگل ۽ حاجت ضروري ان بعد 30 تاريخ وارو ساڳيو پروگرام ساڍي نائين بجي صبح جنرل مارچ جي تياري جو بگل سڀ جماعتون باوردي پنهنجي تنبن جي اڳيان باوردي بيهي وڃن ڏهين بجي سالار اول محمد اڪرم خان، محمد افضل خان، شاهه دين اسلم، گلشير خان، مستري عبدالعزيز، اميرحبيب الله خان، سيد الهه بخش شاهه ۽ محمد اشرف جي مدد سان انهن جماعتن مان جيڪي تنبن جي اڳيان بيٺيون هونديون. ٻه ٻه سؤ سپاهين جا نهايت چست عمده وردين جا قداور دستا تيار ڪندو، جن مان ويهن ويهن سپاهين تي هڪ سالار قطار کان ٻاهر مقرر ٿيندا، دستا اٺن قطارن ۾ هوندا. هي دستا هڪ ٻئي کان ويهن ويهن گزن جي مفاصلي تي هوندا. ٺيڪ ساڍي ڏيڍ بجي بينڊ سان سڀني دستن جي مارچ لاءِ تياري ٿيندي. سڀني کان پڇاڙي ۾ انهن سپاهين جا دستا هوندا جيڪي اڳي دستن ۾ شامل ٿي نه سگهيا هوندا يا جن جي وردي ناقص هوندي يا ڊرل پوري نه ڄاڻندا هوندا.

ساڍي ڏهين بجي کان ساڍي ٻارهين بجي جنرل مارچ انهن هنڌن تي جيڪي سالار اول مقرر ڪندو. هن مارچ ۾ موسيٰ حسين شاهه، عنايت الله خان المشرقي، ميان احمد شاهه، شير اڪبر خان، پير الاهي بخش، پير مخدوم منظور احمد شاهه، بشير احمد صديقي، نصير محمد خان بطور سالار ضبط جي درا هٿن ۾ کڻي گڏيا مارچ ڪندا ۽ انهي سپاهي کي بي ڌڙڪ سزا ڏيندا، جنهن جو قدم نٿو ملي يا چست مارچ نٿو ڪري، درا سالار اول موجود ڪندو، ساڍي ٻارهين بجي جنرل مارچ کان برخاست بذريعه بگل ڏيڍ بجي نماز ظهر جماعت (امام سالار اول) ۽ ڏيڍ بجي تائين آرام، ماني کائڻ ۽ باوضوع ويهڻ ٻين بجي ڪئمپ جي اندر تقريرون، تبادله خيالات، مشورات زيرِقيادت ادارهِ عليه.

پنجي بجي نماز عصر باجماعت (امام ميان احمد شاهه) نماز کان پوءِ ساڍي ڇهين بجي تائين ڪئمپ جي اندر سپاهين جو پاڻ ۾ تبادله خيالات سڀ سپاهي زمين تي گول دائرن ۾ ويهي خوش مزاجي ڪن، سڄي ڪئمپ ۾ نظام ۽ سليقو ڏسڻ ۾ اچي سالاران محتسب جابجا بيٺا هجن. جيئن نظام برقرار رهي ساڍي ڇهين بجي نماز مغرب باجماعت (امام ملا مروت) ستين بجي بگل ماني کائڻ تفريح ۽ نماز عشاء جي تياري ۽ باوضوع ٿي وڃڻ، ساڍي اٺين بجي نماز عشاء (امام مولوي فضل احمد) پوڻين نوي بجي بگل عام مجلس اداره عليه جي قيادت ۾ قائد تحريڪ جي خيمي ۾ پوڻين يارهين بجي تائين سالار محاسب شير بهادر خان بدرشي هيٺئين موجب جدا جدا فهرستون اداري جي حضور ۾ پيش ڪندو.

1- سنڌ جي سپاهين جو ڪل تعداد، جي ڪئمپ ۾ شريڪ ٿيا.

2- سنڌ جي ٻاهران آيل سپاهين جو ڪل تعداد، جي ڪئمپ ۾ شريڪ ٿيا.

