سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:15 

عبدالقادر جوڻيجو

 

 

 

 

ڇڻيل پن

 

شام جو موڳو۽ اُجهاڻيل سج اُفق جي ميٽائينءَ ۾ ڦاٿو پيو هو، جهڙوڪر ڪنهن پوڙهي ماڻهوءَ جي بي ستي اک. سندس ٿڌا ڪرڻا به پوڙهي جي اک وانگيان پيار ڀريا هئا. آسمان جيءَ نيراڻ مان سندس جوڀن اُٿلون پئي کاڌيون. اُلهندي جي شامڙيءَ واري ٿڌي هوا، ڍوري جي پاڻيءَ جي ڀريل جوان ڇاتيءَ تان ترڪندي، ڪتڪتايون ڪندي، مٽيو ٿي ويئي. ڍوري جي ڇاتي به ڪنهن ڪنواريءَ نار جي ڇاتيءَ وانگر آهي. ٿوري ڇهنڊ آئي نه آهي ته ڦٿڪو. ساهه ٿو وڃي ڪا ٻي ڳالهه!

ميگهان به گهڙا اچي لاٿا، ٻانڌڻو ڍڳ پڙو، مٿان بنان پٺيءَ گج جنهن ۾ ٽانڪيل ٽڪن روشنين جا جهپ پئي هنيا. ڍوري جي ٻنهين ڪپرن تي بيٺل پن جهڪيو جهڪيو کيس سلام پئي ڪيو. مٿي آسمان جي نيراڻ ۾ کومن گهمريون پئي کاڌيون، پن سان لڳل ويٺل آڙين جي ڪاراڻ ۾ اُٿل پُٿل آئي، ڪنهن باز جهپ هنيو هو، پر ڦٻيو نه اوچتي ڀڙڪي تي کانئس ڇرڪ نڪري ويو هو. گهڙي هٿ مان ڇڏائي وڃي تر ورتو. شفاف پاڻيءَ ۾ سندس پاڇولو ۽ گهڙو وٽڙي ويا.

وارياسي گهيڙ تان پاڻي ڀريندي اڄ کيس نائون يا ڏهون سال پئي هليو.

سنڌ جي عورت به انهيءَ پن وانگر آهي، جيڪو پور جوانيءَ تي پهچيو ڇڻيو پوي. پوءِ اچيو کڻنس هوائون، جيڪي صدين جا سور سهيو سڙيون پيون هلن، اچيو کڻنس، اچيو کڻنس، پن هيٺ مٿي ٿيندو، اُڏامندو، ڪرندو، ڦٿڪندو گڙگندو، بولاٽيون کائيندو وڃي ڪنهن اڏ ۾ ڪرندو آهي ۽ هوائون زور لائي لائي ڪڪ ٿي ٻين پنن جي ڳولا ۾ هليون وينديون آهن، ۽ پن اُتي ڄمار ڏيئي، سڙي سڪي ڀور ڀور ٿي ختم ٿي ويندو آهي.

ميگهان به سدائين اتي ڪانه پلي هئي. سندس اباڻو ڳوٺ ٿر جي ڏاکڻئين حصي ۾ خوني سرحدن جي ڀرسان ئي هو. ڇوڏهن ورهين جي ڳاڙهي ڳٽر ڇوري ٿي هئي ته به ريل گاڏي ڪانه ڏٺي هئائين. انب، ڪيلا، واٽر ۽ ڍورا به موهر ۾ اچي ڏٺائين، سي به قسمتي.

ڏڪار ته ٿرين لاءِ اڻهيئي رکيو آهي. ٽي سال گذري ويا، مينهن نه آيو ته نه آيو. بڊي ۾ ڪو اوڦٽو ڪڪر آيو ٿي ته موذيءَ امير وانگيان ٻٽاڪ هنيو (ٺلهيون گوڙيون ڪري) چند ڦڙيون خيرات ڪيو ڀڳو ٿي ويو.

