سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2019ع

باب:

صفحو:4 

ممتاز شاهه بخاري

 

 

 

سيد ميران محمد شاهه

 

سيد ميران محمد شاهه جا وڏا 12 صدي هجريءَ جي اوائل ڌاري پنهنجي گذر سفر جي سانگي مٽياريءَ مان لڏي اچي لاڙ ۾ رهيا. سندس پڙ ڏاڏو سيد محمد شاهه هڪ ڪامل بزرگ، ماهر طبيب ۽ قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه صاحب جو ڏاڏو سيد ميران محمد شاهه وڏو بزرگ ۽ فاضل حڪيم هو. نثر ۽ نظم تي دسترس حاصل هئس. سندس ڪتاب ’سڌه تورو ڪده تورو‘ ۽ ’مفيد الصيبان‘ اڄ علم ادب جي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. شاهه صاحب جو والد سيد زين العابدين پنهنجي وقت جو هڪ مشهور ماهر طبيب ٿي گذريو آهي.

سيد ميران محمد شاهه جي ولادت 11 مارچ 1898ع تي ٽکڙ ۾ ٿي. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري لوڪلبورڊ ورنيڪيولر اسڪول ۽ اي-وي اسڪول ڪوٽڙي ۾ ورتائين. ان کانپوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ فيبروري 1910ع ۾ سنڌ مدرسته السلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان 1917ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ڊي.جي- سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 1921ع ۾ بي.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سيد ميران محمد شاهه 1924ع ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي.

سيد ميران محمد شاهه وڪالت ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي سياست ۾ به حصو وٺڻ لڳو. 1924ع ۾ کيس حيدرآباد جي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر منتخب ڪيو ويو. 1926ع ۾  حيدرآباد ميونسپل جو ميمبر ۽ پوءِ کيس ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1928ع ۾ جڏهن سر غلام حسين هدايت الله ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو ته سندس جاءِ خالي ٿي پئي ۽ هيءُ صاحب شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرزا سڪندر بيگ جي مقابلي ۾ بمبئي ليجسليٽو جو ميمبر چونڊجي ويو. ساڳئي سال سرڪار ’سائمن ڪميشن‘ مقرر ڪئي. جنهن جي مدد لاءِ بمبئي ڪائونسل طرفان سر شاهنواز ڀُٽي جي چيئرمنيءَ هيٺ هڪ صوبائي ڪاميٽي ٺاهي ويئي. ان تي سنڌ مان سيد ميران محمد شاهه کي ميمبر ڪري کنيو ويو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ جي عليحدگيءَ واري مسئلي تي سنڌ جي عوام جي مڪمل ترجماني ڪيائين. 1929ع ۾ کيس حيدرآباد ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ منتخب ڪيو ويو. 1930ع ۾ ٻيو ڀيرو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو، ۽ پاڻ 1936ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو. پوءِ جڏهن سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي ته 1936ع ۾ سر گرهام پهريون گورنر ۽ مسٽر ڪرپلاڻي پهريون چيف سيڪريٽري مقرر ٿي آيا، تنهن وقت بمبئي ڪائونسل جا جيڪي به سنڌي ميمبر هئا، تن کي گورنر جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر نامزد ڪيو ويو ۽ ان ڪائونسل جو چيئرمين سرغلام حسين هدايت الله هو. شاهنواز ڀٽو، راءِ بهادر هيرانند کيم سنگهه، گورنر جا صلاحڪار هئا. سيد ميران محمد شاهه به ان ’ايڊوائيزر ڪائونسل‘ جو ميمبر هو.

1937ع ۾ جڏهن آزاد سنڌ جي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته مسٽر نور محمد وڪيل ۽ مرزا سڪندر بيگ جي مقابلي ۾ سيد ميران محمد شاهه حيدرآباد شهر ۽ تعلقي مان ميمبر چونڊجي ويو. ڪجهه وقت سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ۾ پارليامنٽري سيڪريٽري رهيو، ۽ پوءِ ديوان ڀوڄسنگ اسپيڪر جي انتقال ڪرڻ تي 1938ع ۾ شاهه صاحب کي سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي 3 مئي 1948ع تائين فائز رهيو. ان کانپوءِ سنڌ  سرڪار ۾ وزارت جي عهدي تي مختلف وڏن وزيرن جي وزارتن ۾ 1951ع تائين رهيو.

1.         پير الاهي بخش جي وزارت ۾ مئي 1946ع کان فيبروري 1949ع ۾ خزانو صحت، مڪاني فوڊ حڪومت ۽ مهاجرن جي آباد ڪاري.

2.        يوسف هارون جي وزارت ۾ فيبروري 1949ع کان مئي 1950ع ۾ مهاجرن جي آبادڪاري روينيو ۽ پي . ڊبليو .ڊي.

3.        قاضي فضل الله جي وزارت ۾ مئي 1950ع کان مارچ 1951ع پي.ڊبليو.ڊي. ۽ مهاجرن جي آبادڪاري

4.        خان بهادر محمد ايوب کهڙي جي وزارت ۾ مارچ 1951ع کان ڊسمبر 1951ع پي.ڊبليو.ڊي ۽ مهاجرن جي آبادڪاري.

1952ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان اسپين جو سفير مقرر ڪيو ويو. 1953ع ۾ حڪومت جي سفارتي عهدن تي سرڪاري عملدارن کي مقرر ڪرڻ واري پاليسي سبب کانئس اُهو عهدو واپس ورتو ويو. 1954ع کان 1957ع تائين ڪراچي امپروومنٽ ٽرسٽ جو چيئرمين ٿيو.

شاهه صاحب ڪيتروئي وقت صاحبِ اقتدار رهيو ۽ پنهنجي ملڪ ۽ ملت جي خدمت دل و جان سان ڪندو رهيو. سنڌ جو هيءُ سياستدان، شاعر ۽ اديب 16 نومبر 1963ع تي وفات ڪري ويو. سندس علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن کي هميشه هميشه لاءِ ياد ڪيو ويندو.

