سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :14

لياقت رضوي

ملاح جو پُٽ ۽ شام جو درياهه

 

آگسٽ جي مهيني ۾ ملاح جو پٽ، ملڪ ۾ هنگامي حالتن دوران پيدا ٿئي ٿو. جيئن عام طرح ٿيندو آهي ته ڪنهن غريب کي پٽن جي خواهش هوندي آهي ۽ هن کي رڳو ڌيئر ڄمنديون آهن، ائين ملاح کي به ٽن ڌيئن کان پوءِ سِڪي پِني پٽ ڄائو. تن ڏينهن ۾ ملڪ پنهنجي ئي سپاهين هٿان مفتوح ٿيل هو، پر هيءُ واقعو آگسٽ ۾ ئي، گهڻو پوءِ ٿيو، جنهن کي عام طور جمهوريت جي فتح جو دور پڻ چئي سگهجي ٿو، توڻي اهڙواصطلاح ڪيتريون ئي غلط فهميون پيدا ڪري سگهي ٿو، جن کي بهرحال هر ايندڙ نسل ئي ڀوڳيندو آهي.

هيءَ واقعو هڪ شام جو درياهه تي ٿئي ٿو. هونئن ته هن واقعي جا اکين ڏٺا شاهد کوڙ آهن پر قابلِ ذڪر فقط ملاح جو پٽ آهي، جنهن جي عمر اٽڪل يارنهن ٻارنهن سال آهي. ملاح جو سڪيلڌو ۽ ضدي پٽ، جيڪو فقط والدين جي بي حساب پيار ۽ درياهه کان واقف آهي، ٽنهي ڀينرن سان، جيڪي خود هن تان هر وقت صدقو پيون وينديون آهن،  هن جي بلڪل انهن سان ڪانه پوي. ماءُ  سان البت هن جي محبت کي ڪنهن حد تائين ٻاراڻي محبت نٿو چئي سگهجي. باقي جڏهن به پيءُ  سان محبت جو ذڪر ٿيندو ته هن  جي لاءِ هڪ نئون مسئلو جنم وٺندو، ڇو ته هو جڏهن به پيءُ تي سوچيندو آهي ته حقيقت ۾ هو درياه تي پيو سوچيندو آهي. اڃان تائين هو پيءُ  ۽ درياهه کي الڳ الڳ شخصيت ڏيڻ جي قابل ڪونه ٿيو آهي. ڏينهن جو گهڻو حصو هو درياهه سان ۽ رات جو گهڻو حصو پيءُ سان گذاريندو آهي.

ملاح واقفن ۽ اڻواقفن کي ساڳئي جوش سان ٻڌائيندو آهي ته پٽس جڏهن پهرئين وک کنئي هئي ته اها درياهه ڏي کنئي هئي.

۽ ائين ملاح جي پٽ جا ڏينهن ۽ رات غير محسوس طرح درياهه ۽ گهر ۾ ورهائجي ويا. جنهن شام جوهيءُ واقعو ٿيو ان وقت درياهه ڪنهن حد تائين پرسڪون هو، ملاح جي ٻيڙيءَ ۾ پٽس،معمول جيان درياهه ۾ ٻڏل ڄار کي ائين گهوري رهيوهو ڄڻ ٻڏل ڄار ۽ ان ۾ ايندڙ _ نه ايندڙ مڇين کي ڏسي رهيو هو. ملاح ان گهري ٻاراڻي گهور کي ابن ڏاڏن  جي ڌنڌي ۾ غير معمولي دلچسپي سمجهي خوش ٿيندوهو. جڏهن ته اصل ۾ ملاح جو پٽ، مڇين يا ڄار کي ڏسندو ئي ڪونه هو. هن جو نگاهون لهرن جو شڪار ڪنديون هيون ۽ لهرن ۾ ليٽيل درياههَ هن جي نظرن ۾ پورو ماپي ويندو هو، جنهن تي شام ايڏيءَ تيزيءَ سان لهندي هئي جو ملاح جي ٻيڙيءَ جو پاڇو به ٻڏي ويندو هو ۽ ملاح بي پاڇي ٻيڙيءَ کي ڪناري ڏي ڪري، گهر واپسيءَ جا خيال چونڊڻ لڳندو هو. پر اڄ ائين ڪونه ٿيو.توڻي اڄ به شام درياهه تي اهڙي ئي تيزيءَ  سان لٿي، جهڙي تيزيءَ سان اجنبي نوجوان ان ۾ ٽپو ڏنو.

هيءُ ڪوئي غير معمولي واقعو نٿو چئي سگهجي، ڇو ته خودڪشي انسان جيتري ئي قديم آهي. گهٽ ۾ گهٽ ملاح لاءِ، جنهن چاليهن سالن ۾ خبر ناهي ڪيتريون خودڪشيون ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن. هي واقعو ڪائي حيرتناڪ اهميت نٿي رکي سگهيو. ملاح ٻيڙيءَ  ۾ ويٺي ئي ٻڏندڙ نوجوان کي ڏٺو، ٿوري دير اڳ ۾ جنهن پل تان ڇلانگ لڳائي هئي. پل تي چند ماڻهو ڪنهن ٻئي نوجوان کي جهلڻ جي دکدائڪ ڪوشش ۾ مصروف هئا، جيڪو پڻ درياهه ڏي ڌوڪي رهيو هو، ڄڻ درياهه سان وڙهڻ چاهيندو هجي؛ يقينن اهو ٻڏندڙ نوجوان جو دوست هوندو. ملاح جي ڀر ۾ ملاح جو پٽ، بي سبب خوف سبب  پٿرائجي ويو. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن کي درياهه ۾ ٻڏندي ڏسي رهيو هو.

