سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :26

”صوفي لاڪوفي“ جي پڌرائي

ادبي خبرنامو

سنڌ جي وزير اعليٰ سيد عبدالله شاهه صاحب 6- ڊسمبر 1995ع تي، ڪتاب ”صوفي لاڪوفي“ جي پڌرائي ڪئي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ تازو شايع ڪيو آهي. علامہ آءِ. آءِ. قاضي جو مشهور انگريزي ڪتاب “Casual peeps at Sophia” بورڊ ئي شايع ڪيو هو، جنهن جو سنڌي ترجمو عبدالغفار سومري نهايت جامعيت ۽ محنت سان ڪيو آهي.

تقريب ۾ پهچڻ تي بورڊ جي چيئرمن سينيٽر حسين شاهه راشدي، وزير اعليٰ ۽ مهمانن جي آجيان ڪئي. جلسي ۾ اديبن ۽ شاعرن، دانشورن ۽  تعليمي خدمتگذارن، اعليٰ عملدارن ۽ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

مهمانن کي ڀليڪار ڏيندي مرحبائي تقرير ۾ راشدي صاحب بورد جي علمي خدمتن جومختصر تعارف ڏنو ۽ پنهنجي ترجيحات ۽ آئنده جي پروگرامن جو ذڪر ڪيو. ”صوفي لاڪوفي“ لاءِ راشدي صاحب چيو ته فلسفي جهڙي عميق موضوع کي اسان جي سومري صاحب نهايت سليس ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ ڪامياب ترجمو ڪيو آهي. راشدي صاحب بورڊ جي مسئلن جي به اپٽار ڪئي، جنهن ۾ ملازمن جي رهائشي ڪالوني لاءِ پلاٽ جي منظوري، تعمير ۽ بورڊ جي سالانه گرانٽ وڌائڻ جي گُهر ڪيل هئي.

ان کان پوءِ وزير اعليٰ، ڪتاب جي پڌرائي ڪئي ۽ خطاب ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پنهنجي آمد کي عزت افزائي قرار ڏنو. هن صاحب، جناب عبدالغفار سومري جي ڪيل محنت کي ساراهيندي کيس شاباس ڏني ۽ چيو ته سومرو صاحب هڪ ذميوار سرڪاري ملازم هوندي به وقت ڪڍي، شاندار علمي خدمت ڏئي. سنڌ وارن تي ٿورو ڪيو آهي. هن صاحب افسوس ظاهر ڪيو ته ڪن سياسي ڦيرن سبب تاريخي ماڳن جا نالا تبديل ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي اسلامي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، جا سٺي روايت ڪانه آهي. هن صاحب، هندو باغ نالي تاريخي شهر مسلم باغ قرار ڏيڻ جي حوالي سان ان کي ” دانشوراڻي بدديانتي“ ڪوٺيو. شاهه صاحب دلسوزي مان صلاح ڏني ته تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشس ترڪ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سچ کان منهن موڙڻ ڪا صحتمند روايت ڪانه آهي. ان ڏس ۾ هُن صاحب ليکڪن کي اپيل ڪئي ته اهي نئين نسل کي ٻڌائين ته سچ ڇا آهي؟

وزير اعليٰ، بورڊ جي گرانٽ وڌائي ڏيڍ ڪروڙ رپيا سالانه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ان جي مسقل گنجائش رکي ويندي، جيئن بورڊ کي هر هر گهرڻ جي ضرورت نه پوي ۽ هي ادارو خود ڪفيل ٿي پنهنجن پيرن تي بيهي. هن صاحب ملازمن جي هائوسنگ سوسائيٽي لاءِ ويهن ايڪڙن جي پلاٽ تي رهائشي ڪالوني ٺهرائي ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪندي چيو ته بورڊ ۽ ان جي ملازمن جي بهتري لاءِ سنڌ سرڪار ڪڏهن به پوئتي ڪانه پوندي. هن صاحب سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي به هدايت ڪئي ته پنهنجا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پريس مان ڇپرائي، جيئن بورڊ جي مالي حالت مستحڪم ٿئي. هن صاحب، مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ بورڊ کي ڏهه لک رپيا ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.

ان کان اڳ ”صوفي لا ڪوفي“ جي مترجم جناب عبدالغفار سومري پنهنجي تقرير ۾ ٻڌايو ته هي ڪتاب فقط لفظي ترجمو ناهي، پر ان ۾ اصل ڪتاب جي تشريح ۾ سمجهاڻي به ڏنل آهي، ترجمي جي ضرورت جو پس منظر بيان ڪندي سومري صاحب ٻڌايو ته هن ڪتاب ۾ ڪي اهڙا ته سنجيده نوعيت جا حوالا آهن، جي بذات خود مڪمل موضوع آهن. هن صاحب ٻڌايو ته سنڌيءَ ۾ انهن اهم موضوعن تي مواد جي اڻلڀ هُجڻ ڪري هن مناسب ڄاتو ته سنڌ وارن کي انهن جي ڄاڻ ڏجي. ”.... جيتوڻيڪ اهو مواد انهن موضوعن جو مڪمل احاطو ڪونه ٿو ڪري ۽ نه وري ڪو اهو مقصد هو. بلڪ مقصد هي هو ته انهن نون ۽ اڻ ڄاتل موضوعن تي بنيادي قسم جي معلومات مهيا ڪئي وڃي. جيئن پڙهندڙ جي آڏو ان جو پس منظر اچي وڃي ۽ منجهس ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿئي ....“

