سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:2 

مختيار احمد ملاح

 

 

 

ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جو سنڌي

ادب جي واڌاري ۾ ڪردار

1853ع کان سنڌ جي شهرن ۾ اينگلو ورنيڪيولر  ۽ نارمل  اسڪول کلڻ شروع ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ورنيڪيولر  اسڪول  قائم ٿيڻ شروع ٿيا، مگر  اعليٰ  تعليم جو ڪو به بندوبست نه هو، انڪري والدين پنهنجي اولاد کي ميٽرڪ جي امتحان لاءِ بمبئي موڪليندا هئا، جتي هو هفتن جا هفتا بحري جهاز جو سفر ڪري پهچندي پهچندي بيمار ٿي پوندا هئا. ڪجهه وري ملتان کان ٿيندا  هفتن جو  رستو پار ڪري بمبئي پهچندا هئا. هاير ايجوڪيشن جو سنڌ ۾ ڪو به بندوبست نه هو. مطلب ته انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ پرائمري ۽ ثانوي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويو پر ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ واري پاسي ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏنو ويو، جنهن سبب سنڌ جا گهڻي قدر شاگرد تڪليفون سهي  بمبئيءَ ۾ امتحان ڏيڻ ويندا هئا، صرف ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ انهن کي مهينا سفر ڪرڻو پوندو هو. 1857ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي قيام کان ويندي سنڌ ڪاليج (بعد ۾ ڊي .جي  سنڌ ڪاليج) جي قيام تائين سنڌ جي تيرهن شاگردن ايلفنسٽن  ڪاليج ۾ پڙهي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ امتحان ڏنو.

1882ع سنڌ جي سڄڻن  هڪ تنظيم ’سنڌ سڀا‘ قائم ڪئي، جنهن جو مقصد هو ته سنڌ ۾ سماجي اصلاح آڻجن. سنڌ سڀا سڀ کان اڳ سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن ۾ سڌارا آڻڻ تي زور ڀريو ، ان سان گڏ سنڌ ۾ هڪ ڪاليج جي قيام لاءِ جدوجهد به شروع ڪئي. 1882ع ۾ لارڊ رپن مڪاني حڪومتن ۾ سڌارن جو اعلان ڪيو ته سنڌ سڀا مڪاني حڪومتن لاءِ لائق ماڻهو چونڊرائڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ سڀا سنڌ جي عوام ۾ سجاڳيءَ لاءِ ’سنڌ ٽائيمز‘ ۽ ’سنڌ سڌار‘ اخبارون به جاري ڪيون. ”آڪٽوبر 1884ع ۾ ميونسپل ايڪٽ ۾ سڌارو آندو. سنڌ سڀا، اُنهن بلن تي جيڪو بحث مباحثو ڪيو هو، تنهن ۾ ڏيارام گهڻو بهرو ورتو هو. عريضيون جيڪي سرڪار کي ڪيون ويون، تنهن ۾ به سندس هٿ هو“.(1)

        ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ساڃهه وندن کان چندي جي گهر ڪئي وئي. ’سنڌ سڌار‘، ’سنڌ ٽائيمس‘ ۽ ٻين اخبارن گڏجاڻيون ڪري سڄي سنڌ مان ڪاليج فنڊ لاءِ چندا مهم هلائي وئي. اٽڪل  نوي هزار گڏ ٿي ويا. مسلمانن جي اڪثريت ڪاليج فنڊ ۾ حصو نه ورتو، ڇو جو هو مسلمانن لاءِ هڪ الڳ اداري جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا.  1886ع ۾ ڪاليج برپا ڪرڻ واسطي ’سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن‘ نالي تنظيم ٺاهي وئي، جنهن کي حڪومت پاران تسليم ڪيو ويو“.(2) تمام گهڻين ڪوششن کان پوءِ 17 جنوري 1887ع ۾ ’سنڌ آرٽس ڪاليج‘ جي نالي سان 20 شاگردن جي داخلا سان قائم ٿيو. ڪاليج جي کلڻ رونمائي ان وقت جي بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ري ڪئي هئي.  ڪاليج کي سڀ کان اول هڪ ننڍي عمارت ۾ جيڪا بندر روڊ ۽ ڪچهري روڊ جي  موڙ تي هئي، اتي قائم ڪيو ويو. موجوده ڪاليج واري جاءِ ان وقت ’ٺٽائي ڪمپائونڊ‘ سڏبي هئي“.(3) ڊي. جي سنڌ ڪاليج، جيڪو پنهنجي خوبصورت عمارت سان گڏ سنڌ جي تعليم  جي ترقيءَ جي هڪ علامت بڻيو بيٺو آهي، ان جو  نالو ديوان ڄيٺمل سان منسوب آهي، جنهن ان جي قائم ڪرڻ  مالي ۽  روحاني طور پتوڙيو هو.

هيءُ اهو زمانو هو، جنهن ۾ سنڌ جا تعليمي ادارا  علم، ادب، ثقافت جا محور ۽ مرڪز هوندا هئا. سنڌي نثر نويسيءَ جي شروعات تعليمي ادارن مان ٿي، سنڌي ڊراما نويسي ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽين جي شروعات به تعليمي ادارن مان ٿي. سنڌ جا استاد، ان دور  جا عالم، اديب  ۽ معاشري جا سڄاڻ هوندا هئا. هنن سنڌي معاشري ۾ نوان لاڙا متعارف  ڪرايا. ان دور ۾ ئي ’فوائد الاخبار‘، ’سنڌ سڌار‘، ’سرسوتي‘، ’مدرسا ماهوار‘، ’اخبار تعليم‘، ’ڦليلي‘ ۽ ’سنڌ ڪاليج مِسيلني‘ جاري ٿيندا هئا. ان دور ۾ ڊي.جي ڪاليج سنڌ ۾ علم سان گڏ ادب ۽ ثقافت  ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هتي ناٽڪ منڊليون  قائم ٿيون، هتي علمي ۽ ادبي سوسائٽيون جهڙوڪ: سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي، سنڌ جاگرافيڪل سوسائٽي، سنڌ ريڊنگ ۽ لٽرري سوسائٽي وغيره  قائم ٿيون. ڪاليج جي شاگردن کي تعليم سان گڏ ادبي اظهار لاءِ به سازگار ماحول مهيا ڪيو ويو.

