سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1995ع (4)

 

صفحو :17

ڪرم سنڌي

خواهشن جو موت

شهر مان ورندي دير ٿي وئي اٿس: اڀ تي تارا ٽمڪي رهيا آهن ۽ چوڏس چپ چپات آهي، اڄ هو ڏاڍو خوش آهي، من سج اڀرڻ کان پوءِ، سورج مکيءَ جيان ٽڙيل اٿس، ڳچ عرصي کان، جيڪا چپن کان مرڪ ڪنهن بي وفا محبوبا جيان ڀيرو ڀڃي وئي هئي، سا ٻيهر موٽي آئي آهي اڄ هو ايڏو ته خوش آهي، جو ڄڻ قارون جو خزانو ملي ويو اٿس، سندس من ۾ ڪيئي خواهشون ڪر کڻي جاڳي پيون آهن اڄ ماستري جو آرڊر جو مليو اٿس.هو پڪي روڊ تان هي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي تي هلندي سوچي ٿو.

        ”منهنجو پيءُ جيڪو ڏولاون سان وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پيو ۽ کيس ٽي بي جهڙو گندو مرض وڪوڙي ويو اٿس، هاڻي انهي جو آئون سولائيءَ سان شهر جي سٺي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندس، منهنجي جيجل ماءُ، جيڪا وڏيري جي حويليءَ جو ڪم ڪندي ساڻي ٿي پئي آهي ۽ هاڻي جيون جا باقي پل آرام ۽ سڪون سان گذارڻ ٿي چاهي، ماءُ جي اها خواهش پايئه تڪميل تائين پهچائيندس. منهنجي پياري ڀيڻ، جيڪا چاهي ٿي ته پنهنجو به پڪو گهر هجي بجلي هجي، ٽي وي هجي، ڊش انٽينا، وي سي آر هجي، هاڻي آئون اهي شيون خريد ڪري پنهنجي پياري ڀيڻ جي معصوم جذبن کي ڀرڻ کان بچائي وٺندس، منهنجي ننڍپڻ جو پيار نرگس! هاڻ ان کي به پنهنجو جيون ساٿي بڻائي ڇڏيندس، ويچاري نرگس جڏهن منهنجي نوڪري جو ٻڌندي ته ڪيڏو نه خوش ٿيندي.“

        آئون ته روزانو هٿ کڻي مولا کان دعا گهرندي آهيان ته توکي نوڪري ملي، آئون ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچي دڄي ويندي آهيان ته جيڪڏهن توکي نوڪري نه ملي ته بابا منهنجو سڱ توکي ڪڏهن به ڪو نه ڏيندو، پاڻ ائين ڪيترو لوڪ کان لڪي ملنداسين، تون جلدي نوڪري وٺ ته پاڻ گڏجي زندگي گهاريون، آئون جڏهن به توکان جدا ٿيندي آهيان ته منهنجو من کامڻ لڳندو آهي. ”توکان سواءِ من ۾ اونداهي جو راڄ هوندو آهي، اڻ پڙهيل آهيان تون مون کي ٺڪرائي ڪنهن پڙهيل لکيل ڇوڪري کي ته پنهنجو جيون ساٿي ڪو نه بڻائيندي!“

”خبردار! بيهي رهه“

        هو اوچتي هڪل تي ڇرڪي پوي ٿو، ڪرڙن جي جهڳٽي مان ٽي ڄڻا نروار ٿين ٿا، هڪ ڄڻو مٿس ڪهاڙي الاري بيهي ٿو، ٻيا جهڙتي وٺڻ شروع ڪن ٿا، جيتوڻيڪ ٽنهي جي چهرن تي ٽوال اوڍيل آهن، پوءِ به هڪ ڄڻي کي سڃاڻي وٺي ٿو.

        ”شيرو! تون.........! لفظ نڙي ۾ اٽڪي پون ٿا.

        ۽پوءِ ٽيئي ڄڻا پاڻ ۾ صلاح ڪري، هن تي ڪهاڙين جا وار ڪن ٿا.

خدا جا واسطا....رڙيون........ڪوڪون، سڏ پر سڀ بي سود!

۽ نيٺ هن سان گڏ، هن جي من ۾ جاڳيل سڀئي خواهشون مري وڃن ٿيون.

عزيز قاسماڻي

ننڍي سفر جي آخري منزل

ڪوس.

ڀلا موهن جي دڙي ۽ مڪلي جي وارث کي ماني ڪيئن وڻندي، ذهن ۽ زبان ۾ رت، ساوڻيون رت سان ڀريل!

اڄ چانڊوڪي هيٺان رت جي ماني.

مڪلي/ موهن: چيڀاٽيل جذبا، گهٽيل مسئلا ، انتقام ، مايوسي ، ڊپ

مان ۽ منهنجي ٻنهي ٻانهن ۾ گهوڙيون! زندگي ائين جيئن موهن جو دڙو.