سومري صاحب علامہ آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي فڪر ۽ پيغام تي تحسين پيش ڪندي چيو ته واقعي هُو هڪ عارف شخص هو. سومري صاحب گذارش ڪئي ته نون نون ادارن ٺاهڻ بجاءِ پُراڻن ادارن کي مالي طرح مضبوط ڪيو وڃي، جيئن قومي وجود جي تحفظ ۽ تشخص جي ضمانت بنجي سگهن. هن صاحب مختلف همعصر علمي ادارن جي حوالي سان انهن کي وڌيڪ فعال بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

ان موقعي تي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي چيئرمن ڊاڪٽر نبي بخش قاضي ۽ بيورو آف ڪريڪيولم جي ڊائريڪٽر حبيب الله صديقي صاحب پڻ خطاب ڪيو. قاضي صاحب ”ذڪر ۽ فڪر“ جي فلسفي تي، قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ عالمانه بحث ڪيو ۽ علامہ قاضي صاحب جي علمي مرتبي جي مؤثر انداز ۾ اپٽار ڪئي. ڊاڪٽر صديقي ”صوفي لاڪوفي“ تي فاضلانه تبصرو پيش ڪيو ۽ سومري صاحب کي ڪامياب ترجمي ڪرڻ تي مبارڪ ڏني.

سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جناب مراد علي مرزا، وزير اعليٰ سنڌ ۽ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا.

بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻُگهيي دل کي ڇُهندڙ انداز سان هن باوقار علمي تقريب جي ڪمپيئرنگ ڪئي ( اداره مهراڻ)

 

ادبي خط

محترم ايڊيٽر”مهراڻ“

        سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي ڌارين اڳيان گروي رکڻ جي ڪوشش ڪا نئين ناهي، بلڪ صديون اڳ اها ڪوشش عرب، ايرانين، ارغونن وغيره پئي ڪئي آهي؛ پر موجوده ڪمپيوٽرائيزڊ دؤر ۾ اها گهٽ ڪانه ٿي آهي، اڃا پئي وڌي. موجده سائنسي دؤر ۾ سنڌي سماج کي مختلف ازم ۽ ازمس ڏانهن ڌڪڻ جي فڪري قيادت چند فردن طرفان پئي ٿي آهي. ڌرتي ڌڻين پنهنجي صاف دليءَ سبب اهڙن فردن کي سمجهيو ئي ڪين آهي، جن سنڌ جي تاريخ، تهذيب، نسل ثقافت ۽ سماج کي عرب، ايرانين، ڪابلين قنڌارين، هندستانين ۽ يورپين اڳيان گروي ڪري، انهن عجمين جي مرهون منت پيش پئي ڪيو آهي. اهڙن محققن جي ڇنڊڇاڻ وقت جي سائنسي تقاضا ۽ تاريخ جي بي رحم ڌارا وقت گذرڻ سان اختلاف راءِ جي صورت ۾ ڪري رهي آهي.

        تاريخ ۽ تحقيق ۾ اختلاف راءِ جو حق بنيادي حيثيت رکي ٿو. اهڙو ئي اختلافي حق اسان کي مهراڻ ٽماهي جي نمبر 2/1995ع ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي ڇپيل مقالي ”بلاول فقير زرداري“ تي آهي، تنهن ڪري ان جي اختلافي نڪتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ايندڙ وقت جي تاريخ جو رڪارڊ درست ڪرڻ برابر آهي.

        (1) فاضل مضمون نگار پنهنجي اصل موضوع کي ڊيگهه ڏيندي هڪ بزرگ جي سوانح حيات کي شجرن ڏانهن کڻي ويو آهي، جڏهن ته اهو هڪ جدا موضوع آهي، جنهن سان اهڙن الله لوڪ بزرگن جو ڪو تعلق ڪونهي.

        (2) مضمون نگار سنڌ ۾ چار مکيه قبيلا سڪونت پذير ڄاڻايا آهن، جن مان جَت ۽ سماٽ کي جدا ڪري پيش ڪيو اٿس. جيتوڻيڪ جت کي قبيلو  پر اڳتي هلي هڪ ڌنڌو تسليم ڪري ٿو، ته ڪو به قبيلو اهو پيشو اختيار ڪري سگهي ٿو. باوجود سندس انهيءَ ڳالهه جي، هُو جَت لفظ کي بلوچن ڏانهن منسوب ڪري ٿو. جيڪڏهن ائين ئي صاحب موصوف کي ڪرڻو هو ته پوءِ ان کي جدا ڄاڻائي سنڌ ۾ چوٿين مکيه قبيلي جي واڌاري ڪرڻ جو ڪهڙو جواز هو؛ مکيه ٽي قبيلا ڪري ها، نه ڪي چار.