ڊي .جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جو آغاز:

ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن پنهنجي ادبي لکڻين لاءِ 1901ع ۾ هڪ مخزن ’ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلني‘ جاري ڪيو. ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته ’ديوان ديارام گدومل جي سرجوشيءَ سان، ديوان ڏيارام ڄيٺمل جي فراخليءَ سان 1887 ۾ ’ڏيارام جيٺمل سنڌ ڪاليج‘ ڪراچيءَ ۾ برپا ٿيو هو، ۽ 1901ع ۾ اُن جي سهاري هيٺ نڪرندڙ مخزن ’ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلني‘ شروع ٿي، جنهن جو باني هن زماني جو معزز ودوان ساڌو ٿانورداس واسواڻي هو، جڏهن پاڻ ڪاليج ۾ نوجوان پروفيسر هوندو هو. هن مخزن جي سنڌي وڀاڳ ۾ به ان زماني جي مڙني مشهور توڙي نون ليکڪن جا مضمون پوندا هئا. هي انگريزي سنڌي- مخزن 1947 تائين، شمار اڌ صديءَ جي عرصي تائين ششماهي پرچا ڪڍندي آئي ۽ سنڌي ساهت جا گهڙا ڀريندي آئي، جنهن ڪري ان جي آور جا ’جوت‘ جيتري ئي چئبي. پر عام رايو آهي ته پڇاڙيءَ ۾ اُن جو ادبي معيار ڪي قدر پٺتي پيل هو“.(4)  هن مخزن جي سنڌي حصي جي ابتدا ۾ هميشه مرزا قليچ بيگ جي شعر جون هي سٽيون ڏنل هونديون هيون: 

”ٿئين علم ۾ جي ڪامل، ڪر عمل کي به شامل،

عالم نه جي ٿيو عامل، دفتر لکيو ته ڇا ٿيو“.(5)

ڊي .جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ  ۾ شايع ٿيندڙ مواد:

هيءَ مخزن سنڌي، انگريزي ۽ گجراتي ٻولين ۾ شايع ٿيندي هئي ۽ ٽنهي ٻولين جي مواد جي ترتيب الڳ رکي ويندي هئي ۽ ٽنهي ٻولين جي مواد جا سب ايڊيٽر  پڻ الڳ هوندا هئا. سنڌ ڪاليج مِسيلني ورهاڱي تائين سنڌي ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي مخزن ڪاليج جي استادن ۽ شاگرن جي انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل مضمونن، ڪهاڻين، ناٽڪن، تاريخي ڳالهين، سفرنامن، ڪاليج جي سرگرمين وغيره تي مبني هوندو هو.  سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق جهڙوڪ: مرزا قليچ بيگ، لعل چند امر ڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، ٽي.ايل واسواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ايل.ايڇ اجواڻي، چيتن ماڙيوالا، شيخ اياز، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، رام پنجواڻي، گوبند مالهي ۽ ٻيا لکندا هئا. سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ سنڌي ادب جي هر صنف جي واڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اگر سنڌ جو انگريزي زبان ۾ ادبي ڪردار جو ذڪر  ايندو ته هن مِسيلنيءَ جو ذڪر ضرور ايندو. ڇو ته پهريون سنڌي شاگردن کي هڪ الڳ قسم جو معياري مخزن مليو، جنهن ۾ هُو پنهنجي شاعري، مضمون، ڪهاڻيون وغيره انگريزيءَ ۾ لکي شايع ڪرائي ٿي سگهيا. تمام وڏي پيماني تي سنڌي شاعرن انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي ۽ انگريز اديبن ۽ انگريزي ادبي صنفن تي مضمون لکيا. ان قسم جو شاندار مواد ان دور جي سنڌي نوجوانن جو هن مخزن ذريعي گڏ ڪري سگهجي ٿو. انگريزي ۽ گجراتي ۾ به جيڪي مضمون شايع ٿيندا هئا، انهن ۾ به گهڻا سنڌ بابت هوندا هئا. ’مِسيلنيءَ جي فيبروري 1926ع واري شماري ۾ هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب پڙهائڻ بابت مقالو شايع ٿيو، جنهن جو بنياد سندس پاران بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ 14 نومبر 1921ع تي سنڌي ادب نصاب ۾ شامل ڪرڻ بابت هڪ رپورٽ تي هو. ان رپورٽ جي بنياد تي بمبئي يونيورسٽيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ امتحان ڏيڻ ۽ سنڌيءَ جو مضمون نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. گربخشاڻيءَ صاحب جو  اهو مقالو هڪ تاريخي دستاويز آهي“.(6)  انگريزي ۾ لکيل هي مقالو انتهائي اهم پر اڻ لڀ آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي علمي لياقت جهلڪندي نظر اچي ٿي، ان  مان هيٺئين فقري جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏجي ٿو:

 ”سنڌي ڪنهن به صورت ۾، جيئن غلط سمجهيو ويندو آهي، پنهنجين ڀينر ڀاشائن کان پٺتي پيل ڪانهي. رچنا جو ڪوبه نمونو، نثر خواهه نظم ۾، منجهس ناموجود ڪونهي، ۽ دماغي هلچل جون ڪي به اهڙيون وصفون نه آهن جي منجهس درج ٿيل نه هجن. سند سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ ۾ هر قسم جو ادب پيو آهي، جنهن جو مقدار هوند ڪنهن کي به حيرت ۾ وجهي ڇڏي، بشرطيڪ اهو ڪٺو ڪيو وڃي، ڇپايو ۽ شايع ڪيو وڃي. گهڻن تواريخن، گهڻن ڪوٽائن، گهڻن روماني قصن جا دستخط ڪن خانگي ڪتب خانن جي تاڪن تي، اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي رهيا آهن“.(7)

ڊي .جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ  جي اشاعت لاءِ مقصد ۽ شرط:

        جيئن اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته هي جنرل استادن ۽ شاگرن جي لاءِ  مخصوص هوندو هو، پر  شاگردن جي اشاعت واسطي کي خاص شرط ۽ مقصد رکيل هئا، مثال طور :

·       هڪ اهڙو اشاعتي سلسلو جاري ڪرڻ، جنهن سان ڪاليج ۾ ڏنل ليڪچر، جيمخاني ۾ عام دلچسپيءَ  جي ڳالهين کي  شاگردن کي  علمي ۽ ادبي طور جوڙي سگهجي.

·       اهڙا علمي سوال اجاگر  ڪرڻ، جنهن سان شاگرد طبقي ۾ خاص رجحان جهڙوڪ اخلاقيات ، ورزش، بورڊنگ هائوس ۾ رهائش، امتحاني بندوبست بابت ڄاڻ، ۽ تعليمي حڪمت عملين جي معلومات  ڏئي سگهجي.

·       شاگردن لاءِ اهڙي راهه ڳولهجي جنهن سان شاگردن ۾ خواندگي، سائنسي ڄاڻ جي، فلسفيه منظم سوچ سان روشن خيالي پيدا ڪري پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪري سگهن.

خاص وضاحت: سياسي، مذهبي خيالن تي پابندي هوندي.

سنڌي ٻوليءَ واري حصو، خصوصي طور سان  سنڌ  لاءِ مخصوص هوندو، جنهن ۾ سنڌ جي لوڪ ادب، ۽ شاعري وغيره اچي وڃي ٿي.

