سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:19 

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

 

 

 

 

جتيءَ جوڙ به جي ٿيان!

 

جيڪر جُتي ھجان، پنھنجي محب مجيب جي،

ته پيرن ۾ پرينءَ جي، پيئي روز پوان،

وک وک تي واه جا، چميو قدم چمان،

ٿانيڪي ٿيان، ’طالب مولا‘ تنھن سان.

 

ھئي ھئي منھنجو قسمتون، جيڪر جُتي ٿيانِ،

پل پل وجھن پير ۾، ته ڀاڪر وجھي بيھانِ،

چوڙن سدا چاھ مان، بيحد بار کڻانِ،

پيارا پير ته پري ٿيا، پرَ مٽِي مَرُ چمانِ،

پيئي پيرانديءَ ھجان، ته به سدائين سونھانِ،

’طالب مولا‘ تھ دليئون، ڏينھاڙي ڏسانِ،

پگھر پَئي پيان، عمر ڏيان عجيب وٽ.

 

جتي ٿيان جيڪر، پنھنجي محب مجيب جي،

ته ڪري پيار پيرن سان، ڀريو وجھانُ ڀاڪر،

پيئي ھجانس پير ۾، صدا منجھه سفر،

’طالب مولا‘ طلب جي، ھي خاصي آھهِ خبر،

ته نڌر به ٿيان سڌر، جي لالڻ وٽ لتاڙجان.

 

پنھنجي محب مجيبڙا، جيڪر جتُي ڪن،

ته پيرڻ کي نه پچڻ ڏيان، خراشون خارن،

قدمن کي قرب مان، ڏيان ڀريون ڀاڪرن،

مٽيءَ ھاڻا پير ٻئي، مون ۾ محب وجھن،

ته به منھنجو منھن مَٿي ٿئي، اچو الاھي اگھن،

ممڪن آھي مورڳو، مون کي چميون ڏين،

’طالب مولا‘ ائين ٿئي، ته قسمتون کُلن،

ڀلي ڏيھه ڏسن، پئي لالڻ وٽ لتاڙجان.

جيڪر آءٌ ٿي پوان، جتي جانيءَ يار،

پير نه ڏيکاريان پرينءَ جا، ڪوڙين ڏيان قرار،

مِٺن تي مِٺين جي، ڪريان وارو وار،

سيبايان سڀين پرئين، وڻان ھر ڪنھن وار،

چنبڙان اھڙي چاھه مان، جو ڪري نه پاڻان ڌار ،

ماڻي مون کي ئي فقط، نه ٻئي ڏي ڪري نھار،

لاھي کڻي ڦٽو ڪري، ته به سڌي ڪن سردار،

’طالب مولا‘، ائين ٿئي، ته ڪرم وڏا ڪلتار،

سھان پيو صدبار، لتون لالڻ يار جون.

 

جتي جانيءَ جي ٿيان، ھي لاکيڻي ٿم لوڙ،

’طالب مولا‘ طلب ۾، تھدل ڪئي توڙ،

وڻي ٿي وجود کي، پيارل جي پتوڙ،

ڪٿِ چلولن چوڙ، ڪٿي پائڻ پرينءَ جو.

 

وڪجي ته قيمت ڪانه ڪا، ۽ ھَلڪي مَٿي ھَٽ،

پوي پرينءَ جي پير ۾، ته جھڪن تاج منگھٽ،

جتي جانيءَ جي ٿيان، ته ڪي به نه منھنجا مَٽ،

مون تي مدامي ھجي، سِرن سندي سَٽ،

سوين صدقي ٿي وڃن، ڄام وڏا ۽ ڄَٽ،

’طالب مولا‘ وانگيان، ڪيئي ڀانَ ۽ پٽَ،

ھوءَ تخت لتاڙي تاب مان، چاھي ڇپر کٽَ،

ڪٿي  ڪلنگيون ڇٽ، ڪتي پيزار پرينءَ جا.

 

بلڪل بازارن ۾، جتيون ڍيران ڍير،

پئسن سان پيون ملن، ۽ ٿئي ڪانه نبير،

موڇن وٽ نه مھانگيون، پڻ سستيون جڙن سوير،

’طالب مولا‘ طلبئون، ھيئن ٿيون چوَن ھير،

ته جنھن ۾ جانيءَ پير، آءُ به جتي اھا ٿيان.

سوني جتي به پير ۾، آڻيو وجھن امير،

لُچ، لانبڙ، لوٺيا، ۽ پائن پير فقير،

اھي جتيون اصل کان، حيثيت ۾ ئي حقير،

پائي پرين جا پير ۾، ته سائي بي نظير،

’طالب مولا‘، ھن لاءِ، ٿا نڪرن اکيان نير،

ڪجي ڪا تدبير، ته جتي جانيءَ جي ٿيان.

 

جتيون ته شاھن جون به ٿيون، موتين ۾ مڙھجن،

ڪانھي ڳالھه سون جي، پر ھو ٿيون لَک لھن،

البت ٿيندو ايئن آھه، ته تخت تي به چڙھن،

ته پون اھي ئي پير  ۾، نه مَٿن تي رکجن،

سي به ته ڪنھن ڪنھن جاءِ تي، ٿيون لاھيڻون پون،

جي سر جھڪن ٿا تن کي ته به دليون ڪين جُھڪن،

’طالب مولا‘ طلب مان، ھي نُڪتا نھارجن،

ته تن کي مُھَت ملن، جي پون پرينءَجي پير ۾.