        (3) هاڻي اچون ٿا ته جَت لفظ بلوچن قبيلن تي دلالت ڪري ٿو يا سنڌي سماٽ قبيلن ڏانهن. جت ڪو جدا قبيلو ڪونهي، بلڪ اهو هڪ ڌنڌو ۽ اَل آهي، جيڪا اڪثر سنڌي سماٽ قبيلن ڏانهن منسوب ڪئي ويندي آهي ۽  خود اها آل ۽ نالو بلوچن قديم سنڌين ڏانهن پنهنجي زبان ۽ مخصوص انداز بيان طور منسوب ڪئي آهي. ان لاءِ ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي پنهنجي ڪتاب ”سبي جي ٻولي“ ۾ لکي ٿو ته: ”جيئن ته هن خطي جي جتن توڙي ٻين ”سنڌي سماٽ“ قبيلن کي جغدالي، جت، جاٽ،جٽ، يا ناڙيوال چيو وڃي ٿو، ان ڪري انهن جي ٻوليءَ کي به انهن جي نالن جي نسبت سان نالا ڏنا ويا آهن. اهوئي سبب آهي جو هن علائقي جي سنڌي ٻوليءَ کي عرف عام ۾ جغدالي جتڪي، جٽڪي يا ناڙيوالڪي ٻولي چيو وڃي ٿو.“ (”سبي جي ٻولي“ صفحه نمبر 26.)

        (4) ٻئي هنڌ اڃا به چٽائيءَ سان بيان ڪري ٿو ته بلوچستان جي اڪثر علائقن جا ماڻهو سنڌي ٻوليءَ کي جدگائي (جغدالي) چوندا آهن. بلوچ قبيلا سنڌي ڳالهائيندڙن کي مجموعي طرح جت/ ڄٽ چوندا آهن. گال جو مطلب آهي ٻولي. جدگالي معنيٰ (جد/جت) جتن يا ڄٽن واري ٻولي. ڄٽڪي توڙي جدگالي، ٻنهي جو مطلب ساڳيو آهي. (صفحه 27)

        (5) ان لاءِ سنڌ جو اسڪالر سائين سراج پنهنجي ڪالم ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۾ چئي ٿو ته: ”سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان آئون ايتروجانبدار `BIASED` آهيان، جو آئون چوندو آهيان ته سنڌ جي تاريخ ڪو غلط لکي، ان کان بهتر آهي ته ڪوبه سنڌ جي تاريخ تي قلم نه کڻي!“

        (6) فاضل مضمون نگار زرداري قبيلي جو جت طبقي ۽ تشخص مان پلؤ ڪنهن دليل ۽ ثبوت طور آجو ڪيئن ڪيو آهي. اها حقيقت آهي ته جت ڌنڌو آهي ته پوءِ اهو ڌنڌو رڳو بلوچ قبيلن ڪيو آهي. نه رڳو جت پر ڪوري، موچي، ڪنڀر، ماڇي، دايه به ڌنڌا آهن، انهن مان ڪنهن هڪ جو تعلق بلوچ قبيلن سان ظاهر ڪري ...! جڏهن ته اهي سڀ ڌنڌا ”سنڌي سماٽ“ قبيلن جي حوالي سان سڃاتا وڃن. مثلاً ڪوري ۾ ميمڻ، دائود پوٽا، ڪٽپر وغيره، موچي ۾ سميجا، ڪنڀر ۾ چنه ، ماڇي ۾ سولنگي، دايه ۾ مٺياڻي، جوکيا، خميساڻي وغيره.

        (7) فاضل مضمون نگار سمورن تحريري ثبوتن کي اهو چئي رد ڪيو آهي ته ”هت تاريخ جي ڪيترن ڪتابن جا حوالا ڏيڻ بيسود به سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ڪيترن بلوچ قبيلن کي سماٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته وري ڪيترن سماٽ قبيلن کي بلوچ قبيلي ۾ لکيو ويو آهي.“ بلوچ قبيلن کي سماٽ سنڌي قبيلن ۾ ڄاڻايل ڪن تاريخن جا حوالا صاحب موصوف ڏنا آهن، پر ”سنڌي سماٽ“ قبيلن کي بلوچ قبيلي مان ڄاڻايل ڪنهن هڪ به تاريخي تحرير جو حوالو نه ڏنو آهي. ڇا رڳو مورخن کي ”سنڌي سماٽ“ نسل کي وڌائڻ جو شوق هو.

        (8) گهڻيون روايتون ڏند ڪٿائي ۽ ڪوڙيون به پئي رهيون آهن. وري ڪن صحيح روايتن کي بيان ڪندڙن ٽوڙي موڙي به پيش پئي ڪيو آهي. صاحب موصوف روايتن جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته: ”جتي تاريخ خاموش آهي، اتي تاريخي روايتون، جيڪي سيني به سيني هلنديون اچن ٿيون ، ان جو سهارو وٺڻ لازمي آهي.“ آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن روايتي ڳالهين جو سهارو وٺي سنڌ جي تاريخ مرتب ڪجي ته اها سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جي خودڪشي چئبي. ڇو ته گهڻا روايتون بيان ڪندڙ همراهه عقل کان پري کلڻ جهڙيون ڳالهيون هيئن به ڪندا آهن ته دايه (ذات) سندن سوچ موجب جڏهن ته هي ڌنڌو آهي؛ چوندا آهن دايه بيبي دائي حليمه جي اولاد آهن، تنهن ڪري دايه سڏبا آهن، جڏهن کانئن پڇجي ته بيبي صاحبه هت ڪيئن آئي ته خاموش ٿي ويندا. اهڙين ئي روايتن اسان جي تاريخ ۽ تهذيب کي عربن ۽ ٻين عجمين اڳيان گروي رکيو ويو آهي.