اڃان اجنبي نوجوان جو نيم مُرده جسم تري تائين به نه پهتوهوندو، جو ملاح جي پٽ اوڏانهن اشارو ڪندي هڪ دردناڪ رڙ ڪئي، ”بابا!“

اُها رڙ، درياهه،ٻيڙيءَ ۽ ملاح کان سواءِ ڪنهن به ڪانه ٻڌي. درياهه ته مصروف هو، ٻيڙيءَ چپ چاپ مصروف درياهه تي ڇلڪندي رهي، پر ملاح ان رڙ کي هڪ معنيٰ ڏني، تنهنڪري هن افسوسناڪ شرمندگيءَ سان سوچيو ته ، جي ڪجهه ساعتون اڳ ۾ هو نوجوان کي بچائڻ لاءِ وڃي ها ته شايد ....

” اڃان وقت آهي، “ الائي ڇو ائين سوچي ملاح درياهه ۾ لهي پيو  ۽ جتي نوجوان ٻڏو هو، اوڏانهن تيزيءَ سان ترڻ لڳو. ڪناري تان ماڻهن جو انبوهه ملاح کي ڪجهه چوندو رهيو، جيڪو خوفزده شور وانگر هن جي ڪنن سان ٽڪرايو ٿي ملاح سمجهيو ته ماڻهو هن کي جوش پيا ڏيارين _ معنيٰ اڃان شايد وقت آهي، ٻڏي ويل نوجوان کي بچائي سگهجي ٿو.

ماڻهو خبر ناهي ڇا مان ٺهيل آهي جو آخر تائين هو پنهنجي توڻي ٻين جي باري ۾ هڪ بي ثمر اميد جو شڪار رهندو آهي.

ملاح جي ترڻ ۾ تيزي ايندي ويئي. ٺيڪ ان جاءِ تي پهچي، جتي نوجوان ٻڏو هو، ملاح ٽٻي هنئي، مرده جسم جي تلاش ۾.

چڱيءَ دير جي تلاش کان پوءِ به ناڪاميءَ ملاح کي ٿورو ٿڪائي وڌو. هن ساهي کڻڻ لاءِ سوچيو. هُن جو رخ ڪناري ڏي هو ۽ پُٺي پنهنجي ٻيڙيءَ ڏي. هوڪلهن تائين درياهه ۾ هو. حيران هو ته اڃان تائين ڪناري تي ماڻهن جو شور ڇونه ٿميو آهي! ڪجهه سمجهڻ لاءِ هن پنهنجي تجربيڪار اکيون ۽ ڪن، ڪناري کان ايندڙ هوائن تي لڳايا  ۽ اچانڪ هڪ ڀيانڪ غلطيءَ جي احساس هن جي ترندڙ بدن ۾ ڏڪڻي ڀري ڇڏي. هن کي ياد آيو ته ابهم ٻار کي وچ درياهه ۾ اڪيلو ٻيڙيءَ ۾ ڪونه ڇڏبو آهي.

بنان دير هو پاڻي ۾ ئي پنهنجي ٻيڙيءَ ڏي مُڙيو، جيڪا وچ درياهه ۾ خالي ڇلڪي رهي هئي.


 

قاضي اياز مهيسر

هڪ هيئر ڪلپ جي ياد ۾

 

        هو” ڪجهه به نه“ ۾ ”ڪجهه“ ڳولي رهيوهو. ” ڪجهه“ جيڪو” ڪجهه به نه“ ڪجهه به نه هو. ڇا هي سڀ ڪجهه ڪجهه به نه آهي،هو سوچڻ لڳو. هي مُرڪ مرڻ، هي لُڙڪ لُڙڪ جيئڻ، هي سرءُ جا زرد پتا ۽ هي اکين جي صحرا ۾ ڏور تائين ڦهليل نويڪلايون. هو ڪجهه دير ٻڏي وڃي ٿو، ۽ هن جا ڳوڙها ڳلن تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي هوا ۾ Evaporate ٿي وڃن ٿا.

اچانڪ هن کي محسوس ٿئي ٿو ته مينهن ڇو وسندو آهي ۽ ان سان گڏ بيوسيءَ جو هڪ شديد احساس مينهن جي مستيءَ ۾ ڀرجي ويل ڪنهن ڪئنال وانگر سندس ذهن ۾ کنڊ هڻڻ لڳي ٿو ۽ ” ڪجهه به نه“ کي Absorb ڪرڻ لاءِ هن جي ڪوشش ڪنهن ڪچي بند جيان ٽٽي پئي ٿي.

هو پنهنجي پاڻ کي  Sedateڪرڻ لاءِ مُرڪڻ لڳي ٿو. هڪ عجيب ڦڪي مرڪ، هن جي چپن تي صرف ايتري دير لاءِ رهي ٿي جيتري دير ۾ اک ڇنڀي سگهبي آهي ۽ هڪ دفعو وري اک ڇنڀ جيتري ” ڪجهه“، ” ڪجهه به نه “ ۾ Diffuse ٿي وڃي ٿي.