ڏڪار سر تان نه ٽريو. ڏٺن، ”ٻيلي هاڻ ته بک ٿي لاهه پٽي ڀڄو ته ڀڄون، هتي کڦڻ ئي نصيب ڪونه ٿيندوسون.“

پن ڇڻي پيو، هوا ڊوڙ پاتي. اُٺڙين تي لڏا، الاڙي واهي! ڪنهن جا ٻه لڙڪ سينهاريءَ واريءَ ڀٽ تي ڪريا، ڪنهن احمد جي تڙ وٽ شوڪارو ڀريو. مينگهه نه وٺا. ميگهان وسي پيئي، ٿر پالهو رهيو. ڳوڙهن سان جيڪڏهن زمينون آباد ٿين ته ڌرتي ڪڏهوڪي ٺري پوي ٺرڻ ڇا، لڙڪ نه سڪن ته ٽي حصا سمنڊ اڳيئي آهي، چوٿون حصو به هوند ڪر سمنڊ ٿي پوي. اباڻو ڳوٺ جنهن جي چئونرن ۾ سندس پيڙهيون تاتيون هيون. اڄ انهن چئونرن جي درن کي ڪلف لڳي ويا. البت سندس ذهن جي پردي تي اڏيل چئونرن جا در کليا رهيا. ڏاڍيءَ ۾ ڇا رهيا، ذات وارن جو راڄ ڏسي اڻهيئي اُتي جا ٿي ويا.

البت جڏهين سانوڻين ۾ اڇا ڪڪر وٽجي سٽجي، ڪار سرا ٿي سرن تي اچي ڇڻندا هئا، ۽ راتين جو جڏهن چوطرف کنوڻين جا ڌڄا پيا پوندا هئا، تڏهن ڪڪرن سان گڏ سڄي گهر جون اکيون وسي پونديون هيون. ’گولاڙا‘ ۽ ’همرچا‘ نڙين ۾ اٽڪي پوندا هئا ۽ وري اُها هڻ هڻان ڪوڏر، گڏ، زميندار جون گاريون ۽ اُمر گهمر، جواڻ جماڻ ڇوري گهر ۾ ويٺي هئي، پڪل انب کاڄي ته ضرور، هونئين جو اجايو سڙي سڪي وڃي. ڀاءُ هجيس ته بدي تي ڪر آڳاٽو ڪم لاهي ڇڏينس، پر هيءَ ته هئي ائين ۽ پويان ٻن ٻين پئي کنڀ سوئيا، ٽرڪ اوورلوڊ ٿي ويئي، ڪجهه ته بار هلڪو ڪجي، پوءِ ”وڙئي“ سهي.

مائيءَ ساران جو پٽڙو رمون ويٺو هو، ڪجهه ننڍو هو ته ٻي ڳالهه هئي، پر گهر ڀريو تريو هو، ڪچو کڏ، بلاڪ زمين جو، مينهون، ڍڳا، نڪو ڪنهن کان پڇيائون نڪو ڪڇيائون، مائيءَ سان ٻه ٽي ٻول ٻڌي کڻي ڳڙ ورهايائون. پنهنجي ڇوري هين وس وارا هئا، ڪنهن جي گهران ڪونه ٿي کاڌائون.

ميگهان جي من ۾ ڀٽون، مڙها، ڪنڀٽ، ڳاڱيليون، تڙ، چونئرا، آهستي آهستي ڌنڌ ۾ ويڙهبا ويا. ڇڻيل پن کي هوائن نيٺ اچي اڏ ۾ اُڇليو، ميگهان سڀ يادگيريون ويڙهي، ڳنڍيون ڏيئي، ڪنهن ڳرنڍ ۾ اڇلايون، هاڻ سندس ذهن تي نون عڪس جنم پئي ورتو.

نئين نئين ساهراڻي گهر ۾ آئي، سسڻس ڏس ته ڪپڙن مان پئي نڪري.

”ائي امان، ٿرياڻي آهي ته ڪڄاڙو ٿيو، پنهنجي ذات واري آهي، منهن تي چنڊ پيو لهيس اُڀريس، ڪم.....“

”هائو ادي هائو، ڌڻي شل ڄمار بشڪيش.“

”بس ڙي امان.... اسين مائٽ انهيءَ ۾ خوش ٻچڙا هئا، ڳڙ کاڌوسين، هاڻ پاڻ ڄاڻن، سندن ڪم ڄاڻي.“

مائيءَ ٿڌو شوڪارو ڀريو. پوڙهيون مايون خوشيءَ جي موقعي تي غمگين ٿي وينديون آهن. ڳڻتين جي ڀري شايد مٺي ماضيءَ جون يادون ۽ مستقبل جا نديشا من ۾ اُسرندا آهن.

