سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ آڪٽوبر-ڊسمبر (4)

 

صفحو :4

ڪنهن هڪ خاص ٻولي جو وڌيڪ سڌريل هئڻ ۽ انهيءَ ڪري ٻين ٻولين تي فوقيت رکڻ“ واري گمراه ڪندڙ نظريي کي، واسطه بالواسطه، خاص طرح بيٺڪي راڄ قائم ڪندڙ حاڪمن هوا ڏني، حالانڪ اهڙو نظريو انساني ٻوليءَ جي فطري تخليق توڙي عملي تقاضائن جي سراسر خلاف آهي. حقيقت ۾ هر اها ٻولي جنهن کي ڪو ننڍو يا وڏو انساني گروهه مادري زبان طور ڳالهائي ٿو سا هڪ بالغ ۽ مڪمل ٻولي آهي، ۽ جيتري قدر اها ان گروهه جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي اوتري قدر اها بالڪل سڌريل آهي. انهيءَ لحاظ سان، وچ آفريڪا جي ڪنهن نسلي گروهه جي ٻولي ۽ يورپ جي ڪنهن طاقتور قوم جي ٻولي، ٻئي برابر آهن. پاڪستان جي اتر ۾ سوات جي ننڍڙي ’پِشمِال‘ وادي جي باشندن جي ’گجرو‘ ۽ ان کان اتر واري وڏي وسيع علائقي جي ’شِينا‘ ٻئي برابر آهن؛ ۽ پڻ ساڳئي لحاظ سان سنڌ ۾ ’ٿر‘ جي ننڍڙي علائقي ’ڍٽ‘ جي ’ڍاٽڪي‘ توڙي سنڌو جي وسيع وادي جي ’سنڌي‘ ٻئي برابر آهن.

اهڙو ملڪ، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائجن ٿيون، اتي جي رهاڪن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجي قومي زندگيءَ ۾ يڪجهتي آڻڻ توڙي ڪامياب مستقبل ماڻڻ خاطر، انساني ٻوليءَ جي حقيقت ۽ افاديت کي صحيح طور سمجهن ۽ ڪنهن به هڪ ٻوليءَ جي بيجا غلبي ۽ ٻين ٻولين تي ان جي فوقيت ۽ برتري واري نظريي جو شڪار نه ٿين. پاڪستان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جو نه پر گهڻين ٻولين وارو ملڪ آهي، جتي اهڙي احتياط جي سخت ضرورت آهي. هتي اهي اصول تسليم ڪرڻو پوندو ته ٻولين جي گلستان ۾ هر گُل پنهنجي رنگ ۽ بوءِ سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سهڻو آهي...“

_ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

                       


 

مقالا

 

” ٻارهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين مغل صوبيدار سنڌ تي ايندا رهيا، ليڪن جڏهن آخري طرح سموري سنڌ ڪلهوڙن جي قبضي ۾ آئي، ان وقت صوبيدار جو اچڻ بند ٿيو. ڪلهوڙن جي اگرچه مادري زبان سنڌي هئي ۽ سندن امير امراءَ ۽ انهن جا متعلقين سڀ سنڌي هئا، تاهم سرڪاري لکپڙهه جي زبان اڃا به فارسي هلندي ٿي آئي. هن صديءَ ۾ ٽن ملڪن مان فارسيدان اچي سنڌ ۾ پهتا هئا. صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ مغل صوبيدارن جي توسط سان هندستان مان، وچ صديءَ ۾ نادرشاهه جي ڪري ايران مان ۽ صديءَ جي پوئين اڌ اندر احمد شاهه ابدالي وغيره پٺاڻ حڪمرانن جي توسل سبب قنڌار کان. خود سنڌين ۾ به فارسي زبان مقبول هئي. مدرسن جي سموري تعليم فارسي ۽ عربيءَ ۾ ٿيندي هئي. عطا، محسن، قانع، رجا، مداح، تسليم، سرخوش، شوقي، عزلت، عطارد، مشتاقي، مير جان الله رضوي جهڙا فارسي گو شاعر خود سنڌ جي سرزمين مان پيدا ٿيا. عبدالرؤف منشي ۽ نورالحق سيوستاني جهڙا فارسي نثر جا مشتاق انشاءِ پرداز، سنڌي نزاد هئا. ڪلهوڙن حڪمرانن جو پنهنجو ذوق به فارسيءَ سان هو. نور محمد جي وصيت فارسيءَ ۾ آهي. طب دائودي ۽ صيدنامو به شاهي خاندان جي فردن جا لکيل آهن. محمد علي عالي ۽ سرفراز خان وغيره پڻ فارسيءَ جا صاحبِ ديوان شاعر هئا، ليڪن اهي سڀُ سهوليتون اگرچه فارسيءَ لاءِ مهيا هيون، ان هوندي به سنڌي زبان هن صديءَ اندر خوب ڦَلي ۽ ڦهلي .....“