علمي ۽ ادبي ميدان ۾ شاهه صاحب جن ڪيتريون ئي قابل قدر خدمتون انجام ڏنيون. 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا ’سنڌي ادبي سوسائٽي‘ قائم ٿي هئي، شاهه صاحب ان جو منتظم ۽ صدر هو. انهيءَ سوسائٽي ڪيترائي مفيد سنڌي ڪتاب شايع ڪيا، ۽ پڻ ادبي محفلون ۽ مشاعرا منعقد ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعري کي زور وٺايو. انهيءَ ئي سوسائٽيءَ سنڌ ۾ پهريون زنانو مسلم هاءِ اسڪول کوليو جيڪو اڄ تائين حيدرآباد ۾ ’مدرسته البنات‘ جي نالي سان قائم آهي. 1958ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي سنڌي ادبي سوسائٽي قائم ڪئي ته شاهه صاحب انهيءَ جو مرڻ گهڙي تائين صدر ٿي رهيو.

1941ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادب ۽ ٻولي جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هڪ سنڌي مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو. شاهه صاحب 1951ع تائين ڏهه سال انهيءَ بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو. 1951ع ۾ اڳيون بورڊ بدلائي نئون بورڊ وجود ۾ آندو ويو. ميران محمد شاهه انهيءَ هاڻوڪي سنڌي ادبي بورڊ جو پڻ شروع کان وٺي ميمبر رهندو آيو.

پنهنجي وزارت واري وقت ۾ سيد ميران محمد شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جي سالياني ورسيءَ ملهائڻ جي جيڪا شاندار روايت قائم ڪئي. سو سندس زندگيءَ جو هڪ جس جوڳو ۽ قابل يادگار ڪارنامو آهي. شاهه صاحب، شاهه لطيف يادگار ڪائونسل قائم ڪئي ۽ مرڻ گهڙي تائين انهيءَ جو صدر ٿي رهيو.

ادب سان گڏوگڏ، شاهه صاحب تعليمي خدمتن ڏانهن به متوجهه ۽ مائل پي رهيو. سترهن سالن  تائين، بمبئي يونيورسٽي ۽ ان سان متعلق ادارن مثلاً ’سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي بورڊ‘ وغيره جو ميمبر ٿي رهيو. جڏهن سنڌ جي پنهنجي يونيورسٽي کُلي ته شاهه صاحب کي ان جي ’سينيٽ‘ توڙي ’سنڊيڪيٽ، توڻي ’اڪيڊمڪ ڪائونسل‘ تي ميمبر نامزد ڪيو ويو. شاهه صاحب ڪيتري ئي وقت تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽيءَ آف آرٽس جو ’ڊين‘ ٿي رهيو،

مختلف شاعرن جي ڪلام تي مشتمل مجموعو ’گلزار خيال‘ به تاليف ڪيائين. کين شعر و شاعري سان اونهو لڳاءُ هوندو هو. شاعري ۾ پهريائين پاڻ ’مجهور‘ ۽ بعد ۾ ’مير‘ تخلص اختيار ڪيائون. شاعريءَ ۾ علامه ’فدا‘ ۽ حافظ شاهه مرحوم سندس استاد هئا. ’ڪليات ميران‘ سندس شاعري جو مجموعو آهي.

سيد ميران محمد شاهه بنيادي طور تي هڪ سياستدان هو، پر علم دوستي ۽ ادب پر پر وري کيس ورثي ۾ ملي هئي. هن جو تعلق هڪ اهڙي ڳوٺ سان هو، جنهن ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا. هن جو لاڳاپو هڪ اهڙي خاندان سان هو، جنهن ڪيترن ئي علم دوست ۽ قلم ڌڻين کي جنم ڏنو.

ميران محمد شاهه سياست جهڙين خشڪ ۽ پريشان ڪن مشغولين جي باوجود به سخن جوئي ۽ نڪته سنجيءَ جي ذوق جو مظهر هو. نڪته نوازي، سخن طرازي، ادبي ذوق ۽ شعري شوق، وجد انگيز ڪيفيات ۽ محبت انگيز جذبات هن جي زندگيءَ جو حصو هئا. ميران محمد شاهه سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. سندس شاعريءَ جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

شاهه صاحب بنيادي طور تي عروضي شاعر هو، پر هن سنڌ جي نج شاعريءَ کي به نه وساريو. ٿلهي ليکي هن جي شاعري ڪافين، نظمن، غزلن ۽ قطعات تي مشتمل آهي. موضوع جي لحاظ سان هن جي قلم جو ميدان تمام وسيع آهي.

ميران محمد شاهه هڪ سڌو سادو مسلمان هو، جنهن گهراڻي ۾ هن اکيون کوليون، تنهنجا افراد نه رڳو مذهبي خيالن جا پوئلڳ هئا، پر مذهبي اڳواڻ به هئا. گهر جو اثر هر حالت ۾ هن تي پيو. ان ڪري هُو باعمل مسلمان هو. هن جا مذهبي اُمنگ ۽ جذبا وقت جي حالتن جي سج ۾ روشن روز جيان روشن ٿي ويا ۽ اهو عڪس هن جي شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿو.

پاڻ مذهب جو مروج فلسفو هن ريت ٻڌائي ٿو:

ڪر فرض خدا جي ادائي، جو جنت جلد رسائي
پي ڪر ناهي ڪا ڪائي، ري پسڻ پرينء جي پيشاني.
ڪرخون خدا جو اي بندا، رهه صاف ڇڏي گند گندا.
وٺ راه رسول جي انڌا، جيڪو آهي قول قرآني.

شاهه صاحب پنهنجي عقيدي ۽ رسول ڪريم، سان عقيدي جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:

محمد کي مڃيم من سان، پڙهان ڪلمو همه تن سان.
چمان قران چشمن، سان، خدا جو اي ڪرم مون تي،
ابوبڪررضه و عمررضه، عثمانرضه، عليعه شاه کي مڃيم من سان.
رکان دل سڀ امامن سان، مڃڻ واجب حرم مون تي.
محي الدين جيلاني، سچو محبوب سبحاني
تون گوندر لاهه گيلاني! مَ رک ڪنهن جو مر مر مون تي،
سوالي آهي ”ميران شاهه“ تنهن جو آگاهه! عرض اوناءِ.
هلان آئون شل مديني راهه، ٿئي ڪلمو ڪرم مون تي.