ميگهان کي مڙس ۾ ڪا خاص ڳالهه ڏسڻ ۾ نه آئي. اڃا ڪڪوريون پئي. جي ٻار ڪونه هو، ته به ٻاروتڻ آڏو بيٺل لوڙهو ڪونه ٽپيو هو. مڙئي اها ٿوري گهڻي لاپرواهي مڙساڻي عادت، ڪير پڄين.

وقت چريو نڪي کاڌو، الائي ڇا هو ۽ ڪيڏانهن ويو. سال ڄڻ پڪل ٻير هئا، جي جهٽڪي تي ڇڻي ويا، ڪا خبر ئي ڪانه پيئي، پر ميگهان تي هر سال نئون گهاءُ هئو، نفرت ڀريون نگاهون طعنا تنڪا، مڙس جي لاپرواهي ڀانئين ته زال کي اکئين نه ڏسان مڙسن کي به خدا جهلي.

انهن ڏينهن سسڻس جا مائٽ ڪنريءَ مان هلي آيا هئا. ذل ڪاڙهو تتو پيو هو، روشن نيراڻ ۾ ڌڳندڙ آسمان تي ڪڪرن جي ڪا ليهه به ڪانه ٿي ڏٺاڻي. هوا کي به رکيو رکيو ٺيلهو ٿي آيو ۽ وڻ ڌوڏيندي، ڪک اُڏائيندي، مٽيو ٿي ويئي. جهرڪيون، جن صبح کانوٺي ”چين چين“ ڪري، مٿو ٿي کاڌو، تن مان ڪي سامهينءَ ٻير ۾ وڃي ويٺيون هيون، ۽ ڪي سامهينءَ کاڻ جي سرن ۾. البت هڪڙو جهرڪو، ڇني جي نڪتل ڪايئي تي ويٺو هو، چيچاٽ ڪريو، وري کنهه کنهان کي لڳيون ٿي ويو. سامهون اوٽي تي، بجر ڪتي هڏن کي پئي سونگهيو. سڀ مايون ڇني هيٺان اچي ويٺيون تازي ڍءُ جي گهٻر ۾ به وات بند ئي نه ٿئين.

”ادي ڪانگڙي نيٺ سچي ٿي. مئي! روز اچيو پار تي ويهي ’ڪان ڪان‘ ڪري چان، ’مران ڪو مزمان ٿو اچي‘ سسڻس جي ڳالهه هلندي هوءَ اندر ڍري ٿانون مان جند ڇڏائي ڀڳي هئي، سو پگهر ۾ سڄي ٻڏي ويئي هئي.“

”اما، هينئر ڪوهه هلاک ٿئين، مئن کي شام جو ڌوئين ها ٻيلڻ، ڪاڙهو ڏس ڪاڙهو! ساه ٿو وڃي“ مهمان ماين مان هڪڙيءَ همدرديءَ وچان چيو. سسڻس جي منهن تي ڏکائيندڙ ريکائون اُڀري آيون.

”امان، آئين آيون آهيو، نه ته پاڻ ڪم جو چئونس ئي ڪونه“

”امان کجينس گهڻيئي ٿي..... ويچاري ڌاري آهي.“

”ڀيڻ سچ ڪري پڇين ته جيڪي ڪم پڄيم ٿو، سو گهڻيئي ٿي ڪريان مڃي نه مڃي؛ مائي پاڻ وس واري آهي“ سسڻس هٿ نچائيندي چيو.

”ها، هونئين جيڪا پڄنئي ٿي، سو گهڻيئي ٿي ڪرين“ ميگهان من ئي من ۾ ڀڻڪي.

”ويچاريءَ کي اولاد نه ٿيڻو هو؛ سو نه ٿيو.“ ميگهان جو منهن هارجي ويو.

”سو امان، جهڙي ڦنڊي آنديسون، اوهڙي آهي، ڦنڊر ڪري ڪهونس ته ڀلي.“

”امان ويچارن کي الله ۽ الله جو رسول ڏيندو، اُميدون ڪين وييون آهن.“

ننڍن ننڍن جملن، مٿن يڪدم خاموشيءَ جو ڄار اڇلائي ڇڏيو ۽ هر ڪا اُن ۾ ويڙهجي ويئي.