پهرين پهرين هن کان پنهنجي Zodiac سائن وسري وڃي ٿي ۽ ان کان پوءِ هوڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو هو، هن کي ڪجهه ياد نٿو اچي. هن جي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ڪيترائي سيماءِ ڪالنس (1) اچي ٿا وڃن. غيرضروري سيماءِ ڪالنس، ٽريفڪ فلٽر جي ريڊ لائٽ وانگر هن کي هر هر روڪي ڇڏن ٿا ۽ هن جي سوچ جو تلسلسل نه رڪي ٿو نه جڙي ٿو. اچانڪ هن کي لڳي ٿو ته هو ڪنهن ڪولڊ اسٽوريج ۾ پنهنج ياد جي Autopsy ڪري رهيو آهي. پهرين ته هو ڊاڪٽر کي ڳولهي ٿو، پر هڪ ڊگهي نرس هن کي ٻڌائي ٿي ته سڀني ڊاڪٽرن کي Senile dementia ٿي پئي آهي. ائين چئي نرس پٽ تي ويهي رهي ٿي ۽ ننڍڙين ڇوڪرين وانگر روئڻ لڳي ٿي. هن جي پڇڻ تي هوءَ عجيب انداز ۾ چوي ٿي ته مون کي خبر ناهي ته مان هتي ڇالاءِ آئي آهيان!

هو پنهنجي جاڳ مان ڇرڪ ڀري، ڪجهه خواب ۾ جاڳي پوي ٿو. اسان هتي ڇو آيا آهيون؟ اسان هر وقت اتي ڇو هوندا آهيون جتي اسان کي هجڻ نه کپي کي خبر ڇو نه آهي!  ڇا اسان سڀني کي Senile dementia ٿي پيئي آهي؟

ڪجهه وقت کان پوءِ هُن کان پنهنجي پاڻ کان ڪيل اهو سوال به وسري وڃي ٿو ۽ خوابن جي تلاش ۾ سوال نرس وانگر روئڻ لڳي ٿو. هن کي لڳي ٿو ته ” ڪجهه به نه “ ۾ ” ڪجهه “ روئي رهيو آهي، ” مسلسل“ مسلسل جي م کان وٺي ل تائين!

هو سوچي سوچي جڏهن  ٿڪجي پوي ٿو ته هن کي اها ڇوڪري ياد ٿي اچي، جنهن هن سان پيار ڪيو هو. ڪيڏي نه عجيب هئي هوءَ! هو سوچڻ لڳي ٿو پر هن جي ياد ان هيئر ڪلپ تي ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي، جيڪا هن کانئس گهڻي سِڪ مان گُهري هئي. پر هن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوهو ۽ ڪاوڙ ۾ هلي وئي هئي. هن کي لڳو ته هن جي دل هن جي ٻن رپين جي هيئر ڪلپ کان به گهڻي سستي هئي.

مان ايڏو سستو ڇوهان؟ هو وري سوچڻ لڳي ٿو، هڪ دفعو وري ” ڪجهه به نه “ جي Black hole ۾ هن جو ” ڪجهه“ جذب ٿي وڃي ٿو. هن کان وري سڀ ڪجهه وسرڻ لڳي ٿو. پهرين پنهنجي ذات، پوءِ پنهنجو نالو پنهنجو نالو ۽ آخر ۾ هن سان ڪڏهن ۽ ڪٿي مليو هو، هن کي ڪجهه ياد نه ٿو اچي. هو  پوريءَ شدت سان ڪجهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، پر هڪ دفعو وري ” سيماءِ ڪالنس“ اچي ٿا وڃن. غير ضروري؛ سيماءِ ڪالنس؛؛؛ ۽ ؛ ڪجهه؛؛ به؛ نه ؛؛؛

طارق عالم

موچيءَ جو پُٽ خوابَ ڏسي ٿو

هيءَ انهن ڏينهن جي ڪهاڻي آهي جڏهن سرينهن جي چهچ ساين ٽارين مان پشمي گُل بُراقن جي سنجن ۾ سجيل جهاٻن جيئن ٽڙندي پوندا آهن. لمحن گذرڻ سان سج جا پاڇا، گهرن جي ديوارن تان گونگن جا پراسرار اشارا بڻجي کسڪڻ لڳندا آهن، ۽ پهرين جو چند ڏينهنِ گذرڻ سان رُهنڊ مان پڪريز بڻجي آسمان کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.

اهي گهائيندڙ ڏينهن- هر ويندڙ سال، چارج ڇڏڻ وقت نئين سال جي حساب ڪتاب ۾ ڇڏي ويندو آهي.

منهنجي ڪهاڻيءَ جو ڪردار ’ڪبير‘ هر نئين سال جي انهن عذاب ڏينهن ۾ جُهرڻ لڳندو آهي.

(سورنهن سال اڳ)

ارڙهن سالن جو ڳڀرو جواڻ هو. مرڪ هن جي چپن جي ڪنڊن تي نئين قميص تي ٽاڪيل بٽڻن جيان چمڪندي رهندي هئي. درد هن جي دل ته پري جي ڳالهه آهي، هن جي گهر ٻاهران ويندڙ پيچري تي به پير نه ڌريو هو. انهن سڀاڳن ڏينهن ۾ وتندو هو پوپٽ جيئن هوائن ۾ پرن جا ورق ورائي، گلن جون پتيون ڳڻيندو ۽ رات جو خوابن ۾ ڪينجهر ڪنڌيءَ تي نوريءَ جي هنج ۾ پرهه ڪري اٿندو هو.