ڌڙڪندڙ دل سڀني کي ٿئي، ڪوجهو هجي يا ڪارو، ننڍو هجي يا وڏو، امير هجي يا غريب، سڀني کي سينو ۽ سيني ۾ سور ٿئي ٿو. عجيب ڳالهه آهي، جو الله سڀني کي سونهن جي بک نه ڏني آهي، پر سونهن کي پسند ڪرڻ جي بک مڙنئي کي ٿئي. خلافت جي تحريڪ هلي ٿي ته هن جي دل هنئين ڌڙڪي ٿئي.

والي ولايتن جو سلطان وحيد الدين ٿئي،
حشمت سنديس جي هيبت خاور کان باختر ڪر.

 

شاهه صاحب پنهنجي شعر و شاعري جي ٻاهرين جوڙجڪ، مصنوعي ٺاهه ٺوهه عروضي ڀڃ گهڙ ۽ لفظي ايڇ پيڇ کان مٿي فقط شاعراڻن خيال تي گهڻو توجهه ڏنو آهي. هن جي ڪلام ۾ سادگي ۽ برجستي آهي، ان ۾ پختگيءَ کان وڌيڪ بي ساختگي آهي. سونهن ۽ ورونهن آهي. هن جو ڪلام ڪي قدر وجد انگيز تي مشتمل آهي، ۽ معياري به آهي.

هن دقيق ٻولي استعمال ڪرڻ کان گريز ڪيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي سليس، آسان ۽ عام مروج ٻولي استعمال ڪئي آهي. شاهه صاحب جي شاعري سندس ٻوليءَ لاءِ محبت واري جذبي جي پيداوار آهي، جنهن جو نهايت خلوص سان اظهار ڪيو ويو آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

غزل

 

دلربا جي دلبريء کي ٿو سدا مان ساريان،
دردِ فرقت ۾ سندس هر دم هنجهون ٿو هاريان.

جان جادوگر هڻي جادو کڻي ويو ڪنهن ولات،
اڄ پتو ان جو پڇڻ لئي واٽ ويندا واريان.
وصل جي هڪڙي گهڙيءَ لئي التجا آزي ڪيم،
ان گهڙيء کان گهور گهنڊ جا گهاءُ کايو گهاريان.
تون اچين مون وٽ نٿو مون کي مقدر قيد ڪيو،
پوءِ پرين توسان پيارا پرت مان ڪيئن پاريان؟

سور مان ڪنهن سان سليان سهڻا! سندءِ سختيءُ سندا،
دل پيو محبوب تنهنجي ڳڻتين ۾ ڳاريان.
قرب مان ٿي قول ڪيئي سهڻا! قسم سَو
سَو کڻي،
پر نه پورا ڪيئي پرين! سي داغ دل تي ڌاريان.
منهن منوّر پنهنجو ”ميران شاهه“ کي هيڪر پساءِ،
تان ته پنهنجي جان جند جيري، جگر کي ٺاريان.
 


ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’سنڌي‘

 

 

 

عوامي شاعر سائين حاجي شاهه

 

هن ڀلوڙ ۽ عوامي شاعر جا وڏا اصل ايران جي ڳوٺ گيلان (جيلان) جا رهاڪو هئا. جيڪي سنڌ ۾ سمن ڄامن جي ايامڪاريءَ ۾ اچي  سنڌ جي مختلف هنڌن تي پنهنجا اجها اڏي ويٺا ۽ جيلاني سيد سڏجڻ لڳا، انهن مان ڪيترائي شاعر ٿيا. سائين صالح شاهه راڻيپور وارو وڏو شاعر هو ۽ چون ٿا ته مائي جيوڻي ان جي هٿ تي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي هئي، ۽ پوءِ اهوئي سندس مرشد بڻيو، ان جون ڪافيون مائي جيوڻيءَ جي مڌر آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهن. مائي جيوڻيءَ جي باري چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته هوءَ شاعره به هئي، پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيندي هئي، صالح شاهه جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ڪيو اٿس، آڊيوڪيسٽ جا اکر سمجهه ۾ ڪونه ٿا اچن، انڪري گهٽ وڌ لفظن جي معذرت؛ ٿلهه؛ سانگ کان ڪئي سانگين پرديس جي تياري. (1) منهنجا پرين پرديس ويا، هت هيڻا منهنجا حال ٿيا، پنڌ ڏکيو مون کي ڏور ٿيا، (نوٽ) اڳتي سمجهه ۾ نه آيو.

”ڳول جيوڻي تن جي ڳلي، صالح شاهه ڪندو تنهنجي ڀلي، اڱڻ ايندو هوت هلي، ڪندو قرب داري“ ۽ ان کان سواءِ سنڌ جي سدا بهار گوييِ ۽ راڳي استاد منظور علي خان به ان جون ڪافيون ڳايون آهن. هڪ ڪافيءَ جا ٻول آهن.

صحيح سڃاتم ياروي، نالي واري مصرع، صالح سيد ڪئي آ سڻائي، عرب کان مون کي ملي آ واڌائي، سونهن ڀريو سرداروي. بهرحال جيلاني سيدن ۾ ڪافي شاعر ٿي گذريا آهن، هتي لاڙ ۾ عباس علي شاهه به سٺو شاعر ۽ راڳ جو ڄاڻو هو، شاهه ٺريو جيلاني جنهن جو اولاد ٺريي پوٽا سڏجي ٿو. اهو سمن ڄامن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ آيو، شاهه ٺريي جي قبر تي جيڪا وصال جي سر لڳل آهي، ان تي 25 صفر سن 900هه (1494ع لکيل آهي. ان مان معلوم ٿيو ته هن بزرگ جي وفات سنڌ جي هردلعزيز ۽ عادل حڪمران، ڄام نظام الدين سمي جي ايامڪاريءَ ۾ ٿي آهي، ڄام نظام الدين واري دؤر ۾ سنڌ خودمختيار، خوشحال ۽ امن وارو خطو سڏبو هو، انهي ڪري ٻاهرين ملڪن جا، بزرگ، عالم، نيڪ انسان ۽ ٻيا خاندان سنڌ ملڪ ۾ آيا، ڇاڪاڻ ته ايران، خراسان، بغداد، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ تاتارين، منگولن (مغلن)، چنگيزين، ۽ هلاڪو جهڙن رهزنن، ظالمن جي ظلم کان ماڻهو تنگ  ٿي سنڌ  ملڪ جو رخ ڪيو، ۽ اڃان تائين ڪندا اچن پيا. شيخ سعدي شيرازي جوهڪ شعر آهي:

گرنه بيند بروزشپر چشم،

چشمهءَ آفتاب راچه گناه

ترجمو: چمڙو جيڪڏهن سج جي روشنيءَ ۾ نٿو ڏسي سگهي ته ان لاءِ سج جي روشنيءَ کي ڪهڙو ڏوهه ڏبو!