_ سيد حسام الدين راشدي

 

 

غلام محمد لاکو

خليفي ميان محمد ٺٽويءَ جي هڪ وڌيڪ تصنيف

 

ننگر ٺٽو، صدين تائين سنڌ جو تختگاهه رهيو، ان ريت هي شهر سنڌ جي تمدن، تهذيب، ادب، علم ۽ عرفان جو مرڪز رهيو. هي شهر سمن جي دور ۾ نسري نروار ٿيو ۽ ڄام نظام الدين جي وقت ۾ سڄي دنيا جي نگاهن جو مرڪز بنجي ويو. ارغونن جي حملي وقت ٺٽي کي تاراج ڪيو ويو ۽ هي شهر پوري هڪ هفتي لاءِ سڙندو، ٻرندو ۽ ڦرجندو رهيو. مير محمد معصوم بکري هن بابت لکي ٿو:

” و تا بيستم ماه مذکور شهر تهتہ را تاراج نموده خاک مذلت بر فرق ساکنانش افشاندند“(1).

        سن 927 هه / 1520ع ۾ سنڌ تي ارغونن جي قبضي کان پوءِ ملڪ سميت ننگر ٺٽي جو نقشو به تبديل ٿي ويو. هتي جي تهذيب ۽ تمدن جي روئداد مٽجي وئي. سنڌ جي درٻار جي رونق ڦري وئي. سنڌي عالمن ۽ اميرن جي جاءِ تي مرڪزي ايشيا جا اديب ۽ قلمڪار بيٺڪون ڪرڻ لڳا. هرات، ڪابل ۽ قنڌار جا عالم ٺٽي پهتا ۽ بادشاهن جي محفلن کي سينگارڻ لڳا. ايران ۽ وچ ايشيا جي شاعرن، حاڪمن جي شان ۾ قصيده ۽ غزل چيا ۽ خوب انعام اڪرام حاصل ڪيا(2)

        ارغونن جي دور کان فارسي ٻولي سنڌ جي باقاعده سرڪاري ٻولي بني. سوين عالمن ۽  اديبن توڙي شاعرن، هن زبان جي خوب آبياري ڪئي. ان ريت هن ٻوليءَ ۾ڪتابن جو وڏو تعداد لکيو ويو. سوين ڪليات، ديوان ۽ مثنويون وجود ۾ آيون. فارسي زبان ۾ تحرير ۽ تخليق جو هي سلسلو ميرن جي دور تائين زور شور سان جاري رهيو. هي صورتحال سڄي سنڌ ۾ عام طرح ٺٽي ننگر ۾ خاص طرح سان ڏسڻ ۾ آئي. ان دور جي تصنيف ۽ تاليف بابت تذڪرن ۽ تاريخن ۾ گهڻو مواد موجود آهي. سنڌ جي برک عالم سيد حسام الدين راشدي مرحوم، ٺٽي جي تصنيف ۽ تاليف بابت هڪ جامع سروي پڻ شايع ڪيو هو (3) . ان سروي جو گهڻو تعلق عربي ۽ فارسي ٻولين جي ڪتابن سان ڏسجي ٿو.

