سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ آڪٽوبر-ڊسمبر (4)

 

صفحو :2

تاج بلوچ

قطعا

تنهنجي سوچڻ کان ناهه فرصت دوست!

منهنجو سرمايو، تنهنجي فرقت دوست!

آءٌ تنها ڪٿي گذاريان ٿو،

درد تنهنجو وڏي غنيمت دوست!

ـ

سج لهڻ سان ئي کِجي ٿي بازار،

دل جي ويران لڳي ٿي بازار،

کڙڪو پيرن جو، مگر ڪو ناهي،

ڪيئن مئخاني جو اُجڙيو وهنوار.

ـ

هيٺ گونجي ٿو درد جو احساس

جيئن افق تي ٿي ڪونج ڪُرلائي

نت نئون ڪرب آهه ڌرتيءَ جو،

عرش واري کي ڪير سمجهائي؟

ـ

چنڊ جهوني جا درد بيگانا،

جوڙي جوڙي جا تلخ افسانا،

ڪيڏا آزار هن سَٺا هوندا،

جيڪي وڇڙي مليا نه پروانا

ـ

واءُ گهلي ٿو، ٻُور ڇڻي ٿو،

ٻُور سان گڏ ڪو پُور ڇڻي ٿو،

پَن پَن سان ڪو ناتو آهي،

اُڌمو ڪو رنجور ڇڻي ٿو.

ـ

گهگهه اوندهه ۾ اجالي خاطر،

منهنجي پَلڪن تان ستارا چونڊيو؛

کنڊ اونداهو جي آهي يارو،

منهنجي جذبن جا سيارا چونڊيو.

ـ

تاجل بيوس

وائي

ڪارونجهر  ۾ ڪاتَ،

اڃا ننگر ننڊ ۾!

چڙهيا آهن چوٽيون،

واڳون ڦاري وات،

اڃا ننگر ننڊ ۾!

راتا ڪون رَتَ _ ڇاڻ ۾،

ڇِتِ بچي آ ڇا ته ،

اڃا ننگر ننڊ ۾!

هلي هنگامو ڪيون،

آڌيءَ ويلي آ ته :

اڃا ننگر ننڊ ۾!

ـ

” محسن“ ڪڪڙائي

غزل

جلون جي جوت، پيار جي پالوٽ ٿي کپي،

او زندگي مون کي به ته هڪ زندگي کپي.

راحت، سڪونُ، امن کپي، آشتي کپي،

زندهه رهڻ جي لئه ته اِهائي سُتي کپي،

هر ڪنهن جي منهن تي مرڪ جي مانڊاڻ کي ڏسان،

گهر گهر ۾ صلح سانت جي چانڊاڻ ڀي کپي.

جي مُستحق هُجان، ته ڀلاين جو شڪريو،

همدردين جي بيک، سڄڻ، ڪانه ٿي کپي.

مون وٽ محبتن جو ته ڪوئي شمار ناهه،

سرڪار کي خلوص ۽ سڪ ڪيتري کپي؟

او حسن، پوڄيانءِ به ڪيڏو ۽ ڪيترو،

پُوڄا جي لئه ته هُونءَ به سڄي زندگي کپي.

هر وقت اعتراض جي تيرن جي زد ۾ آهه،

زخمي خلوص کي ته ملم ۽ پٽي کپي.

’محسن‘ فقير آهه، مگر بي ضمير ناهه ،

بي غيرتيءَ جي ٻوڙَ کان ڍوڍو _ لسي کپي.

 

آثم ناٿن شاهي

غزل

جئن گهڻو ڌرتيءَ جي ديون سان وڙهون ٿا تون ۽ مان،

تئن زياده پنهنجي لڙڪن ۾ لڙهون ٿا تون ۽ مان.

 

توکي ڊپ پنهنجن جو ۽ مون تي سماجي بندشون،

روز رسمن جي صليبن تي چڙهون ٿا تون ۽ مان.