انهيءَ ڪري سنڌ جيڪا امن جو گهر، صوفين، ۽ درويشن جي سرزمين هئي ۽ آهي، اڄ اتي دهشتگردي، ڦرلٽ، بيروزگاري، افراتفري، مهانگائي ۽ بدامني وڌي ويئي آهي، ۽ وڌندي وڃي ٿي. شاهه ٺريو جيلاني جتي اچي رهيو، اهو ڳوٺ، هن وقت غلام نبي شاهه جي نالي سان سڏجي ٿو. هيءَ ديهه قناداني سڏجي ٿي. ديهه تي اهو نالو قناديا قناترا ذات تان پيو آهي. چون ٿا هي ملاح  آهن. خيرمحمد ٻرڙو سنڌ جي ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا، ص 1017، تي، لفظ (قناد) ”ڪ“ سان هن طرح لکيو آهي، ڪناد، ڪنادا ملاح آهن (والله اعلم).

سيد غلام نبي شاهه، ۽ يارمحمد شاهه، شعرو شاعري ۽ علم ادب سان شوق رکندڙ ۽ باقي عبدالله شاهه، بابو شاهه، نور محمد زمينداري ڪندڙ اوطاقي هئا. هنن مان امير علي شاهه وڏو عالم هو. هي ڳوٺ بس اسٽاپ جاڙا واهه کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر طرف اڄ به موجود آهي، جنهن ۾ سيد، مهندا، جماري، ملاح، ۽ لاشاري به هن ڳوٺ جي ڀر ۾ رهن ٿا. شاهه ٺريي بزرگ جو ميلو هر سال عوامي شاعر حاجي شاهه لڳرائيندو هو ۽ هر فنڪار کي گهرائيندو هو. حاجي شاهه مرحوم کان پوءِ اهو ميلو سندس پويان لڳائيندا اچن. هن تاريخي قبرستان ۾ 15،20، فوٽ ڊگهو منارو ٺهيل هو، جنهن کي مقامي ماڻهو ڏيوري چوندا هئا، جيڪا هاڻي ماڻهن ڊاهي، ان جون سرون ڪڍي کڻي ويا آهن، هاڻ صرف ان جا نشان باقي آهن. ڏيوري ڇا آهي ۽  هيءَ ڇو ٺاهي وئي آهي. ان بابت مقامي جهونن کان پڇا ڪيم، جن ٻُڌايو ته، اهڙيون ڏيوريون سنڌ جي مختلف هنڌن انگريز سرڪار ٺهرايون، جيڪي رستي يا ماڳ جي نشاندهي ڪنديون هيون. ان ڏيوريءَ جي چوٽيءَ تي ننڍڙو جارو ٺاهي ڏيئو رکيو ويندو هو، جيڪو ماڻهن کي، ماڳ يا رستي جي سُڌ ڏيندو هو (والله اعلم). اهڙي هڪ ڏيوري مويا شهر جي ڏکڻ طرف ڳوٺ مرحوم قاضي احمد ڪاٺ ٻانڀڻ ڀرسان هڪ وڏي قبرستان ۾ هئي، ان کان سواءِ سيد پور ٽڪر جي اُتر طرف ڳوٺ آچار گوپانگ جي ڀر ۾ هڪ تاريخي پراڻو ۽ ٻڌ دؤر جو ماڳ آهي، جنهن کي سُڏيرڻ جوٺُل چون ٿا، اها ڏيوري وري مٽيءَ جي ٺهيل هئي، جيڪا هاڻ شايد ختم ٿي ويئي آهي. هڪ ڀيري مان ۽ منهنجو استاد محترم نيازمند بلڙائي، شاهه ٺريي جيلاني  ۽ سندس اولاد مان ڀلوڙ ۽ عوامي شاعر سائين حاجي شاهه جو احوال وٺڻ لاءِ سندس ڳوٺ لڳ سعيد خان لنڊ کان ڏکڻ، اولهه طرف موجوده بلڙي شاخ جي  اوڀر ۾ اوطاق تي وياسين. جتي سائين حاجي جي پوٽي جي پٽ نوجوان فدا حسين شاهه اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڏاڍي سهڻي نموني خدمت پڻ ڪيائين. اسان کيس پنهنجي اچڻ جواحوال ٻُڌايو ته ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ پاڻ چيائين ته بابا سائين، ٽنڊي محمد خان واري حويليءَ تي رهي ٿو، ٻارن جي تعليم ۽ ٻيو مريدن خاطر، مريد ڪافي اچن ٿا، هتي ٻهراڙيءَ ۾ اچڻ وڃڻ جي ڏکيائي آهي. انڪري ٽنڊي رهي ٿو. ڏاڏا سائين جو مواد هٿ سان لکيل بابا سائين وٽ محفوظ آهي، اوهان ٽنڊي ۾ بابا سان ملاقات ڪريو، باقي توهان کي مٺو ڪڇيءَ جي ڳايل ڏاڏا سائينءَ جي ڪافي ٻُڌايان ٿو. استاد مٺي ڪڇي جي آواز۾ هيءَ ڳايل ڪلاسيل انداز ۾ ڪافي ڏاڍي وڻندڙ هئي، ڪافي ٻڌي اسان کيس مشورو ڏنو ته شاهه صاحب جي شاعري ڇپرايو ته،  بهتر ٿيندو، فدا، پنهنجي ادا سان مُرڪي چيو ته، ڪوشش ڪنداسين، ۽ پوءِ اسان فدا سائينءَ کان موڪلائي پنهنجي ماڳ موٽي آياسين. وري ڪجهه ڏينهن ڇڏي، مان ۽ مرحوم سائين اميد علي سٺيو، گڏجي ٽنڊي محمد خان، شوڪت ڪالونيءَ ۾ سائين حاجي شاهه جي حويليءَ تي آياسين. ’ياد رهي ته هن جو نالو به حاجي شاهه آهي‘ ۽ حاجي شاهه  شاعر سندس ڏاڏو هو شاهه صاحب ڏاڍي قرب سان مليو، ۽ شاهه صاحب سان، سندس ڏاڏي جي شاعري ۽ سندس احوال ڏيڻ جو ذڪر ڪيوسين، ۽ اهو به، چيوسين ته، تنهنجي ڳوٺ تنهنجي ڇوڪري فدا حسين وٽ ويا هئاسين، جنهن وري اوهان جو ڏس ڏنو. جنهنڪري هيءُ ڪشالو ڪڍي اوهان تائين پهتا آهيون. شاهه صاحب هڪدم ويو ۽ سائين حاجي شاهه مرحوم (شاعر) جو پاسپورٽ سائيز ڦوٽو کڻي آيو، ڏاڍو ڀلوڙ ڦوٽو هو، مٿي تي اڇي پڳ، سونهاريءَ سان سدا ملوڪ ٿي لڳو. ۽ ان کان پوءِ سائينءَ جي شاعري بابت پڇا ڪئي سون، ته چيائين ته، ڏاڏا مرحوم سائين جي شاعريءَ جو هٿ سان لکيل هڪ وڏو بُڪ هو، اهو هڪ سادات جي معرفت ٻي سادات سائين صالح محمد شاهه عرف ڏاڏي فتح خان جي حوالي ڪيم، پر جڏهن هينئر تازو ڏاڏي سائين جي شاعريءَ جو بُڪ وٺڻ ويس، ته پاڻ چيائين بابا اها ڪاپي خبر ناهي ڪٿي آهي، گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن، مون کي ياد نٿي پوي ته، مون ڪٿي رکي آهي. ايئن ڪري نٽائي ويو، مان مايوس ٿي موٽي آيس، پنهنجي شيءِ هٿ سان وڃائي ڇڏيم، ڏاڍو افسوس ٿيو، پرهاڻ ڇا ڪجي، بهرحال مان ڳائڻن ۽ مريدن کان جن وٽ سائين جو ڪلام آهي، هٿ ڪريان ٿو، جيئن ئي ڪجهه ذخيرو هٿ آيو ته، اوهان جي حوالي ڪندس، توهان جا لک قرب جو توهان مون وٽ ڪهي آيا.