اهڙي پر آشوب دور ۾ سنڌي عالم، اديب ۽ شاعر بي يارو مددگار بنجي ويا. درٻار تائين سندن پهچ ناممڪن هئي. انهن جي راه ۾ سوين رنڊڪون وڌيون ويون. ان صورت ۾ ڪي سنڌي عالم وطن کي ڇڏي عربستان ۽ هندستان هليا ويا(4). ڪن بزرگن سنڌ ۾ رهي ڌارين حاڪمن سان مهُاڏو اٽڪايو، انهن ۾ مخدوم بلاول جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. ڪي سنڌي بزرگ اهڙا به هئا جن حالتن سان ٺاهه ڪيو ۽ بادشاهن کي ويجهو ٿي خوب فائدا ورتا. البته ڪجهه خدا جا ٻانها اهڙا به هئا، جن نهايت خاموشي، صبر ۽ سڪون سان ” سنڌيت“ جي تحريڪ جاري رکي، جنهن اڳتي هلي وڏو رنگ لاتو.

        عربي _ سنڌي رسم الخط جو رائج ٿيڻ ان دور جي هڪ واضح پيش رفت آهي. فارسي زبان جي ترويج ۽ سرپرستي هن ترقي ۽ واڌاري جي محرڪات ۾ شامل آهي. عزت بن سليمان سن 1068هه / 1657ع ڌاري 39 عنوانن وارو هڪ سنڌي مجموعو مرتب ڪيو، جنهن کي هاڻي پهريون سنڌي ڪتاب سڏي سگهجي ٿو. ان جو مطلب ته مغل دور ۾ سنڌي تصنيف تاليف جا چٽا مثال موجود آهن.

        سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته : ” جتي باهه ٻري اها جاءِ جلي.“ ذڪر هيٺ دور ۾ ننگر ٺٽو بلاشبه فارسي مطالعي ۽ تحقيق جو وڏو مرڪز هو. ان پس منظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس جي وڏي تحريڪ خود ٺٽي مان هلي. سن 1111هه / 1700ع  ۾ سنڌيءَ  ۾ پهريون باقاعده ڪتاب ” مقدمة الصلواة “ نالي سان لکيو ويو. هي ڪتاب ٺٽي جي عالم مخدوم ابو الحسن لکيو هو. ان ريت سنڌي ڪتب نويسيءَ جو پڪو پختو بنياد پئجي ويو. هن سلسلي کي مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم عبدالخالق توڙي ڪجهه ٻين عالمن اڳتي وڌايو. هي سڀ استاد، اديب ۽ اهل قلم ننگر ٺٽي جا رهاڪو هئا. بدقسمتيءَ سان همعصر دور ۾ سنڌي علم ۽ ادب جي حوالي سان ڪوبه تذڪرو يا ڪتاب تيار نه ٿيو، جو اڄ ان ڏس ۾ اسان جي مناسب رهنمائي ڪري ۽ مواد فراهم ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو ٺٽي جا اڪثر عالم ۽ انهن جون سنڌي تصنيفون گمناميءَ جي اوڙاهه ۾ هليون ويون.

 

خليفو ميان محمد ٺٽوي

        اهڙن گمنام عالمن ۽ اديبن ۾ خليفو محمد ٺٽوي به هڪ آهي. سنڌ جي ادبي تذڪرن توڙي تاريخن ۾ ان جو نالو نٿو ملي. نه رڳو ايترو پر هن جا اڪثر ڪتاب به اکين کان اوجهل ٿي ويا ۽ وڃي يورپ جي ڪتبخانن کان نڪتا. خليفي محمد بابت سنڌ ۾ پهريون ڀيرو معلومات تڏهن دستياب ٿي، جڏهن مون لنڊن جي ڪتبخانن جي سنڌي قلمي ڪتابن بابت رسالي ” مهراڻ“ ۾ ٻه مقالا ڇپرائي پڌرا ڪيا (5)ان ريت خليفو محمد ۽ ڪجهه ٻيا اهل قلم سنڌ جي علمي دنيا ۾ نروار ٿيا ۽ پڻ انهن جي تحريرن بابت مناسب مواد سامهون آيو. ان طرح قديم سنڌي ادب جي مطالعي طرف هڪ وک اڳتي وڌي.