        جيڪڏهن اهڙين روايتن جو ڄاڻي واڻي يا مجبوراً سهارو وٺجي ته پوءِ گهڻا روايتون بيان ڪندڙ بلوچ ته ڪافي اصل بلوچن کي به بلوچ تسليم نه ڪندا آهن، مثلاً هڪ شعر ۾ هو گوله، گبول ۽ گاڏهي سان شروع ڪري اهڙن قبيلن کي بلوچ نسل مان ڌار ڪندا آهن ۽ بلوچن جي زمري ۾ آڻڻ کان گُريز ڪندا آهن. انهيءَ صورت ۾ هو جت سان لاڳاپيل قبيلن کي ڪيئن بلوچ تسليم ڪندا. اهڙي ڌنڌي ڪندڙن کي ته هو غلام ۽ ٻانهو تصور ڪندي ڪمذات ڪوٺيندا آهن.

        صاحب مضمون بلوچن جي شجري جو بنياد امير حمزه کان ٻين روايتون بيان ڪندڙن وانگر ڄاڻايو آهي، مگر اهي مفروضا جديد بلوچستان جي وڏي شاعر، اديب، سياستدان ۽ تاريخدان مير گل خان نصير پنهنجي ڪتاب ”بلوچستان قديم اور جديد تاريخ ئي روشني مين“ ، اهو چئي رد ڪيا آهن ته امير حمزه رضه اولاد کان سواءِ وفات ڪئي، تنهن ڪري بلوچن جو سندس اولاد هجڻ صحيح ناهي.

        اهڙا ڪجهه حواله محترم انعام شيخ پنهنجي ڪالم ۾ ”بلوچن بابت هڪ عظيم بلوچ جي راءِ ”عنوان سان 23 جولاءِ 1994ع جي ”عوامي آواز“ (ڪراچي) ۾ ترجمو ڪري پيش ڪيا آهن، جنهن ۾ هو پنهنجي سنڌيڪار واري حيثيت سان فُٽ نوٽ ۾ لکي ٿو:” سنڌي ۾ نسل پرستي ۽ نسلي برتري کي واکاڻڻ واري روايت صدين کان هلندي پئي اچي. عام ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو ذات پات، رنگ ۽ نسل کي اهميت ڏئي ٿو. پر ڏٺو اهو ويو آهي ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ عالم داناءُ شخص به شعوري طور تي انهيءَ بيماري ۾ ورتل آهي. چڱن خاصن قبيلن ۽ فردن کي ڏسبو ته ”اَٺين پيڙهي اُٺ ماڪوڙو ماسات“ واري بدعت تي عمل ڪندي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڻ کي عربن، يونانين، ايرانين ۽ افغانين سان وڃي ڳنڍيندا ۽ ائين پيا محسوس ڪرائيندا ڄڻ ڌرتي ڄائوٿيڻ ڪو ڏوهه آهي. سنڌ اندر گهٽ ۾ گهٽ اڌ کان وڌيڪ سنڌي آبادي انهيءَ خود فريبيءَ ۾ گرفتار ٿيل آهي. خاص طور تي ڪيترن ئي نج نبار سنڌي قبيلن کي بلوچ ٿيڻ ۽ بلوچن جي معرفت عرب سڏرائڻ جو شوق وڻ گهوڙو ٻڌڻ نٿو ڏئي. ڇاڪاڻ جو اسان وٽ جاگير سماج ۾ نيم وحشياڻي هلت کي بهادري جو نالو ڏنو وڃي، تنهنڪري هر ٻيو سنڌي هٿ ٺوڪيل بهادر ٿيڻ جي چڪر ۾ تاريخ سان هٿچراند ڪرڻ کان نٿو مڙي.

        اهڙي قسم جي چٽائي واري سوچ رکندڙن لاءِ جديد بلوچستان جي سڀ کان وڏي شاعر، اديب، سياستدان ۽ تاريخدان مير گل خان نصير جي هي تحرير ۽ تحقيق هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ پنهنجو مهانڊو چٽيءَ طرح پسي سگهجي ٿو. بلوچستان جي هن بهادر پٽ اڄوڪي اسلامي دؤر ۾ بلوچن جي اصل تاريخ کي دليري ۽ سچائي سان پيش ڪندي ايڏي وڏي قرباني ڏني آهي، جيڏي پڙ ڏاڏي ڏني هئي، جنهن مذهب کي قربان ڪري، يعني هندو منجهان مسلمان ٿي پنهنجي ويساه کي تبديل ڪيو پر ساهه کي ديس جي مٽي سان سلهاڙي رکيو ۽ مون کي ڪلياڻ ڪئمپ جو شرنارٿي ٿيڻ کان بچائي ورتو. انهيءَ قرباني جي ڪري ئي مون کي پڪ آهي ته مٽيءَ پڄاڻان منهنجي مٽي موهن جي دڙي جي مٽيءَ سان ملي هڪ ٿي ويندي. (سنڌيڪار).“

انعام شيخ جا اهي لفظ، ڪيڏي نه گهرائي رکن ٿا ۽ ڪيڏو نه فلسفو آهي، انهن ماڻهن ۽ محققن جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ جيڪي هوا ۽ انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي وچ سير ۾ غوطا ڏيئي ٻوڙي مارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

بهرحال تحقيق ۽ تاريخ لاءِ اهي اهم بنيادي ڳالهيون ذهن ۾ ضرور رکڻ گهرجن. جيئن جيئن اسان کي ان سلسلي ۾ وڌيڪ دليل مليا ۽ ٺوس شهادتون مليون ته ان مقالي ۽ اهڙن ٻين مقالن تي اصلاحي نظر وڌي ويندي.

_ ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي

(ڪنڌ ڪوٽ)

 

ڀٽ شاهه تي لطيفي مطالعي لاءِ تحقيقي مرڪز جو قيام

(رٿا جي سربراهه جناب عبدالغفار سومرو، ڪمشنر حيدرآباد ۽ چيئرمين ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان تعاون جو سڏ)

سنڌ جي سدا حيات شاعر، ولي ۽ عارف حضرت شاهه عبداللطيف جي عظمت کي اجارڻ ۽ سندس نيڪ نالي کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ڀرپور انداز ۾ روشناس ڪرڻ لاءِ وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو هڪ جامع رٿا منظور ڪئي آهي ۽ پڻ ان جي پهرئين مرحلي جي تڪميل لاءِ پنجاهه لک رپيا ڏنا آهن. هن وقت سنڌ جي گورنر جي نگرانيءَ هيٺ انهيءَ رٿا تي عمل ٿي رهيو آهي. حضرت شاهه صاحب جي آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه کي صاف سهڻو بنائڻ، سنڌ جي ثقافتي هنرن ۽ صنعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي سکيا لاءِ امتيازي ادارو (Center of Excellence) قائم ڪرڻ، شاهه جي راڳ کي وڌائڻ ۽ قائم دائم رکڻ خاطر راڳي فقيرن لاءِ اعليٰ تربيتي مرڪز (Training Institute) قائم ڪرڻ، خاص طرح شاهه صاحب جي فڪر ۽ پيغام کي سمجهڻ ۽ ان کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تائين پهچائڻ لاءِ لطيفي مطالعي جو تحقيقي مرڪز (Research Center) قائم ڪرڻ ان جامع رٿا ۾ شامل آهن.

        گورنر سنڌ جي نگراني ۽ ڪمشنر حيدرآباد جي سربراهيءَ هيٺ لطيفي مطالعي جي تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ پهريون بنيادي ڪم پورو ٿي چڪو آهي، جو درگاهه جي صحن سان لڳو لڳ اتر طرف چاليهن لکن ۾ هڪ ٺهيل جڙيل وڏي عمارت خريد ڪئي وئي آهي ۽ هن سهڻي ڪشادي عمارت ۾ تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ هيٺيان عملي قدم کنيا پيا وڃن. عمارت کي اندران سنوارڻ، سينگارڻ، تحقيقي شعبن لاءِ جدا جدا ڪمرا ۽ ڀاڱا مقرر ڪرڻ، گهربل فرنيچر ۽ سامان  مهيا ڪرڻ ۽ خاص طرح شاهه صاحب جي فڪر ۽ پيغام تي تحقيق لاءِ بنيادي قسم جو مواد ڪٺو ڪرڻ ۽ ان ۾ شاهه صاحب جي زندگي بابت نوادرات (Relics) گڏ ڪرڻ پڻ شامل آهي.

        اميد ته تحقيقي مرڪز جا گهڻا سڀ ڪم هلندڙ سال 1995 جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندا ۽ 1996 ۾ شاهه صاحب جي ايندڙ عرس ۽ ميلي جي موقعي تي مرڪز جو افتتاح ٿيندو. البت انهيءَ مرڪز ۾ تحقيقي ڪم لاءِ گهربل مواد تڏهن گڏ ٿيندو جڏهن حضرت شاهه صاحب سان محبت رکندڙ سڀ سڄڻ دل کولي مدد ڪندا.

        اِن سلسلي ۾ هر اهو ڪتاب ۽ هر اهو پنو پرزو، جنهن ۾ شاهه صاحب بابت ڪو ذڪر هجي، سو گڏ ڪرڻو آهي. ان ۾ شاهه جا رسالا، شاهه صاحب بابت لکيل ڪتاب، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مضمون، ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڪيل تقريرون، ادبي جلسن ۽ محفلن ۾ پڙهيل مقالا اچي وڃن ٿا. سڀني سڄڻن کي سڏ آهي ته ريسرچ سينٽر لاءِ اهڙي مواد گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪن.

        (الف) اهي سڄڻ جيڪي ڪو رسالو  ڪو ڪتاب يا ڪو ڪاغذ پرزو لطيفي مرڪز لاءِ هديه طور ڏيندا ته يادگار طور اُهو مواد سندن نالي سان رکيو ويندو.

        (ب) جن اديبن ۽ عالمن جي پنهنجي ذاتي ڪتبخانن ۾ اهڙو مواد هوندو ته سندن تعاون ۽ اجازت سان ۽ پڻ سندن پنهنجي نظرداريءَ هيٺ، اهڙي مواد جا صاف سٺا فوٽو ڪڍائي، سندن ڪتبخانن جي حوالن سان اهي سنڀالي رکيا ويندا.

        هن مرحلي تي خاص استدعا اها آهي ته ضروري رهنمائي ڪئي وڃي ته ڪهڙين جاين تي ۽ ڪهڙن صاحبن وٽ  رسالا، ڪتاب يا ٻيو گهربل مواد موجود آهي، جو انهن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. اهڙو اطلاع هيٺين ائڊريسن تي ڏنو وڃي.

نظر محمد لغاري                    در محمد ڪمال سولنگي

اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل          ڊائريڪٽر انفرميشن شهباز

شهباز بلڊنگ حيدرآباد سنڌ             بلڊنگ حيدرآباد سنڌ

فون نمبر: 780422-780285                  فون نمبر: 781635


 

Shah Abdul Latif Research Center Bhitshah

 

شاهه عبداللطيف تحقيقي مرڪز، ڀٽ شاهه

 

تاريخ _______

 

مانائتا سائين ............. !