اسين ٻه- ٽي ڏينهن ترسي، وري کاهوڙين وارا کرڪڻا پائي، اچي شاهه ٺريي واري قبرستان ۾ سائين حاجي شاهه شاعر جي قبر هٿ ڪئي سون، ان جي سِري کان قبر تي جيڪو وصال جو ڪتبو لڳل هو، ان تي 9 ذي الحج 1371هه لکيل هو، ان حساب سان عيسوي سن، 22 جمع آگسٽ 1952ع ٿيندو. اسان فيصلو ڪيو ته، سائين حاجي شاهه جي جهونن مريدن سان ملاقات ڪجي، جن شاهه صاحب سان رهاڻيون  ڪيون هيون. ان سلسلي ۾ ڏيري  مرحوم حاجي علي محمد ڪاتيار باني هاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار سان هڪ ڏهاڙي، مان ۽ سندم ساٿي  اميد علي سٺيو ملڻ وياسين، ڳالهين ۽ رهاڻ جي رس ۾ اسان کانئس حاجي شاهه بابت احوال پڇيو، پاڻ چيائين: اسان جو قبرستان شاهه ٺريو آهي، اسين ان گاديءَ جا مريد آهيون، حاجي شاهه سان ڪافي رهاڻيون ٿينديون هيون، پاڻ ڪڏهن ڪڏهن هتي اسان وٽ به ايندو هو، وڏو اوطاقي ماڻهو هو، سُهڻي صورت وارو ۽ سُٺي پوشاڪ پائيندو هو، هر وقت سندس اوطاق تي رس رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون، ذات ڳائڻو سندس حاضري ڀريندو هو. وري ٻي جهوني جيلاني خاندان جي مريد ڊاڪٽرايوب جت جي والد حاجي آدم جت سان ملڻ وياسين، هي جهونو اسي سالن جو پوڙهو هو، پر ڳالهائڻ جو ڀڙ هو. ان جهوني چيو ته: اسين جيلاني سيدن جي پير قادر بخش شاهه واري خاندان جا مريد آهيون، مون حاجي شاهه ڏٺو هو، مون کان ڄمار ۾ وڏو هو، ڏاڍو خوش اخلاق ۽ سُهڻو هو، ڪپڙي لٽي جو شوقين هو، سخي دل انسان، مهمان نواز، رهاڻين جو شوقين، صوم صلات جو پابند هوندو هو. مرحوم عاجز عثمان جماري  جيڪو پاڻ به سٺو شاعر هو، ان به سائين حاجي شاهه جون ڳالهيون ۽ ان جي شاعري ٻُڌائي.

بهرحال منهنجي ڪوشش سان شاهه جو مختصر احوال ۽ سندس شاعري جيڪا مون کي ماڻهن کان، ڪيسٽن تان ۽ سندم استاد مرحوم يوسف شيديءَ جيڪي اٺ، ڏهه هٿ سان لکيل ڦوٽو اسٽيٽ پنا ڏنا، ان ۾ حاجي شاهه جا ٻه- ٽي ڪلام هئا ۽ ان سان گڏ، هيٺين شاعرن جا هڪ يا ٻه ڪلام هئا، جن ۾(1) اميد علي شاهه (2) عثمان اوٺو (3) صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ وارو (4) اعجاز (5) مهدي شاهه (6) عاقل فقير (7) فيض محمد، فيض فقير، (8) خوش خيرمحمد فقير، (9) ڀٽو (10) عثمان درزي، (11) صالح شاهه، (12) درگاهي فقير، (13) عارب فقير، (14) علي نواز صابراڻي نظاماڻي. مون صرف حاجي شاهه جي شاعريءَ  جي ڇنڊڇاڻ ڪئي  ۽ ان کي سنواريو، جنهن مان معلوم ٿيو ته، شاهه صاحب جو اڪثر ڪلام مجازي ۽ عوامي آهي، سندس کوڙ ڪافيون ۽ بيت جن  کي ڳائيڻا ڏوهيڙو چوندا آهن، اهي به هئا، پر انهن ڏوهيڙن مان ڪوبه صحيح سلامت ڪونه ملي سگهيو، جيئن ته حاجي شاهه حُسن جو شاعر هو، ان ڪري حَسِينَن جي ساراهه گهڻي ڪئي اٿس، هڪ ٻه سٽون حُسن جي واکاڻ بابت آهن ته:       