صبح جو جڏهن پنهنجن سنگي ساٿين کي ننڊ ۾ آيل بخملي خوابن بابت ٻڌائيندو هو ته هو حيران ٿي پڇند اهئس:

” تون روز اهڙا حسين خواب ڪٿان ٿو آڻين؟“

تڏهن مرڪي چوندو هو:

” امان چوندي آهي، تون منهنجن پٽن ۾ سڀ کان ننڍو آهين، تنهن ڪري مون تنهنجي ويهاڻي ۾ پکين جا پَرَ ڀرڻ بجاءِ سهڻا سهڻا خواب ڀري ڇڏيا آهن. هاڻ جڏهن به رات جو ننڍ ڪرڻ لاءِ ويهاڻي تي سمهندين ته خواب ويهاڻي مان نڪري تنهنجن نيڻن ۾ سمائجي ويندا.“

هن جا سمورا دوست سندس مست ڳالهين تي ائين کلڻ لڳندا هئا، جيئن وڏو ڦڙو ٽين جي ڇت کي وڄائڻ لڳي. ننڍڙوئي هيو ته پيءُ گذاري ويو هوس، پر جيئن جيئن وڏو  ٿيڻ لڳو تصور۾ پنهنجي پيءُ کي جيئرو بڻائي ڇڏيو هئائين.

(هن جو پيءُ)

منصف مزاج ۽ بهادر انسان هو. سرنديءَ وارا انهن رستن تان لنگهڻ کان لنوائيندا هئا، جتان جتان هن جو گذر هوندو هو. مسڪين ۽ اٻوجهه هن جي راهن ۾ پنهنجا ڦاٽل خواب ۽ ڇڳل مُرڪون وڇائيندي نه ڍاپندا هئا.

پورهيت جڏهن به هن کي گهيري ڇڏيندا هئا ته هو سندن ڳچيءَ ۾ پيل ڳارن ۽ سر جهڪائي سينن آڏو ٻڌل سندن ٻانهن کي پنهنجن مينهن وَساڙن ڪونئرن هٿن سان ڇهي الڳ ڪري مشعل آواز ۾ چوندو هو:

” مان اوهانجن هٿن مان هزارين سجَ اڀرندي ڏسڻ چاهيان ٿو.“

سندن ڳچين ۾ پيل ڳارا لاهي کين چيلهه ۾ ٻڌي چوندو هو:

”پورهيت خدا جون عبادت گاهون هوندا آهن ۽ سندن چهرا انهن عبادت گهرن جا گنبذ ۽ خدا جي گهر جا گنبذ هميشه اوچا رهڻ کپن. هو سندن جهڪيل سرِ پنهنجي ٻڪ ۾ جهلي سڌا ڪري چوندو هو.

”هي سج اڀاريندڙ ٻانهون انهن مقدس گهرن جا مضبوط منبر آهن. اوهان خدا جا اُهي خاڪسار ٻانها آهيو جن کي ڏسي خدا جي ذات وڌيڪ رحيم ۽ ڪريم بڻجي ويندي آهي.“

موسمن بدلجڻ سان هن جي پيءُ جي شخصيت ڪروڙن انسانن جي روح ۾ فجر جي آذان جيئن لهندي هلي وئي: سرنديءَ وارن هن مسيحا جي فصاحت ۽ بلاغت آڏو پاڻ کي تڇ سمجهي هٿيار ڦٽا ڪري کيس عدل ۽ انصاف جي مسند تي ويهارڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهي.

مسيحا پنهنجي ديس کي ڪنواري ڇوڪريءَ جي تصور جهڙو حسين بنائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو. وطن جي سرحدن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ فوج ۾ نيئن سر روح ڦوڪڻ شروع ڪيائين.

سندس ٻلوان فوج ۾ هونءَ ته ڪيترائي بهادر ۽ احترام لائق سالار هئا، پر مسيحا جي روح جي ڏاڪڻين تي هڪ کلڻ هاب سالار وک وک رکندو هيٺ هليو ويو جنهن کي مسيحا سالار مان سپهه سالار بڻائي ڇڏيو، هو جڏهن به مسيحا سان ملندو هو ته ايترو جهڪي ويندو هو جو سندس چاپلوسيءَ سبب ٻاهر نڪتل ڄِڀَ مسيحا جي پيرن تي پالتوڪتي جو پڇ بڻجي لهرائڻ لڳندي هئي.

مسيحا جيئن ته انسان ئي هوندا آهن ان ڪري اسان جي ڪهاڻيءَ جي يتيم ڪردار جو تصوراتي پيءُ يعني مسيحا به انسان هئڻ ناتي عقل جو ڌڻي هوندي به غلطيءَ جومرتڪب بڻيو ۽ نتيجي ۾ ... وڻن ڇانگڻ جي موسم جي هڪ هراسيل رات جو بظاهر مسخرو نظر ايندڙ سپهه سالار پنهنجن ڪن رهزن ساٿين سميت گهيرٽن ۾ گهيريل خواب گاهه ۾ گهڙي مسيحا کي باندي بڻائي هليو ويو.

ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن ڪبير خواب ڏيکاريندڙ ويهاڻي تان اکيون مهٽي جاڳيو ته کيس ماءُ جو چهرو ڪنهن ننڍڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي لڳل اڪيلي فانوس جهڙو محسوس ٿيو، جنهن ۾ بتي جلائڻ وارو بتي جلائڻ وسري ويو هيو. نتيجي ۾ سموري اسٽيشن جي اونداهه فانوس ۾ سمائجي ويئي هئي.