موت ڇا؟ مڪلي جو قبرستان!

هنن ماڻهن مان ڇو رت جي بوءَ ٿي اچي: شايد مون کي اڪيلو ڪرڻ گهرن ٿا، هي ماڻهو مون کان اڳتي وڃي وري واپس ٿيا آهن، شايد ڪجهه ڪندا.

”مون کي ڇو ٿو ڊپ ٿئي!“

”ماڻهو وحشي ته ناهن؟“

        انسان ته پيدائش کان وٺي  وحشي آهي، کائڻ گهري ٿو، دنيا کي، محسوس ائين ٿو ٿئي، مان ته ڀڄي به نٿو سگهان! هو تيز ڊوڙندا ٿا وڃن ۽ مان ڌرتي جي ننڍڙي منزل به پار ڪري نه سگهيو آهيان، اميدن تي ڌرتي کي پار ڪرڻ لاءِ نڪتو هوس.

        ساڻ: ٿيلهو ۽ ڊائري.

        هن آٽو گراف ڏيندي ڊائري تي لکي ڏنو هو.

        ”چمي.....“

        ان جي هيٺان مون لکي ڇڏيو هو”ڊپ“

        ائين ڏسان ٿو ته سنڌو ڦوهه وهي ۾ آهي ۽ هو منهنجي نالي سان قبرستان ٺهرائڻ گهرن ٿا، ائين ٻڌو آهي!!.

        تنها هوندي به اڪيلو نه آهيان، پاڇولا منهنجي ڪڍ آهن.

        ڀڄڻ چاهيان ٿو پر منهنجا پير ڪم گهٽ ڪندا آهن.

        ”رات گهڻي ٿي وئي آهي، سمهي پئو.“

        ”ڇو؟“

        ”سڀاڻي آفيس نه ويندين ڇا؟“

”ويندس.“

        ”پوءِ ننڊ ڪر“

        ”نه ٿي اچي“.

        ”ڪجهه پيتو اٿئي ڇا؟“

        ” نه ...هيڏي اچ“

خاموشي، اکيون ڄميل چپن ي زبان.

ڇو؟

        ”مون کي علامه آءِ آءِ قاضي ياد ٿو اچي“. لکي ڇڏ صبح جو ٻڌائجانءِ

        ”مون کي اهو ڪجهه ياد ٿو اچي... جيڪو.... ڇا؟“ (خيالن ۾ گم ٿي ويو) ”ها! اهو ڪجهه ياد ٿو اچي جنهن جي الفابيت پوري نه ٿي سگهي آهي“.

الفابيٽ ته ٻولي جي ٿيندي آهي!

”علامه واري، پيار جي ٻولي.“

هي سوچ جو وهڪرو نظر کان تکو آ ۽ نظر تلوار کان، رات مون کان به لڌل گل وڃائجي ويا، جيڪي پيار جي... تحفي ۾ مليل  هئا.

خوبصورتي. ذلت ۽ خودڪشي.

توهان سنڌي ان پاسي ڇو ٿا سوچيو ۽ پوءِ سبب.

عورت، پيسو ، گهر، آزادي، فضول سبب آهن!

نه ڪرڻ کپي!

يا زال ڀ..... وڃي، گهر ۾ بيعزتي ٿي هجي، سماج ۾ ذليل پڻو، اها ڳالهه جيڪا پيءُ ۽ ماءُ سان نه ڪري سگهو.

سوٽ، ماسات پڦاٽ سان پيار! هجن به مڱليون، اها به ناانصافي آهي، پاڻ سان. پوءِ به نه ڪرڻ کپي، مذاق مذاق ۾ هڪ ننڊ جي ٽڪي وٺي ڇڏيو.

وساري ڇڏيو.

ياد ڪيو- ايندڙ موسمن ۾ ٿيندڙ گل.

مون کي چيو هئائين:”نفرت جي نانءُ کان هڪڙو ٿوهر جو وڻ ڏئي ڇڏ. مون کي هڪ ئي سوکڙي ڏجانءِ پنهنجي ڳل جا موهيڙا، شايد سقراط پهريون ڀيرو پيتو هو، پر مان ته عادي ٿي وئي آهيان، اي جاهل! تلوار ۽ ستار گڏائي نه رک.“

اڄ به ياد آهي . ڪار تي فائر ٿيا هئا.

گاڏي ڪلٽي- روڊ تي رت، گلاب جي خوشبوءِ، پويان گوليون ، زبان وات کان ٻاهر، ڪير به لهي نه سگهيو. جذبا چيڀاٽجي ويا!

خوشبو پيار،اميدون ، ناگا ساڪيءَ جيئن رک ٿي ويون، اکين ناچ ڪن، ڪار جي شيشي مان.