 

سلام ورحمت:-

 

        محترمي لطيف جو ڪلام سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي سڃاڻپ جي علامت رهيو آهي. لطيف دنيا جي مهان شاعرن ۽ صوفي بزرگن جي سٿ جو ساٿاري ۽ اعليٰ مقام رکندڙ آهي. لطيف پنهن جي ڪلام ۾ جيڪو فڪري ۽ معنوي وکر ونڌيو آهي، ان جوهر لفظ امر آهي لطيف جي ڪلام ۽ فڪري عظمت جي اهميت کي محسوس ڪندي وزير اعظم صاحبه پاڪستان جي هدايتن ۽ حڪم تي شاهه لطيف تحقيقي مرڪز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي.

        ته جيئن شاه جي ڪلام، فڪر ۽ سوانح تي تحقيق جي دائري کي وسيع ڪيو وڃي ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي محققن لاءِ تحقيقي عمل جي سهوليت پيدا ڪئي وڃي ۽ لطيفي فڪر کي عالمي طور تي روشناس ڪرايو وڃي.

        جيئن ته اوهان صاحبن جي/ اوهان جي اداري جي سنڌي علم و ادب ۽ لطيف جي فڪر سان گهري دلچسپي رهي آهي. ان لاءِ يقين آهي ته شاه لطيف جي سلسلي سان توهان وٽ/ اوهان جي اداري وٽ ڪونه ڪو مواد موجود هوندو جيڪي ڪتابي صورت ۾/ رسالي جي صورت ۾/ اخباري ضميمه/ ڪٽنگ وغيره جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو.

        قائم ڪيل تحقيقي مرڪز لاءِ اهو مواد نهايت ئي ڪارائتو آهي. جنهن کي محفوظ ڪرڻ نهايت ضروري آهي. اهو مواد شاهه صاحب تي مختلف رخن کان تحقيق ڪندڙ اسڪالرن محققن ۽ اديبن لاءِ لاڀائتو ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ اداري فيصلو ڪيو آهي ته انهي مواد کي حاصل ڪري هٿيڪو ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسان کي اوهانجي تعاون ۽ سهڪار جي وڏي ضرورت آهي. اوهان جي هٿ ساٿ سان ئي هن اهم قومي ڪم کي پايه تڪميل تي پهچائي سگهجي ٿو.

        اميد اٿئون ته اوهان صاحب/ اوهان جو ادارو پنهن جا ڀال ڀلائي هن قومي ڪم ۾ تعاون جو هٿ وڌائيندو. ان لاءِ اوهان جا ٿورا.

        هن گڏ هڪ ڇپيل ڪاغذ پڻ اوهان صاحبن جي جواب جي سهوليت لاءِ عرض آهي.

        اوهان جي اوريجنل يا فوٽو اسٽيٽ ڪري موڪليل مواد جو فائيل اوهان جي نالي سان رکيو ويندو جيڪو تحقيقي ڪم ۾ اوهان جي نالي جي حوالي سان ڪم ايندو. والسلام

درمحمد ڪمال                             محمد حسين ”ڪاشف“

ڪوآرڊينيٽر شاهه عبداللطيف         انچارج شاهه عبداللطيف

ريسرچ سنيٽر                                  ريسرچ سنيٽر

 

عارضي پتو:- شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مطالعي جو تحقيقي مرڪز،متصل ڪمشنر آفيس، شهباز بلڊنگ حيدرآباد سنڌ


 

 

Shah Abdul Latif Research Center Bhitshah

شاهه عبداللطيف تحقيقي مرڪز، ڀٽ شاه

مهرباني فرمائي هيٺ ڏنل ڪالم ڀريندا ۽ تفصيل سان ڄاڻ ڏيندا ته جيئن خط و ڪتابت ۾ آساني ٿئي ( ادارو)

منهن جي ڪتابي ذخيري ۾ / اسان جي قائم ڪيل لئبرري ۾ شاهه عبداللطيف متعلق هيٺيون مواد موجود آهي.

 

1. ڪتاب:-

2. رسالا وغيره:-

3. اخباري ضميمه :-

4. منهن جو شايع ٿيل مقالو/ شعر وغيره:-

5. منهن جو اڻ شايع ٿيل مقالو/ شعر وغيره:-

پنهنجي پوري ائڊريس                   موڪليندڙ

 

انچارج شاهه لطيف ريسرچ سينٽر متصل ڪمشنر آفيس شهباز بلڊنگ حيدرآباد سنڌ.

عارضي پتو:- شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مطالعي جو تحقيقي مرڪز،متصل ڪمشنر آفيس، شهباز بلڊنگ حيدرآباد سنڌ


 