سسڻس جي دل ۾ لٽيل اُميدن تان لٽ اُڏاڻي، جرڪو ٿيو، ’ٻي شادي‘، ’ٻي شادي‘ جا لفظ چڻنگون ٿي اُڏاڻا. مڙسن کي ٻاهران گهرائي، ٿلهي کان پرڀرو صلاحون ٿيون. ڳالهه گهڪي وهيڻي هئي. پٿري پٿريءَ سان لڳي، پٿرين جي وچ ۾ پيل سٽو ڌڳي پيو، ڪنهن من ۾ روشنيءَ خاطر، ڪنهن من ۾ ساڙڻ خاطر، پڻس جو ٻڌو ته سندس نياڻو لڏيو وڃيو ناناڻن ۾ ٿو وهي، اتي ٻي شادي ٿا ڪنس، باهه ٿي ويو.

”ڀانئين ٿا مفت ۾ ڏني اٿمان، سو هاڻ هتان وٺي وڃي موچڙن جي پيهه ۾ وجهندس سو خوش ٿا ٿين. منهنجو نالو به ورو آهي. بڇڙو ته اهڙو ڪندو سان جو راڄ ڏسندا..... ڀيڻسان وڙ ڪري مرڳي مصيبت ۾ پياسين، اڳيئي کجنس گهڻيئي ٿا، هاڻ وريو وٺيو ٿا وڃنس. ڀيڻسان اسين مائٽ آهيون، اکيون کڻيو پيا ڏسون، روز موچڙو، گار گند، تنڪا، گلا، اولاد نٿو ڏئي ته خدا نٿو ڏئين. ان ۾ اسان جي ڄائيءَ جو ڪهڙو ڏوهه! پر شادي وڃي اُڪي ڪن. باقي ڌيءَ آهي. سا ڪونه ڇڏيندس، ڪونه ڇڏيندس، طلاق ڏيئي پوءِ هتان ٽرن.“

بيٺل هوا اوٿلو کاڌو، ڳالهين جا ڪک اُڏاڻا، فيصلا، راڄ، ڳالهيون، گاريون، پوليس جا دڙڪا، موچڙا، درخواستون، ڳالهه جو تان کڄي کڄي وڃي ٽُٽو ته سُرندي جون سڀ تارون ڇجي پيون. ٻيڪڙيل درن جي وچ ۾ ڦاٿل ميگهان جا هٿ نڪتا، سوبه ڳوٺ جي چڱي مڙس دائم، وروءَ سان گڏجي زور لاتا تڏهن.

ڇڻيل پن هوا جي زور تي، گهمري کائي اڏ مان نڪتو.

آڙين باز ڏسي، اوچتو ڀڙڪو کاڌو، کانئس ڇرڪ نڪري ويو. گهڙو هٿ مان ڇڏائي ويو ۽ وڃي تر ورتائين. وارياسي گهيڙ جي شفاف پاڻيءَ اندر لهرن تي وٽڙي ويو، جهڙو رت جون اُٿلندڙ پٽلندڙ لهرون پاڻ به وٽڙجي ويئي پاڻيءَ اندر. هن گوڏن تان سٿڻ کڻي، هڪڙو پير پاڻيءَ اندر وجهي. چوڙن واري ٻانهن پاڻيءَ جي ڇاتيءَ ۾ لاهي ڇڏيائين، تيستائين جانان به اچي ڌوڙيو ڪيو. تڪڙ ۾ پئي سهڪي ڀائنجي ڪر پويان مست اُٺ ڪاهي پيو هئس. سجي بت جي ڳاڙهاڻ ويڙهجي اچي ڳلن تي مڙي هيس.

”مرين ميگهان، مبارڪون هجنئي،“ جانان اهڙيءَ تڪڙ مان چيو ڄڻ کائنس ڪا ٻي اڳ ۾ ڳالهه ٻڌايو ٿي ويئي.

”ڪوه؟“

”مرين! ڀت ٿي کارائين.“

”ڀت!؟“ سندس سوچ جا سڀ پرزا بيهي رهيا.