 

تون لکين ٿي مون ڏي خط ۽ مان غزل ٿو موڪليان،

حال هڪ ٻئي جو ائين ڀي پيا پڙهون ٿا تون ۽ مان.

 

پاڻُ مان ڀي ٿو پتوڙيان، تون به لوچين ٿي پئي،

هوري هوري پنهنجي سنگم ڏي رڙهون ٿا تون ۽ مان.

 

منهنجي ڪوتا، تنهنجا سڏڪا قيد ٽوڙيندا ڪڏهن،

مدّتن کان جن جي ڪاڙهي ۾ ڪڙهون ٿا تون ۽ مان!

*

وفا ناٿن شاهي

غزل

جيت نچڻي آ، هار نچڻي آ،

سيج تي اڄ ڪنوار نچڻي آ.

هر بدن گُلبدن ٿي رقص ڪندو،

هر چمن ۾ بهار نچڻي آ.

 

هجر جي درد جي پيالن سان،

سڪ نچڻي آ، سار نچڻي آ.

 

نوجوانن سان حادثا ٿيندا،

نو جوانيءَ ۾ نار نچڻي آ.

 

رقص جو روح ٿي پئي آهي،

جيئن ساري ڄمار نچڻي آ.

 

ظالمن کي لکي ويا مظلوم،

اڄ جلادن سان دار نچڻي آ.

 

چنڊ جو دف وڄي رهيو آهي،

مهوشن جي قطار نچڻي آ.

انيس انصاري

غزل

ڏٺو مون بندگيءَ ۾ هڪ مقام آ،

جتي حاصل خدائي ٿي رهي آ.

 

جبينِ شوق ۾ سجدا ٿا تڙپن،

سندس در تي رسائي ٿي رهي آ.

 

اچي ٿو طور تي موسيٰ کي غش ڇو،

ڇا ڪنهن جي رُونمائي ٿي رهي آ.

اچي خود خضر ٿيو آهي مسافر،

عجب اڄ رهنمائي ٿي رهي آ.

 

گناهن جي معافي بار ويتر،

عطائن کان ڦڪائي ٿي رهي آ.

 

ڏٺو مون عرش کي آ زلزلي ۾،

ڪا آهن جي رسائي ٿي رهي آ.

 

ڏسي اعمالنامو ڏائي هٿ ۾،

گناهن کان شڪائي ٿي رهي آ.

 

مرڻ ئي زندگي جي ابتدا آ،

قفس مان اڄ رهائي ٿي رهي آ.

 

انيس آ زلزلو بامِ حرم ۾،

بتن جي اڄ خدائي ٿي رهي آ.

  

اياز گل

وائي

تنهنجي ياد جو دل ۾

ديپ ڪوجلائڻ سان.

زندگيءَ سان پرچي ويس.

تنهنجو، پنهنجي سرتين ۾

منهنجي ئي سڏائڻ سان،

زندگيءَ سان پرچي ويس .

خوف کي وڇوڙي جي،

مَنَ مان لڏائڻ سان،

زندگيءَ سان پرچي ويس .

ڪنهن اجاڙ مندرجي،

گهنڊ کي وڄائڻ سان،

زندگيءَ سان پرچي ويس .

تنهنجي ياد جو دل ۾،

ديپ ڪو جلائڻ سان،

زندگيءَ سان پرچي ويس.

 

عبدالقيوم صائب

رباعيون

(1)

هن واٽ جي ور ور ۾ ڪئي ور آهن،

هر ور جي مٿان ڪيئي اُڀا سر آهن؛

سر سر جي پٺيان آهه جو ويري ويٺو،

تنهن يار ! اجاڙيا ڪي ئي تر آهن.

(2)

گهر گهر تي هڻي سين ڏٺو هو جوڳين،

جو ٺاهه ٺڳيءَ جو هو، ٺاهيو ٺوڳين؛

در پور ڪري گرچ لڪايائون ٿي،

پڌرو ٿي پيو روڳ، لڳل کي روڳين.