هڪ اپيل/ هڪ تجويز

ذميواريون نباهڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو

        سنڌ جو هڪ ٻيو ڏات ڌڻي موهن  ڀڳت به ڪجهه ڏينهن اڳ اسان کان وڇڙي ويو. اڃان ڪجهه ڏينهن اڳ عيد واري ڏينهن تي اسان جي هڪ پياري شاعر واجد کي مٽي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو هو. اڃان اُن جي وڇوڙي جو ڏک ئي گهٽ نه ٿيو هو ته وري موهن ڀڳت ڏورانهن ڏيهه راهي ٿي ويو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڪيستائين اسين پنهنجن ڏات ڌڻين جي موت تي ڳوڙها ڳاڙيندا رهنداسين. ڇا اسان ۾ ايتري سگهه به ناهي جو اسين پنهنجن ڏات ڌڻين جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهون!“؟ موهن ڀڳت سميت ٻين ڪيترن ئي ڏات ڌڻين جي موت جي ذميوار رڳو حڪومت يا ثقافت کاتو نه پر اسين سڀئي آهيون . ان سلسلي ۾ اسين پاڻ کي ذميوارين کان آجو نه ٿا ڪري سگهون. ٺيڪ آهي جيڪڏهن حڪومت يا ثقافت کاتي ڪجهه به نه ڪيو ته اسان ڪجهه ڇو نه ڪيون! اسين سڀئي گڏجي پنهنجن فنڪارن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن عمران خان ڪينسر هاسپيٽل لاءِ هيڏو وڏو فنڊ گڏ ڪري سگهي ٿو ته اسين پنهنجي فنڪارن لاءِ ڪجهه ڇو نٿا ڪري سگهون. آئون ائين هر گز ڪونه ٿو چوان ته اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جي سهائتا ڪرڻ حڪومت جي فرضن ۾ شامل ڪونهي، پر جيڪڏهن حڪومت انهن فرضن جو پورائو نه ڪري ته اسين به ڪجهه نه ڪيون؟ زور رڳو مطالبن، اپيلن ۽ پريس رليزون شايع ڪرائڻ تي هجي. وري. جڏهن ڪوئي اديب شاعر يا فنڪار گذاري وڃي ته تعزيتي بيان شايع ڪرائيندا وتون! گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ته اسان کي پنهنجا قدر بدلائڻ گهُرجن،هاڻي ته پنهنجن فرضن ۽ ذميوارين کي محسوس ڪرڻ گهرجي.

        ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه واجد جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو ته هن صاحب اها ڳالهه به ڪئي هئي ته سنڌي اديبن جو ڪوئي فورم پنهنجون تجويزون موڪلي ته جيئن ڏات ڌڻين جي سهائتا لاءِ مستقل بنيادن تي ڪي اُپاءَ وٺي سگهجن. يقينن وڏي وزير جي اها رٿ ساراهه جوڳي آهي، ان سلسلي ۾ ڪنهن به اديب ڪائي تجويز نه موڪلي ۽ نه ئي وري سنڌي ادبي سنگت اڳتي وڌي. سڀ کان اول ته سنڌي ادبي سنگت جو اهو فرض هو ته سينيئر ۽ نوجوان اديبن تي مشتمل ڪائي ڪاميٽي جوڙي ها، جيڪا نه صرف تجويزون ۽ سفارشون جوڙي ها، پر ان سلسلي ۾ وڏي وزير سان هڪڙي گڏجاڻي رکي کيس سنڌ جي ڏات ڌڻين جي مسئلن کان آگاهي ڏئي ها. ان سلسلي  ۾ نه رڳو سنڌي ادبي سنگت تي ذميواريون عائد ٿيون ٿين پر اسان مڙني باشعور ماڻهن، ليکڪن، دانشورن، صحافين توڙي سياستدانن تي به وڏيون ذميواريون آهن. ان سلسلي ۾ اسان مان ڪنهن پنهنجون ذميواريون نباهيون آهن؟ ڇا ڪنهن وٽ ڪوئي جواب آهي؟

        سنڌ جي ڏات ڌڻين جي سهائتا لاءِ مستقل حل ڪڍڻ لاءِ مون هن کان اڳ به عرض ڪيو هو ته هينئر به اهو عرض وري دهرائي رهيو آهيان ته انهيءَ مقصد لاءِ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنج ملين روپين جي رقم انڊوومينٽ اڪائونٽ ۾ رکي. ان رقم تي سال ۾ اٽڪل اٺ لک روپيه مارڪ اپ ملندو، جنهن مان ڏات ڌڻين جي مالي مدد يا سندن علاج وغيره تي خرچ ڪجي. ائين پئسا به محفوط رهندا ۽ ڏات ڌڻين جي سهائتا جو مستقل بنيادن تي بندوبست به ٿي ويندو. منهنجي خيال ۾ اِها تجويز مناسب ۽ بهتر آهي.

        اسان جا ڪيترائي ڀلوڙ ۽ پيارا ڏات ڌڻي  اسان جي بي توجهي ۽ بي حسي جي ڪري اسان کان وڇڙي چُڪا آهن، گهٽ ۾ گهٽ هاڻي اسان کي اک پٽڻ گهرجي، جيئن آئينده اهڙو ڪوئي مثال نه دُهرائجي. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ حڪومت اسان جي ڪائي مدد نه ٿي ڪري ته اسان کي پنهنجي طور تي ڪجهه ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي نوجوان ڏات ڌڻين کي اڳتي اچڻ گهرجي. پنج ملين روپيا اسين به گڏ ڪري سگهون ٿا. انهن پئسن کي انڊوومينٽ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي، ان جي مارڪ اپ مان ڏات ڌڻين جي مدد ڪري سگهون ٿا. ان سلسلي ۾ اسان ڪجهه دوستن جي گڏيل رٿ يا تجويز آهي ته ڪوئي اهڙو فورم ٺاهيون، جيڪو ان مقصد  لاءِ ڪم ڪري. ان فورم يا ٽرسٽ جو بورڊ آف گورنرس به مقرر ٿئي جيڪو مڙني فيصلن توڙي ڪم لاءِ ذميوار هجي. فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا فنڪشن، ويرائٽي پروگرام ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.