 

جتيءَ سنديءَ جوڙ کي، ڪلنگيون ڪين پڄن،

ات ڪئين ڪلاھون اچيو، ٿيون جذباتئون جھڪن،

جن کي اتان عار ٿئي، سي سِر ئي ڪسيو وڃن،

جيڪي اتي جھڪيا، ته تاج به ماڻيا تن،

محبوب جڏھن وڃي پڳا، مٿائين مقامن،

ڀانيئون ته جتي لاھيون، اھو اڃا خيال ھئن،

ته پين پڙلاءُ ڪَنَ تي ، ۽ حڪم ھيءُ ملين،

جانب جتي نه لاھجو، متان پير اگھاڙا ٿين،

وڃي پھتا توڙ تي، سان پيارا پيزارن،

ھاڻ ’طالب مولا‘، ڪيئن چوان، ٿيان جتي جانبن،

جُتي ٿيان ٻيو ڇا کپي، کٽان ٻنھين جھانن،

جو پھتي ساڻ پرين، جُتي عرش عظيم تي.

 

ڪٿي جانب جي جُتي، ڪٿي آءٌ غريب،

مون ۾ ته آھن مورڳو، وڏا عيب عجيب،

آءُ گدلو، ڪنڙو، ڪوجھڙو، ھو نرمل پاڻ نجيب،

وٽس ڪھڙي منھن وڃان، جو ٿيندس ڪيئن قريب،

پر اٿم اھو ئي آسرو، ته لالڻ آھه لبيب،

چڱو، چڱايون ئي ڪندو، حاڪم سائين حبيب،

’طالب مولا‘ آن ڪٿي، ڪٿي محب مجيب،

ھو ھميشه حسيب، آءٌ جتيءَ جوڙ به جي ٿيان!

 

ڪيم انصاف امين ٿي، ڳڻ ئي پئي ڳوليام،

ويھي پنھنجي پاڻ جا، ڦولا جو ڦوليام،

ته سچ پچ ’صديقي‘ چوي، رڳي عيب پسيام،

پنھنجي اوڻاين جا، جڏھن پتا پيام،

ته پنھنجي مرم مُسي ويس، سڄڻ جو سوچيام،

’طالب مولا‘ پاڻ کان، پو سوين سوال پڇيام،

جواب ھي جڙيام، ته ”جتيءَ جوڙ به جي ٿيان“!

 

شيخ اياز

 

 

 

آزاد نظم

 

رقص ڪر!

مورَ سان جنهن ريت ڪارونجهرَ ڪَڪر

رقص ڪن ٿا

۽ هوائن ۾ ٻرن ٿا

ٿي ڏياٽيون

زندگي کي ان کان چَکي ٻيو ڪيئن ڪاٽيون

رقص ڪر!

واءُ ۾ گل رقص ڪن ٿا

جئن ٽڙن ٿا

ٿي اچي شبنم، چُميون تن کي ڏئي،

واءُ ٿي آغوش ۾ تن کي نئي

۽ نچائي باک جو

جهانجهرا پو سِڄ وڄائي باک جو

ٿو اُنهن سان گڏ نچي،

۽ جڏهن ڌرتيءَ مٿان ٿو هُو اچي

ڄڻ سندس ڪِرڻا گلن کي ٿا چُمن،

رقص ڪن.

رقص ۾ هُو ڪائناتون ٿيون وڃن

 

ڪيستائين سي وڌن،

ڪيئن چئجي!

آ ازل کان رقص جاري، ڪير ٿو تن ۾ نچي

ڪير هي رَقاص آهي

پيرَ ٿو ڇم ڇم ڪري،

۽ اَبد تائين پيول ڇم ڇم ڪري،

آءُ ڀانواٽي نه ايندي

جي اُنهيءَ جي طائفي ۾ رقص ٿيندِي

زندگاني

عمر فاني

رقص ڪر!

ايترو تون رقص ڪر اي چُلبلي

جو وڃي هر شيءِ ڀُلِي!

رقص ئي رهجي وڃي،

رقص ئي رهجي وڃي.

 

مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘

 

 

 

 

 

ڪافي

 

سَوَ ڀيرا ستم سهبو توکي نه ڪڏهن ڇڏبو،

دنيا  جي  اصولن  کي  ٺڪرائي هليو اچبو.

 

هر وقت ڏسان توکي گڏجي مان رهان توسان،

قدمن ۾ مران تنهنجي ۽ عمر جيان توسان،

توکي ئي ڏسڻ کان پوءِ ڪيئن ٻئي ڏي ڀلا ڏسبو.

تولاءِ ته دولت ڇا دنيا به ڇڏي ڏيندس،

ٺڪرائي اصولن کي تو ڏي ئي سڄڻ ايندس،

دنيا سان ٽڪر رهندو هرگز نه قدم رڪبو.

دنيا جو ته ڪم آهي دل پيار ڀري ٽوڙڻ،

عشاق جو ڪم آهي دنيا ئي سڄي موڙڻ،

دنيا کي ڇڏي جاني توڏي ئي رڳو وڌبو.

هي زخم ڏنو آ تو ۽ تون ئي دوا آهين،

هن ساري زماني ۾ تون منهنجو مٺا آهين،

ٿي دل هي چوي منهنجي تنهنجو ئي سدا رهبو.

توکي ئي ڏسڻ چاهيان توسان ئي رهڻ چاهيان،

توسان ئي جيئن چاهيان تو وٽ ئي مرڻ چاهيان،

اقرار آ ’عاطف‘ جو الفت جو ڀرم رکبو.

(ٽماهي ’مهراڻ‘ 4/1990ع)

ٽماهي ”مهراڻ“ 4/2002ع تان کنيل

ٽماهي ”مهراڻ“ 2-3/1983ع تان کنيل 

ٽماهي ”مهراڻ“ 1/1989ع تان کنيل

 

ڊاڪٽر سحر امداد

 

 

 

 

سُر ساگر

 

چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن

چمڪيو آ چوڌار

آ ته هلون هن پار!