هنن کي پسٽل هٿ ۾، چپن تي مرڪ، کلندا کلندا روڊ تان لهي ويا.. چهرو هيڊو هيڊو.

گاڏيون.

ماڻهو.

رڙيون...

سڏ.

ايمبولينس، پوليس، هاسپيٽل، ڊاڪٽر، ڊرپ.

بيهوشي!

پوءِ خبر پئي، آيا هئا صحافي.

هونءَ اسپتال ويندي سٺو نه لڳندو آهي، هاڻي ته پاڻ ۽ اسپتال.

تڏهن کان ماڻهن تي ويساهه نه ٿيندو آهي، جڏهن کان آئون ۽ ڪار گولين سان ايڪسيڊنٽ ٿيا هئاسين، هو شايد مارڻ گهرن پيا! آئون ته بچي ويس، گولي جي اک کان... هاڻي اکين کان ڊپ ٿيندو آهي.

هاڻي اڪيلو آهيان.

هڪ ڏينهن نرس چوي پئي: ”تون بچي ويو آهين ۽ جڏهن توکي هاسپيٽل کان موڪل ملي ته پوءِ تون ڪنهن سٺي پامسٽ کي هٿ ڏيکارجان“.


 

منشي پريم چند

سنڌيڪار؛ اعجاز جعفري

ڪفن

 

        جهوپڙي جي دروازي تي پيءُ ۽ پٽ تازي وساميل باهه ويجهو خاموش ويٺل هئا ۽ جهوپڙي اندر پٽ جي جوان زال حمل جي تڪليف ۾ سيٽجي رهي هئي ۽ رکي رکي ان جي وات مان اهڙيون ته دل سوز صدائون نڪري رهيون هيون جو ٻنهي جا هانوَ ڏڪي رهيا هئا، سردين جي رات هئي، فضا خاموشيءَ ۾ غرق، سڄو ڳوٺ اونداهي ۾ جذب ٿيل.

دينو چيو:”لڳي ٿو ته بچي نه سگهندي، سڄو ڏينهن تڙپي آهي، وڃ وڃي ڏسي ته اچ.“

خانو دردناڪ لهجي ۾ چيو:”مرڻو آهي ته جلد ڇو نٿي مري وڃي، ڏسي ڇا اچان؟“

 ”تون  ڏاڍو بي درد آهين، سال تائين جنهن سان گڏ زندگيءَ جا سک ڪمايئي، ان سان ايڏي بي وفائي؟“

”مون کان ان جو تڙپڻ ڏٺو نٿو ٿئي ۽ هٿ پير هڻندي به ڏسي نٿو سگهان.“

        مزوري ڪندڙ گهراڻو هو ۽ سڄي ڳوٺ ۾ بدنام . دينو هڪ ڏينهن ڪم ڪندو هو ته ٽي ڏينهن آرام، خانو ايترو ته ڪم چور هو جو هڪ ڪلاڪ ڪم ڪندو هو ته ڪلاڪن تائين ”حقو پيئندو هو. انهن کي ڪو به ڪم ڪار لاءِ نه رکندو هو، گهر ۾ جيڪڏهن ٻڪ کن به ان هوندو هو ته اهي ڪم کان ته قسم کائي ويهندا هئا، جڏهن هڪ ٻه فاقه ٿي ويندا هئا ته دينو وڻن تي چڙهي ڪاٺيون ڪندو هو ۽ خانو انهن کي بازار ۾ وڪرو ڪندو هو ۽ جيستائين اهي پئسا رهن هيڏانهن هوڏانهن رلندا رهندا هئا، فاقن جي نوبت اچي ويندي هئي ته وري ڪاٺيون ڪري يا ڪا مزدوري تلاش ڪن. ڳوٺ ۾ ڪم ڪار جي گهٽتائي نه هئي، هارين جو ڳوٺ هو، محنتي ماڻهو لاءِ ڪم هزار، پر هنن کي ماڻهو صرف ان وقت سڏائيندا هئا جڏهن ڪو چارو ئي هجي، عجيب زندگي هئي انهن جي، گهر ۾ مٽي جي ٻن ٿانون کان سواءِ ڪو به اثاثو نه هو، ڦاٽل ڪپڙن سان پنهنجي عرياني لڪائي، دنيا جي فڪرن کان آزاد، قرض ۾ گهيريل ، گاريون به کائيندا هئا ته به ڪو غم نه، مسڪين ايترا جو قرض جي وصولي جي اميد نه هئڻ جي باوجود به ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه قرض ڏيئي ڇڏيندا هئا، مٽر يا پٽاٽن جي ٻني دوران مٽر يا پٽاٽا پٽي کڻي ٻاڦي کائيندا يا پنج ڏهه پٽي کڻندا ايندا ۽ رات جو چوسيندا رهندا.