”حُسن ’حاجي شاهه‘ حبيب آهي، هرڪو ان جو عزيز آهي، واري ڏس تون ورق کڻي“ سليمان شاهه جي آواز ۾ به هڪڙو اهڙي قسم جو ڏوهيڙو آهي، ”محبوب آهي، ته ملڪيت آهي، نه ته ملڪيت ڇا ڪندي، حسينن کان سواءِ حاجي شاهه چئي حياتي ڇا ڪندي.“ هُو حسن پرست شاعر هو، چون ٿا ته،  جوانيءَ ۾ ڪنهن نينهن جي شينهن کيس ڦٽي وڌو هو، جنهن ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هُيس، اها ڪٿا مون کي غلام رسول ٻُڌائي هئي، جنهن چيو ته، اها سُهڻي من موهڻي مورت مون به ڏٺي هئي، جهور پوڙهي هئي، پر سندس سُونهن جا آثار اڃا به ڪجهه منجهس موجود هئا، اکيون ڏاڍيون سُهڻيون هئس. ڳالهه ڪرڻ وارو اڃا حال حيات آهي، ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. وري عوامي رنگ ۽ ڍنگ ۾ جڏهن مقامي ڳائڻن ڳايو ته، عوام ۾ مشهور ٿيو.

انهيءَ ڪري سائين حاجي شاهه جي تمام گهڻي مشهوري ٿي. حاجي شاهه جي شاعري مجازي کان سواءِ لوڪ داستانن تي به آهي، جيئن ته، عمرمارئي ۽ نوري ڄام تماچيءَ تي  تمام گهڻو شعر چيو اٿس. ان کان  سواءِ ڪربلا جي شهيدن جي شان ۾ سندس بهترين شاعري آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته، هن ڀلوڙ ۽ عوامي شاعر جو احوال ۽ شاعري ’قافيون‘ ڪتاب ۾ ڇونه ڏنو ويو آهي. ”ان وقت جيڪڏهن ڪوشش ٿئي ها ته، هن شاعر جو ڪلام هٿ اچي وڃي ها“ جڏهن ته ’قافيون‘ ڪتاب جا ٽي جلد شايع ٿيا آهن. حاجي شاهه جو ڪلام ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي، جن ۾ نمايان استاد مٺو ڪڇي، عثمان، هاشم ڪڇي، پيرو نومڙيو، عثمان اوٺو بٺورائي، جيڪو پاڻ به سُٺو شاعر هو. سائين سليمان شاهه، ۽ ان جو استاد بچو شيخ، مائي الهوسائي، مائي نوربانو، هن جي ۽ ٻن ٻين ماين جي باري ۾ پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب، ’اهي ڏينهن، اهي شينهن‘، جلد، 3، ص 316 کان 318 تي لکي ٿو ته، ’مائي جيوڻي، مائي ڀاڳي ۽ مائي نوران، جيڪا هاڻ نوربانو سڏائڻ لڳي آهي‘، منهنجي اها راءِ آهي ته، سنڌ جون اهي ٽي ڳوٺاڻيون مايون اسان جي زماني ۾، سنڌ جي حقيقي روح جون ترجمان هيون. مائي جيوڻي، اُتر جي، مائي ڀاڳي ٿر جي، ۽ مائي نوران نج لاڙ جي نمائندگي پئي ڪئي، ٽنهي جو آواز سبحان الله، مائي نوران جو مان خاص مداح آهيان. مُنهن ۾ نه، ته به مُک ۾ هڪ قسم جو نور ضرور اٿس. سنڌ ۾ جيڪي سُر ۽ لاتيون مون اڄ کان سٺ ورهيه اڳ ٻُڌيون، تن جي اڄ اڪيلي امانتدار اها مائي صاحبه آهي. پهريون دفعو، اڄ کان پنجويهه سال اڳ، منهنجي اڳيان هڪ ڳوٺاڻي پورهيت جي حيثيت ۾ ڌرتيءَ تي ويهي، گهڙي تي ڳايائين، آواز ٻڌندي ئي مون چيوته ”هيءَ مائي ڪنهن ڏينهن قهر ڪندي“ ساڳي مائي هاڻي نوربانو آهي. واقع سچ چيو سائين راشدي صاحب، مائي برابر غضب جي هئي. مون 1971ع ۾ روبروکيس ڏٺو ۽ ٻڌو هو. مان ان زماني ۾ سنڌ جي سخي مرد ۽ مهمان نواز حاجي محمد اشرف ٿيٻي مرحوم جي ڳوٺ رپ ۾ نائين درجي ۾ پڙهندو هوس، هاسٽل ۾ پرديسي شاگرد ۽ استاد رهندا هئا، فري بورڊنگ هئي، بورچي رکيل هو، سائين محمد اسماعيل چانڊيو بدين جي پاسي جو هاؤس ٽيچر هو ۽ مون کي هاسٽل جو مانيٽر مقرر ڪيائين، مون سان مڇاري ڳوٺ جيڪو رپ کان اولهه طرف ميل اڌ پنڌ تي هو، ان ڳوٺ جا چانگ گڏ پڙهندا هئا، انهن جي شادي هئي، جنهن ۾ هي مون کي استاد کان موڪل وٺي، وٺي ويا، وڏي شادي هئي، اهڙي وڏي شادي مون پهريون دفعو ڏٺي هئي، اتي مون هن مائيءَ کي پهريون دفعو ڏٺو ۽ ٻُڌو هو، تڏهن سندس ڦوهه جواني هئي. سڄي رات ڳايائين، مصري شاهه جي هڪ ڪافي جيڪا اڄ به مون کي ياد آهي، ٻول آهن، ”ڪهڙي سبب ڏاڍا ڏينهڙا لڳا، ڀينرڙي ڪڏهن ڀيڙا ٿيندا“ مون کي ان زماني ۾ ڪا ايتري سُرت  سمجهه ڪونه هئي، پرپوءِ به مون کي اها ڪافي ڏاڍو وڻي. مائي ذات جي گوپانگڻ هئي، رپ ڳوٺ جي رهاڪڻ هئي ۽ پوءِ چون ٿا ته لڏي وڃي تلهار ويٺي، (والله اعلم)