”مرين گهوٽ ٿا ڏينئي، وڏيرو دائم....... ٽن سان گڏ تون به چوٿين وڃي ڀيڙي ٿيندئينءَ.“

”..........“ خاموشي. هوا جي زور تي پاڻيءَ اندر پيل گهڙو ٻيهر پرزا پرزا ٿي ويو.

”مئي سولي ٿيندينءَ.... وڏيرو پوڙهو آهي ته مڙئي خير آهي.

اڃا ايترا ڏند اٿس، جو مانيءَ کي کائيو ٿو سگهي، سو توکي به چٻاڙي ويندو.“

هوا زور لاتو، لهرن ڪر کڻي ڊوڙ پاتي، هڪڙو ڇڻيل پن پاڻيءَ تان ترڪندو، اُڇلندو، گهوماٽيون کائيندو، اُڀرندي خير شاهه واري ڪُن ڏانهن لڙهندو ويو.

 زينت عبدالله چنا

 

 

 

مِٺي

 

        ٻين عورتن سان گڏ هوءَ به منهنجي مالڪڻ وٽ مزوري ڪرڻ ايندي هئي. هوءَ ٻين وانگر گهڻو ڳالهائيندي نه هئي، پر ڪم سڀني کان گهڻو ڪندي هئي، جو ڪم ٻين کان نه ٿيندو هو، مان هن کي چوندو هوس،  ته هڪدم ڪندي هئي.  ٻيون عورتون سڀني نوڪرن چاڪرن سان کلنديون ڳالهائينديون هيون، پر هوءَ ڪنهن سان به ڪونه ڳالهائيندي هئي، جي ڳالهائيندي هئي ته  فقط پنهنجي پٽ دائود سان. دائود عمر ۾ چئن پنجن سالن جو هو، پر پنهنجي تندرستي ۽ بوتي جي ڪري ستن اٺن سالن جو پئي لڳو. سندس اکين ۾ شهزادن جهڙو چمڪو هو ۽ جنگجو سپاهيءَ وانگر منجهس جرئت هئي. هلندو هو ته سينو تاڻي هلندو هو. ڄڻ ڪو وطن  دوست پنهنجي سيني تي گوليون کڻي نڪتو آهي. ڏاڍو وڻڻ جهڙو ٻار هو.

        هڪ دفعي مان پنهنجو پيار روڪي نه سگهيس ۽ کيس ڳل تي هڪ ”مٺي“ کڻي ڏنم. دائود روئڻ لڳو ۽ ماءُ کي چوڻ لڳو: ”امان هن هتي ”ڇي“
لڳائي آهي. دائود جي ”ڇي“ تڏهن لٿي جڏهن ماڻس ڳل تي بار بار مٺيون ڏنيون. مان ڏاڍو شرمندو ٿيس.  دل ۾ سوچڻ لڳس ته  هن ڇوڪري تي آخر ڪيئن فتح حاصل ڪجي! ٻار مون کي  به پنهنجو هو، پر هن کي ڪنهن به کاڌي جي شيءِ سان هر ڪو فتح ڪري ٿي سگهيو: ان ۾ ايتري جرئت ڪٿي؟ شايد ان جي ماءُ جي پيار ۾ اهڙي اونهائي نه هئي، يا ”هر ڪا عورت ماءُ نٿي ٿي سگهي“ وارو مقولو پورو ٿي ٿي آيو. بهرحال مون کي دائود جي ماءُ جي خصلتن ۽ دائود جي جرئت انهن ڏي ويجهو ڪيو. مون ڪوشش ڪندي نيٺ انهن ڏي  ويجهو قدم وڌايو.