        دينو انهي زاهداڻي انداز ۾ ست سالن جي ڄمار گذاري ۽ خانو به سعادتمند اولاد وانگر پيءُ جي نقش قدم تي هلي رهيو هو، بلڪه ان کان به وڌيڪ ان جو نالو روشن ڪري رهيو هو، هن وقت به اُهي باهه وٽ ويهي پٽاٽا ڀڃي رهيا هئا، جيڪي ڪنهن ٻني مان پٽي آيا هئا.

        دينو جي زال ته گهڻو عرصو اڳ گذاري وئي هئي خانو جي شادي گذريل سال ٿي هئي، جڏهن کان اها عورت آئي هئي، هن خاندان کي ڍنگ جهڙو ڪيو هو، اٽو پيهي، گاهه وغيره ڪري، سير کن اٽي جو انتظام ڪندي هئي ۽ انهن ٻنهن جي غيرتن جي پيٽ جو دوزخ ڀريندي هئي، جڏهن کان اها آئي هئي، اهي ٻئي اڃا به وڌيڪ آرام پسند ٿي ويا هئا، بلڪه هاڻ ته ڪجهه رعب ڄمائڻ به لڳا هئا.

        ڪو به ڪم لاءِ گهرائيندو هو ته بي نيازي ۽ آڪڙ سان ٻيڻي مزوري گهرندا هئا، اها ئي عورت اڄ صبح کان حمل جي تڪليف کان مري رهي هئي ۽ اهي ٻئي شايد انهيءَ انتظار ۾ هئا ته جيئن اها مري ته آرام سان سمهون.

دينو پٽاٽا ڪڍي ڇليندي چوڻ لڳو؛”وڃي ڏس ته ڇا حال آهي ان جو هتي ته ڪو به ايندو ته پئسا گهرندو، پوءِ ڪو به هتي ڇو ايندو؟“

خانوءَ کي خطرو هو ته جيڪڏهن اهو جهوپڙي ڏانهن ويو ته دينو پٽاٽن جو چڱو حصو پاڻ صاف ڪري ڇڏيندو. تنهن ڪري چوڻ لڳو؛”مون کي هتي ڊپ ٿو لڳي:“

”ڊپ ڪهڙي ڳالهه جو، مان ته هتي ئي آهيان“

”پوءِ تون ئي وڃي ڏس نه“

منهنجي گهر واري جڏهن مئي هئي ته مان ٽي ڏينهن اتان چريو نه هئس، ٻيو اهو ته ننهن مون کان شرمائيندي نه ڇا؟ ڪڏهن هن جو منهن نه ڏٺو آ: اڄ هن جو اکڙيل بدن ڏسندس، ان کي ڪنهن قسم جو هوش نه هوندو، مون کي ڏسندي ته سولائي سان هٿ پير به هڻي نه سگهندي.“

”مان سوچيان ٿو ته ٻار ٿي پيو ته ڇا ٿيندو، تيل ماکي وغيره ڪجهه به ته نه آهي هن گهر ۾ .“

”سڀ ڪجهه ايندو، خدا ٻار ته ڏي..... جيڪي ماڻهو هينئر پئسا نٿا ڏين اهي تڏهن ڀلائي ڪندا، منهنجا نوَ پٽ ڄاوا، گهر ۾ ڪجهه به نه هو پر اهري طرح هر ڀيري ڪم ٿي ويو هو.“

جنهن سماج ۾ رات ڏينهن ڪم ڪندڙن جي حالت انهن جي حالت کان ڪجهه چڱي سٺي نه هئي ۽ هارين جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو جيڪي هارين جي ڪمزوري مان فائدو وٺڻ ڄاڻندا هئا، تمام آسوده هئا، هتي اهڙي قسم جي ذهنيت پيدا ٿيڻ ڪا تعجب جوڳي ڳالهه نه هئي، اسان ته چونداسين ته دينو هارين جي مقابلي ۾ انتهائي چالاڪ هو ۽ هارين جي ساده طبيعت جماعت ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ عيارن جي فسادي ٽولي ۾ شامل ٿي ويو هو، هن ۾ اها صلاحيت نه هئي جو عيارن جي آئين ۽ ادب جي پابندي ڪري. ان ڪري اهري قسم جي جماعت جا ٻيا ماڻهو ڳوٺ جا چڱا مڙس بڻيل هئا، انهن تي ڳوٺائي آڱريون کڻندا هئا، تنهن هوندي به اهو اطمينان هو ته جيڪڏهن ان جي حالت بدتر آهي ته  گهٽ ۾ گهٽ ٻين هارين وانگر جگر ٽوڙ محنت ته ڪرڻي نٿي پوي ۽ ان جي سادگي ۽ بي زباني جي ڪري ٻيا ناجائز فائدا نٿا وٺن.