هن ماءُ جي اونداهي چهري ۾ ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ماءُ کان پيءُ  بابت سواليو، ماءُ پنهنجي سموري پريشاني کي اندر ۾ سموئي ڪومطمئن ڪندڙ جواب ڏئي هن کي ماٺ ڪرائي ڇڏي.

وقت وهامڻ سان موسمن به پنهنجا رخ مٽائڻ شروع ڪيا. ويندڙ سال نئين سال کي پراڻيون خوشيون ۽ ڏک هينڊ _ اوور ڪري کسڪي ويو.

انهيءَ نئين سال جي بهار ڀريل آڌيءَ جوڪبير ويهاڻي تي ڪنڌ رکي ، ڪينجهر ڪنڌي تي نوريءَ جي هنج ۾ ليٽي باک ڦٽڻ جو منظر ڏسي رهيو هو ته امالڪ خواب پاسو ورائي ڀيانڪ رخ اختيار ڪيو ته هو هنيانءَ ڏاريندڙ رڙ ڪري جاڳي پيو.

رڙ، جيڪا بلڪل بي ڏوهيءَ ۽ معصوم انسان جي هئي.

” ڇا ٿيو!!؟ ڇا ٿيو منهنجي جان، منهنجي جان....“

سيني تي هٿ رکي تسبيح سوريندڙ ماءُ جي مٿي تان ڪاري چادر لهرائي وڃي فرش تي ڪري، ڄڻ ڪنهن تلوار جي هڪ ئي وار سان اونداهي آسمان کي اڌ مان ڪپي ڇڏيو ۽ آسمان جو اڌ خلائن ۾ لهرائيندو سانت سمونڊ جي سطح تي پکڙجي ويو. هو جاڳي وڦلڻ لڳو.

” اسٽريچر _ ڪاريڊور _ بابا ڦاسي گهاٽ_  هو ماري ڇڏيندا.... مزدور ڪاٿي آهن؟ خدا جا عبادت گهر ڪاٿي آهن؟ اذان ڇو نه ٿي اچي؟ بابا_ او بابا ... “ هو پوري طاقت سان رڙيون ڪرڻ لڳو:

” هيءَ رات ايڏي ڊگهي ڇو ٿي ويئي آهي امان ... ؟“

ماءُ جي هنج ۾ بهار جي مند هوندي به سرءُ جي پن جيئان ٿڙ ٿڙ ٿڙڪڻ لڳو. ماءُ هن کي پنهنجين ٻانهن جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙي لڙڪن کي روڪي ٿڦڪيون ڏيڻ لڳي:

” ڪبيرا ... ڪبيرا .... ڪبيرا.“

ماءُ جو آواز لڙڪ بڻجي وهڻ لڳو.

ان رات غريب عورت پنهنجي ڪاري چادر سان لڙڪ سوئي سوچيوهو ...

اڄ رات ڦاهي چڙهندڙ شخص واقعي منهنجي پٽ جوپيءُ آهي ... ؟ جي نه آهي، ته مان هن کي پنهنجو ڇپر ڇانو ڇو سمجهندي رهيس؟ ڇو هن جي باندي ٿي وڃڻ کان پوءِ آڌيءَ اٿي پروردگار کان هن جي طويل عمري جون دعائون گهرندي رهيس؟... جڏهن ته منهنجو مڙس، ڪبير جي ننڍپڻ ۾ ئي شهر جي ماڻهن جون جتيون ڳنڍي ڳنڍي چُڙي ويو.“

ان رات، هن جي ننڍڙي گهر جون ديوارون سُرڪنديون سوڙهيون ٿينديون هنن جا روح چيڀاٽڻ لڳيون هيون.

پوئين پهر گلن ۽ وڻن تي ايتري ته ماڪ ڪري هئي جو صبح جو سمورا رستا ڪوهيڙي ۾ وڃائجي ويا هئا. سج نڪرڻ تائين سندن ننڍڙي اڱڻ ۾ لڳل ڄمونءَ جي پنن تان ماڪ سانوڻيءَ جو مينهن بڻجي ڪچي اڱڻ تي ريلا ڪري وهڻ لڳي هئي. سورج مکي، بي نور سورج کان منهن موڙي دروازي ڏانهن نهارڻ لڳو هو ۽ ٽارين ٽڙيل گل دائودي جي گلن ندامت کان سر جهڪائي ڇڏيا هئا.

ان رات درَدُڪبيرجي گهر جو پيچرو پار ڪري سندس دل جي ٽٻڻيءَ ۾ ڇپ هڻي اچي ويهي رهيو هو.

ان ڏينهن کان پوءِ هن ديوار تي لڙڪيل آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏسڻ ڇڏي ڏنو هو.

ٻئي ڏينهن صبح جو شهر جي سُنسان روڊن ۽ ڳلين مان پيرن اگهاڙو هلندوقدم گاهه تي اچي ويو هو. قدم گاهه جي ايوان ۾ اونڌا گوڏا ڪري مٿي تي هٿ هڻي پٽيندو رهيو هو.

واويلا _ ڙي _ واويلا _ يا حسين ڪربلا!