          دائود جي ماءُ هڪ بيواهه هئي. چڱي گهر جي عورت هئي. مڙس مرڻ بعد کيس مڙس جي رشتيدارن ملڪيت ڦري ڪڍي ڇڏيو هو. دائود جي خاطر هن شرم ۽ حيا ۽ وڏائيءَ کي ڳٺڙيءَ ۾ ٻڌي مزوري شروع ڪئي هئي، پورت ان مان به خير ڪي ٿيندي هيس،  پر هن دائود کي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي تعليم نه ڏني هئي. پاڻ رکي سڪي کائي، هن دائود کي چڱو کارايو ۽ پهرايو ٿي. نالي ۾ هوءَ  ”سوني“ هئي پر هن پاڻ کي لوهه کان به سخت بڻائي ڇڏيو هو. معلوم ائين ٿي ٿيو ڄڻ هن پنهنجي ”نسائيت“ کي پري هٽائي هڪ پاسي رکي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ هوءَ شڪل شباهت جي سٺي هئي ۽ منجهس اهو ڪي هو جو هڪ قبول صورت عورت ۾ هئڻ کپي. پر هن پنهنجي انهي مقبوليت کي پاڻ ڄاڻي ٻجهي مٽيءَ ۾ لوئي ميرو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ صرف دائود لاءِ هئي ۽ دائود صرف هن جو هو. اهوئي سبب هو جو هن جي ”مٺيءَ“ ۾ اها پاڪيزگي هئي جو دائود لاءِ هر درد جو درمان ۽ ايذاءَ جو علاج اها هڪ ئي ماءُ جي مٺي ڪافي هئي. مون ڪيترا دفعا دائود جي بک به انهيءَ ”مٺيءَ“ سان دفع ٿيندي ڏٺي.

        گهڻي ڪم، بک ۽ فاقن آخر سونيءَ کي ڪيرائي وڌو. مون ڏٺو پئي ته هوءَ آهستي آهستي موت ڏي وڌندي وڃي؛ پر هن ڪڏهن به ڪنهن جي مدد وٺڻ قبول نه ڪئي. انهيءَ قسم جي گفتگو کان هوءِ هميشه نٽائيندي هئي. اکئين پئي ڏٺم: ته انهي قسم جي خود داري کيس موت جي منهن ۾ اڇلائي رهي هئي. پر هن جي اها ئي روش ۽ اهو ئي ڍنگ، جو ڄڻ ته ظاهر ظهور چئي رهي هجي: ”مون ۾ توهان جو ڇا، ڇا ۾ اوهان منهنجا آهيو!“ ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏسڻ ويندو هوس. پر ڪيترو آخر، ڪو ڪنهن وٽ انهن حالتن ۾ ايندو ويندو رهندو؟

        هڪ ڏينهن صبح جو وقت هو ته دائود منهنجي دروازي تي مون کي سڏي چوڻ لڳو: ”امان ٿي سڏئي“. مان ترت ئي ساڻس ويس. ڏٺم ته  سوني آخري پساهن تي آهي. پنهنجي سيرانديءَ کان سڪل مانيءَ جي ٽڪر کڻي دائود کي ڏنائين ۽ دائود جي ٻانهن مون کي ڏنائين. دائود زوريءَ مون کان ٻانهن ڇڏائي ماءُ جي منهن تي منهن رکيو، پر سندس ماءُ جي ”مٺي“ اڌوري رهجي وئي ۽  دائود روئندي روئندي اتي ئي سمهي پيو. مان ستل دائود کي گهر کڻي آيس. منهنجي زال ههڙي مهانگائيءَ جي وقت  ۾ دائود کي پاڻ وٽ رهائڻ کان ڪيٻايو، مون مالڪڻ کي ستايو،  دائود جي حال تي رحم ڏياريو، کيس چيو: ”دائود لاوارث ۽  يتيم آهي، اوهان جي ۽ اوهان جي ٻچن جي بچت سچت کائي وڏو ٿيندو، وڏو ٿي اوهان جي گهر جو نمڪ خوار نوڪر بڻجندو“ پر مالڪڻ هڪ يتيم ڇوڪري کي پنهنجي مٿان مصيبت سمجهي پاڻ وٽ رکڻ کان انڪار ڪيو. آخر شام جو مالڪ آيو. انکي ستايم، جنهن خدا ترسي ۽ دردمنديءَ خاطر دائود کي رهائڻ قبول ڪيو ۽  مالڪڻ کي سمجهايو ۽ دائود اتي رهڻ لڳو.