ٻئي پٽاٽا ڪڍي گرم گرم کائڻ لڳا، ڪالهه کان ڪجهه به نه کاڌو هئن، ايترو صبر نه هئن جو پٽاٽا ٿڌا ٿيڻ ڏين، ڪيئي ڀيرا انهن جي زبان به سڙي وئي، کل لائي کائڻ کان پوءِ ٻاهريون حصو ته گهڻو گرم محسوس نه پيو ٿئي، پر ڏندن هيٺان ايندي ئي اندرين زبان ۽ نڙي ساڙي پيو ڇڏي ۽ اهڙي ٽانڊي کي منهن ۾ رکڻ کانپوءِ وڌيڪ اهو بهتر پيو لڳي ته اهو نڙي مان لهي وڃي، هتي ان کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ ڪافي سامان موجود هو ان ڪري ٻئي جلدي جلدي ڳهي وڃن، حالانڪه ان ڪوشش ۾ انهن جي اکين مان ڳوڙها پئي نڪري آيا.

دينوءَ کي ان وقت وڏيري جي شادي ياد آئي ، جنهن ۾ ويهه سال اڳ هو ويو هو، هن دعوت ۾ ان کي جيڪا ماني نصيب ٿي هئي اها هن جي زندگي ۾ هڪ يادگار واقعو هو ۽ اڄ به ان جي ياد تازه هئي، چوڻ لڳو”اهو ڏينهن نٿو وسري، ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين اهڙو کاڌو ۽ پيٽ ڀري نه مليو، ڪنوار وارن سڀني کي پوريون کارايون هيون، سڀني ننڍن وڏن پوريون کاڌيون هيون ۽  اصلي گيهه جي ٺهيل چٽڻي، رائتو، ڌونئرو، مٺائي، طرحين طرحين جا اعليٰ طعام تيار ڪرايا ويا هئا، ان ڏينهن ڪيڏو نه سواد محسوس ٿيو هو، ڪا روڪ ٽوڪ نه هئي، جيڪا شيءِ گهرجي، گهرو ۽ جيتري وڻي اوتري کائو، ماڻهن ايترو کاڌو جو پاڻي پيئڻ به مشڪل ٿي پيو هو، پر ڏيڻ وارا گرما گرم گول مزيدار ڪچوريون وجهي ڇڏين، منع به ڪيون ته نه کپي پر اهي هتان جو وڃڻ ڏيندا ۽ جڏهن سڀني منهن هٿ ڌوتا ته هڪ اعليٰ قسم جو پان به مليو، مون کي پان کائڻ جي ڇا خبر هئي! نشي دار پان کائڻ جي ڪري بيهي نه پئي سگهيس. فوراً وڃي پنهنجي کٽ تي وڃي سمهي پيس. اهڙو ته دريا دل هواُهو وڏيرو.“

خانو انهن ڳالهين جو مزو وٺندي چوڻ لڳو، ”هاڻي ڪو اسان کي اهڙي ماني کارائيندو.“

”هاڻي ڪير ڪنهن کي کارائيندو. اهو زمانو ٻيو هو. هاڻي ته هر ڪنهن کي ڪنجوسي سُجهي ٿي. شادي جي رسمن تي خرچ نه ڪيو. ڪفن دفن تي خرچ نه ڪيو. ڪو پڇي ته غريبن جو مال جيڪو ڏينهون ڏينهن ميڙي رهيا آهيو، ڪٿي رکندا! پر ميڙڻ ۾ ڪا گهٽتائي نٿي اچي. خرچ ۾ ڪنجوسي سُجهي ٿي.“

”تو ويهه پوريون ته کاڌيون هونديون.“

”ويهن کان وڌيڪ کاڌيون هيون.“

”مان ته پنجاهه کائي وڃان ها.“

”پنجاهه کان گهٽ ته مون به نه کاڌيون هيون. جوان مڙس هئس، تون ته ان جو اڌ به ناهين.“

پٽاٽا کائي، ٻنهن پاڻي پيتو ۽ اتي ئي باهه جي سامهون بي فڪرا ٿي سمهي رهيا ۽ خانوجي زال اڃان تائين تڙپي رهي هئي.

(2)

صبح خانوجهوپڙيءَ ۾ وڃي ڏٺو ته ان جي زال گذاري چڪي هئي. ان جي مُنهن تي مکيون گهمي رهيون هيون پٿريل اکيون مٿي ٽنگيل هيون. سڄو جسم خاڪ سان ڀريل هو. هن جي پيٽ ۾ ٻار گذاري چڪو هو.

خانو ڊُڪندو دينوءَ وٽ آيو. پوءِ ٻئي زور زور سان هاءِ هاءِ ڪرڻ لڳا ۽ سينو پٽڻ لڳا. پاڙيسرين جڏهن روئڻ جو آواز ٻڌو ته گهران اچي قديم رسم مطابق صبر ڪرڻ لاءِ چوڻ لڳا.