        خليفو محمد ذات جو ڪير هو، ڪڏهن ڄائو ۽ ڪهڙي سال ۾ فوت ٿيو، ان بابت ڪابه مستند معلومات ميسر ڪانهي، البته هڪ ٻن ڳالهين جي تصديق شده ڄاڻ مهيا ٿي آهي. موجوده مواد جي آڌار تي هي خاطري آهي ته سندس جنم ننگر ٺٽي ۾ ٿيو هو. هن جي والد جو نالو ميان عبدالخالق هو. انڊيا آفيس لنڊن جي سنڌي قلمي ذخيري جي آڌار تي،ميان محمد جي نالي وغيره بابت ڪجهه اقتباس سامهون اچن ٿا، جي هنريت آهن _

        ” کتبه الفقير خليفه محمد بن المرحوم عبدالخالق .... بتاريخ 21 شهر رمضان المبارڪ 1، 12 هه .“

        ” خليفه ميان محمد

” ميان خليفه محمد“ (6)

        خليفو عبدالخالق ٺٽي جو مشهور عالم ۽ استاد ٿي گذريو آهي. هو مخدوم محمد هاشم جو شاگرد، نائب ۽ خليفو هو. سندس هڪ سنڌي تصنيف ” مطلوب المومنين“ وڏي اهميت رکي ٿي هي ڪتاب 1157هه / 1744ع ۾ لکيو ويو (7)(7). ان جو هڪ نسخو انڊيا آفيس جي ڪتبخاني ۾ آهي. ان کان علاوه ميان عبدالخالق جا ٻه وڌيڪ ڪتاب پڻ هن ذخيري ۾ ملن ٿا، جن بابت سنڌ جا اڪثر تذڪره نگار خاموش آهن.

        (1) روز محشر بابت ڪتاب. هي تصنيف چئن حصن تي مشتمل آهي ۽ ان جو ماخذ ڪو عربي ڪتاب آهي. ڪتاب جي پڄاڻي هن ريت ڪري ٿو _

۽ ڏاڍو ڏيہ قيا مجوکر سُهکو سباجا

سِ شفاعت شفيع جي ڇوتاءِ تنکا

جن چيو ڪلمو ڪريم اتي سچا سچه منجا

(2) ميت جي ڇوٽڪاري بابت ڪتاب. هي ڪتاب مصنف جي وفات کان پوءِ ڪنهن نامعلوم ڪاتب نقل ڪيو، ان ڪري ليکڪ کي مرحوم خليفو عبدالخالق لکيو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا هن ريت آهي _

ساراهجي سو ڌڻي جو جياري ۽ ماري

او رحمان ۽ رحيم ڌڻي بخشي ۽ بخشائي (8)

        خليفن بابت مٿي آيل اقتباس جي گهڻي اهميت آهي. هڪ طرف ميان محمد بابت نشاندهي ٿئي ٿي ته ٻئي طرف سِندس ولديت جي به ڄاڻ ملي ٿي. ان سان گڏ هي به خبر پوي ٿي ته ميان عبدالخالق سن 1201هه/ 1787ع تائين هي جهان ڇڏي چڪو هو، ان ڪري کيس مرحوم لکيو ويو آهي. ان کان علاوه ذڪر هيٺ مصنف ”محمد“ پاڻ کي فقير سان گڏ خليفو به سڏيو آهي.هن بزرگ کي علمي حيثيت سبب ” ميان“ جو لقب به ڏنو ويو آهي، جو سنڌ ۾ اڪثر علمي گهراڻن يا استاد _ گهرن کي هن خطاب سان پڪاريو ويندو آهي.