        پر دائود اهو ساڳيو دائود نه رهيو، جنهن کي هڪ ڏينهن منهنجو پيار ”ڇي، ڇي“ ٿي لڳو هو، سو هينئر منهنجو پيار هيڏانهن هوڏانهن جون نظرون بچائيندي چپ چاپ برداشت ڪندو هو، بلڪل اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح هڪ بکيو برهمڻ ڪيترن ڏينهن جي بک سبب لڪي ڇپي ڪنهن اڇوت جو ڀت کائيندو هجي. هو جڏهن پنهنجي مزي ۾ ايندو هو. تڏهن خوب هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندو هو، راند ڪندو هو. مان سمجهندو هوس ته اجهو ٿو ڪِري، پر ڪِرندو ڪو نه هو، ڇو ته کيس  خبر هئي ته هر ڌڪ، هر زخم جو علاج ”مِٺي“ ته گهڻو اڳ کانئس جدا ٿي چڪي هئي. ڇوڪرا کيس ماريندا هئا، پر هو چپ رهندو هو: اکين ۾ پاڻي ايندو هوس، پر اوڇنگارون ڏئي ڪو نه روئندو هو. هو ڏينهون ڏينهن پنهنجو پاڻ ۾ ڇپندو ٿي ويو، منجهانئس  اها جرئت، اها البيلائي جيئن پوءِ تيئن گم ٿيندي ٿي وئي. مان جڏهن اهو ڏسندو هوس ته مون کان ”آهه“ نڪري ويندي هئي!

        هڪ ڏينهن دائود کي ڪجهه وقت گهر ۾ ڪو نه ڏٺم، اوچتو مالڪڻ جي رڙين تي معلوم ٿيم ته مالڪڻ جي ٻارن سان ٻاهر نڪري ويو آهي ڇو ته مالڪڻ چوڻ لڳي ته ”ڇورو ندورو، منهنجي ٻارن کي به الائي ڪٿي رلائڻ وٺي ويو آهي.“ مان ڊوڙندو ٻاهر ويس،  سامهون ڏٺم ته  ميدان ۾ ٻار ته سڀ هئا، پر پرئين پاسي کان هڪ ڏاند کي ٻارن ڏي ڊوڙندي ڏٺم، هڪ به ويو ٻه به ويا، ڊوڙي اڳتي ويس، پر ڏاند اڳ ئي ٻارن وٽ پهچي چڪو هو. ٻار ته ڀڄي ويا. پر مالڪڻ جو ننڍڙو ڪڪو ڀڄي نه سگهيو. دائود جڏهن اهو ڏٺو ته  هن هڪدم ڪڪي کي ڌڪو ڏئي ڏاند جي اڳيان ٿي بيهي رهيو. ڪڪو بچي ويو ۽ دائود زخمي ٿي پيو. مان جڏهن پهتس ته ڪڪو روئي رهيو هو ۽ دائود بيهوش پيو هو. مون بيهوش دائود کي ڪلهي تي کنيو ۽ ننڍڙي مالڪ کي چيچ کان ورتو. گهر پهتس ته مالڪڻ ڪاوڙ مان چيو: ”منهنجو ٻچو پيادل پيو اچي ۽ بادشاهه زادو ڪلهي تي کنيو پيو اچين؟“ مون ڪڇيو ڪو نه ۽ دائود کي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ کڻي ويس. گهڻ جتنن بعد بيهوش دائود هوش ۾ آيو. هوش ۾  اچڻ بعد هو روئڻ لڳو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هو ماٺ ڪري، پر اڄ دائود کي مٺيءَ جي ضرورت هئي، جا هن جي دک جو درمان هئي: پر اها مٺي اچي ڪٿان!

        منهنجو دماغ ڦاٽي رهيو هو، سر جي درد کان زياده مون کي دلي درد هو: ڇو ته دائود جي روئڻ مون کي بي قابو بڻائي ڇڏيو هو. ننڍڙي مالڪ کي ته ڌڪو کائيندي ٿورو زخم ٿيو هو، پر دائود جو ته  هر عضوو زخمي پيو هو ۽ علاج ننڍڙي مالڪ جو ٿي رهيو هو. ڊاڪٽر موٽرن ۾ پئي آيا،  آرام ۽ کاڌي جا مشورا پئي ٿيا، ننڍن ۽ وڏن پئي پڇيو. مون کي اهو حال ڏسي  پنهنجي مفلسي ۽ بي وسيءَ تي غصو پئي آيو ۽ هر هر دائود ڏانهن وحشت ڀرين نگاهن سان پئي نهاريم. ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ويچار پئي آيم ته آخر هيءَ مصيبت مون ڇو پالي جنهن دلي آرام وڃايو آهي، جنهن مون کي منهنجي نظرن ۾ ايڏو بيوس ۽  مجبور ثابت ڪيو آهي. اها حالت شايد دائود  به سمجهي ورتي، ڇو ته ان جون خاموش نگاهون چئي رهيون هيون ته تنهنجو پيار ڪوڙو هو تڏهن ته  جلد ڪڪ ٿي پيو آهين، ان ڪري ته تنهنجي پيار ۾ ڇي“ هئي. مان پاڻ  کي نهايت شرمنده سمجهڻ لڳس، مون ۾ دائود سان اکين ملائڻ جو تاب نه رهيو.