پر وڌيڪ روئڻ ڌوئڻ جو وقت نه هو. ڪفن جو فڪر ڪرڻو هو. گهر ۾ ته پئسو ائين غائب هو. جيئن گڏهه جي مٿي تي سڱ!

پيءَ پٽ روئيندا ڳوٺ جي چڱن مڙسن ڏانهن ويا، اهي انهن جي صورتن کان نفرت ڪندا هئا. ڪيئي ڀيرا انهن کي پنهنجن هٿن سان موچڙا به هڻي چڪا هئا، چوري ڪرڻ جي ڪري، وعدي تي ڪم نه ڪرڻ جي ڪري. پڇيائون ”ڇا ٿيو، دينو؟ روئين ڇو ٿو؟ هاڻ ته تنهنجي شڪل به نظر نه ايندي آهي، هاڻي لڳي ٿو توکي هن ڳوٺ ۾ رهڻو ڪونهي.“

دينو زمين تي مٿو رکي اکين ۾ ڳوڙها ڀري چيو، ” سائين وڏي مشڪل ۾ آهيان. خانوءَ جي گهرواري رات گذاري ويئي. سڄو ڏينهن تڙپندي رهي. اڌ رات تائين اسان ٻئي ساڻ ويٺا رهياسين. دوا وغيره جيڪوڪجهه ٿي سگهيو سڀ ڪيو، پر هواسان کي ڌوڪو ڏيئي وئي. هاڻ ته ڪو ماڻي ٽڪر ڏيڻ واروبه نه رهيو، سائين . تباهه ٿي وياسين، گهر برباد ٿي ويو. اوهان جو غلام آهيان، هاڻي اوهان کان سواءِ  ڪير اُن کي ڪفن دفن ڪرائيندو. اسان جي هٿ ۾ جيڪي ڪجهه هو ، اُهو سڀ دوا وغيره تي خرچ ٿي ويو. سرڪار جي مهرباني  ٿيندي جو ان جوڪفن دفن ڪرائي. اوهان کان علاوه ڪنهن جي در تي وڃان؟“

وڏيرو رحمدل ماڻهو هو. پر دينوءَ تي رحم ڪرڻ ڪاري ڪمبل تي رنگ چاڙهڻ هو. دل ۾ آيو ته چئي ڏي: ” هٽ پري ٿي هتان کان. لاش گهر تي سڙڻ ڏي. هونئن ته سڏڻ تي به نه ايندو آهين، اڄ غرض ٿيئي ته اچي خوشامد ڪري رهيو آهين. حرام خور ڪٿي جو، بدمعاش. پر اهو غصو يا انتقام جو موقعو نه هو.نه چاهڻ جي باوجود به ٻه سؤ رپيا ڦٽي ڪري ڏنا، پر همدردي جو هڪ لفظ به مُنهن مان نه ڪڍيائين. ان طرف ڏٺو به نه ائين لڳو ڄڻ مٿي جو سُور لاٿو هجئين.

جڏهن وڏيري ٻه سؤ رپيا ڏنا ته ڳوٺ جي ٻين دڪاندارن وغيره کي انڪار جي جرات ڪيئن ٿئي ها. دينو وڏيري جو نالو کڻي هر ڪنهن کان پئسا وٺندو وڃي پيو. ڪنهن ڏهه رپيا ڏنا، ڪنهن ويهه روپيا ڏنا. هڪ ڪلاڪ ۾ دينو وٽ پنج سؤ رپين جي مناسب رقم جمع ٿي ويئي. ڪنهن گيهه ڏنو، ڪنهن چانور ۽ مجهند جو دينو ۽ خانو بازار مان ڪفن وٺڻ هليا ويا.

ڳوٺ جون نرم دل عورتون اچي لاش ڏسي هليون پيون وڃن ۽ هن جي بيوسيءَ تي ٻه ڳوڙو ڳاڙهي هلي پيون وڃن.

(3)

بازار پهچي دينو چيو. ”ماني ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون ته ملي ويون آهن نه، خانو!“

خانو چيو: ” ها، ڪاٺيون ته گهڻيون ٿي ويون آهن، هاڻي ڪفن گهرجي.“

”ته ڪو هلڪو ڦلڪو ڪفن وٺي ڇڏيون.“

” ها ٻيو ڇا. لاش کڻندي کڻندي رات ٿي ويندي، رات جوڪفن ڪير ڏسندو آهي.“

” ڪهڙو خراب رواج آهي. جنهن کي زندگيءَ ۾ تن لڪائڻ لاءِ ڪپڙي جو ٽڪر به نه ملي، اُن کي مرڻ تي نئون ڪفن گهرجي.“