ڪاليج جي زير تعليم شاگردن  ۽ اڳوڻن شاگردن جي طرفان موڪليل  مواد کي شڪريي سان وصول ڪيو ويندو ۽ اشاعت لاءِ همدرديءَ سان قابل غور ڪيو ويندو“.(8)

ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جا ايڊيٽر:

هن مخزن جا ايڊيٽر ڪاليج جا استاد ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر، ڪاليج جا شاگرد يا شاگردياڻيون هونديون هيون. سنڌ جو مشهور صوفي منش، ويدانتي اسڪالر، تعليمدان ۽ شاعر ساڌو ٽي.ايل.واسواڻيءَ جو اصل نالو ٿانورداس ليلا رام واسواڻي (1879- 1966ع) هو. 1901ع ۾ ڪاليج جي مخزن ’ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلني‘  نالي سان شروع ٿي، جنهن جو باني ڪاليج جو پروفيسر  ساڌو ٿانورداس واسواڻي هو. هن ڪيترائي سال مِسيلني جو ايڊيٽر رهيو ۽ شاندار ڪم ڪندو رهيو. 1916ع کان 1919ع تائين ’ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلني‘ جو ايڊيٽر  لال سنگ هزاري سنگ  اجواڻي (1899-1976ع) هو. 1920ع کان 1927ع تائين ڪاليج جي مِسيلنيءَ جو انچارج رهيو“.(9)  هن جي ايامڪاريءَ ۾ مخزن اڃان به وڌيڪ معياري ۽ ترقي يافته ٿيو ۽ مخزن جي شهرت  ڪاليج کان نڪري عوام تائين پهتو. 1927ع ۾ ايل.ايڇ اجواڻيءَ جي پروفيسر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جو ايڊيٽر  پروفيسر چيتن ماڙيوالا (1916-1984ع) ٿيو. هو تاريخ جي مضمون جو تمام وڏو  مضمون نگار هو.سندس مضمونن جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. هو ڪيترائي سال ’ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلني‘ جو ايڊيٽر رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شيخ اياز به سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جا ايڊيٽر رهيا. 

ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ  مان متاثر ٿي ٻين اسڪولن مان مسيلين جو شايع ٿيڻ:

ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلني جي ڪاميابي ۽ مشهوري کان پوءِ سنڌ ٻين هاءِ اسڪولن تائين اهڙي قسم جي مخزن جي شروعات ٿي وئي. پر ’ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلني‘  پنهنجو معيار جاري رکيو.

هتي  ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

نارائڻ جڳن ناٿ هاءِ اسڪول مِسيلني:

1918ع اين.جي.وي هاءِ اسڪول طرفان ڇهه ماهي مِسيلني جاري  ٿي جنهن  ۾ انگريزي کانسواءِ
  سنڌي ٻوليءَ جو علم ادب پڻ شامل هوندو هو، هن مِسيلني جا ليکڪ به شاگرد ۽ استاد هوندا هئا، جن ۾ لال سنگهه اجواڻي، آنند بجالاڻي، گوبند ڀاٽيه، نارائڻ ڪوٽواڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، سوڀراج نرملداس، هري دلگير، ڪشن چند بيوس، ڀڳوان  وڌواڻي، نبي بخش بلوچ، ڏيارام، لالچند امرڏنومل ڍ، نانڪ هنڱوراڻي، محمد صديق قريشي، ڄيٺمل پرسرام، جمناداس سڏاڻي، ليلارام  پريم چند، پرسرام شهاڻي، صادق علي غلام حسين، ڪرمچند هڱوراڻي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻيا شامل آهن.  سوڀي جو ٽئگور  تي لکيل مضمون فيبروري 1936ع ۾ پرچي ۾ شايع ٿيو هو ۽ کيس انعام مليو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو مضمون ’مارچيس مارڪوني ۽ سندس عجيب ڪارناما‘  پڻ نارائڻ جڳن ناٿ هاءِ اسڪول مِسيلنيءَ ۾ شايع ٿيو هو. هن مِسيلنيءَ جا ايڊيٽر ، اسڪول جا هيڊ ماستر ٿيندا هئا.

ٺارو شاهه هاءِ اسڪول مِسيلني:

ٺارو شاهه ۾  1895ع ۾ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول جو وجود وڌو ويو.  اهو اسڪول اڳتي هلي  سن 1924ع ۾ هاءِ اسڪول جي درجي تي پهتو. انهي ڏس ۾ نامياري تعليمدان خانبهادر ايس. ڊي. ڪانٽريڪٽر جو نالو اتهاس ۾ ملي ٿو، جنهن صاحب جي ڪوششن سان ٺاروشاهه ۾ هاءِ اسڪول قائم ٿيو. هيءُ اسڪول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۽ سنڌ گورنمينٽ  جي ڪنٽرول هيٺ  هاءِ اسڪول جي سطح تي هلڻ لڳو. سن 1924ع ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ  هڪ مڊل اسڪول قائم ڪيو  ويو هو“.(10) هن اسڪول ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جي طرز تي  مخزن جاري ڪيو ويو، جيڪو انگريزي ۽ سنڌي زبانن ۾ شايع ڪيو ويندو هو.  هن مخزن جا ليکڪ اسڪول جا استاد ۽ شاگرد هوندا هئا. افسوس جو اڄ ٺاروشاهه جي هن اسڪول ۾ هن مخزن جي هڪ ڪاپي به موجود نه آهي.

 

جيڪب آباد  هاءِ اسڪول مِسيلني:

جڏهن جيڪب آباد جو ذڪر ايندو، تڏهن جان جيڪب جو ذڪر  به ضرور ٿيندو. مسٽر جان جيڪب (1812ع _1858ع ) هڪ انگريز فوجي جرنيل هو. هن خانڳڙهه جو نالو بدلائي پنهنجي نالي جي پٺيان ’جيڪب آباد‘ رکرايو. شهر جي خوبصورتي وڌائڻ ۽ وڻڪاريءَ لاءِ باغ ۽ وڻ پوکرايا. هُن علائقي ۾ اسڪول کولرايا ۽ راندين جا ميدان ٺهرايا، ميلا  ڪرايا. جان جيڪب پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪجهه ورنيڪيولر  اسڪول پڻ قائم ڪرايا. مسٽر شوڪت قريشيءَ، جيڪب آباد جي ’مين پرائمري اسڪول‘ جي تاريخ لاءِ ڄاڻايو آهي ته ”هن اسڪول جي عمارت تي بنياد جو سال 1868ع اُڪريل آهي. شروعات ۾ ان اسڪول ۾ چار درجن وارو ورنيڪيولر اسڪول هلندو هو. ان کان پوءِ ان کي مڊل اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ وڌيڪ ڪلاس روم ٺاهيا ويا ۽ ان کي ستين درجي تائين آندو ويو. هڪ انگريزي ميڊيم اسڪول پڻ ان ۾ قائم ڪيو ويو هو، جيڪو 1909ع ۾ ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان جو درجو هاءِ اسڪول تائين وڌايو ويو. جيئن ته ان اسڪول جو شمار ضلعي جي بنيادي اسڪولن ۾ ٿئي ٿو، انڪري پوري ضلعي جا ٻار اتي پڙهڻ ايندا هئا“.(11) هن اسڪول ۾ ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جي طرز تي  مخزن جاري ڪئي وئي، جيڪا ڪجهه وقت ٺارو شاهه اسڪول سان گڏ شايع ٿيندي هئي ته ڪڏهن الڳ شايع ٿيندي هئي.