آ ته خوشيءَ جا نغما ڇيڙيون

سُر ساگر جا موتي ميڙيون

ڪريون قول قرار

آ ته هلون هن پار!

چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن

چمڪيو آ چوڌار

آ ته هلون هن پار!

لهر لهر ٿي گيت ٻڌائي

تون به انهيءَ سان سُر ملائي

ڇيڙي ڇڏ ملهار

آ ته هلون هن پار!

چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن

چمڪيو آ چوڌار

آ ته هلون هن پار!

پريت بنا هر ريت اجائي

سڪ ئي آهي ساءِ سجائي گهڙي گهڙي گلزار

آ ته هلون هن پار!

چاهه اسان جو چانڊوڪيءَ جئن

چمڪيو آ چوڌار

آ ته هلون هن پار!

مريم مجيدي 

 

غزل

 

ساهه کان معصوم سڪ جون ساعتون ڇو ٿا کسيو؟

زندگيءَ جي ڳاڙهي ڳل تان چاهتون ڇو ٿا کسيو؟

 

رات جي سنگين اک مان ڪو ٽٽي تارو پيو،

مات جو ڏک مختصر پراٿتون ڇو ٿا کسيو؟

 

هٿ تري طوفان جي تي ڏاڍ جو ٻاري ڏيو،

چوڪ کان چانڊوڪين جون عادتون ڇو ٿا کسيو؟

 

آيتن جهڙين اکين جا غزل ٿا ڳورها لکن،

ياد جي هي بندگي ۽ عبادتون ڇو ٿا کسيو؟

 

المين جي مُند ۾ جي محبتون فنا ٿيون،

قرب سانڍيو ساهه ۾ سي امانتون ڇو ٿا کسيو؟

 

هر نگر ناموس جو ۽ تهذيب جي هر ڪا گهٽي،

تهمت مڙهي تاريخ تي، عظمتون ڇو ٿا کسيو؟

 

ادل سومرو

 

 

 

سکر- روهڙيءَ جا هائيڪو

 

           هي لبِ مهراڻ

پوپٽ، گُل، ڦوهارا

چوڌاري سُرهاڻ.

·                   ڪلهه جتِ ويڙهانديون

اَڄُ کرڙيءَ- ميدان ۾

ٻار رهن رانديون.

·                   ساڌ ٻيلي جي شام

سنڌوءَ جي لهرن مٿان

پکين جي اُڏام

·                   معصوم شاهه مينار

سِرون ڪوٽ- اروڙ جون

درديلو ديدار

·                   هيمون ڪالاڻي!

بُرج ڏسن ٿا جيل جا

تنهنجي آکاڻي.

·                   جهيڙن واري جُوءِ

بکر ۾ بارود جي

اڃان تائين بُوءِ

·                   ٻيڙي، مُهاڻي

تريل پلي، جي خوشبو

چوڏس اُڏاڻي.

·                   مسجد منزل گاهه

سامهون ساڌ ٻيلو ۽

وچ ۾ هي درياهه.

·                   سکر اونهارو

ٽانڊا سڀئي روڊ ۽

ڄَر جو وسڪارو

·                   واڪا ڪيا گهنڊ

ديول جي پادريءَ جي

ڪين ڦٽي ننڊ.

·                   جي – بي منگهارام

بسڪوٽن جي فيڪٽريءَ تي

هاڻ لکيل بس نام.

·                   سُرمئي سانجهيءَ ويل

پاڻيءَ پاڇا پُل جا

مٿان گذري ريل

·                   پوڙهو پوڄاري

ڪالڪان جي مندر ۾

ڏي ٿو ٻهاري

·                   ماضيءَ جي للڪار

آهي اڄ به اروڙ ۾

مينديءَ جي مهڪار

·                   گهٽيون روهڙيءَ جون

هٿ - لڪيرون آهن

ڄڻ ته پوڙهيءَ جون.

·                   روهڙيءَ جون راتيون

پاڻيءَ مٿان روشني

جوڀن جون جهاتيون

نياز پنهور

 

 

 

ڪيئي جُڳ لنگهي ويا آهن

پر او سانئڻ

 

اڄ ڀي تنهنجي مورت، من ۾

ائين جا ائين سجي پئي آهي

ڄڻ ڪو ڦيرو آيو ڪونهي

ڄڻ ڪو طوفان آيو ڪونهي

ڄڻ ته ڌرتي ڌُٻي ڪانهي

توکي ڪهڙي ڪل ته تنهنجي

مورت ڪيئن سجي پئي آهي

منهنجي دل لڳي پئي آهي

 

ڪيئي جُڳ لنگھي ويا آهن

پر او سانئڻ

تنهنجا سارا خط اڃان ڀي

منهنجين تنهائين جا ساٿي

مون سان ساٿ هميشه آهن

تنهنجي پاران پيا ڳالهائين

منهنجي دل کي ٿا وندرائين

 

ڪيئي جُڳ لنگهي ويا آهن

پر او سانئڻ

تنهنجي هر ڪا ڳالهه اڃان ڀي

لڳندي آ ڄڻ ڪالهوڪي آ

تنهنجو چهرو تنهنجي شوخي

ڪالهوڪي ئي لڳندي آهي

پر او سانئڻ

جيڪا ڪالهه لنگهي وئي آهي

سا ئي منهنجي اڄ ڀي آهي

 