” ڪفن ته لاش سان گڏ ئي زمين ۾ هلي ويندو آهي.“

” ٻيو ڇارکيو آهي، اهي پنج سؤ رپيا اڳ ملن ها ته دوا وغيره ڪرايون ها.“

ٻيئي هڪ ٻئي جي دل جو حال ذاتي طرح سمجهي رهيا هئا. بازار ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمندا رهيا. ايتري قدر جوشام ٿي وئي. ٻئي اتفاق  سان يا ڄاڻي واڻي هڪ شراب خاني جي سامهون اچي بيٺا ۽ ڄڻ ڪنهن طئه ٿيل فيصلي مطابق اندر ويا ۽ ڪجهه دير لاءِ ٻئي حيرانيءَ جي حالت ۾بيٺا رهيا. پوءِ دينو هڪ بوتل شراب جي ورتي. ڪجهه پڪوڙا ۽ ٻيو چهري دار نمڪين شيون کائڻ کان پوءِ ٻئي ورانڊي ۾ اچي پيئڻ لڳا.

ڪيئي گلاس پيئڻ کان پوءِ ٻئي سُرور ۾ اچي ويا.

دينوءِ چيو: ” دفن ڪرائڻ سان ڇا ملندو آهي. آخر زمين ۾ ئي هليو ويندو. ڪجهه نُنهن سان گڏ ته نه وڃي ها.“

خانو آسمان ڏانهن نهاريندي چيو، جيئن فرشتن کي پنهنجي معصوميت جو يقين ڏياريندو هجي.

” دنيا جو دستور آهي. هتي ماڻهن کي مشڪلون ڇوملنديون آهن،ڪير ڏسي ٿو مٿي زندگي ڪهڙي هوندي.“

” وڏن ماڻهن وٽ دولت آهي،چَٽين؛ اسان وٽ چٽڻ لاءِ ڇا آهي؟“

” پر ماڻهن کي ڇا جواب ڏيندين ؟ ماڻهو پڇندا نه ته ڪفن ڪٿي آهي؟“

 دينو کِليو. ” چئي ڇڏينداسين ته پئسا گم ٿي ويا. ڏاڍو ڳوليم پر نه مليا.“

خانو به کِليو. هن غير يقيني خوش نصيبي تي قدرت کي ائين شڪست ڏيڻ تي چيو: ”ويچاري هئي ڏاڍي ڀلي، مُئي به ته ڏاڍو کارائي پياري.“

بوتل اڌ کان وڌيڪ خالي ٿي وئي. دينو ڏهه ٻارنهن پُوريون گهرايون. گوشت، ٻوڙ، مزيدار جيرا ۽ تَريل مڇي _ شرابخاني سامهون ئي دُڪان هو. خانو ڊڪندي ٻن منٽن ۾ سڀ شيون وٺي آيو. پورا ڏيڍ سؤ خرچ ٿي ويا. صرف ٿورا پئسا رهجي ويا.

ٻئي ان وقت ان شان سان ويهي پوريون کائي رهيا هئا جيئن جهنگل ۾ڪو شينهن پنهنجو شڪار کائيندو آهي. نه جواب ڏيڻ جو خوف هو، نه بدنامي جو فڪر. ذلت جا اهي مرحلا اُهي تمام گهڻو اڳ طئي ڪري چڪا هئا. دينو فلسفيانه انداز سان چيو.”اسان جو روح مطمئن ٿي رهيو آهي، ته ڇا ان کي ثواب نه ٿيندو.“

خانو تائيد ڪندي عقيدت سان جهڪي مڃيو. ”ضرور کان ضرور ٿيندو. خدا! تون ڄاڻڻ وارو آهين. ان کي جنت ۾ جاءِ ڏجانءِ. اسان ٻئي ان کي سچي دل سان دعا ڏئي رهيا آهيون. اڄ جيڪا ماني ملي آهي، اها ڪڏهن زندگي ۾ نه ملي هئي.“

ڪجهه دير کان پوءِ هڪ تشويش پيدا ٿي.

”بابا! اسان به ته هڪ نه هڪ ڏينهن هُتي وينداسين.“

دينو هن ٻاراڻي سوال جو جواب نه ڏنو. خانو طرف بُڇڙي انداز سان ڏٺو.

” جيڪڏهن هُتي اسان کان پڇا ٿيندي ته توهان مون کي ڪفن ڇو نه ڏنو ته ڇا جواب ڏيندين؟“

” چوندس، تنهنجو مٿو.“

”پڇندي ته ضرور.“

” تون ڪيئن ٿو چوين ته اُن کي ڪفن نه ملندو. تون مون کي ڪو گڏهه سمجهين ٿو. سٺ سال دنيا ۾ ڇا گاهه چرندو رهيو آهيان. ان کي ڪفن ملندو ۽ ان کان وڌيڪ سٺو ملندو جيڪو اسان ڏيون ها.“