ڊي. جي نيشنل ڪاليج مِسيلني ’ڦليلي‘:

حيدرآباد سنڌ جي ڏيارام گدومل ڪاليج مان سنه 1924ع ۾ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ مِسيلني ’ڦليلي‘ جي نالي سان مخزن ڪڍيو ويو. هن مخزن ۾ سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ۽ بلند پايه جا مضمون شايع ٿيندا هئا. سنه 1945ع ۾ هن رسالي جو ايڊيٽر مسٽر خوشيرام واسواڻي هو. هن وقت اهو مٿيون ڪاليج ’گورنمينٽ ڪاليج‘ جي نالي سان قائم آهي. هن مخزن خواتين ڪهاڻيڪارن جي همت افزائي ڪئي. اهم ڪهاڻين ۾ ’ڪٺن ڪسوٽيءَ‘ (منگهارام ملهار)، ’آرسي‘ (لڪشمي گدواڻي)، ’ڪمدار ورو‘ (تولوجي ڪرپلاڻي)،
’قدرت جا قهر‘ (مس سامتاڻي)، ’خواب جو تعبير‘ (عبدالشڪور اي. منشي)، ’ترنگ جو تيرٿ‘ (پنجواڻي جي رام)، ’هندو مسلم اتحاد جي سچي ورتا‘ (بي.جي نالسا)، ’يادگيري‘ (جهٽمل.ايڇ ميرچنداڻي)، ’اُڀ مانڻ موتي‘ (مس ڪي- ٽي ميرچنداڻي)، ’منهنجي تصوير‘ (تارا ميرچنداڻي)،
’دک‘ (چيتن جي شاهاڻي)، ’پشيماني‘ (گوبند آڏواڻي)، ’مايا‘ (سندري واسواڻي)، ’محبت جي ديوي‘ (موتي گدواڻي)، ’سنياسي‘ (هرپلاڻي)، ’معصوم جي ملاقات‘ (مس سپاهيملاڻي)،
’مفلس نينگر‘ (شيخ اي.جي)، ’حقيقي ميلاپ‘ (مس ڊي سي آڏواڻي)، ’انات جي دنيا‘ (مس نوتاڻي)، ’ان ۾ تنهنجو ڪهڙو راز‘ (جي راماڻي)، ’شمع طمنا‘ (غلام حسين ايم ميمڻ)، ’پيننگ‘ (موهن جهامتراءِ ٿڌاڻي)، ’شيخ ۽ برهما‘ (سراج الحق قريشي) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهم ڪهاڻيون شامل آهن.

ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جا ليکڪ:

ڪاليج جي شاگردن کي علم سان گڏ ادب  ۽ شاعريءَ کي پڌرو ڪرڻ  لاءِ به سازگار ماحول مهيا ڪيو ويو. ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن جون ادبي لکڻيون شايع ڪرڻ لاءِ ڪاليج جو مخزن ’ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلني‘ جي نالي سان  شروع ڪيو ويو. سنڌ ڪاليج مِسيلني ورهاڱي تائين سنڌي ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق هئا.  هن مخزن ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق جهڙوڪ: لعل چند امر ڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، ٽي.ايل.واسواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، پروفيسر منگها رام ملڪاڻي، ايل.ايڇ اجواڻي، چيتن ماڙيوالا، شيخ اياز، نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري دلگير، رام پنجواڻي، گوبند مالهي، روپ چند ڪرپلاڻي، وشنو کدواڻي، نانڪرام ڌرمداس، ڏيارام سڀاڻي، ساوتري جهانگياڻي، ڪي.اي.ثنائي، تخت پ.ن، ڪيول راماڻي، وشن ميٺارام گيهاڻي، گلراج دروڪاداس ڀاٽيه،  ڊي.ڪي. منشاراماڻي، پاروتي پي.ابيچنداڻي، ليلا پي.شهاڻي، ايس.جي.جئسنگاڻي، آنند ڪي.آڏواڻي پرمانند ميوارام، تولارام ٻالاڻي، جهامنداس ڀاٽيه، رامچند اجواڻي، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ، شيوڪ ڀوڄراج، هرومل سدارنگاڻي، لوڪومل ڪيسواڻي، رام پنجواڻي، وشن گيهاڻي، گلراج گل، حڪيم لعل چند مجروح، بيوس، سيد بچل شاهه ’غمزده‘،  ۽ ٻين ليکڪن جون لکڻيون شايع ٿينديون هيون.

ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جو سنڌي ادب ۾ ڪردار:

سنڌ مِسيلني انگريزي، سنڌي ۽ گجراتي ٻولين ۾ ڇهه ماهي شايع ٿيندو هو. هن اديبن ۽ عالمن نه رڳو علم ۽ ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر سنڌي ناٽڪ ۽ ثقافت کي پڻ هٿي ڏني. هتي اسان صرف سنڌي ادب جي ترقي جي واڌاري جو مختصر جائزو وٺنداسين:

ناٽڪ نويسي:

         ”سنڌ جي پهرين ناٽڪ منڊلي، ڪراچيءَ واري ڊي- جي ڪاليج جي پرنسپال، ڊاڪٽر جئڪسن ۽ وائيس پرنسپال   پادشا جي اُدم سن 1894ع ۾ وڏي جفاڪشيءَ سان برپا ڪئي، جنهن جو نالو ’ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچرئر ڊراماٽڪ ڪلب‘ رکيائون، ۽ ساڳي سال ميٺارام هاسٽل جي اڏاوت به شروع ٿي، جنهن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ سانگي ئي ناٽڪ منڊلي ٺاهي هئائون.هن منڊليءَ جو پهريون هدايتڪار لوڪ سنگ ملڪاڻي ۽ پهريون مکيه ناٽڪ نويس ليلارام وطڻمل هئا“.(12) منڊليءَ ۾ جيڪو پهريون ناٽڪ ڪري پيش ڪيو ويو سو هو ’نل دمنتي‘. جنهن 1894ع ۾ پهريون ناٽڪ ڄيٺانند کلڻداس ڀريائي جو لکيل هو. ان ناٽڪ لاءِ سڄي شهر جي معززن کي دعوت ڏني وئي، جڏهن ته ناٽڪ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ مقرر ٿيل هئي. ڊي. جي ڪاليج جي مِسيلنيءَ ۾ به ڪيترائي اهم ناٽڪ شايع ٿيا، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

 