(3)

ڏاڍن جو ڏسي ڏاڍ نه وربو وربو،

لالچ ۾ اچي پيٽ نه پنهنجو ڀربو؛

ڪرڻو جي پوي سانگ ته سانگي ٿي پئو،

مرڻو جي پيو يار، ٿڏي تي مربو.

(4)

رهزن ته نئين چال هلڻ ٿو چاهي،

ٻڪريءَ جيان توکي ئي کلڻ ٿو چاهي؛

ڪرهوش! اڳيان بيٺو اٿئي ڪاسائي،

جو وجهه وٺي توکي جهلڻ ٿو چاهي.

(5)

هن دؤر جي خونخوار کي دلدار چوڻ،

چنگيز کي هو قوم جو معمار چوڻ؛

وحشت کي وڏي سوڀ ملي آهه مگر،

ان سوڀ کي گهرجي ٿو غلط ڪار چوڻ.

(6)

جنهن خونِ حقائق جو تصور نه ڪيو،

ماڻهوءَ جي شرف تي ڪو تدبر نه ڪيو:

برباديءَ تهذيب و تمدن کي ڏسي

تاريخ کي چئبو ته اُنهيءَ گُر نه ڪيو.

(7)

همت جو ثمر ساڻ ڪري بند ڀڃڻ،

۽ ظلم وستم جا ڪي اُٿي ڏند ڀڃڻ؛

هر دؤر جي فرعون سان موسيٰ ٿي ملڻ،

آهي ته پراڻا ڪي گهڙيل رند ڀڃڻ.

(8)

سيني تي ٿيل گهاءَ کي مڃبو آهي،

ويرين تي، مليو وقت ته وڃبو ڪاهي؛

سورهيه ٿي زماني ۾ آهي هلبو،

هي قرض وطن جو آ، ڇڏبو لاهي.

(9)

ڪنهن ماءُ جي الفت جو ذرا ڌيان ڌريو،

ڪنهن ڀيڻ جي مجبورين تي غور ڪريو؛

اخلاق جي هر حد ٽپي اڳتي وڃڻ،

تنهن مان نه ڪڏهن  آهه وريو يا ڪ سريو.

(10)

انسان کي انسان ئي سمجهڻ گهرجي،

حيوان کي حيوان ئي سمجهڻ گهرجي؛

جو فرق جتي آهه، اُتي ئي رهندو،

هت عقل کي حيران ئي سمجهڻ گهرجي.

(11)

هڪ نشئه بدمست جو چور ٿيو،

بيوس ٿيو، لاچار ٿيو، مجبور ٿيو؛

پَروسَ کي، اي يار! ڏبي ڪهڙي ميار.

جو پاڻ کان اڳ ۾ئي هُيو، دور ٿيو.

(12)

پيرن تي هلي پيري پڙتي پهتا،

اُت مال ڏسي بيٺل، ٿيا ها سرها؛

پر ڀنگ بنا وارڻ هو سو مشڪل،

هو هاڻ لڳا ڳولڻ، تنهن لئه رستا.

 

ادل سومرو

وائي

سانجهيءَ جهڙي سانوري!

تنهنجي نيڻن مان

پيار ٿو مُرڪي پيو.

ڪاوڙ واري چهري جي،

ڪاري تِرَ وٽان،

پيارُ ٿو مرڪي پيو.

خاموشيءَ جي اوندهه ۾،

روشن چپڙن تان،

پيار ٿو مرڪي پيو،

تنهنجي چوٽيءَ جي مٺي!

ڳاڙهي گُل! منجهان،

پيار ٿو مرڪي پيو.

ڪيڏي گهايل زندگي!

اُن ۾ پوءِ به اڃا،

پيار ٿو مرڪي پيو.