 خانو کي يقين نه آيو. چيائين ”ڪير ڏيندو پئسا ته تو چَٽ ڪري ڇڏيا.“

دينو ڪاوڙجي پيو. ”مان چوان ٿو ته ڪفن ملندو، تون ڇو يقين نٿوڪرين.“

” ڪير ڏيندو؟ ٻڌائين ڇو نٿو.“

” اهي ماڻهو ڏيندا جن هينئر ڏنو آهي. ها، اُهي پئسا اسان جي هٿ ۾ نه ايندا، ۽ جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان اچي ويندا ته ٻيهر اسان ساڳيءَ طرح هتي ويهي کائينداسين، پيئنداسين ۽ ڪفن ٽيون ڀيرو ملندو.“

جيئن جيئن اونداهي وڌي پئي ۽ ستارن جي چمڪ تيز ٿئي پئي، شراب خاني جي رونق به وڌي پئي. ڪو ڳائي پيو، ڪونچي پيو. ڪو پنهنجي دوست جي منهن تي ساغرلڳائي پيو. هتي جي فضا ۾ سرور هو، هوا ۾ نشو، ڪيترا ته هڪ ڍُڪ ۾ چريا ٿي پئي ويا. هتي اچن پيا صرف پنهنجي پاڻ کي ڀُلائڻ جومزو وٺڻ. شراب کان وڌيڪ هتي جي هوا مان مسرور ٿين پيا. زندگي جي تلخي هتي وٺي اچي پئي ۽ ڪجهه وقت لاءِ اهي وِسري پيا وڃن ته اهي زندهه آهن يا مرده يا زندهه دفن ٿيل.

۽ اهي ٻئي پيءَ پٽ هينئر به مزي سان پي رهيا هئا. سڀني جون نگاهون انهن ڏانهن گهوري رهيون هيون ڪيتراخوش نصيب آهن اهي جو پوري بوتل وچ ۾ پئي اٿن.

ماني کان فارغ ٿي خانو بچيل ماني جا ٽڪر کڻي هڪ فقير کي ڏئي ڇڏيا، جيڪو بيٺي انهن ڏانهن مسڪين نگاهن سان ڏسي رهيو هو ۽ ”پيئڻ“ جو غرور ولولي ۽ خوشي جوپنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو احساس ڪيو.

دينوءَ چيو” خوب کاءُ ۽ دعا ڏي. جنهن جي ڪمائي آهي اُها ته مري ويئي، پر تنهنجي دعا ان کي ضرور پهچي ويندي. سچي دل سان دعا ڏي، وڏي ڪمائي جا پئسا آهن.“

خانو ٻيهر آسمان ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳي: ”جنت ۾ ويندي بابا! جنت جي راڻي ٿيندي.“

دينو بيٺو ۽ ڄڻ خوشين ۾ جهومندي چيو ” ها پٽ! جنت ۾ ويندي.ڪنهن ستايوڪونهي، ڪنهن دٻايو ڪونهي. مرڻ کان پوءِ به اسان جي زندگي جي سڀ کان وڏي خواهش پوري ڪيائين. اها جنت ۾ نه ويندي ته ڇا اهي موٽا موٽا ماڻهو ويندا، جيڪي ٻنهي هٿن سان ڦرين ۽ پنهنجن گناهن کي لڪائڻ لاءِ پئسو لڳائن ٿا، ۽ مسجدن ۾ دعائون گهرن ٿا.“

اهو خوش خياليءَ جو رنگ بدليو. غير مستقل نشي جي خاصيت آهي. غم ۽ نا اميدي جو دورو پيو.

خانو چيو: ”پر بابا، ويچاري زندگيءَ ۾ ڏاڍو ڏک سٺو. مُئي به ته ڏاڍي تڪليف سٺائين.“

هو اکين تي هٿ رکي روئڻ لڳو.

دنيو سمجهايو، ”ڇو روئين ٿو پُٽ! خوش ٿي، زندگيءَ جي تڪليفن کان آزاد ٿي وئي جنجال کان بچي وئي. وڏي قسمت واري هئي جو جلد زندگي مان آزادي مليس.“

۽ ٻئي اُتي ئي ڳائڻ لڳا.

 ” مون کي ڇڏي نه وڃ،متان آءٌ مري وڃان.“

سڄوميخانو تماشي ۾ مگن هو ۽ اهي ٻئي خيالن ۾ گم ڳائيندا  رهن ٿا. پوءِ ٻئي نچڻ لڳا. جهومڻ لڳا، ٽپا ڏنائون ۽ آخر نشي ۾ مست ٿي اُتي ئي ڪري پيا.

 

ڳاڙهي (ضلعو دادو) ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي تاريخي ٺهرايل مسجد کي گذريل برساتن ۾ پهتل نقصان . اتر واروگنبذ، اڳيان منارا، ورانڊو ۽ ڀتيون تباهه ٿي چڪا آهن!

(فوٽو: ڊاڪٽر لياقت مگسيءَ جي ٿورن سان )

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com