عنوان

ليکڪ

سال

تيليءَ مان ٿنڀ

روپ چند ڪرپلاڻي

1925ع

ناخلف

منگهارام ملڪاڻي

1931ع

پاپ ڪين پڇ؟

منگهارام ملڪاڻي

1931ع

حسينا

وشنو کدواڻي

1931ع

ٻه باهيون

منگهارام ملڪاڻي

1932ع

سمنڊ جي گجڪار

منگهارام ملڪاڻي

1932ع

چٽ نه چماٽ، وڃائين ٻي واٽ

نانڪرام ڌرمداس

1933ع

منهنجي نورني

ڏيارام سڀاڻي

1933ع

سمنڊ جي گجڪار

منگهارام ملڪاڻي

1933ع

ميلاپ

منگهارام ملڪاڻي

1939ع

دلسوز داستان

منگهارام ملڪاڻي

1939ع

جهانگير ۽ نورجهان

ساوتري جهانگياڻي

1939ع

ڪوڙي ڪلينڪ

منگهارام ملڪاڻي

1940ع

جيون ناس

منگهارام ملڪاڻي

1942ع

 سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ ناٽڪ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جا شايع ٿيا، هو  ان دور جو ڪامياب ناٽڪ نويس، اداڪار ۽ ناٽڪن جو نقاد هو. هو لکي ٿو ته: ’1933ع واري پرچي ۾‘منهنجي نُورني‘ ڇپيو هو جو ديارام سڀاڻي، مشهور شاعر ۽ ناٽڪ ڪار هريندرناٿ چٽو پاڌيا جي انگريزي Evening Lamp’ تان ترجمو ڪيو هو ۽ هڪ شاعراڻو تمثيلي ناٽڪ هو، پر ناٽڪي خوبي منجهس گهٽ هئي. روپچند ڪرپالاڻيءَ هڪ طنز ڀريو ناٽڪ ’تيليءَ مان ٿنڀ‘ انگريزي مخزن ‘Treasure Chest’ مان ترجمو ڪيو هو، جو سنڌ ڪاليج مِسيلني (1925ع) ۾ ڇپيو هو ۽ ڪاليج ۾ ڪري به ڏيکاريو ويو هو. منجهس کلائيندڙ نوع ۾ ظاهر ڪيل هو ته ٻهراڙيءَ ۾ کوهه تان پاڻي ڀريندي، زالون ڪئن ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪري گلا خوري ڪنديون آهن“.(13)

ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلني (1939ع) ۾ ڪماري ساوتري جهانگياڻيءَ جو ’شهنشاهه جهانگير ۽ ملڪه نورجهان جي اوائلي حياتي ۾ هڪ افسانو‘ واري لنبي سري سان ننڍو ناٽڪ ڇپيو هو، جنهن ۾ مهرالنساء جي ٻن ڪبوترن اڏائڻ وارو روماني واقعو، نهايت دلڪش ناٽڪي بناوت سان پيش ڪيل هو. هي ٽاٽڪ جي دليان جوڙيل هو ته يڪ- فصل ناٽڪ جو سهڻو نمونو هو. اهڙي طرح ٻيا ناٽڪ به شاندار ۽  معياري هئا.

ڪهاڻيون:

مختصر سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات 1914ع کان سمجهڻ گهرجي، ڇو ته مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙويمل، لعلچند امرڏني مل، پرمانند ميوارام ۽ ڪاڪي ڀيرومل اهڙيون ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنيڪي  لوازمات کي پورو ڪن ٿيون ۽ سماجي مسئلن کي وائکو ڪرڻ جي ڏس ۾ حقيقت نگاري جو بهترين مثال آهن. مٿئين بحث ۾ به اڪثر محققن 1914ع کان ڪهاڻيءَ جي شروعات جي پٺڀرائي ڪئي آهي. ان دور ۾ سنڌي ڪهاڻي قصي ۽ آکاڻي کان اڳتي نڪري افسانوي انداز سان سماج جي مڪمل عڪاسيءَ تائين پهچي چڪي هئي ۽ نالي وارا ليکڪ پنهنجو پاڻ کي ڪهاڻي لکڻ لاءِ ارپي چڪا هئا. ان دور جي سڀني رسالن ۾ ڪهاڻيون شايع ٿينديون هيون، اهڙي طرح ڊي. جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ ۾ ڪجهه هيٺيون ڪهاڻيون شايع ٿيون، جيڪي ان دور جي شاگردن جون لکيل هيون:

 

عنوان

ليکڪ

سال

بدلو

ڪي. اي. ثنائي

1931ع

سچو پريم

تخت  پ. ن

1931ع

قصور ڪنهنجو؟

ڪيول راماڻي

1933ع

عجيب محبت

وشن ميٺارام گيهاڻي

1932ع

وڇوڙو ۽ وصل

گلراج دروڪاداس ڀاٽيه

1932ع

شڪ جو شڪار

ڊي. ڪي. منشاراماڻي

1933ع

پريت جي ريت

پاروتي پي. ابيچنداڻي

1941ع

پريم ڪٿي

ليلا  پي.شهاڻي

1941ع

دل جو چراغ

ايس. جي. جئسنگاڻي

1941ع

فيشن جا ڪلور

آنند ڪي. آڏواڻي

1941ع

 

هي ڪهاڻيون، ان دور جي شاگردن  جون لکيل آهن، جيڪي پهريون دفعو پنهنجي ڏات ۽ اندر جي اڌمن کي افسانوي انداز  ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ بلڪل صحيح لکيو آهي ته ”مخزن ۾ شاگرد ليکڪن جا وقت به وقت ڪهاڻيون ۽ افسانا به ڏنا ويندا هئا، جيڪي  فني لحاظ کان ايترا معياري نه هئا“.(14)

مضمون نگاري:

نثري ادب ۾ مضمون نگاري نهايت دلچسپ، انوکي ۽ غير افسانوي صنف آهي، جا پنهنجي اختصار، جا معنيت، زبان جي سادگي  ۽ اسلوب جي شگفتگي سبب نثر جي ٻين صنفن کان ممتاز آهي. سنڌيءَ ۾ ان جو مفهوم لڳ ڀڳ اهوئي آهي جيڪو انگريزيءَ ۾ ’ايسي‘ (Essay) جو آهي. سنڌي ادب ۾ ٻين نثري صنفن جيان مضمون نگاريءَ جي شروعات انگريزن جي دور ۾ اخبار نويسي جي اثر هيٺ شروع ٿي. خاص ڪري ذاتي ۽ شخصي مضمونن ڏاڍي ترقي ڪئي. هن دور ۾ شخصي مضمونن (Personal Essay)  تمام گهڻي ترقي ڪئي. مضمون ترجما به گهڻا ڪيا ويا ۽ اهي مجموعن جي صورت ۾ پڻ بي حساب شايع ٿيا. سنڌي مضمون نگاريءَ جي ترقيءَ جو ٻيو سبب اهو هو ته سنڌي ٻوليءَ کي ميٽرڪ جي امتحان ۾ لازمي مضمون طور رکيو ويو، جو بعد ۾ بي-اي تائين لازمي قرار ڏنو ويو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته:” هن مخزن جي ڪيترن هٿ آيل پرچن مان عمدا ۽ مکيه مضمون چونڊي، لکندڙن جي نالي هيٺ ڏجن ٿا:- 1901ع واري شروعاتي پرچي جو بهترين مضمون هو پرمانند ميورام جو ’سنڌي عبارت‘، جنهن ۾ هن مثالي مضمون نويس، سڀاويڪ ۽ موزون عبارت استعمال ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون هيون جي اڄ ڏينهن تائين ڪارگر آهن:

”پر جي عبارت سيکارڻ جي نه آهي ته به اُنجي سٺائي ۽ صفائيءَ جي پڇاڻ ته پئجي سگهندي يا ان جي نسبت ڪي اشارا ته ڏيئي سگهجن ٿا. عبارت سٺي سا جنهن ۾ هرڪو لفظ ۽ تڪ ۽ پهاڪو پنهنجي پوري جاءِ وٺيو بيٺو هجي. ائين نه جو سسي ريڍي ۽ ڌڙ ٻاڪرو. ٻيو ته جئن خيال پيا اچن تئن ويو ماڻهو اٽڪائيندو ته عبارت زور ۽ رس ڀري ۽ اثرائتي ٿيندي. هار سينگار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪجسي ٿي پوندي. جي ڀانئين ته چڱو لکان ته اٽڪل شٽڪل ۽ کيڏبازي ڦٽي ڪر. سڀاوڪ ۽ سرلو ٿيءُ. عالمن جو چوڻ آهي ته عبارت ته هاري ماڻهن جي، جي نڪو مرچ مصالح ڄاڻن نڪو گڏين. سڀاويڪ طور جيڪي اچين سو وڃن چوندا..... سنڌي ٻوليءَ اڃا چئبو ته سلو ڪڍيو آهي اُسري پيئي. ٻين ٻولين جيان زور ڪينهي. اڪثر ڏسجي ٿو ته جنهن کي جيئن ٿو اچي تيئن وڃي اُبتو سبتو قلم کي وهائيندو. وهي  نه وهي وٺ رينگهٽ کي. تنهن لکڻي ۾ ڪو لاءُ ڪوساءُ، نه ڏسجي مهل نه ويل“.(15)

ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ ۾ تمام گهڻا مضمون شايع ٿيا، جن جا ليکڪ استاد ۽ شاگرد هئا. مِسيلنيءَ ۾ شايع ٿيل مقالن ۽ مضمونن اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ به شايع ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ ڪاليج مِسيلنيءَ جي ايڊيٽر ايل ايڇ اجواڻيءَ جا ڪتاب،  شامل آهن. هتي مخزن ۾ شايع ٿيل مضمونن جي لسٽ ڏجي ٿي:

 

عنوان

ليکڪ

سال

سنڌي عبادت

پرمانند ميوارام

1901ع

چنڊول پکي

پرنسپال شهاڻي

1908ع

ڀل مانسي

ديوان ڪوڙومل

1912ع

لطيفي لات

تولارام ٻالاڻي

1914ع

حب وطن

ڀيرومل مهرچند

1916ع

حياتيءَ جي حقيقت

جهامنداس ڀاٽيه

1916ع

مرتيو کان پوءِ ڇا ٿي؟

رامچند اجواڻي

1916ع

شڪار ته ڪري مير علي مراد

پرمانند ميوارام

1917ع

حق جي ڳولا

محمد صديق ميمڻ

1917ع

درياهه جو درشن

تولارام ٻالاڻي

1918ع

گنجي ٽڪر جو سير

ميران محمد شاهه

1919ع

ڀنڀور

لالچند امرڏنومل

1920ع

سنڌ جي ادبي تاريخ

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

1924ع

شاهه عاشق

آسانند مامتورا

1924ع

کنڀات

نارائڻ داس ملڪاڻي

1925ع

تصوير جو ٻيو پاسو به اٿلائي ڏسجي

پرمانند ميوارام

1925ع

عورت جي استتي

منگهارام ملڪاڻي

1928ع

شاهه ۽ سندس شعر

تاج محمد آغا

1929ع

ڄٽ ڪير

لالچند امرڏنومل

1930ع

مان ماستر آهيان

امر لعل هنڱوراڻي

1930ع

سارنگ

ڀيرومل مهرچند

1930ع

ٻوليءَ جو فخر

ڀيرومل مهرچند

1930ع

ڇيڄ

پروفيسر  بي.جي. واسواڻي

1931ع

چوريءَ جون ڳالهيون

شيوڪ ڀوڄراج

1932ع

غيرت جو ٿنبو

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1932ع

جيوت جو مزو

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1934ع

دغاباز دنيا

روچيرام سڏاڻي

1936ع

لالو ساڌو

گوبند ڀاٽيه

1937ع

ڳوٺ سڌار هلچل

گوبند ڀاٽيه

1938ع

اسان جو وجهه

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1938ع

تصوف ۽ ويدانيت

هريرام  ڀاٽيه

1939ع

هڪ سوال

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1939ع

وقت

هرومل سدارنگاڻي

1940ع

سامي ۽ دلپت

هريرام  ڀاٽيه

1940ع

هڪ عجيب لطف

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1941ع

ڪوسيءَ ٿڌڙي ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي

هرومل سدارنگاڻي

1941ع

مارئيءَ جو ملڪ

ڀيرومل مهرچند

1941ع

نثر ڪي گهرجون

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1942ع

عشق مجازي عشق حقيقي

لوڪومل ڪيسواڻي

1943ع

تنقيد ”اناردانه“

رام پنجواڻي

1943ع

سنڌ جا مير

چيتن ماڙيوالا

1946ع

هري

نارائڻ داس ڀمڀاڻي

1946ع

شاعري مخفي

ڏيپچند کينڙا

1947ع

شعر ۽ سڀيتا

پروفيسر لالسنگ اجواڻي

1947ع

پرمانند ميوارام جو سٺو بيان مضمون ’شڪار ته ڪري مير علي مراد‘ 1917ع واري نمبر ۾ پيو هو.  آڪٽوبر 1925ع واري ۾. پرنسپال صاحبسنگ شاهاڻيءَ جو طبعي مضمون، ’چنڊول‘ 1908ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ اُن پکيءَ جي عادتن ۽ هلت چلت جو بيان ڳوٺاڻي اصطلاح ۾ ڪيل هو. مرزا قليچ بيگ جو ’راڳ‘ 1912ع ۾ ڇپيو هو، جنهن مان هن صاحب جي موسيقي لاءِ شوق ۽ ڄاڻ جي پروڙ پوي ٿي.