 

سوزهالائي

گيت

دور وڃي پهتيون تنهنجي منهنجي پيار جون ڳالهيون،

منهنجي تنهنجي پيار جون ڳالهيون.

افق شفق جي ڇيڙي تائين، نيٺ وڃي نڪتيون،

منهنجي تنهنجي پيار جون ڳالهيون.

تيز هوا ۾ پن پن پن ٿي وکري سڀ ويون.

منهنجي تنهنجي پيار جون ڳالهيون.

سُرهيون سُرهيون سرگوشيون ٿي ڪوتائون پييون،

منهنجي تنهنجي پيار جون ڳالهيون.

پريم ننگر جون ٻئي شهزاديون، ڪيئن الائي پرتيون،

منهنجي تنهنجي پيار جون ڳالهيون.

موٽي جيڪي مور نه سگهيون، ايڏو ڏور ويون،

منهنجي تنهنجي پيار جون ڳالهيون.

 

منير سولنگي

غزل

زندگيءَ جو سفر آ پرين،

روشنيءَ جو سفر آ پرين.

 

چنڊ تي نيٺ پهتو وڃي،

آدميءَ جو سفر آ پرين.

 

هر قدم آهه ٽانڊن مٿان،

ڌرتتيءَ جو سفر آ پرين.

 

تنهنجي لئه آس تڙپي پئي،

بيڪسيءَ جو سفر آ پرين.

 

منهنجي هر سوچ شعلا بڻي،

شاعريءَ جو سفر آ پرين!

 

عڪس تنهنجو اکين ۾ اڙيو،

عاشقيءَ جو سفر آ پرين.

 

چاپلوسي ملي جهول ۾،

دوستيءَ جو سفر آ پرين.

 

راشد مورائي

ڪافي

واه عشق اڪابر تنهنجي گهَت،

هِت عقل وارن جي موڙهي مت.

 

جَيڪو عشق جي آيو هوندو اري،

تنهن کان هوش ڀڄي ٿيوهوندو پري،

سگهيو وقت جو حاڪم ڪجهه نه ڪري،

بس ڪنهن جي هلي ڪا ڳالهه نه ڳت.

 

ڪئين عالم فاضل ڌاڄ ڌڻي،

هليا حڪمت وارا هام هڻي،

تو تن چکائي چوٽ کڻي،

ٿي سڀني جي وئي وائکي پت.

 

ڪوئي دولت وارو دم پيو ڀري،

ڪوئي هشمت وارو هوڏ ڪري،

ڪوئي ماهر منجهه حساب ذري،

وئي وسري ضرب ۽ ونڊ اپت.

 

هَت واٽ مسافر جي به مليا،

هَن راه تي راشد جي به هليا،

ڏٺا ڏسندڙ تن جا پير ڇليا:

پئي راه تي آه جگر جي جهت.

 

محسن عباسي

غزل

زماني اسان کي وساري ڇڏيو،

اوهان ڪيئن ڀُلجي وري اڄ سڏيو!

 

رئُاڙي وري ڇو کلايو به ٿا،

شرارت ڪريو جي ته ٻي ڪا ڪريو!

 

اسان کي ڇڪي ڇو ٿا اڳتي ڪريو،

جي چوڻو اٿو ڪجهه ته پاڻ ئي اچو!

 

نڪي ڏينهن سي ئي، نڪي نينهن سي،

اجايو وري ٿا ڏچي ۾ وجهو!

اوهان کي زمانو مليو عيش جو،

اسان کي چي عقبيٰ جي  اوڌر کڻو!

 

ته ليکي ۾ گهپلا ٿا ڏسجن وڏا،

ٺڳيءَ  لئه ته ناهي ڪو ميلو متو!

 

خبر ٿَوَ چرين کي آڇو چوربو!

ڇڏيو يار! محسن کان ڇا ٿا پڇو!