ڪيئي جُڳ لنگهي ويا آهن

پر او سانئڻ

تنهنجي ياد سدائين رهندي

منهنجو هرڪو گيت پڙهي ڏس

توکي لڳندو ڄڻ تون

ڪنهن آئيني جي آڏو آهين

پنهنجو پاڻ سان پئي ڳالهائين

 

ڪيئي جُڳ لنگهي ويا آهن

دل جا درد نه گهٽجي سگهيا

هر ڪنهن رُت ۾ چڪندا رهيا

بسنت رت ۾ چڪندا رهيا

بسنت رت ۾ برکا وسندي

بسنت رت ۾ مکڙيون ٽڙنديون

پن ڇڻ رت ۾ ننگا وڻ پسندي

دل جا درد پيا چڪندا آهن

ڏينهن ڏينهن تي پيا وڌندا آهن

ڪيئي

 

ڪيئي جُڳ لنگهي ويا آهن

پر او سانئڻ

تنهنجي ياد سدائين رهندي

هئڙا جُڳ لنگهي ويا آهن

ٻيا ڀي جُڳ لنگهي ويندا

تنهنجي مورت، من ۾

اِئين جا اِئين سجي ئي رهندي

منهنجي دل لڳي ئي رهندي.

 

اياز گل

 

 

 

 

غزل

 

مون کي ماري ڇا ملندءِ!؟

ايئن وِساري ڇا ملندءِ!؟

 

مُنهنجي جيونَ جي راهُن ۾،

راتِ بيهاري ڇا ملندءِ!؟

 

پنهنجا، مُنهنجي نيڻن مان،

خوابَ ٻُهاري ڇا ملندءِ!؟

 

هاڻِ ته ڪنهنجو نانءُ رکي وٺُ،

هيکَل گهاري ڇا ملندءِ!؟

 

ڇا ڇا آءُ وِساري آيس!

يادِ ڏياري ڇا ملندءِ!؟

 

سُورجَ پويان پاڳل ماڻهو!

سنجها ڌاري ڇا ملندءِ!؟

 

هُن کان سڀ رَستا وِسري ويا،

واٽَ نِهاري ڇا ملندءِ!؟

 

سمنڊَ ته تُنهنجي اَندر ۾ آ،

سمنڊَ - ڪناري ڇا ملندءِ!؟

 

مَنُ ته ميرو، نانءُ جي تختي،

روزُ اُجاري ڇا ملندءِ!؟

 

اسد ’جمال‘ پلي

 

 

 

 

غزل

 

عشق رهـــــــبــــــر ۽ رهنمــــــا آهي،

رهنمــــــائــــــيءَ جي انتهــــــا آهي.

 

پنهنجو سود و زبان ۾ ڇا هاڻي،

ڪهاڻ رنــــــج و محن به ڇا آهي.

 

ڇا ڪبو مئه کي، مئه جي مستيءَ کي،

هــــــن جــــــي هــــــر نگهه ڪيفزا آهي.

 

پاڪ دامن جــــــو راز فاش ٿيو،

واسيل مئه ســــــان اڄ صَبــــــا آهي.

 

مسڪراهٽ جو ملهه نه ڏئي سگهبو،

مسڪرائينــــــدو رهه، دعــــــا آهي.

 

مون کي محشر مبارڪون ٿي مليو،

مهربان مون تي مصطفيٰ آهي.

ٽماهي ”مهراڻ“ سيارو 2004ع

 

عنايت بلوچ

 

 

 

 

غزل

 

مختصر ئي ملاقات، وسري نٿي،

دل جي حالت اُنهيءَ بعد سُڌري ٿي.

 

سور صدما سٺم، ضبط ڏاڍو ڪيم،

حوصلو ڏس مگر، دانهن نڪري نٿي.

 

گُلپري آهه ناراض ڪنهن ڳالهه تي،

ڪين مِنٿون مڃي، هاءِ پرچي نٿي.

 

”نيٽ“ تي ڪالهه مون کي لکيو آ پرينءَ،

”تنهنجي هٿڙن سوا سِينڌ سَنوري نٿي.“

 

تون اچڻ جو چئي ڪين آئين پرين،

نيڻ واٽون تَڪِن، رات نِبري نٿي.

 

مهرباني! اچي وئين ته ڪجهه ترس ڀي،

توکي ڏسندو رهان، دل ته ڀرجي نٿي.

 

پيار جا پهر لمحن ۾ اُڏري ويا،

هجر جي پر گهڙي يار گذري نٿي.

 

حُسن کي زيورن جي ضرورت نه آ،

سُونهن رنگين پوشاڪ پهري نٿي.

 

جيئن ٻانهون ’عنايت‘ وڪوڙي ويون،

جلد ٿيا فيصلا، دل ته سوچي نٿي.

 

ميرمحمد پيرزادو 

 

نظم

واهوندن جو وقت وري ٿو،

جاني پنهنجي جوءِ اچي ٿو.

ڪراڙ مٿان ڪو ڪنول کڙي ٿو،

شاهه سندو ڄڻ لڙڪ لڳي ٿو!

سانت اندر ڀي، ساهه اسان جو،

چانڊوڪيءَ جو چنگ ٻڌي ٿو.

ٻانهون هڻندي ڪنهن جي ڪارڻ،

سهڻيءَ وانگي سج ٻُڏي ٿو!

ٻئي جي ڳل تان، ڳوڙها اُگهندڙ،

پنهنجا ڳوڙها، پاڻ پئي ٿو؟

مکڙي چپِبِي، چِٿِبِي ڏسندي،

ٽانڊن تي من، ناچ نچي ٿو!

آڌيءَ ويلي، ڀونڪ ڪُتن جي،

ڳوٺ سڄي ۾، سئونچو پئي ٿو!