3- سنڌ جي سپاهين جو تعداد علاقه وار هن فهرست ۾ جريده الاصلاح 25- نومبر 1938ع جي صفحه 10 واري مقرر ڪيل فهرست کي رکي مقابلو ڪيو ويندو. ڪيتري تعداد آڻڻ جو حڪم هو ۽ ڪئمپ ۾ داخل ٿيا ته انهن کي هن طرح 70 ڀاڱي 70 ڏيکاريو وڃي ماتحت هالار سيد عبدالرزاق جو ڪم 12 ڀاڱي 20 ڪري ڏيکارجي ۽ سيد شاهه نواز جو ڪم 13 ڀاڱي 10 ڏيکاريو وڃي.

4- تعداد علائقن جي لحاظ سان هڪ فهرست، جنهن مان معلوم ٿئي ته ڪهڙي سالار سڀني کان گهڻو تعداد سپاهين جو آندو، انهي کان پوءِ علائقي جي آفيسرن جا نالا انهن جي تعداد جي لحاظ سان نمبر وار درج هوندا (مثلاً مير نورحسين خان ٽنڊو باگو، 520- پير منظور احمد شاهه ڊگهڙي، 520- وليداد خان ڊاڪٽر سلطان احمد سيٺ علي ڏنو بدين، 350 وغيره وغيره.

5- سالار محاسب شير بهادر خان بدرشي هڪ فهرست پيش ڪندو، جنهن ۾ سالار اول جي سفارش سان شاباس جي مستحق سالارن جا نالا پيش ڪري. قائد تحريڪ انهن فهرست جي پڙهڻ کان پوءِ اعلان ڪندو ته ڪهڙا ڪهڙا سالار اداره عليه جي خوشنودي جا مستحق آهن.

هن موقع تي اداره عليه جي طرفان خطاب هلي سگهن ٿا.

6- ڪئمپ جي غير حاضر آفيسرن جي فهرست (اداره عليه انهن جي سزا مقرر ڪندو) هي سڀ فهرستون سالار محاسب شير بهادر خان، بدرشي سالار امين ۽ سالار قائد جي آفيسن جي مدد سان تيار ڪندو ۽ مڪمل فهرست مقرر وقت تي علحده علحده صاف لکيل پيش ڪندو.

پوڻين ڏهين بجي بگل کان پوءِ اداره عليه جي عام مجلس ٿيندي جنهن ۾ سنڌ جا سالار تحريڪ کي وڌائڻ جون تجويزون ۽ شڪايتون پيش ڪندا، سڀ ڪنهن سالار کي فقط ٽي منٽ ڳالهائڻ جو حق هوندو، سالار محتسب سڀ ڪنهن کي ٽن منٽن کان پوءِ ميز تي زور سان ڌڪ هڻي اشارو ڪندو ته وقت ختم ٿي ويو آهي. پوڻي يارهين بجي هي مجلس ختم ٿي ويندي.

سالار امين نظام الدين خان نظاماڻي هن اجلاس جي سموري ڪاروائي کي قلمبند ڪندو ويندو، قائد تحريڪ جي تنبو ۾ عام خاموشي هوندي، سالار محتسب پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي تي هوندا. ڪابه بي قاعدگي نه ٿئي. سالار منزل ڏهن سالارن جو دستو قائدِ تحريڪ جي جاءِ نشست جي پٺيان بيهاريندو. قائدِ تحريڪ هڪڙي طرف سالار اول، ٻي طرف سالار اڪبر صوبو سنڌ ويٺا هوندا، باقي سڀ ڪئمپ جا آفيسر ٻنهي پاسي هڪ جيتري انداز ۾ هوندا. سامهون سڀ خاڪسار قطارن ۾ ويٺا هوندا. سالار منزل هن سموري اجلاس جو انتظام قائد تحريڪ جي خيمي ۾ ڪندو، يا جيڪڏهن تنبو ڪافي نه هجي ته مناسب جاءِ پسند ڪندو ۽ ساڍي يارهين بجي سمهڻ جو بگل ۽ سڄي رات پهرو.