*

غلام حسين رنگريز

غزل

ڪا بدن جي مهڪ دل کي پاڻ ڏانهن پيئي ڇڪي،

ماڪ جي هر گهُور گُل کي ڏِس نه ڪيئن پيئي تڪي.

 

خاڪ جي لپ کي ملي دردن سندي ميراث آ،

قلب جي هن ڪرڻ ڦل ۾ شاعري پيئي چڪي.

 

هُو ستارا، چنڊ چارا، کير ڌارائون ڏسو!

ڪا ازل جي سُونهن آهي جا ڪٿي پيئي لِڪي.

 

چين پائي ڪونه سگهيو شهر تنهنجي ۾ پرين!

دل مسافر آهي، تون وٽ وَرَ ڏيو پيئي ٽِڪي.

 

هر جنم ۾ جاڙ مون تي ساڙ مون تي جَڳ ڪيا،

آتما منهنجي صدين کان پو به تولا پئي سِڪي.

*

 

نثار بزمي

 

غزل

 

درد جي صحرا لڳي ٿي زندگي،

پنهنجي مرضيءَ تي هلي ٿي زندگي.

 

بيوسيون، مجبوريون، بي آراميون.

چو طرف جڪڙيل رهي ٿي زندگي.

 

جيل، جُٺيون، لٽ لڄالٽ ٻيو به ڪجهه،

ڪيترا صدما سهي ٿي زندگي.

 

ٽهڪ ڏيئي چار ٿي لک لُڙ ڪڏي،

ساهه کي مُٺ ۾ جهلي ٿي زندگي.

 

سوچيو ڪنهن هي به آ دل ۾ ڪڏهين،

ڇا ڏئي ٿي، ڇا وٺي ٿي زندگي.

 

ڇو ڪري انسان ٿو ايڏو غرور.

پوري ڌرتيءَ ۾ ڇڏي ٿي زندگي.

 

هُونءَ به هي جيون وڏو جنجال آه ،

قيد جون گهڙيون ڪٽي ٿي زندگي.

 

زندگيءَ تي ڪهڙو بزمي ڀروسو،

ڪيئن اچي ۽ ڪيئن وڃي ٿي زندگي.

*

بخشڻ مهراڻوي

غزل

پيار جهڙو نشو، مَڌُ جهڙو بدن،

ڪيئن وساريون ڀلاعشق جهڙو وچن؟

 

ڪنهن جو ورتو پئي نانوَ تنهنجو پرين!

وقت جي زخم جون سڀ ڪڙيون ٿيون کُلن.

 

چَپَ ڄڻ چنڊ ها ڪيئن نه اُڀريا لٿا،

راتيون روشن ڪيون چاندنيءَ  جي چُمين.

 

نينهن نانگڻ به آ، نينهن جو ڳڻ به آ،

دُرد مُرليءَ جيان پيا ٿا مَن ۾ وڄن.

 

مقصود گل

دوها

سمنڊ ڪناري، ڪنهن کي ساري، ڪوئي هيرا هاري ويٺو،

۽ ڪو پنهنجي ڌن ۾ پورو پنهنجو پيار وساري ويٺو.

 

ڪنهن کي ڪنهن آ جيون ارپيو، پلپل تنهن لئه تڙپي ويٺو،

۽ ٻيو پنهنجي پَرِ ۾ پورو ٽول ڏسي ٿو ٽهڪي ويٺو.

 

ڪير ڪنهين جون سارون سانڍي، من بن ۾ بازار سجائي،

۽ ڪو ڄڻ تاتاري ماڻهو بازارين ۾ باهه لڳائي.

 

ڪنهن الفت جا خواب سهيڙي، اکين ۾ آکيرا جوڙيا،

۽ ڪنهن تيلو تيلو کولي ورهن جا واهيرا ٽوڙيا.

 

ڪنهن کي ڪنهنجو پيار مٺو آ، ڪنهن کي آ وهنوار مٺو،

ڪنهن کي دولت دل کان پياري، ڪنهن کي آهي پيار مٺو.