        خليفي ميان محمد جي ڄم بابت حتمي راءِ ڏيڻ مشڪل آهي، البته گمان ڪري سگهجي ٿو ته هن جي پيدائش ميان نور محمد جي دور جي بنهه آخر ۾ٿي هوندي. ميان صاحب 1167هه/ 1753ع ۾ فوت ٿيو.ان بعد ڪجهه سالن جي وٿيءَ کان پوءِ ڪلهوڙن جو آخري مضبوط حاڪم ميان غلام شاهه برسر اقتدار آيو. اهو زمانو آهي جڏهن ميان محمد، خود پنهنجي والد کان تعليم حاصل ڪئي. ياد رهي ته ميان عبدالخالق ان دور جو هڪ ناميارو استاد هو، جو مخدوم محمد هاشم جي مدرسي سان منسلڪ ڏسجي ٿو. ننگر ٺٽو اڃا علمي ۽ تمدني لحاظ کان اهميت رکندڙ شهر هو، ليڪن انتظامي ۽ سياسي طور تي هن شهر جي افاديت تيزيءَ سان ختم ٿي رهي هئي. ميان غلام شاهه سن 1186هه/1772ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ ملڪ ۾ بادشاهه گڙدي شروع ٿي. آخر ڪار ڪلهوڙن جو زوال ٿيو. سن 1197هه/ 1782ع ۾ سنڌ تي ٽالپورن جو راڄ شروع ٿيو. ميان محمد هن سموري تبديليءَ جو اکين ڏٺو شاهد هو. خليفي محمد علمي زندگيءَ  ۾ ڇا ڪيو، ان بابت پڻ مستند معلومات ميسر ڪونهي. ان هوندي به خاطري آهي ته پاڻ پنهنجي والد وانگر درس ۽ تدريس جي شعبي سان منسلڪ ٿي ويو هوندو. ان جي تصديق مٿي آيل خليفي صاحب جي لقبن مان پڻ ٿئي ٿي. ٺٽي ننگر ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تصنيف و تاليف سان گڏ سنڌي ڪتب نويسي به پنهنجي عروج تي هئي. ميان محمد سنڌ، ٺٽي ۽ خود پنهنجي گهر جي ماحول مان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ پاڻ به قلم هٿ ۾ کنيائين. ڪيترا ڪتاب لکيائين.ان بابت گهڻي ڄاڻ نٿي ملي. پوءِ به سندس هيٺين ڪتابن جو پاڻ کي پتو آهي :-

(1) افادة العينين.

(2) مناقب مرتضوي.

(3). تفسير سورة الملڪ. تصنيف محرم 1193هه/ جنوري 1779ع.

(4).تفسير آية بسم الله

        هن چوٿين تصنيف لاءِ ڊاڪٽر شيڪل لکيو هو ته ان جو مصنف معلوم ڪونهي. البته ڪاتب محمد احسن 14- رجب 1228هه ( جون 1813ع) تي ان کي لکي پورو ڪيو (9). منهنجي دوست ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري وٽ مذڪوره ٻنهي تفسيرن جون فوٽو ڪاپيون موجود آهن، جي پاڻ وڏي تڪليف ۽ ڳري رقم ڀري لنڊن مان گهرايون اٿس. ڊاڪٽر صاحب تفصيلي  اڀياس بعد ٻڌايو ته ” تفسير آية بسم الله“ نالي ڪتابچو به خليفي محمد جو لکيل آهي. اگر سنڌ جو ڪو اسڪالر برٽش لئبرريءَ جي سنڌي ذخيري ۾ مطالعو ڪري ته خاطري آهي ته قديم لکت جي حوالي سان اڃا به ڪي نوان انڪشاف ٿي سگهن ٿا.