1- جنوري 1939ع ڏينهن آچر:

ڇهين بجي صبح بيداري جو بگل ۽ فراغت ستين بجي نماز فجر باجماعت (امام شيخ فاضل شاڪرالله) هن کان پوءِ ساڳيو پروگرام جيڪو 30- ڊسمبر 1938ع تي هو، نائين بجي تياري جو بگل سڀ جماعتون باوردي پنهنجي پنهنجي تنبن جي اڳيان بيهي وڃڻ ۽ 31- ڊسمبر جي مظاهري وانگر ساڍي نائين بجي تائين، 31- ڊسمبر تي مقرر ڪري سالار اول جي قيادت ۾ ڪئمپ جي اندر جهنڊي جي سامهون نهايت عمدي ترتيب سان بيهي وڃن. جيئن عَلَم جي سلامي ٿي سگهي، قطارن کان ٻاهر فقط قائد تحريڪ ۽ سالار اول پهرين قطار ۾، ۽ انهن جي پٺيان نائب سالاران اول هڪ قطار ۾ انهن ٻنهي قطارن جي پٺيان سڀ دستا ٻارهن ٻارهن جي قطار ۾ هوندا، ۽ سڀني جو رخ جهنڊي ڏانهن هوندو، انهي کان پوءِ نظام الدين خان نظاماڻي سالار امين عَلَم کي سلامي جو حڪم ڏيندو ۽ 51 ضرب گولن سان عَلَم کي سلامي ڏني ويندي (وقت ٺيڪ ڏهه بجا). هن کان پوءِ قائد تحريڪ قطار کان ٻاهر نڪري اتاترڪ غازي مصطفيٰ ڪمال جي تعزيت جي اظهار ۾ ڏهن منٽن تائين عَلَم کي سرنگون ڪرڻ جو حڪم ڏيندو، ۽ نظام الدين نظاماڻي سالار امين عَلَم کي سرنِگون ڪندو، ان وقت سڀ ڪنڌ جهڪيل هوندا ۽ رنج ۽ افسوس جي حالت طاري هوندي، ٻن منٽن کان پوءِ سالار اول حذرنه جو حڪم ڏيندو، ۽ شيخ الفاضل ملا مروت جي امامت ۾ نماز جنازه ساڳي ترتيب سان ادا ٿيندي، ڏهن منٽن کان پوءِ پنجن منٽن تائين اتاترڪ غازي جي حق ۾ مغفرت جي دعا ٿيندي.

سوا ڏهين بجي بگل، انهي ترتيب کي، برقرار رکي هيٺيون سلاميون، اداره عليه جي حڪم سان ٿينديون:

(1) عصمت پاشا انونو                        2 منٽ

(2) محمد بن قاسم فاتح سنڌ               2 منٽ

(3) لال قلعه دهلي                            2 منٽ

(4) شاهان اسلام                              2 منٽ

(5) ليڊران اسلام                              2 منٽ

(6) ليڊران هندو                               2 منٽ

(7) وائسراءِ بهادر ۽ گورنران هند              2 منٽ

هر سلاميءَ کان پوءِ مناسب تمهيدي تقرير قائد تحريڪ جي طرفان ٿيندي، سڀ سلاميون يارهين بجي تائين ختم ٿي وڃن. يارهين بجي بگل ۽ رخصت ڏيڍ بجي تائين جنهن ۾ ماني وغيره شامل آهي. سڀ سپاهي باوضوع ٿي وڃن. ڏيڍ بجي نمازِ ظهر (امام تجمل مرزا) ٻين بجي مصنوعي جنگ ڇهين شام تائين سموري مصنوعي جنگه جي قيادت ڪپتان محمد حسين جي هٿ ۾ هوندي. ٽين بجي تائين پهريون بم گولو ڇٽي ويندو. جنگه ڪم از ڪم ٻن ميلن جي اندر هجي. 31- ڊسمبر 1938ع تي نماز ظهر بعد سڀني سالاران جنگ جي مجلس مشاورت ٻين بجي کان ڇهين بجي تائين هجي، جنهن ۾ جنگ جون سڀ ضروري ڳالهيون فيصل ٿي وڃن. جنگ ۾ ذري جيتري به بي قاعدي ٿيڻ نه گهرجي، سموري جنگ، جنگي اصولن تي هجي.