        اسان جا ڪيترائي اديب، سياستدان، آفيسر ٻيا اهڙا سرنديءَ وارا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي اُن مقصد لاءِ فنڊ ڏئي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح اسين پنهنجي گڏيل ڪوششن سان پنهنجن پيارن پيارن ۽ سهڻن ڏات ڌڻين کي بي وسيءَ جي موت مرڻ کان بچائي سگهون ٿا. ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته اسين ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ عملي طور تي ڪجهه ڪريون. اهو سوچڻ ڇڏي ڏيون ته ٻيو ڪوئي ڪجهه ڪري يا ڪندو، پر اهو سوچڻ گهرجي ته اهو اسان جو پنهنجو ڪم آهي ۽ اهو اسان کي ئي ڪرڻو آهي.

        ڪجهه وقت اڳ اسان جا ڪجهه اديب وڏي وزير سيد عبدالله شاهه سان مليا هئا، ۽ ساڻس مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون هئائون. ان موقعي تي جيڪڏهن اديبن، شاعرن توڙي فنڪارن جي سهائتا لاءِ ڪوئي  مستقل حل ڪڍيو وڃي ها ته بهتر هو. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن مسئلي تي سنجيدگيءَ سان سوچيو وڃي ها ۽ سنڌ حڪومت کي ڪائي اسڪيم يا پروگرام ٺاهي ڏنو وڃي ها ته مان نٿو سمجهان ته سنڌ حڪومت اسان جي مدد نه ڪري ها. هينئر به وقت ويو ناهي، هينئر به ان مسئلي کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪجهه مدد حڪومت ڪندي ۽ ڪجهه اسين پاڻ پنهنجي مدد لاءِ اڳتي وڌنداسين ته يقينن گهڻوڪجهه ڪري سگهنداسين. هن سلسلي ۾ سچائيءَ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. سچائيءَ سان اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، اها ڳالهه ته ننڍڙي ڳالهه آهي.

آئون سنڌ جي مڙني اديبن، شاعرن، دانشورن، سياستدانن توڙي باشعور ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کي اپيل ٿو ڪريان ته هن سلسلي ۾ اڳتي اچن ۽ پنهنجون ذميواريون نبائيندي اسان جي مدد ڪن ته جيئن انهي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪري سگهجي. رڳو بيان جاري ڪرڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ مان ڪجهه به ورڻو ناهي. سنڌ جي ڏات ڌڻين جو اسان سڀني تي قرض آهي. انهن جوقرض اسان نه لاهينداسين ته ٻيو ڪير لاهيندو. سنڌ جي ڏات ڌڻين جون شعور جي ڦهلاءَ توڙي علم، ادب ۽فن جي واڌاري لاءِ تمام وڏيون خدمتون آهن.اسين انهن خدمتن جي عيوض ڪجهه به نه ڏئي سگهيا آهيون، سواءِ ڪوڙن آسرن ۽ همدردين جي. اها اسان جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي آهي جو اسان پنهنجي فنڪارن کي اُها مڃتا ڏيڻ ۾ به ناڪام رهيا آهيون. جنهن جا هو حقدار آهن. ۽ جهڙا فنڪار ۽ ڏات ڌڻي اسان وٽ آهن اهڙا ڏات ڌڻي ٻين قومن وٽ هُجن ته انهن جو وڏو قدر ۽ مڃتا ٿئي. پر اسين ان سلسلي ۾ ڏاڍا غريب ۽ بدنصيب آهيون.

ڏات ڌڻين جي سهائتا جي حوالي سان جتي آءُ سنڌ جي مڙني باشعور ماڻهن کي پنهنجون ذميواريون نباهڻ جي اپيل ڪريان ٿو اتي اِها نماڻي گذارش به ڪندس ته هن سلسلي ۾ پنهنجون تجويزون ۽ صلاحون ڏياري موڪلين ته جيئن انهن صلاحن ۽ تجويزن جي روشنيءَ ۾ ڪوئي بهتر پروگرام جوڙي ڪجهه ڪري سگهجي.

_ مرتضيٰ سيال


 

مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون

(1) پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اهو ڄاڻائڻ لازمي آهي ته اهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن اخبار يا رسالي کي نه موڪليل آهن.

        (2) ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، ان اصل جي صاف فوٽو ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي. ان طرح ضروري حوالا پڻ چٽائيءَ سان ڄاڻائڻ لازم آهن، جي آخر ۾ آڻجن.

        (3) مواد ۾ پيش ڪيل راين، تجويزن، نتيجن ۽ علمي ۽ فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي. سندن راين کي ” سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.

(4) اهو ضروري ڪونهي ته مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضرور ڇپجي. اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري سمجهيو ويندو. نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.

(5)  ايڊيٽر کي مواد ۽ درستين ۽ ڦيرڦار ڪرڻ جو اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته جيئن مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.

(6) فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ مواد ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪونه ڪيو ويندو. ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت پسند ڪانه ڪئي ويندي

        (7) مواد، صاف سُٺن اکرن ۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي، فون نمبر هجي ته اهو به لکجي.

        (8) پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي. ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻڌل نه رهندو.

        (9) تڙ تڪڙ ۾ رَهندي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف درستين لاءِ ڪافي وقت ڏيڻو پوي ٿو. جيتري قدر ٿي سگهي، اطمينان ڪجي ته مواد آخري طرح صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي. _ _ ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com