        مٿي جي سور جي هوندي به مان سڄي رات جاڳيس، ڇو ته دائود کي زخمن جا سور ڪري بخار هو ۽ هو ساري رات روئندو رهيو. صبح ٿيڻ ۾ ڪجهه دير هئي ته دائود ننڊ ۾ روئندي چيو ”امان تون اچي وئينءَ!“ مون جلد وراڻيو ”ها“ ۽ جهٽ کڻي مٺي ڏنيمانس. دائود جو چهرو ننڊ ۾ ئي ٻهڪڻ لڳو ۽ اکيون کولي مون ڏي نهاري روئڻ لڳو. مان پريشان ٿي ويس: آخر چيم، ”دائود پٽ تون جيڪي گهرين ٿو سو مان ڄاڻان ٿو پر.....!“

        اتي مالڪڻ جو سخت گير آواز آيو، ”ڪمبخت ڄاڻين ٿو ته پوءِ ان موجب ڇو نه ٿو ڪرين؟ سڄي رات ڪتي جي پونگڙي وانگر ”پين، پين“ ڪري، منهنجي ٻچي جي ننڊ ڦٽائي اٿس. هڪ ته ان کي ڪُچلي آيو آهي، ٻيو اک لڳڻ نه ڏني اٿس. ڪڍ هن کي ٻاهر! جي هن کي نٿو ڪڍين ته کڻ تون به بسترو مون کي ڪو نه کپين، نڪرو هن گهر کان ٻاهر.“ ائين چئي هوءَ منهنجا ٽپڙ ٽاڙي ٻاهر اڇلائڻ لڳي.

        سڄي دنيا صبح جو مٺي ننڊ ۾ مست هئي ۽  مان پنهنجو سامان هڪ غريب جو سامان جنهن ۾ نه پلنگ هئا نه فرنيچر هو-  فقط هڪ چادر ۽ ڪجهه بچيل چانور ۽ اٽو هو: ڪنا ۽ هنڊيون ته مالڪڻ جي غصي جو کاڄ ٿي چڪا هئا: منهنجيءَ زال ستل ٻار کنيو ۽ مون ڳنڍڙي کنئي ۽ بيهوش دائود کي ڪنڌ تي رکيو ۽ هڪ نامعلوم منزل ڏي وک وڌائي، ڪاش! دائود کي ان وقت چئي سگهان ها! ”دائود تنهنجي درد جي درمان ”مٺي“ منهنجي وس ۾ ڪانهي..... تنهنجي اها مٺي آخر آءٌ ڪٿان آڻي توکي ڏيان!“ پر ان وقت دائود اها  منهنجي ايڏڙي ڳالهه سمجهي به ڪين سگهي ها!

(مهراڻ سيارو– 1955ع) 

ڪتاب: ’عمر سڀ عشق سين‘ تان کنيل

 ڪتاب: ’ڏکيو ڏيهه سندر سپنا‘ تان کنيل

ڪتاب: ’سون ورنيون سوڍيون‘، تان کنيل

ڪتاب: ’خستُوريءَ خُوشبوءِ‘ تان کنيل

ڪتاب: ’سئو سالن جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون‘، (جلد پهريون) تان کنيل

ٽماهي ”مهراڻ“ 3/2010ع تان کنيل

ڪتاب: ”ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا“ تان کنيل

’تاريخ، ٻولي، ادب ۽ شخصيتون‘

ٽماهي ”مهراڻ“ 2-3/1983ع

ٽماهي ”مهراڻ“ 2-3/1983ع

سنڌ جون شاعر عورتون (جلد پهريون)

ٽماهي ”مهراڻ“ 3-4/2002ع تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org