امينا، جنهن جي آواز۾ مشهور ڪافي:

”سمان ڄام سلطان، منهنجي ذات مهاڻي،

مڇيون روز ماريون، ڏنڀرا ڏيهاڻي.“

ان کان سواءِ عابده پروين، قاسم مڱڻهار، ڍول فقير جي آواز ۾ ڳايل مشهورڪافي:

عمر مون نٿا وسرن، ويڙهيچن جا واڙا،

ڀڄي ڀورٿيني ئي، ڪنجون ڪلف تاڙا.

تنهنجون محل ماڙيون، بنگلا بيماريون،

اسين قيد ڪوٽن ۾ گهڙي ڪين گهاريون

ڀٽن جي ڀرن ۾، آهن پنهوارن جا پاڙا.

ڀڄي ڀور ٿيني ئي ڪنجون ڪلف تاڙا.

نالي واري مصرع؛ عمر ڪر عدالت، ڀاؤ ٿي نه ڀورو، حاجي شاهه چئي هردم ٿئي مُيءَ تي ٿورو، وڃي آئون اکين سان، ڏسان اين جا اواڙا. ڀڄي ڀور ٿيني ئي ڪنجون ڪلف تاڙا

اها ساڳي ڪافي نئين انداز ۾ آل انڊيا جي سنڌي سروس تان، ڪلاڪاره ڀڳونتي ناواڻيءَ جي آواز ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻُڌڻ ۾ ايندي آهي. هڪ ٻي ڪافي به شايد ڍول فقير جي آواز ۾ آهي، جنهن جا ٻول آهن:

”اڳ نه ڏٺيون مون، عمر تنهنجيون ماڙيون،

اسان جي گهرن کي آهن، وڏيون وڏيون واڙيون.“

هيءَ حاجي شاهه جي مشهور ڪافي آهي، پر مون کي ان ڪلاڪار جو نالو هن وقت ياد ناهي، اها ڪافي ’ڪڍ ڪوٽ منجهان، عمر مير مون کي هتي آندو کڻي آ، تقدير مون کي‘ (نوٽ) هيءَ ڪافي به ڍول فقير ڳائي آهي، ’دلبر آيس در تنهنجي تي، نهار مون ڏي نيڻ کڻي.‘ هن عوامي شاعر جو ڪلام مون کي، سندس پوين کان ته، ڪونه ملي سگهيو، حاجي شاهه جيڪو سندس پوٽو هو، اهو اوچتو گذاري ويو، ڀلوڙ ۽ سخي ماڻهو هو، هڪ ڀيري اسان کي شاهه ٺريي جي ميلي جي دعوت ڏنائين، خوب خدمت ڪيائين، ڏاڍيون رس رهاڻيون ٿيون، جڏهن کانئس موڪلايوسين ته، مٺائي، ڦلن ۽ ڪشمش جي ڀري ٻڌي ڏنائين ته، اولياء صاحب جي ڏيهاڙي جي وَٽَ آهي، مهرباني ڪري کڻي وڃو، ان جي وفات کان پوءِ مواد لاءِ جڏهن ان جي پٽ فدا شاهه سان رابطو ڪيم ته، ان سائين صرف ها ها ٿي ڪئي، اڄ نه سُڀاڻي، پوءِ آسرو لاهي مون کي هِتان هُتان، ڪچو ڦڪو جيڪو مواد هٿ آيو، جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، ان کي سنواري سڌاري، علم دوست ۽ ذوق رکندڙن شاعرن، جن کي شاعريءَ سان اُنس آهي، تن سڄڻن جي علم جي اضافي لاءِ ڏجي ٿو.

 

ڪافي

 

دلبر دل لُٽڻ جو، قابل نه ڪهڙو آهين
ڪاتي بنا ڪُهڻ جو، قاتل نه ڪهڙو آهين.
 

رقيبن سان ٿو راهين، مون سان نٿو ڳالهائين،
منهنجا سُهڻا اوسائين، رل مل نه ڪهڙو آهين.

ڳالهيون ڪيئي ٻين سان، مون ٿي ٻُڌيون ڪنن سان،
منهنجي ته دشمنن سان، شامل نه ڪهڙو آهين.
”حاجي شاهه“ چئي هر هر، عاشق رلائين دردر،
ساڃاهه ڏيئي سرور، غافل نه ڪهڙو آهين.

 

ڪافي

 

دلبر در تنهنجي جو، دربان آهيان.
جي وڪڻي ڇڏين ته، قربان آهيان.
سر ساهه کپئي ته، هلي گهوري ڏيان،
جي نوڪر رکين ته، هلي ٻُوهاري ڏيان،
تون تخت ڌڻي، آئون غلمان آهيان.
حسن ”حاجي شاهه“ کڻي، قيد ڪيس،
ڏس بنا سمن جي، ڪيئن وٺجي ويس،
تڏهن ڪيس انهيءَ منجهه چالان آهيان.
 

ڪافي

 

جيئري جاني آئين نه مون وٽ، پوءِ ساري ڇا ڪندين.
پنهنجي هٿن سان مڙهه مٺا، پوءِ سينگاري ڇا ڪندين.
يار ٻُڌندين اڄ سُڀاڻي، موت منهنجي جي خبر،
پوءِ پڇاڙي ڪفن کولي، مُنهن اُگهاڙي ڇا ڪندين.
بهاني دعا جي هلي آ، تربت منهنجيءَ تي،
فاتح روح  ٺلي کي، رُئاري ڇا ڪندين.
شاهه ڪفن ”حاجي“ ڏيو، راهه هلندي،
مڙهه مٽيءَ تي، نازڪ نهاري ڇا ڪندين.