سالار جنگ کي اجازت آهي ته 29- ڊسمبر 1938ع کان ئي جنگ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جيڪي تجويزون مناسب سمجهي سي سالار اول جي اجازت سان عمل ۾ آڻي جن سپاهين کي تربيت ڏيڻ گهري ٿو، تن کي حڪماً گهرائي تربيت ڏئي سالار جنگ ۽ سندس نائب ڪئمپ جي وقت ۾ جنگي تدبيرن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مارچ ڪرڻ يا اجلاس ۾ شامل ٿيڻ کان معاف آهن. بشرطيڪ هُو انهي وقت جنگه جي تجويزن ۾ مشغول هجن، 1- جنوري 1939ع تي ڏيڍ بجي کان ساڍي ڇهين بجي تائين صرف سالار جنگ ۽ سندس نائبن جي حڪومت آهي. ڪئمپ ۽ خزاني جي پهريدارن کان سواءِ ٻيا سڀ ڪئمپ جا آفيسر بنا شرطن جي حڪم جي ماتحت آهن، پر جيڪڏهن هُو هنن کي اصلوڪين ڊيوٽين تي ويهڻ ڏئي ته بس. ڪنهن به شخص کي مجال ناهي جو سالار جنگ جي انهي عرصي ۾ حڪم عدولي ڪري سگهي.

پنجين بجي بگل نماز عصر (امام گل شير خان) ٻنهين طرفن جا سپاهي هڪ امامت ۾ نماز ادا ڪن، ڇهين بجي تائين جنگ ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ گهرجي.

ڇهين بجي کان ساڍي ڇهين تائين (علامه مشرقي جي تقرير) ساڍي ڇهين بجي بگل نماز مغرب باجماعت (امام مولوي فضل احمد). هن کان پوءِ ڪئمپ ۾ سڀني خاڪسارن ۽ بالا آفيسرن کي مڪمل رخصت آهي ۽ يارهين بجي تائين ڪوبه بگل نه وڄندو. نماز عشاء سڀ سپاهي جتي چاهين باجماعت ادا ڪن.

يارهين بجي رات جو بگل سمهڻ جو ۽ سڄي رات پهرو.

2- جنوري 1939ع ڏينهن سومر:

ڇهين بجي بيداري ۽ فراغت ستين بجي نماز فجر باجماعت (امام حڪيم محمد معاذ) هن کان پوءِ اهوئي پروگرام آهي جيڪو 30- ڊسمبر 1938ع تي هو ساڍي نوين بجي تائين سڀ سپاهي کائي پي پنهنجن پنهنجن تنبن جي اڳيان ٻاهر بيٺا هوندا، ساڍي نوين بجي بگل تي سڀ دستا مارچ لاءِ تيار ٿي وڃن، ترتيب ساڳي اها جيڪا اڳي هئي يارهين بجي تائين مارچ زيرِ هدايت سالار اول ۽ ڪمان ملڪ محمد اڪرم خان جي هٿ ۾ هوندي.

انهي وچ ۾ ساڍي نوين کان ٻارهين بجي تائين سنڌ جي سڀني سالارن جي مجلس مشاورت ۽ حڪومت سنڌ جي عائد ڪيل پابندين بابت ۽ مطالبن بابت زير قيادت اداره عليه هنديه قائد تحريڪ جي خيمي ۾ ٿيندي ۽ وزيراعظم سنڌ ڏانهن وفد موڪلڻ جو انتخاب ٿيندو. يارهين بجي دستا ڪئمپ ۾ داخل ٿيندا ۽ برخاست- هن کان پوءِ کائڻ پيئڻ به باوضو، ٿيڻ ڏيڍ بجي نماز ظهر (امام پير مخدوم منظور احمد) ٻي بجي بگل ڪئمپ جي ايوان ۾ ساڍي پنجين بجي تائين زير قيادت اداره عليه عام مجلس مشورت، سالاران تبليغ جي ڪم جون رپورٽون، آئينده طرز عمل پروگرام بابت سمجهاڻي ۽ الوداعي تقريرون ساڍي پنجين بجي بگل ڪئمپ برخاست.