روح ۾ چين نه پائي مزار جي دروازي تي ٽنگيل چڙن کي چرين جيئن وڄايو هيائين. مزار ۾ اندر وڃي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي فريم ٿيل شبيهه مبارڪ ۾ نهاريندو مزار گهائل ڪبوتر جيئن ٿڙڪندو رهيو هو. سندس گونگا  لڙڪ مزار تي نڇاور ٿيل پنکڙين مٿان ڇڻڪار ڪندا رهيا هئا.

شام جو گهر موٽندي قدم گاهه ٻاهران امام عالي مقام جي تربت جي فريم ٿيل تصويروٺي اچي ڪمري ۾ ٽنگي ڇڏي هئائين.

ان شام بعد ڪبير جي چپن جي ڪنڊن تي ٽاڪيل مرڪ جا بٽڻ ڇڄي ڀڄي ڀري پيا هئا ۽ هُو هوائن ۾ پوپٽ جيئن پرن جاورق ورائي گلن جون پتيون ڳڻڻ بجاءِ شهر جي لئبرري ۾ وڃي ڪتابن جا ورق ورائي پوپٽ جهڙن رنگين لفطن ۾ غائب ٿي ويو هو.

ان شام کان پوءِ هن جي ويهاڻي مان رومانٽڪ خواب نڪرڻ بجاءِ مسيحا جي زندگيءَ بابت يادون ڪر موڙي جاڳي پونديون هيون، جنهن کي هن هميشه پنهنجو پيءُ سمجهيو هو.

انهن گذرندڙ اداس ڏينهن مان ڪنهن ڏينهن تي جڏهن شام جوشهر جي لئبرريءَ ۾ ڪتابن جا ورق ورائي لفظن جي پوپٽن کي اڏامندي ڏسي رهيو هو ته لئبرريءَ جي ڪائونٽر تي ويٺل سرمئي ڇوڪري کي ڏاڍو وڻي ويو هو ۽ هن ساڻس شادي رچائي ڇڏي هئي.

ماءُ سمجهيو، شاديءَ کان پوءِ پُٽس جي اداس چهري تي سرهائي موٽي ايندي ۽ هو هر نئين سال جي بهار ۾ عجيب و غريب خوابن مان جاڳي رڙيون ڪرڻ ڇڏي ڏيندو.

پر ماءُ کي اهو ڏسي سخت مايوسي ٿي ته سندس پٽ، ٻه ٻار ڄڻڻ بعد به هر سال بهار جي مند  آڌيءَ جو اٿي ديوانه وار ڳالهائڻ واري عجيب بيماري کان آجپو حاصل ڪري نه سگهيو هو.

اڳين سالن وانگر هن سال به جڏهن بهار آئي ۽ ڪبير ننڊ ڪرڻ لاءِ ويهاڻي تي ڪنڌ رکي ڇپر ٺپيا ته مسيحا ويهاڻي مان ڪر موڙي سندس خوابن ۾ داخل ٿيو.

(هن ڏٺو)

مسيحا جي سمنڊ جهڙن ڇلندڙ نيڻن ۾ عجيب درد هيو. سندس پشمي ڳلن تي ’سيمل‘  جي ڪپهه جهڙي ملائم ڏاڙهي چهري کي وڌيڪ نوراني بڻائي ڇڏيو هو. مسيحا ٿڪل آواز ۾ بندي خاني ٻاهر ويٺل خدمت گذار کي سڏ ڪيو خدمت گذار سڏ ٻڌي تيز وکون کڻي ندامت ڀريل چهري سان ڪنڌ جهڪائي اچي حاضر ٿيو. مسيحا کيس شيوَ ڪرڻ لاءِ گرم پاڻي جو مگو کڻي اچڻ لاءِ چيو.

ڪبير ننڊ ۾ پاسو ورايو ته خواب به بدلجي ويو.

( هن ڏٺو)

مسيحا جي نگراني ڪندڙ، شيو ڪندڙ سان اهڙي ريت لڳي بيٺو هو جيئن مسيحا سواءِ ڏاڙهي لاهڻ جي ڪو ٻيو قدم کڻي نه سگهي. مسيحا ساڻس لڳي بيٺل نگران ڏانهن ڏسي شيو ڪندڙ هٿ روڪي ڳالهايو:

” نگران صاحب، اوهان کي ههڙو ليڊر وري ڪٿي ملندو. پر اوهان کي ضرورت به ڪهڙي آهي.؟“ مسيحا جي چپن تي ڏک مرڪ بڻجي اڀري آيو. ” مان هارين، مزدورن ۽ موچين آڏو تقريرون ڪندو هوس. ڇو ته مان پاڻ به مزدور آهيان، موچي آهيان، ۽ موچي فقط ڳنڍڻ ڄاڻندا آهن ... يار ... اوهان غريبن کان ليڊر کسي رهيا آهيو. دوست، مون کي مارڻو ئي هيؤ ته منهنجا ايترا سال خراب ڇو ڪيئو ....... منهنجي عزت ڇو نه ڪيؤ، جا سڄي دنيا ۾ آهي. اڄ تون، مان سان لڳي بيٺو آهين ته جيئن مان بليڊ سان پاڻ کي ڇلي نه وجهان .“

ڪبير ڇرڪ ڀري خواب مان جاڳي پيو. هن پنهنجي نڙيءَ ۾ تتل واري اُڏامندي محسوس ڪئي ڳيت ڏئي نڙيءَ ۾ اُڏامندڙ واري کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. ۽ ڇت ۾ گهورڻ لڳو.

” بابا ... “ هن جي چپن ڀُڻڪيو.