 

ڪافي

 

ملان وڃي يار کي هيڪر، مُٺيءَ کي پوءِ ڀلي مارج،
عزرائيل عرض منهنجو سُڻي، دل سان سخن پارج.
قريبن سان قبر تائين، هلج گڏجي غريبن سان،
 

پنهنجي هٿن سان ويهي ڀر ۾، مٿان مٽي تون وارج.
لهي هن لاش منهنجي تي، پڙهج آيت قل هوالله،
پڇاڙي وقت ملڪن جي، رهي هڪ رات ٽارج.
مريضن جي مقامن تي، اچج هرهر”حاجي شاهه“ چئي،
قبر تي هن ڪميڻيءَ جي، ڀلا ڀيرو متان لاهج.
 

ڪافي

داستان عمر مارئي

 

ڪڍ ظلم جا زور زنجير عمر.
وڃي جيئري ڏسان، ملڪ ملير عمر.

هُتي وڄڙيون وسن، ساوا گاهه ڦٽن، پُسيون لال پَچَن،
ڪري ياد وطن، اکيون روزروئن، نت نيڻ وهن ٿا نير عمر.
وران شال وطن،
پساه پوءِ پُڄن، مارو ساڻ هٿن، ڪن مُئيءَ کي دفن،
لوئي ليڙلٽن، آهي منهنجو ڪفن، تنهنجا زهر لڳن کنڊ کير عمر.
ڇڏ زور ظلم، ڪر ڪين ستم، سردار سندم، ڪر ترس مٿم،
لاچار ڪيم، لکئي لوهه قلم، هتي نيئر وڌم تقدير عمر.
ڪر قيد اندر”حاجي شاهه“ تون صبر، آغاز ڪر تون پنهنجو سفر،
هي تان روڄ حشر، آهي شام وسحر، ڪندو نيٺ اثر ادا مير عمر.
 

شهيدن جي شان ۾

ڪوٺي ڪربل ويا ڪوفي قهر ڪري،
منهنجي ننڍڙي سيد جو خدا خير ڪري.
ماڻهون مديني جا عيد ڪندا، رڌي گهر سيد جي اچي عيد ڏيندا،
جنهن جا ٻچڙا وتن بابا ڪندا، سگهو موٽ سيد نٿي ساعت سري.
پاڻي ڀرڻ ننڍڙو پير هليو، جنهن کي گلي مان لنگهي تکو تير ويو،
لُڇندي لال ڏسي عالي عرش ويو، حورن هار ڇني کڻي اڇليا پري.
”حاجي شاهه“ چئي سوين سور ٿيا، ڪري ٻچڙا عليءَ جا ڪوفي قيد هليا،
جن کي هٿن پيرن ۾ آهن زنجير پيا، ڏسو شان سيد جو ڌيان ڌري.

(نوٽ) هيِءَ مٿين ڪافي مرحوم عمر سولنگيءَ پنهنجي آواز ۾ 17 آگسٽ، 2017ع، سندس ڳوٺ لڳ فاران شوگرمل رات جو رهاڻ ۾ ٻُڌائي، پاڻ به سٺو شاعر هو ۽ آواز به ڀلو هوس، ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام کيس ياد هو، خاص ڪري سانوڻ فقير گهڻو ياد هوس، حافظ لقمان عالماڻي جي صحبت ڪري ان جي ڳائڻ جو رنگ مٿس گهڻو هو. ان رهاڻ ۾ مولانا الهڏنو ”آزاد“ ملاح، اشرف سولنگي ميزبان، پرائمري استاد عبدالرحيم، انور سولنگي ۽ ٻيا ڳوٺاڻا هئا.

ڪافي

مومن اوهان کي ٻڌايان، قصو ڪربل قهر جو.
هي ڪٺو ٿي ڪوفين اولاد سرور جو.
لاهيندي هٿن پيرن کي ميندي ڏٺم، رئندي ڄڃ سڄي ساري ڏٺم.
هڪڙوٻچڙو قيد عليءَ جو قيد، ٻيو ڏکيو پنڌ سفر جو.
شاهه قاسم جي سيڄ وڇاڻي ٿي، ڪوفين ڪيو بند پاڻي ٿي،
اها رئندي ڏٺم راڻي ٿي، ماريو گهوٽ انهيءَ جي گهر جو.
مومن هاڻ هتي اوهان جو ڇاهي، وڃو سڀ ڪربل ڏي ڪاهي،
هردم ”حاجي شاهه“ چئي آهيان، نوڪر نبيءَ جي درجو.

ٻي سندس مشهور ڪافي هئي، جنهن جا ٻول آهن،

اي مرد تنهنجي هن دنيا ۾،  باقي وڃي ڪا ڳالهه رهندي.

اها ڪافي مٺو ڪڇي  جي سدا بهار آواز ۾ مون ٻُڌي هئي، پر گهڻي ڪوشش جي باوجود به اها سڄي ڪافي مون کي  هٿ اچي ڪونه سگهي، هن مضمون لکڻ وقت سيد عبدالسلام شاهه فون تي  ٻُڌايو ته، اها ڪافي نيٽ تي قاسم علي شاهه جي آواز ۾ موجود آهي، پر مون کي هٿ نه  آئي.

”هشمت ”حاجي شاهه“ چئي تنهنجي هستي نه هر حال رهندي.“

سو سائين آخر سڀ فنا آهي، باقي مردن جون ڳالهيون پيون ڳائبيون آهن. 

حوالا ۽ روايتون:

(1) سومرو ڊاڪٽر عبدالغفار، صوفي لا ڪوفي، ڀاڱو؛ ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

(2) سنڌي محمد ابراهيم ڊاڪٽر؛ (بلڙي ۽ ان جي ڀرپاسي وارا تاريخي، ماڳ ۽ شخصيتون) حصو ٻيو؛ ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر، 2001ع.

(3) راشدي، پير علي محمد، اهي ڏينهن، اهي شينهن، جلد ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

(4) مرحوم سائين استاد يوسف جا ڏنل هٿ سان لکيل، ڦوٽو اسٽيٽ اٺ، ڏهه اڻ ڇپيل پنا.

(5) شاهه عبدالسلام، جي ميسيج ۾ موڪليل معلومات.

(6) روايت؛ مرحوم وڏيرو حاجي علي محمد ڪاتيار.

(7) روايت؛ مرحوم آدم جت؛ ۽ مرحوم عاجز عثمان جماري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org