ڪنهن کي سڪ سندرتا پياري، ڪنهن کي پياري آمرتا،

ڪنهن کي سونهن ۽ خوشبو پياري ڪنهن کي پياري جابرتا.

ڪنهن کي جوت ۽ جلوا پيارا، ڪنهن کي پياري اونداهي،

ڪنهن کي پنهنجي منزل پياري، ڪنهن کي پياري گهمراهي.

هرڪو پنهنجي پنهنجي دڳ سان لال لهڻ لئه سوچي ٿو،

هر ڪو پنهنجي پنهنجي پر ۾ سندر سوچون سوچي ٿو.

گل ۽ خوشبو ڌار نه ٿيندا، چاهه چنبيلي سوچي ڏس،

پوڄاريءَ جو پيار پٿر سان اک اربيلي سوچي ڏس.

 

وسيم سومرو

ڏيڍوڻا

 

ـ ڪا سار لٿي آهي،

ڄڻ رات جي راڻيءَ جي، هٻڪار لٿي آهي.

ـ ڪو چنڊ کڙيو آهي،

ڄڻ منهنجي نيڻن تي، ڪو خواب ٽڙيو آهي.

ـ وئي ننڊ اُڏي منهنجي،

ٿي تارن ساڻ لهي، اڄ ياد سکي تنهنجي.

ـ ٿو ڀاڪر ڄڻ ته ٿيان،

هي واءُ وٺي جو آ، ڄڻ تنهنجي سَڏَ جيان.

ـ سنگيت اڀاري ٿي،

ڄڻ هيرَ لهي جر تي، ڪو گيت اُڀاري ٿي.

ـ هو انب قطارون ها،

ٿيا ڪنهن جي ڀاڪر ۾، احساس اُڏارون ها.

ـ پرڀات اکيون کوليون،

ٿي گيت پکي جاڳيا، پولار ٿيو ٻوليون.

ـ او هٿ نه ٿيو ماندا،

آ مينديءَ ٻور جهليو، مون رنگَ اجهو آندا.

ـ ڪئين لوڪ _  قصا ترندا،

ٿو سيارو ڄاڻ لهي، ڪي مَچَ اجهو ٻرندا.

ـ احساس وليون ٿيندو،

۽ چنڊ ستارا ٿي، آڪاس ُ وليون ٿيندو.

  

پشپا ولڀ

نظم

 

دهل جي ٿاپ جو آواز

گهرو ٿيندو وڃي ٿو،

ريشمي ڪپڙن ۾ ڦاٿل جسمن جو

ناچ تيز ٿيندو وڃي ٿو.

چڀندڙ روشني ۾ ڪپڙن جا لشڪارا

۽ زيورن جي نمائش جو ڪم

وڌندو وڃي ٿو.

ڪاري چهري تي نرلڄي مرداني کل،

ڇوڪرين جهڙي معصوم مسڪراهٽ

ڪيڏانهن گم ٿيندي وڃي ٿي.

پيدا ٿين ته غلاميءَ جو ٽڪو

سر تي سجائي

بدنامي جو هنن کي ڊپ ناهي

ٻين جي عزت وڌائڻ خاطر

نچنديون وڃن ٿيون

پوري  طاقت سان

’لونگ ڦوٽا ٿالهيءَ ۾‘ ڳائن

ها! اهي شيدياڻيون آهن.

 

ماڻڪ ملاح

گيت

 

ڪوئل ٿي من ڳائي، آهي ڪو ڳل لائي،

هن دلڙيءَ کي پرڀائي!

 

منهنجي من جو ميت نه ڪوئي، ننگر ننگر کي واجهايان،

توريءَ منڙو چين نه پائي، توکي ساهه سمايان.

 

روح وڃو ته رلائي،

هن دلڙيءَ کي پرڀائي!