        خليفو محمد هڪ ڪاتب جي روپ پڻ اسان جي سامهون اچي ٿو. ڊاڪٽر شيڪل انڊيا آفيس جي هڪ نسخي 14 MSS Sind جو نمبر 82 تحت تعارف ڏنو آهي. مون پنهنجي مقالي ۾ ان جو نمبر 11 هيٺ ” رسول پاڪ جي شان ۾ شعر“ عنوان سان ذڪر ڪيو هو(10). هن جلد ۾ ڪل ڇهه عدد مختصر ڪتابڙا آهن، جن مان پنجن جو مصنف معلوم ڪونهي. البته چوٿين نمبر ڪتابڙي جو تعلق مخدوم محمد هاشم جي ” قوة العاشقين“ سان ڏسجي ٿو. خليفي محمد هي نسخو 21 رمضان 1201هه برابر جون 1787ع تي لکي پورو ڪيو(11). ان بابت اصل اقتباس مٿي اچي چڪو آهي. امڪان آهي ته ميان محمد سن 1228هه / 1813ع تائين زنده هو، جڏهن ڪاتب محمد احسن سندس ” تفسير بسم الله“ نقل پئي ڪيو. ٻيءَ صورت ۾ محمد احسن، مصنف لاءِ حاشيي وغيره ۾ مرحوم جو لفظ ڪتب آڻي ها. ان وقت سنڌ ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپور جو راڄهو. گمان غالب آهي ته خليفو محمد ميرنجي پهرين چوياري (1832ع تائين) جو ڳچ وقت زنده هو. مصنف جو والد ميان عبدالخالق نقشبندي _ قادري مسلڪ جو پوئلڳ هو، ليڪن خود خليفي محمد جو رجحان وڏي،حد تائين قادري طريقي طرف ڏسجي ٿو(12). هن بابت وڌيڪ ذڪر اڳتي ڪيو ويندو. منهنجي ذاتي خيال آهي ته ليکڪ ” مناقب مرتضوي“ زندگيءَ جي آخري ڏاڪي تي لکيو هوندو. سندس هي تحرير پنهنجي دور جي علمي ۽ مذهبي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي.

خليفي محمد جي هڪ وڌيڪ تصنيف

لنڊن جي هڪ ٻئي ڪتبخاني ”برٽش ميوزم لئبرري“ ۾، هڪ مختصر سنڌي قلمي ڪتاب” تفسير آية الڪرسي“ موجود آهي.مون ان بابت هڪ مطالعوشايع ڪرايو ۽گمان ڏيکاريو ته هن جو لکندڙ مخدوم عبدالله نرئي واروٿي سگهي ٿو(13). ان بعد مون هن ڪتاب جو عڪسي ايڊيشن به پڌرو ڪيو. علمي دنيا جوڪوبه ڇيهه ڪونهي. تحقيق ۽ تلاش جي راهه ۾ نت نيون حقيقتون سامهون اينديون رهن ٿيون. اهڙيءَ ريت اڳيون کوجنائون رد ٿين ٿيون ۽ نوان علمي نقطا سامهون اچن ٿا.

سنڌ يونيورسٽيءَ جواردوشعبو ڪجهه سالن کان ” تحقيق“ نالي سان هڪ رسرچ جرنل شايع ڪري ٿو. هن جرنل ۾ ڊاڪٽر نجم الاسلام صاحب جو هڪ سلسلو ” ڄام شوروکي مخطوطات“ هلندڙ آهي. سِنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن جي تعارف ۾ پاڻ هڪ مخطوطي جو هن ريت تعارف ڏنو اٿس:

267 – فضائل آية الکرسي و عهد نامہ.

داخلا نمبر 111، مجموعه مشتملبر دو رسائل منظوم سندهي.

موضوع: دينيات _ کاتب اور سن کتابت: نامعلوم. اوراق 19- بخط نسخ (14) . مخطوطي بابت ڊاڪٽر صاحب مختصر ڄاڻ به درج ڪئي آهي.