سوڀراج نرملداس جو ادبي ليک ’شاهه طالب‘ 1925ع ۾ پيو هو، ۽ 1928 واري شاهاڻي نمبر ۾ ’سنڌي مشاعرو‘ ڇپيو هو، جو ڪاليج واريءَ ’سرسوتي گروپ‘ جي مشاعري تي سندس ڪيل تقرير تان ورتل هو. ديوان ڪوڙيمل جو نصيحت ڀريو مضمون ’ڀل مانسي‘ 1912ع ۾ ڇپيو هو، ۽ جيٺمل پرسرام جو ادبي ليک ’لات لطيفي‘ 1913ع ۾. لعلچند امر ڏنيمل جو سئر سفر وارو مضمون ’ڀنڀور‘ 1920ع ۾، ۽ ’ڄٽ ڪير؟‘ 1930ع ۾ ڇپيا هئا. ڀيرومل مهر چند جو عام واقفيت وارو ليک ’اک‘ 1916ع ۾، فطرتي مضمون ’سارنگ‘ فيبروري 1930ع ۾، ۽ بياني مضمون ’مارئيءَ جو ملڪ‘ 1941ع ۾ پيا هئا. فيبروري 1938ع ۾ هن عالم جو ادبي مضمون ’شاهه جي سنڌي‘ پيو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ’مقدمه لطيفي‘ مان ’شاهه جي سنڌي‘ واري باب نسبت مثال ڏيئي کولي سمجهايو هئائين ته ڪهڙن سببن ڪري شاهه جو آڳاٽيءَ نج سنڌيءَ ۾ لکيل شعر پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ مشڪلات ٿي ٿئي. فيبروري 1944ع ۾ هڪ گمنام ليکڪ جو مضمون ’پريشانيءَ ۽ آٿت‘ پيو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت تي بگڙيل ۽ کُٽل هئڻ جي الزام کي، سهڻو رد ڪد ڏنل هو، ۽ خود اُن ليک جي عبارت به سرل هنديءَ سان ملاوت واري هئي.  جهامنداس ڀاٽيا جو ’حياتيءَ جي حقيقت‘ (فيبروري 1916ع) عمدو مضمون هو، ۽ رامچند اجواڻيءَ جو ’مرتيو کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي‘ (آڪٽوبر 1916ع) ۾ پڻ خاصو خيالي ليک هو. محمد صديق ميمڻ جا ’سهڻو‘ (1916ع)  ۽ ’حق جي ڳولا‘ (1917ع)، ميران محمد شاهه جو ’گنجي جبل جو سير‘ (1919ع) ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ (1924ع) جنهن مان پهرئين باب ۾ مثال ڏنل آهي، ايم.آر عباسيءَ جو ’ننگر ٺٽو ۽ مڪليءَ جي ٽڪري‘ (آڪٽوبر 1924ع کان قسطن ۾)، تاج محمد آغا جو ’شاهه ۽ سندس شعر‘ (1929ع)، ۽ عبدالڪريم ميمڻ جو ’نفاق‘ (1933ع)- سڀ پنهنجي پنهنجي نموني جا سهڻا مضمون هئا.

شاعري:

انگريزن جي دور ۾ سنڌي شاعري پنهنجي عروج تي پهتل هئي ۽ مغربي ۽ مشرقي علمن تي رسائيءَ سبب سنڌي شاعريءَ ۾ نيون صنفون ۽ لاڙا متعارف ٿي چڪا هئا. سنڌي غزل ، مسدس، مخمس، بيت، وائي، ڪافي ۽ ٻيون صنفون  ترقي ڪري رهيون هيون. سنڌ ۾ شاعرن جو هو وڏو تعداد موجود هو، رسالا ، مخزن ۽ عام ڪتاب شاعرن سان ڀرپور هئا، اتي ڊي. جي ڪاليج جي مِسيلني به پوئتي ڪونه هئي.  هتي شايع ٿيل ڪجهه شاعرن جو مختصر وچور ڏجي ٿو:

عنوان

شاعر

سال

بلبل (مسدس)

وشن گيهاڻي

1931ع

رام ۽ رحيم (مسدس)

بيوس

1931ع

الفت جو راز (بيت)

گلراج گل

1931ع

شمع ۽ پروانو (غزل)

ڊي. ڪي منشا آزاد

1931ع

بار بهار (غزل)

حڪيم لعل چند مجروح

1932ع

موت (مسدس)

بيوس

1932ع

ماتا (غزل)

هري هزاريمل سڪايل

1932ع

انسان (غزل)

بيوس

1933ع

مون ڏانهن نهار (ڪافي)

گلراج گل

1933ع

بي وفائي (غزل)

چندر

1933ع

شڪنتلا (مسدس)

ڊي. ڪي. ڪشناڻي آزاد

1932ع

سور سلامي (بيت)

سيد بچل شاهه ”غمزده“

1932ع

قاصد ڪڪر (مسدس)

ڊي. ڪي. ڪشناڻي آزاد

1934ع

نازڪ جذبات (غزل)

گلراج گل

1934ع

جدائي ۾جذبات (غزل)

سيد بچل شاهه ”غمزده“

1934ع

قادر جي قدرت (مسدس)

رام پرتابراءِ پنجواڻي

1934ع

حسن (مسدس)

بيوس

1934ع

مست خيال

گلراج گل

1934ع

نذرانو (مسدس)

ڊي. ڪي. ڪشناڻي آزاد

1934ع

شاعر (مسدس)

هري درياڻي دلگير

1935ع

هندستان اسان جو (ترانو)

رام پرتابراءِ پنجواڻي

1941ع

ظالم ۽ مظلوم (مسدس)

ڄيٺو سپاهيملاڻي عاجز

1941ع

نئون زمانو (مخمس)

ڊي. ڪي. ڪشناڻي آزاد

1941ع

ايڪتا (مسدس)

نارائڻ پي. جئنداڻي

1941ع

ٻار (غزل)

وشن ڀاڳيا

1942ع

مارئيءَ جي دانهن (ڪافي)

شيخ راز

1942ع

ڊي.جي ڪاليج جي هن مخزن ۾ معياري شاعريءَ شايع ڪرڻ جو خاص ڌيان رکيو ويندو هو، ڇوجو ڪيترائي عالم ۽ اديب هن ڪاليج جي تدريس جي شعبي سان وابسطه هئا، جيڪي معيار  برقرار رکڻ تي زور  رکندا هئا. هتي روچي رام آڏواڻيءَ جي نظم ’شبنم‘ جو نمونو ڏجي ٿو:

قدرت ڪلا سان پنهنجي  رنگت وڏي رچائي

شبنم اچي گلن تي مسرت مٺي مچائي

پرڀات جي پهر ۾ چربو کڻي چمن ۾

شبنم ته شوق  ڇلڪڻ لڳي چڳن ۾

موتين جي مالا موجي پئي آ ڄڻ پنن ۾

هيرز هزارين  لٽڪن گلڙن جي ڄڻ ڳلن ۾

اهڙو نظارو نرمل لئو لئو ۾ لهر لائي

شبنم اچي گلن تي مسرت مٺي مچائي“.(16)

اها گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته هن ڪاليج جي تڏهوڪي شاگرد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاعري به ڪئي، جنهن ۾ 1939ع واري گولڊن جوبلي نمبر ۾ سندس ڪاليج جي شان ۾ هڪ شانداز نظم شايع ٿيل آهي، جنهن جو نمونو هتي ڏجي ٿو:

اسان کي آ فخر  ناز توتي سنڌ جا ڪاليج،

هر سنڌ سندي فرد  ۽ فرزند جا ڪاليج

هر علم جي گواهان عقلمند جا ڪاليج،

آباد رهين شال در  هند جا ڪاليج

هر دل جي صدا آه دل شاد رهين شال

آباد رهين شال آباد رهين شال

’ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مِسيلني‘  مان ترتيب ڏنل مجموعا:

’ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مِسيلني‘  پنهنجي دور جي هڪ معياري مخزن هئي، جنهن ۾ شاعري، ڊراما، ڪهاڻيون ، مضمون ۽ ٻيو مواد  شايع ٿيندو هو. اڳتي هلي انهن مان ڪافي مواد ترتيب ٿي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنهنجا ناٽڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا. عطا حسين شاهه موسويءَ جا ڪيترائي مضمون ڊي.جي سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ شايع ٿيا بعد ۾ ٻين مضمونن سان گڏ ’ڪچ ڪوڏيون‘ مجموعي ۾ شايع ٿيا.  اهڙي طرح شاعري ۽ مضمونن جا مجموعا پروفيسر لال سنگ هزاري سنگ اجواڻي ترتيب ڏنا، جيڪي هيٺين ريت آهن:

ڊي. جي ڪاليج گولڊن جوبلي نمبر:

اسان کي خبر آهي ته ڊي.جي ڪاليج 1887ع ۾ برپا ٿيو هو ۽ انهيءَ جي گولڊن جوبلي 17 جنوري کان 23 جنوري 1937ع ۾ ڪاليج ۾ ملهائي وئي هئي. ان دوران پڙهيل مقالا، تقريرون، ڦوٽو ۽ ڪجهه ڪاليج مِسيلنيءَ جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل مواد کي ٻيهر گڏ ڪري پروفيسر  لال سنگ هزاري سنگ اجواڻيءَ  1939ع  ۾ڪتابي صورت ڏني، جنهن جو  نالو هو:

DJ Sind College Golden Jubilee Book"  THE GOLDEN JUBILEE BOOK OF THE DAYARAM JETHMAL SIND COLLEGE, KARACHI (1887 - 1937)

ويچار 1944ع: ۾ پروفيسر لال سنگ هزاري سنگ اجواڻي. ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلني (Miscellany) ۾ 40 سالن دوران آيل چونڊ مضمونن کي سهيڙي ’ويچار‘ جي نالي سان شايع ڪرايو. هن مجموعي ۾ مختلف ليکن جا مضمون شامل آهن، جيڪي مخزن جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل هئا، پروفيسر اجواڻيءَ جي پسند شاندار هئي، هن چونڊي معياري مضمون شامل ڪيا.

نئون دور 1947ع:  پروفيسر لال سنگ اجواڻيءَ ’ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مِسيلني‘  جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل شاعري جي چونڊ ڪري، ان کي ترتيب ڏئي شايع ڪرايو.

1947ع وارو ڊي.جي. سنڌ ڪاليج مِسيلني جو پرچو:

هوتچند مولچند گربخشاڻي (1884_1947ع)، 1905ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان بي.اي 1907ع ۾ ۽ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم.اي پاس ڪيائين. 1928ع ۾ انگلينڊ مان  پي ايڇ.ڊي جي ڊگري وٺي آيو. ڊي.جي ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ پوءِ پرنسيپال ٿي رهيو.  11 فيبروري 1947ع تي ڊاڪٽر گربخشاڻي ديهانت ڪري ويو، سندس خدمتن جي عيوض 1947ع وارو ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلني جو پرچو، گربخشاڻي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ سنڌي ۽ انگريزي ۾ سندس باري ۾ ڪي مضمون پڻ شايع ڪيا ويا.

ڊي.جي سنڌ ڪاليج مِسيلني سال ۾ ٻه دفعا فيبروري ۽ آڪٽوبر ۾ شايع ٿيندي هئي  ۽ اها َ مخزن 1947ع تائين جاري رهي. انگريزن جي دور ۾ هن مخزن  تعليمي ادارن شاگردن جي شخصيت سازيءَ ۾ وڏو اهتمام ڪيو. هن مخزن خاص طور تي  ليکڪائن  جي تمام گهڻي همت افزائي ڪئي.  هن مخزن جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ تمام وڏو ڪردار آهي، پر افسوس ته اڄ ته هن مخزن جو باقاعده تجزيو نه ٿيو آهي ، پر ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ ڊي. جي ڪاليج ۾ هن مخزن جي هڪ ڪاپي به موجود نه آهي، خبر نه آهي ته ڪنهن ڪهڙي سازش سان هن مخزن جون ڪاپيون ڪاليج مان غائب ڪرائي ڇڏيون.

 

حوالا:

·       ڦيرواڻي، شيوارام نرسنگهداس، پروفيسر: ’راج رشي ديوان ڏيارام گدومل‘، (جيون چرتر)، ڇاپو ٻيو ، سگا ڪراچي، 2000ع، ص 27-28

·       رامواڻي، موتيرام ايس: ’سنڌ ۽ اسان جو ورثو‘، شارڌا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع، ص 88

·       Haider , Dr. Azeemushan: ‘History of Karachi’, Feroz Sons, Karachi, 1974  

·       ملڪاڻي، منگهارام، پروفيسر: ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، روشني پبليڪشن، حيدرآباد،  1997ع، ص 207   

·       ’خانائي‘، قريشي حامد علي، پروفيسر: ’سنڌي زبان جا ادبي ماهوار رسالا‘، ٽه ماهي ”مهراڻ“، 1981ع، نمبر 2

·       راڄپر، محمد قاسم، ڊاڪٽر: ’سنڌ ۾ تعليم ۽ ادب جي واڌاري ۾ ڊي جي ڪاليج جو ڪردار‘، ڪلاچي جرنل، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، جون 2015ع

·       ملڪاڻي، منگهارام، پروفيسر: ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، روشني پبليڪشن، حيدرآباد،  1997ع، ص

·       The D.J. Sind College Miscellany , Vol XLI, February 1939

·       رامواڻي، موتيرام ايس: ’سنڌ ۽ اسان جو ورثو‘، شارڌا پرڪاشن، بمبئي، 1987ع، ص . 209

·       ’خانائي‘، قريشي حامد علي ، پروفيسر: ’ساهتيءَ جا قديم علمي مرڪز‘ (قلمي)، 1985ع، ص 202

·       Sadahyo, Ghulam Nabi, Dr.: ‘Jacob’s Town Jacobabad’, District Historical Society, Jacobabad, 1994,  p 143

·       ملاح، مختيار احمد: ’اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي نثر جي تاريخ‘، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل  ريسرچ، نوابشاهه، 2017ع، ص 142،143

·       ملڪاڻي، منگهارام، پروفيسر: ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، روشني پبليڪشن، حيدرآباد،  1997ع، ص

·       ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ’ڪجهه پراڻا رسالا‘، گل حيات انسٽيٽيوٽ  جي ويب سائيٽ، ص 86

·       انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جلد پنجون)، چيف ايڊيٽر: پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين،  سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 2012ع، ص 412

·       The D.J. Sind College Miscellany , Vol 45, February 1942,P 24

نوٽ:  مواد جي لسٽ تيار ڪرڻ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي  ڪتاب ’پراڻا رسالا‘ گل حيات انسٽيٽيوٽ ويب سائيٽ تان ڪافي مدد ورتي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org