غير ارادي طرح جو ساڄو هٿ شهپرن جي چوٽين تي ڦرڻ لڳو.

” ڇا، مان گونگوٿي چڪو آهيان؟“

هن پاڻ کان سواليو.

” ڇا مان گونگو ٿي چڪو آهيان ... ؟“

هاڻي اها سندس عادت بڻجي چڪي آهي. جنهن سوال جو جواب نه ملندو اٿس اهوئي سوال پاڻ کان ورجائي پڇندو آهي. ورجائي ورجائي پاڻ کان پڇيل سوال ۾ جواب ڳولهڻ لڳندو آهي. اهڙيءَ طرح هن کي اڪثر پنهنجن سوالن جا جواب ملي به ويندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي سوال اڻ جوابيل ئي رهجي ويندا آهن.

ڪجهه دير اڳ پاڻ کان پڇيل سوال تي ڪوشش جي باوجود به ويچاري نه سگهيو. هن جي ڀرپور ڪوشش سبب هن جو جواب شعور ۾ ايندي ايندي وڃائجي ٿي ويو. بلڪل ان شئي وانگر، جنهن کي اوهان ڪٿي رکي وساري ويهو ۽ ياد ڪرڻ تي اهو هنڌ اوهان جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان اڀرندي اڀرندي رهجي وڃي.

ڇا واقعي هو گونگو ٿي چڪو هو؟

جڏهن ته ڪنن کان ايترو ئي سرلو هيوجو سانت ڪمري ۾ فرش تي ڪري پيل پيپرپن جو آواز به آسانيءَ سان ٻڌي سگهندو هو.

(دراصل _ مسيحا جي ڦاهي چڙهي وڃڻ بعد پهرين هٻڪي ڳالهائيندو هو پوءِ هوريان هوريان هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنوهو.)

خواب مان جاڳڻ کان پوءِ چاهيندي به ننڊ ڪرڻ کان رڳو ان ڪري لنوائي رهيو هو، جو اک لڳڻ سان هنيانءُ جهوريندڙ خواب هن جي ويهاڻي مان نڪري کيس مڏي ڪاتي سان ڪهڻ ٿي لڳا.

ننڊ کي ڀڄائڻ لاءِ ٽيبل لئمپ ٻاري ڪاپي کڻي لکڻ لاءِ سوچڻ لڳو.

هن سوچيو:

” زندگي“

۽ لکيو.

هن سوچيو

” موت“

۽ لکيو.

پوءِ ٻنهي لفظن مان هڪ کي ڪٽڻ چاهيائين، پر ٻنهي لفظن مان ڪنهن کي به ڪٽي نه سگهيو.

هن کي ( ڪَٽڻ) سٺو ناهي لڳندو. پوءِ اهو لفظ ئي کڻي ڇونه هجي.

سُتي سُتي پاسو مٽائڻ کان سواءِ ڪمري جي بي چهره ديوار تي ٽنگيل وال ڪلاڪ جي ڪانٽن تي نگاهون ڄمايائين.

(هڪ لڳي پنجٽيهه منٽ)

وال ڪلاڪ جي ڪانٽن ۾ نهاريندي گهيرٽ اچي ويس. هڪ خواب ويهاڻي مان جاڳي سندس نيڻن ۾ اچي ويو.

(هن ڏٺو.)

ڪو باوردي شخص وارڊ مان ڦاسي گهاٽ ڏانهن وڃي رهيو هو. وارڊ جي سانت ۾ هن جي ڳرن بوٽن جا آواز ڍال تي تلوار جيئن پڙاڏ جي رهيا هئا.

وارڊ جي ٻنهي پاسن کان ديوار سان لڳي بيٺل سخت چهرن وارا پهريدار پٿر نگاهن سان نظر نه ايندڙ نقطي طرف ڏسي رهيا هئا.

ڪجهه باوردي ماڻهو جيڪي تعداد ۾ شايد چار هئا، مسيحا جي ڪال ڪوٺڙي ۾ داخل ٿيا.

مسيحا فرش تي وڇايل گدي تي ليٽيل هو ۽ جاڳي رهيو هو. سندس هٿ، هٿڪڙين سان زخميل هئا.

چئن مان هڪ سواليو:

” ڪا وصيت لکڻ چاهين ٿو؟“

مسيحا جو چهرو لهندڙ سج جيئن پيلو ٿي چڪو هو. جسماني طور به بيحد نٻل نظر اچي رهيو هو. هن بيحد جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو، جيڪو چئني مان ڪوئي به سمجهي نه سگهيو.

( خواب پاسو مٽايوته هن ڏٺو)

مسيحا _ تيزي سان ڪورن پنن تي پين ڊوڙائي رهيو هيو. هو مسلسل لکي رهيو هيو.

پوءَ خبر ناهي ڇا ٿيو جو مسيحا سمورن لکيل پنن کي آڳ لڳائي ڇڏي.

ننڊ مان ڀنڀلجي جاڳي پيو. سندس اکين ۾ اضطراب هيو. هو ڇڙوڇڙ ساهن سان وال ڪلاڪ جي ڪانٽن ۾ نهارڻ لڳو.

 ڪانٽن جي اڏوهي وقت تيزيءَ سان چٽي رهي هئي.

’ ڇا وقت اڏوهي آهي؟‘ هن سراپيل انداز ۾ سوچيو.

