سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

جي.ايم.سيد جون سماجي خدمتون

(گڏيل ڪاميٽي راڄ مهاڄڻ سن)

هاڻوڪي سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ ڪيترو فرق آهي. ان ڳالهه جو اڄوڪين سماجي حالتن تي نظر رکندڙ هر شخص کي اندازو آهي، اڄوڪي جديد سنڌ جي ٻهراڙين جو حال ڏسندي، ان ڳالهه جو چڱي طرح اندازو ٿي سگهي ٿو ته هن صديءَ جي پهرئين چوٿائيءَ واري دور ۾ جڏهن ٻهراڙين ۾ روڊ رستي سوڌو ڪي به سهوليتون ڪونه هيون، اهڙي منتشر معاشري ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ  ساڃاهه وند ماڻهن ۾، اهڙا
نيڪ ناميءَ وارا ڪيئي نالا ملي ويندا، جن پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ ڪيئي سماج جي سڌاري ۽ واڌاري وارا ڪم سرانجام ڏنا. اهڙن درد دل شخصن مان، سائين جي.ايم.سيد به هڪ هو، جنهن سن جهڙي ويران ڳوٺڙي جي پسگردائيءَ ۾ سماجي سڌارن آڻڻ لاءِ ڪيئي ڪوششون ورتيون. ان سلسلي ۾ پاڻ پهرين سماجي تنظيم ’انجمن المسلمين‘ قائم ڪئي هئائين جيئن ته ان وقت غير مسلم برادريءَ کان مسلمان بد رسمن ۾ وڌيڪ مبتلا هئا، تنهنڪري ان انجمن جو دائرو مسلمانن تائين محدود رکيو ويو ۽ سڌارن لاءِ غير مسلم واري طريقيڪار جهڙي پئنچائتي نظام مان سبق حاصل ڪيو ٿي ويو، ان انجمن جي بنياد تي مسلمانن ۾ گهر ڪري ويل بد رسمن ۽ سماجي براين جي خاتمي لاءِ
ڪوشش وٺندي کين پنهنجا سماجي مسئلا پاڻ ۾ پئنچات رستي حل ڪرڻ جهڙا بنياد وڌا ويا.

ان حوالي سان سن ۽ ان جي پسگردائي ۾ ڪم ڪرڻ بعد پاڻ علائقي جي سماجي بهبوديءَ خاطر بغير مذهبي فرق جي راڄ مهاڄڻ جي هڪ تنظيم جوڙي، جنهن جو نالو ’هندو مسلم سڌارڪ بورڊ‘ رکيو ويو. ان سڌارڪ بورڊ جو پهريون اجلاس 26- آگسٽ 1927ع تي سن ۾ سڏايو ويو، جنهن ۾ ڇويهه هندو مسلمان شريڪ ٿيا. جن جا نالا هن ريت آهن: سيد غلام مرتضيٰ شاهه، ڊاڪٽر پوهومل، مکي گياملداس، آخوند محمد شمن، سيد ميان محمد شاهه، سيٺ چمن داس، شيخ ميان حسين، ميان پخالي، سيٺ گيهي مل، ماستر پوهومل، محمد پريل، آئيداس مل ڊولارام، وڏيرو الهرکيه ساند، ريلومل ڀوڄومل، گنگارام، محمد عثمان رجب، اوستو عطاءُالله، ميان محمد صوف، ڌڻي بخش الهورايو، وڏيرو سومر خميسو پليجو، وڏيرو راڌڻ پليجو، حاجي شفي محمد قاضي، ميان خيرمحمد، مولچند ايسرداس، ڄاڃي مل ڄيٺن مل.

اها ان بورڊ جي جنرل باڊي هئي جنهن ۾ هندن جي پئنچات پاران هيٺيان نالا چونڊي موڪليا ويا هئا: (1) ڊاڪٽر پوهومل، (2) مکي گياملداس، (3) چمنداس، (4) گيهي مل، (5) سيٺ آئيداس مل، (6) ماستر پوهومل، (7) چانڊومل، (8) ڌرمداس، (9) آئيداس مل ڊولارام، (10) ڄيٺومل نانڪداس، (11) ريلومل ڀوڄومل، (12) گنگارام سونارو، (13) مولچند ايسرداس، (14) ٽيڪمداس گوڙومل، (15) ڄاڃي مل ڄيٺن مل.

ساڳي طرح مسلمانن جي پئنچات پاران هيٺ ذڪر ڪيل نالا موڪليا ويا:

1. آخوند محمد شمن، 2. شيخ ميان حسين، 3. ميان پخالي، 4. ميان محمد شاهه، 5. وڏيرو سومر، 6. وڏيرو راڌڻ، 7. محمد عثمان رجب، 8. ڌڻي بخش الهورايو، 9. وڏيرو الهڏنو ساند، 10. آخوند محمد موسيٰ، 11. اوستو عطا الله.

مٿي ذڪر ڪيل سڀني نالن کي متفق راءِ سان منظور ڪيو ويو، ان گڏجاڻي ۾ اتفاق راءِ سان ان سماج سڌارڪ بورڊ جي هيٺين باڊي چونڊي وئي:

1. سيد غلام مرتضيٰ شاه (جي.ايم.سيد) پريزيڊنٽ

2. ڊاڪٽر پوهومل             وائيس پريزيڊنٽ

3. مکي گيانداس             سيڪريٽري

ان اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان هيٺ ذڪر ڪيل نون ڄڻن تي مشتمل هڪ مئنيجنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي.

(1) پريزيڊنٽ، (2) ڊاڪٽر پوهومل، (3) آخوند محمد شمن، (4) سيد ميان محمد شاهه، (5) مکي گياملداس، (6) شيخ ميان حسين، (7) چمنداس، (8) گيهي مل، (9) ميان پخالي.

ان ڪاميٽيءَ لاءِ فيصلو ڪيو ويو ته اها شهر جي مسئلن بابت صلاح مصلحت لاءِ اونهاري ۾ 6 بجه ۽ سياري ۾ 5 بجي، هر ڇنڇر تي صدر صاحب جي درياءَ واري بنگلي تي گڏ ٿئي.

هندو مسلم گڏيل ڪاميٽي راڄ مهاڄڻ واري هن اجلاس ۾ ان جا رولس (آئين) هن طرح پاس ڪيو ويو:

آئين





نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org