گهُگهُه ۾ کَڙ-کُٻيتو چمڪي،

ڄڻ  شاعر شعر چئي ٿو!

هلڪو من جو بار ٿئي ٿو،

اک مان جڏهن لڙڪ لڙي ٿو!

پٿرن اڳيان، پٿر ٿئي ٿو،

ميڻ اڳيان سو ميڻ ٿئي ٿو.

ڪو ڪو ماڻهو جيءُ جياري،

ڪو ڪو ماڻهو ڏنڀ ڏئي ٿو!

 

سرفراز راڄڙ

 

 

 

 

ڪنهن طرح سڏيان هتي مان يار کي،

پيار ۾ پنهنجو ڪيان دلدار کي.

 

جيت ٿئي يا هار ٿئي قسمت کٽي،

ڪئن به ڪئن حاصل ڪبو دلدار کي.

جانِ من منهن ۾ ملي ويو دوبدو،

اوچتو حاصل ڪبو دلدار کي.

هي سفينو ناخدا توکان سوا،

ڪيئن ڀلا پهچي وڃي هن پار کي.

واعدو هن پيار جو مون سان ڪيو،

پر نه پورو ڪيو سڄڻ اقرار کي.

سنڌ مان ويا ڪئين بلاول پيڙجي،

ويا ڪري پنهنجي امر ڪردار کي.

سر تان آ سانگو پلي خوش ٿي کلي،

آبرو منصور بخشي دار کي.

فرقتن ۾ ٿي فنا ويو آ ’فراز‘

مل ته حاصل ٿئي شفا بيمار کي.

ٽماهي ”مهراڻ“ 2-3/1983ع

بخشل باغي

 

غزل

گهاٽ گهائي گهٽا، سانجهه آ سُرمئي،

درد، ساڳي ڪٿا، سانجهه آ سُرمئي.

 

ٿيون وسن مينهن جون برف جهڙيون ڪڻيون،

سرد ساحل هوا، سانجهه آ سُرمئي.

 

ريشمي وار پنهنجا نه تون کولجان،

ٿي نه پئي ڪا خطا، سانجهه آ سُرمئي.

 

هَٽَ کوليو سڀئي، مَٽَ خالي ڪريو،

بند جو مي ڪدا؟ سانجهه آ سُرمئي.

 

دل الئه ڪنهن جي خيالن ۾ گُم ٿي وئي،

ڪيئن ٿي لاپتا؟ سانجهه آ سُرمئي.

 

موسمن مان گُلن جيئن ڦُٽي رنگ پيا،

هٿ تنهنجا حنا، سانجهه آ سُرمئي.

 

زندگي ڪجل جي ريک بڻجي پوي،

تون جي چاهين پيا! سانجهه آ سُرمئي.

 

سج پيرن جي هيٺان آ رستي جيان،

پوءِ به سپنا لڳا، سانجهه آ سُرمئي.

 

ڪوبه ناهي ڪٿان ٿا پڙاڏا اچن؟

چؤطرف کان صدا، سانجهه آ سُرمئي.

 

مختيار ملڪ

 

 

وائي

ٻهڪي پيس آنءُ،

تنهنجو ٻُڌي نانءُ،

جذبا جهوميا جيءَ ۾.

پنڌ پرينءَ جي پارَ جو،

ڏک سهڻ جو ڏانءُ،

جذبا جهوميا جيءَ ۾.

اُڀ تي بادل کنوڻيون،

ڀانءِ ته منهنجو هانءُ،

جذبا جهوميا جيءَ ۾.

چانڊوڪين ۽ چيٽ ۾،

واهڻَ منجهه وهانءُ،

جذبا جهوميا جيءَ ۾.

وائي

 

اڃا به اوچو ڳاءِ، پريتمَ! اڃا به اوچو ڳاءِ!!

پيڙائن جي پير جا گهنگهرو،

ڇوڙين ٿو ڇالاءِ!

پريتمَ! اڃا به اوچو ڳاءِ!!

چانڊوڪيءَ جان چنچل بڻجي،

جهڙ مان جهاتي پاءِ!

پريتمَ! اڃا به اوچو ڳاءِ!!

سونهن جي سپنن ۾ الجهن ٿيون،

سوچن کي سمجهاءِ!

پريتمَ! اڃا به اوچو ڳاءِ!!

پيار پکيءَ جان پاڇا ڳولهي،

جيون ٿيو جولاءِ!

پريتمَ! اڃا به اوچو ڳاءِ!!

مَنَ جي بَستي مَستي ماڻي،

ڪونج جيان ڪُرلاءِ!

پريتمَ! اڃا به اوچو ڳاءِ!!

 

رخسانه پريت

 

غزل

نيٺ ايندو، آس ۾ آهيون اسين،

ڪنهن وڏي وشواس ۾ آهيون اسين.

 

لوڇ، سڏڪا، درد، پيڙا نيٺ ڇا،

عشق جي اڀياس ۾ آهيون اسين!

 

پيار جي احساس ايئن اوچو ڪيو،

ڄن اُڏيا آڪاس ۾ آهيون اسين.

 

ڇا سندءِ من ۾ به موهه آ ساڳيو،

انهيءَ ٻڏتر قياس ۾ آهيون اسين.

 

نيٺ اوسيئڙا به ماڳ ماڻيندا،

بس انهي احساس  ۾ آهيون اسين.

 

ايترو اوتيوسين پوءِ ڀي ڄڻ اُڃيا،

”پريت“ ڪهڙيءَ پياس ۾ آهيون اسين.

 

شبنم گل

 

غزل

 

جداين ۾ رفاقتن جا سلسلا آهن،

عجب مقدر جا هي سارا فيصلا آهن.