        هي نسخو هن وقت به بورڊ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. مون بورڊ جي اهلڪارن جي تعاون سان، هن نسخي جي فوٽو ڪاپي حاصل ڪري ان کي مطالعي هيٺ آندو. ڊاڪٽر صاحب جي راءِ جي ڀيٽ ۾ هي هڪ نهايت قيمتي نسخو آهي. مخطوطي جي پهرئين ورق تي ان بابت مختصر ڄاڻ ڏنل آهي. اين. اي. نادر نالي هڪ صاحب 23جون 1935ع تي هي نسخو غالباً ڊاڪٽر دائود پوٽي کي تحفو ڪري ڏنو. ان بابت انگريزيءَ  ۾ نوٽ آهي، جو سائي مس سان لکيل آهي _

       Presented to my brother with great love and regards.

        ان بعد هي نسخو ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي مطالعي هيٺ رهيو، جنهن صاحب وري هي قيمتي نسخو22- مارچ 1958ع تي سنڌي ادبي بورڊ کي تحفو ڪري ڏنو. محترم محمد ابراهيم جويي جي راءِ آهي ته نيري مس سان لکيل اهڙو نوٽ خود ڊاڪٽر صاحب جي هٿن اکرن سان آهي. پاڻ بورڊ کي هي تحفو هن ريت ڏنو اٿن _

Presented to the Sindhi Adabi Board

By Shamsul Ulma Dr. Daudpota

ڊاڪٽر دائود پوٽي، پنهنجي صحي ڪرڻ کان پوءِ، هن جلد ۾ موجود پنجن ڪتابن جا نالا هن ريت ڄاڻايا آهن _

(1) فضائل آية الکرسي، (2) عهد نامه،(3) خزانة الابرار تاليف عبدالله، (4) طوالع البروج، (5) فضائل عاشورا.

        هن نسخي کي خوبصورت ڳاڙهي ريگزين جي جلد ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. مٿين لکت جي برعڪس هن ۾ ذڪر ڪيل پهريان ٻه ڪتابڙا آهن، جڏهن ته آخري ٽي نسخا غائب آهن. مخطوطي جي ڊيگهه 22س. م آهي ۽ ويڪر 14 س. م آهي.

        فضائل آية الڪرسي نالي ڪتاب اصل ۾ ” تفسير آية الڪرسي“ جو ٻيو نسخو آهي، جنهن کي مون 1990ع ۾ مطالعي هيٺ آندو هو(15). بورڊ واري نسخي جو ڪاغذ هلڪو، باريڪ ۽ ميرانجهڙو آهي. لکيل ورقن جو حاشيو ڦڪي پينسل سان ليڪيل آهي. ڪي سٽون ڳاڙهي مس سان انڊر لائين ٿيل آهن. ڪي ڪي سنڌي اکر ۽ پڻ عربي لفظ به ڳاڙهي مس سان لکيل آهن. اصل ڪتابي متن ڪاري مس سان لکيل آهي. هي ته آهي نسخي جي عام صورتحال. ان بعد اسين ان جي اندروني سٽاءَ ۽ مواد طرف اچون ٿا.

برٽش ميوزم جي نسخي ۾ ڪل 17 ورق (صفحا) آهن. پهريئن صفحي تي 12 سٽون، ٻئي صفحي کان سورهين صفحي تائين 13-13 سٽون ۽ صفحي 17 تي 8 آهن. ڪل مواد 215 سٽن تي مشتمل آهي. جڏهن ته بورڊ جي نسخي جي ڪيفيت هن ريت آهي: ڪل صفحا 20 (ورق). پهرئين صفحي ته 9 سٽون، ٻئي صفحي کان اوڻيهين صفحي تائين 11-11 سٽون، جڏهن ته آخري صفحي تي اٺ سٽون آهن. ان ريت هي نسخو به ڪل 215 سٽن تي مشتمل آهي.