 

تنهنجا چپڙا آلا آلا، منهنجي لئه هن مڌ جا پيالا،

مکڙيءَ جيان اڄ مهڪين ٿي، سج کان وڌ هن نيڻ اُجالا،

 

تنهنجو جوڀن جلوو ڇانئي،

هن دلڙيءَ کي پرڀائي!

 

نينهن سندا ڪي شينهن ڇڏيا هن ڇوڙي يارَ ڇُڙڪَ،

واجهائي بس واجهائي ۽ ڪين ٿڪا هن لُڙڪ .

 

نيڻ اسان جا نائي،

هن دلڙيءَ کي پرڀائي!

 

هونئن ته مينهن وسيا هن مند تي موسم جُواني ماڻي آ،

ياد به موسم سان گڏ  آئي ويٺي رات وهائي آ.

 

تڙپ توهان جي تائي،

هن دلڙيءَ کي پرڀائي!

 

توکي پوڄيان پوڄاري ٿي، منهنجي باقي آس اها آ،

تنهنجي سونهن چُهڻ لئه ماڻڪ، جيون ڀر جي پياس اها آ.

ڪو آهي جو دڳ لائي،

هن دلڙيءَ کي پرڀائي!

 

ضمير ڦل

وائي

 

چمپاتي چانڊوڪي،

صورت يار سڄڻ جي.

من مندر جي مُورتي،

ڪنهن پٿر مان نڪتي،

صورت يار سڄڻ جي.

منهنجي سامهون آئي،

گُل گلابي بڻجي،

صورت يار سڄڻ جي،

چنڊ ٿو پيو کڙڪائي

هر ڪنهن گهر جي کڙڪي،

صورت يارسڄڻ جي.

مون کي لڳندي آهي

ٿر جيئن سانتيڪي،

صورت يار سڄڻ جي.

منظر راڄپر

وائي

 

رهيس آءٌ اُداس،

هر ته هليو ويو مهڪندو.

آهه سمايل ساهه سان، هُن جي وارن واسُ.

هو ته هليو ويو مهڪندو.

اکين لڙڪ لڙي پيا، ٿيس نه احساس،

هو ته هليو ويو مهڪندو .

ماڻ ڄڻ مياڻيءَ پٽ تي ڳجهن کاڌل ماس،

هو ته هليو ويو مهڪندو.

دل جا منظر ڪيترا، نرمل ٿيا نراسُ.

هو ته هليو ويو مهڪندو.

 

مختار گهمرو

غزل

نينهن لڪندو ڪيترو، نروار سهڻو ٿو لڳي،

سونهن تنهنجيءَ جي ڪري سنسار سهڻوٿو لڳي.

 

شهر تنهنجي ۾ اچان ٿو نيڻ ٿا منهنجا ٺرن،

پيار تنهنجي جي ڪري هي پارَ سهڻو ٿو لڳي.

 

چند سان ديدون ملايون، دور جي ٻيئي هُجون،

سونهن جو سڪ ساڻ هي سهڪار سهڻو ٿو لڳي.

 

هٿ ۾ تنهنجو هٿ هجي، برسات جون بوندون هجن،

موهه جو محبوب هر ڪردار سهڻو ٿو لڳي.

 

جيئن ٿو هر هر ڏسان، تون تيئن ٿو ور ور وڻين،

عڪس هر تصوير جو شهڪار سهڻو ٿو لڳي.

 

هوريان هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻ تنهنجيءَ دل کسي،

اڻ لکو الفت سندو اظهار سهڻو ٿو لڳي.

 

جو حفاظت ٿو ڪري، سو ڪيئن ٿو وسري سگهي،

گل جي ڀر ۾ ڪيترو هي خارٿو سهڻو لڳي.

تو لبِ مهراڻ تي ڪجهه ياد ٿي، ڇا هو چيو؟

” ڇو الائي ايترو مختار سهڻو ٿو لڳي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com