 

شهر هو واريءَ جو، هئي هوا به تيز،

اجاڙ دل جا ڪيڏا نه قافلا آهن.

 

پٿرن جي ديس ۾ زخمي ٿيس ته ڇا،

اڃا ته بلند آرسين جا حوصلا آهن.

 

سدائين رهيا آهن فيصلا اُلجهن ۾،

اڃا ته حل طلب ڪي مسئلا آهن!

 

رهبر جي ويس ۾ ڏسي رهزن کي،

دل جي ويراني ۾ ڪي زلزلا آهن.

 

جدائيءَ جي ذڪر تي هو اشڪبار جيڪو،

اڄ ان جي دل ۾ سوين فاصلا آهن.

 

ياد جي لهرن ۾ کڙيو ڪنول چهرو،

شروع جتان آزمائش جا مرحلا آهن.

 

زيب نظاماڻي

 

غزل

 

اي زندگي توکي جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آ،

وفا جي واٽ تي سهڻا هلڻ ڏاڍو ڏکيو آ.

 

ڏنئي جي خواب نيڻن کي سڀئي سانڍي رکيا ها مون،

ڪوئي سپنو سوا سنڌ جي ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو آ.

 

تتيءَ جي تاءُ تي برسيو گهٽا ڀرجي صدين کانپوءِ،

تکي لگ تارهو سنڌو لهڻ ڏاڍو ڏکيو آ.

 

اکين جا بند اُٿلي پيا، سورن جي عڪس ڪئمپن ۾،

دلاسو ديس وارن کي ڏيڻ  ڏاڍو ڏکيو آ.

 

جنم جانان ٿيو تنهنجو محبت ماڳ ماڻڻ لاءِ،

ٿي مجنون پير هڪڙي تي بيهڻ ڏاڍو ڏکيو آ.

 

زمانا ”زيب“ واڳي ويا توسان ڪيئي ڪهاڻيون پر،

اندر اُڌما سکي صدما لکڻ ڏاڍو ڏکيو آ.

 

نذير ناز

 

غزل

 

جيڪي ويا وڇڙي انهن سڄڻن جي ڳالهه ڪر،

سنڌ لاءِ جيڪي سڪن تن محبتن جي ڳالهه ڪر.

 

اڄ وري ور در ڏئي دل کي اباڻا ياد پيا،

من جن جي لاءِ ماندو، تن مٺن جي ڳالهه ڪر.

 

شام جو ۽ صبح جو راهون انهن جون ٿي ڏسان،

تن مٺن ماروئڙن، سانگيئڙن جي ڳالهه ڪر.

 

سنڌڙيءَ جي دشمنن کي ناس شل قادر ڪري،

سنڌڙيءَ جي گهڻگهرن ۽ دوستن جي ڳالهه ڪر.

 

پنهنجو تن من ڇڏيو ارپي، پنهنجو سنڌ کي،

تن سچارن قربدارن سالڪن جي ڳالهه ڪر.

 

سون هرگز نه پنهنجا سيڻ ٿا جيڪي مٽين،

تن پنوهارن جي پکن جي ۽ ڪکن جي ڳالهه ڪر.

 

وڳر کان جيڪي ويا وڇڙي نه وري ايندا اهي،

’ناز‘ تن محبوب ماڻهن سٻاجهن جي ڳالهه ڪر.

 

گلبدن جاويد

 

غزل

 

آهن عشق تنهنجون ازلئون عطائون،

جنين کي ڪيڏيون ڏنيون تو ادائون.

 

اُڀ تان جو بادل ڪو يادن جو برسيو،

ته نيڻن جي ڌرتي تي ڇانيون گهٽائون.

 

ساگر محبتن جو سيني ۾ سانڍي،

پرينءَ جون ڪيون پيا برن ۾ پڇائون.

 

چڙهي ڪيف چاهت جو اهڙو ويو جو،

سرابن ۾ سڏڪيون سپرين صدائون.

 

دلي دوستن دل گهرين دلبرن لاءِ،

آجون سموريون وفائون وفائون.

 

صدين جا ارمان پل ۾ ٿيا پورا،

تو ٻانهن ۾ آڻي ڏنيون جو پناهون.

 

ستارا ستارا مقدر ٿيا پنهنجا،

دلين جي اڱڻ تي جهڪيون ڪهڪشاهون.

 

گلشن لغاري

 

وائي

 

سنڌ پريتم، سنڌ ئي پيار،

رهي نه سگهندين ان کان ڌار،

نفرت جا ٿو ٻج ڇٽين.

 

پنهوارن پاٻوهه مان ڏس،

پوکيا تولئه ڪيڏا پيار،

نفرت جا ٿو ٻج ڇٽين.

 

اهڙا ٻول تون ٻولڙيا،

ٻولج هت نه ٻيهار،

نفرت جا ٿو ٻج ڇٽين.

 

جنهن مٽيءَ جي مورت آهين،

تنهن جي کڻ نه ميار،

نفرت جا ٿو ٻج ڇٽين.

 

ڌرتي نينهن جو ناتو آهي،

ڌرتي ناهي ڌڪار،

نفرت جا ٿو ٻج ڇٽين.

 

سيني منجهه سمائيندي،

سا سڀ کي آخرڪار،

نفرت جا ٿو ٻج ڇٽين.

 

حميرا شمس

 

غزل

 

زندگي سحر ڪري نه سگهياسين،

هي ٿورو سفر ڪري نه سگهياسين.

 

ڪجهه ڏسڻ خاطر هلياسين پر،

نظر کي نظر  ڪري نه سگهياسين.