’ڇا وقت ڪتابن ۾ لکيل لفظن کي به کائي ويندو؟‘

’وقت ڇا هي؟‘

( بي وفا دوست؟ جنهن جي بي وفائي جي خبراوچتو پوندي آهي. بلڪل اوچتو، جڏهن ماڻهوءَ جي وس ۾ ڪجهه به ناهي رهندو، سواءِ بي وسيءَ جي.

هن کليل ڪاپيءَ تي وڌيڪ ڪجهه لکڻ چاهيو، پر بيچينيءَ سبب لکڻ بجاءِ ڪاپي بند ڪري ڇڏيائين.

( جاڳ جي باوجود هن ڏٺو:)

مسيحا ويهاڻي مان نڪري سندس آڏو اچي ويو.

بندي خاني جي ڊاڪٽر اسٽيٿو اسڪوپ سان مسيحا جي دل جا دهڪا ڳڻڻ، بعد سندس هٿڪڙي لڳل ڪرائي مان هٿ ڪڍي پٿر آواز ۾ چيو:

” بلڪل ٺيڪ آهي.“

(پوءِ ڪبير دل ڏاريندڙ منظر ڏٺو)

چار وارڊر مسيحا کي ٽنگو ٽالي ڪري وارڊ ۾ رکيل استريچر تي سمهاري اڳتي وڌڻ لڳا. وارڊ ۾ اوندهه هجڻ سبب ڪجهه وارڊر هٿن ۾ مشعل ٻاري اسٽريچر سان گڏ هلي رهيا هئا. موت جهڙي ماٺ ۾ وارڊ جي ڀتين تي مشعل بردارن جا پاڇا گهُنڊ ڪڍي سڏڪندڙ ڏهاڳڻين جهڙا لڳي رهيا هئا.

اسٽريچر جڏهن وارڊ ڏانهن وڌي رهيو هو ته اسٽريچر تي ستل مسيحا ڏٺو سندس خدمت گذار هن لاءِ چانهه جي پيالي کڻي اچي رهيو هو، پر مسيحا کي ڦاهي گهاٽ ڏانهن ويندي ڏسي هن جي هٿن ۾ کنيل پيالي ڏڪي وئي ۽ گونگا لڙڪ چانهه جي لهرن ۾ غائب ٿي ويا جن کي هو چاهيندي به لڪائي نه سگهيو.

اسٽريچر ڦاهي گهاٽ تي آڻي هيٺ رکيو ويو. ٻن وارڊرس مسيها کي ڪلهن کان وٺي اٿاري کيس تخته دار تي بيهاري ڇڏيو:

جلاد مسيحا جي چهري تي ماسڪ چاڙهي ڪائنات جي منهن تي دانگي ملي ڇڏي.

ڪبير بيچيني مان بستري تان اٿي آئيني آڏو اچي بيٺو. هن کي پنهنجي چهري ۾ مسيحا جو چهرو نظر آيو.

ڪبير وات کولي زبان ٻاهر ڪڍي ڏٺي ۽ هٿ لائي پهريان پنهنجن چپن پوءِ نڪتل ڄڀ کي محسوس ڪيو.

يقين ڪرڻ لاءِ ته ڳالهائي سگهي ٿو، هن آهستگيءَ سان چپ چوريا.

” مادر .....“

گار هن جي چپن مان ڦٿڙاٽي نڪتي، هڪدم وات تي هٿ رکي گهري ننڊ ستل زال ڏانهن نهاريائين. اگهور ننڊ ستل زال کي ڪا دير ڏسڻ کان پوءِ هن ٻيهر آئيني ۾ ڏٺو. پڪ ڪرڻ لاءِ ته لفظ هن جي زبان مان نڪري سگهن ٿا. وات تي رکيل هٿ هٽائي ٻيهر ڳالهايائين.

” ٻڏي نٿا مرو ڀيڻ ...... “

هن جي زبان مان گاريون گوليون بڻجي نڪرڻ لڳيون.

” اوهان سڀ سوئر جا ڦر آهيو. گونهه جا ڍير آهيو.“

” اوهان اهي ڪات آهيو جن سان ابهم انسانن جون گلاب دليون ٻه اڌ ٿي وينديون آهن.“

زال آڌيءَ جو مڙس جون رڙيون ٻڌي جاڳي کيس حيران نگاهن سان ڏسڻ لڳي.

ڪبير ڏٺو جلاد مسيحا جي ماسڪ چڙهيل چهري مان ڦاهي جو ڦندو ٽپائي ڳچي ۾ وجهي ڇڏيو. هن جي بيچيني اضطراب ۾ بدلجي وئي.

ڪمري مان نڪري اڱڻ مان ذري گهٽ ڊوڙندو گهر جو مهڙ دروازو کولي اوندهه ۾ گهيريل وسيع ميدان ۾ اچي هن زور سان رڙ ڪئي .

FINISH IT

رڙ جي پڙاڏي سان سموري ڪائنات ڇلي پيئي. هڪ زوردار جهوٻو آيو ۽ ڪبير اونداهي ميدان تي سنئين منهن اچي ڦهڪو ڪيو.

گهرن جون بتيون هڪ هڪ ٿي جلي پيون ۽ گهرن جا در کلندا ويا.

ماڻهن ڏٺو _ بهار جي مند ۾ موچيءَ جو پٽ وچ ميدان ۾ ڪنهن سائي ستابي وڻ جي ڇانگيل ڏار جهڙو ڏيک ڏئي رهيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com