6- ڪئمپ جي آفيسرن جي ڊيوٽين جو اختصار

(1) سالار اول:

ڪئمپ جو مختيار مطلق ۽ ان جي انتظام جو اڪيلو ذميوار آهي، سڀ بالا عملدار ]مصنوعي جنگ جي وقت کان سواءِ جنهن وقت سڄي ڪئمپ سالار اول سميت سالار جنگ جي حڪمن هيٺ هوندا[ هن جي حڪم هيٺ هوندا، ۽ سالار اول ڪئمپ جي سڀني خرچن ۽ پروگرام تي مڪمل هر وقت عمل ۽ ڪئمپ جي عام بهبودي لاءِ جيڪي مفيد تجويزون ٿي سگهنديون تن جو انتظام ڪندو.

نائب سالار اول: نصير محمد نظاماڻي ڪئمپ جي وقت سالار منزل جي سڀني معاملات جو آخري فيصلو ڪري، پير الاهي بخش ڪئمپ جي وقت ۾، سالار امين جي سڀني معاملات جو آخري فيصلو ڪري، پير مخدوم منظور احمد شاهه ڪئمپ جي عرصي ۾ تبليغ و اشاعت معلومات وٺي معاملي بابت آخري فيصلو ڪري، مستري عبدالعزيز ڪئمپ وارو عرصو سالار قائد جي سڀني ڳالهين جو آخري فيصلو ڪري، سيد الهه بخش شاهه ڪئمپ وارو عرصو سالار جنگ ۽ هلال احمر بابت سڀني ڳالهين جو آخري فيصلو ڪري.

(2) سالار منزل:

اداره عليه، سالار اول ۽ نائب سالاران اول کان سواءِ سڀ ڪئمپ جا آفيسر سالار منزل جي حڪم هيٺ آهن ۽ ڪئمپ جي روشنائي صفائي خيمن جي تقسيم ۽ ڪئمپ جو اندروني انتظام وغيره سندس ڊيوٽيون رهنديون.

نائب سالار منزل: مير جان محمد ڪئمپ لڳائڻ ۾ مدد، روشني ۽ پاڻي جو انتظام.

مولوي احمد شير: ڪئمپ لڳائڻ ۾ مدد رات جي پهري جو انتظام.

مولوي شفيع محمد:  کاڌي پيتي جو بندوبست حفظان صحت جو بندوبست.

محمد يوسف خيراتي: ڪئمپ جي صفائي جو انتظام اجازت ناما جاري ڪرڻ ۽ گهوڙن جو انتظام.

ايوب خان: پبلڪ ۽ سپاهين کي ضبط ۾ رکڻ جو انتظام، تنبن جي اندر باقاعدگي رکڻ، سڀ نائب سالاران منزل، سالار منزل جي حڪمن موجب ڪم ڪندا.

(3) سالار قائد: سالار:

قائد وردين جي تپاس ڪري سپاهين کي داخل ڪرائيندو ۽ داخلا ختم ٿيڻ کان پوءِ سالار محتسب جا فرائض بجا آڻيندو.

(4) سالار امين:

داخلا في جمع ڪندو، ڪئمپ جو حساب ڪتاب رکندو، داخل ٿيل سپاهين جون جدا جدا فهرستون تيار ڪندو.

(5) سالار محتسب:

ڪئمپ جي پروگرام تي عمل ڪرائيندو، ڪئمپ ۾ ڪابه بيقاعدگي ٿيڻ نه ڏيندو ۽ بيقاعدگي ڪندڙ سپاهي کي اتي جو اتي سزا ڏيندو.

(6) سالار هلال احمر:

جنگ ۾ زخمين جي مرهم پٽي، ڪئمپ ۾ بيمارن جو علاج، کاڌي پيتي جي تپاس وغيره.

(7) سالار تبليغ:

تحريڪ جي تبليغ بابت سڀ انتظام رکندو.

(8) سالار اشاعت و معلومات:

تحريڪ جو لٽريچر پکيڙڻ بابت سڀ انتظام رکندو.

]5- ڊسمبر 1938ع، اداره عليه هنديه[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org