 

جيئڻ ڪنهن لاءِ ڪونهي پوءِ به،

زندگي زهر ڪري نه سگهياسين.

 

گهڻي کان گهڻو سهون پيا پر،

”ڪنهن تي“ جبر ڪري نه سگهياسين.

 

هر شيءِ تي اختيار هوندي جانان،

پيش زير و زبر ڪري نه سگهياسين.

 

”خوشبو“ جي خوشبو هوندي اسان،

پاڻ کي پُراثر ڪري نه سگهياسين.

 

ماهين هيسباڻي

 

غزل

 

جڏهن نيڻن اسانجن ۾ ننڊن جا سلسلا ناهن،

تڏهن ترڪ تعلق جا اوهان ڪيا فيصلا آهن.

 

جيئان توبن ڪيئن جيئان، پرين توکي پئي ڳوليان،

سفر ۾ همسفر ڪيئي، صدين جا قافلا آهن.

 

کڻي پنبڻيون نهاريو ٿا، قسم تنهن پل جياريو ٿا،

ملائي پوءِ نظر ڦيرڻ، اوهان جا مشغلا آهن.

 

ڏسي هردم اکيون آليون، اٿم جي پيار ۾ پاليون،

مان سمجهان ٿي رقيبن جا، وڌي ويا حوصلا آهن.

 

ڏٺا ها خواب مون جيڪي، ڪندا ها رقص چاهت تي،

نه ڪا محفل نه ڪا منزل، ٿي پيا هيڪلا آهن.

 

ٻڌايان ڪيئن ڀلا ڪنهن کي، ڇڏي ويا هن پرين مونکي،

نه ڄاڻان مان سبب ڪهڙي وڌي ويا فاصلا آهن.

 

سلميٰ پنهور

 

غزل

 

وِسيل ڏيئا ٻاري جئبو،

پاڻ کي هاڻ جيئاري جئبو.

 

خط سمورا ڦاڙي ڇڏبا،

هر ڪا ياد وساري جئبو.

 

گيت خوشيءَ جا ڳائي جئبو،

سج جي سِٽ اُڪاري جئبو.

 

غم جو درياءُ اُڪري هاڻ،

سک جي هِن ڪناري جئبو.

 

ڪنهن سان ڪين راز ڪو سلبو،

هر ڪو واعدو پاڙي جئبو.

 

شاعر جي هر سٽ املهه آهه،

ان تي جان کي واري جئبو.

 

سنڌو سڪ جو سڪندو ڪونه،

نينهن کي تاري تاري جئبو.

 

ماهوار ”سرتيون“ شاعري نمبر

 

غزل

 

آئون اڪيلي ڳايان ڪيئن،

جذبن کي ڀڙڪايان ڪيئن.

 

ڌرتيءَ جا سڀ ماڻهو گُم سُم،

خوابن مان جاڳايان ڪيئن.

 

ڪوبه نه آهي ڪوبه نه ايندو،

هِن دل کي سمجهايان ڪيئن.

 

مون وٽ آهن گيت رڳوئي،

پيٽ جي باهه اُجهايان ڪيئن.

 

هُن جذاڻي هيءَ حياتي،

جهومان خوش ٿيان ڳايان ڪيئن.

 

ماهوار ”سرتيون“ شاعري نمبر

 

مهرالنساء لاڙڪ

 

نظم

 

لهڻ جي ويل ڪانهي ڪا،

وڏا آڳر، ڪچا گهرڙا،

نه ڪي هن اوڏ ڪيون ڀتيون،

نه ڪي ٽيڙو، نه ئي ڪتيون

نه ڪي نيريون ڦليون اڪ جون،

ڍڍن جي سار ساريندي،

لنگهي ويا سال ڪيئي هن

نه ڪي ڪاهون نه ڪي ڇاٽون

نه ڪي ئي جهار جون هڪلون

نسرندي سرجيان ڪائي

جواني مون ڏٺي ناهي

نه ئي ڪي ڪنهن به سيني تي

نه ڪي ڪانڀون، نه ڪي ڪانڀا

شهر کي ڪابه رت ناهي

بنا چنڊ جي انڌيون راتيون

ڇڏينديءَ سونهن کي ٻوڙي!

ڳهيلي! ڇو هتي آئينءَ؟

هلي وڃ ڳوٺ پنهنجي ڏي!

هلي وڃ ڳوٺ پنهنجي ڏي!

خادم حسين علوي

’همدم‘ سروري

غزل

 

چاهَه جو اڄ ذهن تي يَرَ وار ٿيندو ٿو وڃي،

دوستو! اڄ تير دل مان پار ٿيندو ٿو وڃي.

 

دلربا جي اچڻ تي دل شاد آ بلڪل گهڻي،

دوستو! ڄڻ هُو هِينئين جو هار ٿيندو ٿو وڃي.

 

ڇا چَوان هُنَ کان سِوا گهارڻ گهڻُو مشڪل لڳي،

ڪو ٻُڌائي ڇو ڀلا هُو ڌار ٿيندو ٿو وڃي.

 

دلربا کي ٿو خدا ڄاڻي ته غيرن ڇا چيو…

مان ڏسان ٿو هُو ته جهڙو ٻار ٿيندو ٿو وڃي.

 

هر ڪنهين کي بيوفا لئه ڇا ٻُڌايان دوستو،

ڇو اَلاجي ڏُور مُون کان يار ٿيندو ٿو وڃي.“

 

اڄ اچانڪ يار تي منهنجي نظر پئجي وئي،

هُو ته منهنجي اکين جو ڄڻ ٺار ٿيندو ٿو وڃي.

 

هر حقيقت بي اثر ٿيندي وڃي ٿي سڀ چَوَن،

پڻ چون ٿا هي زمانو دار ٿيندو ٿو وڃي.

 

زندگي ’همدم‘ اَڌوري ٿِي بَسر ٿِي ڇا ڪيان،

هِي وڇوڙو ذهن تي ڄڻ بار ٿيندو ٿو وڃي.

 

نجمه پنهور

 

گيت

 

مون ڪجهه نه گهريو هو توکان پرين،

تون مُرڪن کي ته ورهائين ها.

 

مون سُڏڪن کي سنگيت ڏنو،

تون گيت ڪري ڪو ڳائين ها.

 

مون موتين جي مالها پوئي،

تون چانڊوڪي چورائين ها.

 

مون لڙڪ لاڙيا جي ڳلڙن تان،

تون پنهنجو پاند پُسائين ها.

رسالو ”سرتيون“، جنوري- مارچ 1992ع

 

وائي

 

وکريا سپنا، هارجي ويو هانءُ،

ايڏو جلدي ۾!

 

ماڳ تان اڃان اڳتي هو، وڇڙياسين تون مان،

ايڏو جلدي ۾!

 

پهرين ملاقات ۾ شڪ شڪن مٿان،

ايڏو جلدي ۾!

 

لڙڪ لاڙي نه سگهيس موڪلايم جو توکان،

ايڏو جلدي ۾!

 

سال ڏکن ۾ گهاريم، سک لمحن جيان،

ايڏو جلدي ۾!

 

تنهنجي ڏنل ويساهه ۾ ٻڏان ۽ تران،

ايڏو جلدي ۾!

 

ڪالهه چوائي مڪائين مون ڏي هُن کي وساري ڇڏيان،

ايڏو جلدي ۾!

رسالو ”سرتيون“، جنوري- مارچ 1992ع

 

ثمينه ميمڻ

 

اُهائي ساڳي عورت

 

هُن اِهو ڇو وساريو

ته هوءَ اُهائي ساڳي عورت آ

جنهن کي هر دور ۾ مرد

پنهنجيءَ مرضيءَ سان جياريو ۽ ماريو آ-

هُن اِهو ڇو آ وساريو

ته هوءَ پڙهيل هوندي

شعور هوندي

به هڪ، ساڳي ئي عورت آ

جنهن کي ڪڏهن به مانُ نه ملڻو آ-

هُن اِهو به ڇو آ وساريو

ته مرد جڏهن چاهي

سندس وجود جو انڪاري ٿئي

پوءِ ڀلي سندس روح

ڇو نه اندر ۾ ماتم ڪندو رهي-

هُن اِهو به ڇو آ وساريو

جنهن گهر کي هُن جيون جا ڪي ئي پل

ڪيتري چاهه ساهه هئا ارپيا

۽ هُئي گهر جي جوڙ سجوڙ ڪئي

اُها ڪنهن به پل اِن مان

ڪڍي ويندي-

هِن کي اها به خبر آ ته اِن گهر مان

 

نڪرڻ کان پوءِ هوءَ

ان مهل اندر ۾ ڪيتري نه ٽُٽي هئي

پر پنهنجو ڀَرم بچائڻ لاءِ

هِن وٽ ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو

اوڏيءَ مهل

هيءَ نئين پناهه گاهه لاءِ سوچيندي

جيڪا هُن جي هوندي به الائي نه،

پر نه چاهيندي به هُن جي

آخري پناهه گاهه اِهائي هوندي

جتي هن کي هميشه لاءِ

جيڻو به آ مرڻو به آ.

هُن کي هاڻ اهو به ناهي وسارڻو

ته هوءَ زبان هوندي به گونگي آ

هن کي ائين ئي خاموش رهڻو آ

۽ ڇو ته اشارن تي ئي هلڻو آ.

هُن جو روح مرڻ کان پهرئين ئي مرڻو آ.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 02 سيپٽمبر 2015ع)

 

مضمون نويسي، نثري ادب جي اُها صنف آهي، جنهن ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. بنيادي طور تي مضمون هڪ مختصر پر موضوع جي لحاظ کان جامع تحرير آهي. جنهن ۾ موضوع جي مختلف رخن تي روشني وڌي وڃي ٿي. جڏهن ته تنقيدي، تحقيقي ۽ تجزياتي مضمونن جي ڇپجڻ سبب، ادب نه فقط اصلاحي مرحلي مان گذري ٿو، بلڪه ان ۾ هر لحاظ کان نواڻ ۽ بهتري اچي ٿي. اهم ڳالهه اها آهي ته مضمون لکڻ لاءِ فني مهارت جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ اها مهارت فقط مسلسل مشق وسيلي حاصل ٿي سگهي ٿي. اهوئي سبب آهي ته ٻار کي مضمون، ابتدائي تعليم دوران سيکاريو وڃي ٿو، سٺو مضمون لکندڙ، نه فقط علمي طور تي فعال ٿئي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ، سندس تخليقي صلاحيت ۽ قابليت ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. مضمون نويسيءَ جي بنيادي عنصرن ۾ ٻوليءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ، جملن جي درست جوڙجڪ ۽ انهن جو صحيح استعمال، بيهڪ جي نشانين جي ڄاڻ ۽ تخليقي پختگي وغيره شامل آهن. سٺي لکت ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ مطالعو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن ذريعي ڄاڻ ۽ ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي ۽ فرد فڪري لحاظ کان سگهارو، عملي ۽ منطقي سوچ جو حامل ٿئي ٿو، ان کان سواءِ مضمون ڌيان، مشاهدي ۽ تجربي جو نچوڙ آهي.

شبنم گل

’سنڌي ٻولي ]تحقيقي جرنل[‘،

ص 103 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org