برٽش ميوزم جي نسخي وانگر هن نسخي تي به تحرير يا ڪتابت جو سال، مهينو، تاريخ ۽ ڏينهن وغيره لکيل ڪونهي. ٻنهي نسخن ۾ نه ته ڪاتب جو نالو ڄاڻايل آهي ۽ نه وري هي خبر پوي ٿي ته نسخو ڪٿي ڪتابت ٿيو. هڪ اهم سوال ڪتابت جو به آهي. ٻنهي نسخن جي ڪتابت ڀيٽڻ سان پتو پوي ٿو ته ڪاتب مختلف ۽ جدا جدا آهن. برٽش ميوزم جو نسخو ڪافي سهڻو، چٽو ۽ خوبصورت آهي. ان جا اکر وڏا ۽ نمايان آهن. البته بورڊ جي نسخي وارو ڪاتب به ڪو سهڻن اکرن وارو هو. هن وڏي ڪوشش ڪري پنهنجي پورهيي کي وڻندڙ، پڙهڻ ۾ ايندڙ ۽ خوبصورت بنايو آهي. اڇاتري نظر سان ڏسڻ وارو بغير ڪنهن هٻڪ جي چوندوته ڪاتب ساڳيو آهي. ليڪن ائين ڪونهي. سرسري مطالعي مان ظاهر ٿيو ته ان ۾ ڪي جزوي اختلاف آهن ۽ ڪو وڏو فرق ڪونهي. سنڌيءَ جي هن ناياب ۽ قديم تصنيف کي معياري بنائڻ ۾ هي نسخو گهڻو مددگار ثابت ٿيندو. ان هوندي به هن نسخي جي وڏي خوبي هي آهي ته هن ذريعي مصنف جي ڳولڻ ۾ وڏي مدد ملي ٿي ۽ هڪ اهم علمي مسئلو حل ٿئي ٿو.

        بورڊ جي نسخي ( تفسير آيته الڪرسي) جي آخري ورق تي لکندڙ جو نالو چٽيءَ طرح سان موجود آهي.هن مان خبر پوي ٿي ته هي ڪاتبڙو به خليفي محمد جو لکيل آهي. مٿي ذڪر ٿي آيو ته مصنف جا چار ڪتاب انڊيا آفيس جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن سرد ست انهن جي ڪنهن ٻئي نسخي بابت پاڻ کي علم ڪونهي. اتفاق سان ” تفسير آية الڪرسي“ نالي سندس واحد تصنيف وڃي برٽش ميوزم لئبرريءَ ۾ محفوظ ٿي. ميان محمد تصنيف ” تفسير سورة الملڪ“ ۾ پنهنجو نالو هن ريت آندو آهي _

سو دعا ڪري محمد کي کڻي ٻئي هٿڙا

آية بسم الله جي شرح ۾ چوي ٿو _

محمد کي مهر منجها دعا سڀ ڪجاه

بورڊ واري نسخي جون ٽي سٽون هن ريت آهن _

پڻ محمد کي مهر پئي دعا گهرن ڌنيا

ته شفاعت منجها ان آيت جي ڪين ٿييس نصيبا

برڪت نبي ڪريم شفيع جي جو محمد مصطفيٰ

        هنن سٽن ۾ غور طلب نقطو هي آهي ته ” محمد“ نالو ٻه ڀيرا آيو آهي. ان ۾ پهريون اشارو مصنف ڏي آهي. جڏهن ته ٻئي( محمد) لاءِ ڪاتب حاشيي ۾ ” صلي الله عليہ وسلم“ لکي مسئلو نبيري ڇڏيو آهي. برٽش ميوزم جي نسخي ۾ اهڙي ڪا چٽي علامت ڪانهي. چئبو ته خليفي صاحب جي هي ٽين تفسيري تحرير آهي. مجموعي طرح سان هي سندس پنجون ڪتاب ليکجڻ ۾ ايندو. برٽش ميوزم جي نسخي جي آڌار تي ڊاڪٽر انيمري شمل لکيو هو ته هن جو مصنف قادري طريقي جو بزرگ هو(16). في الحال بورڊ جي هن نسخي کي خود اداري جي پنهنجي رسالي ”مهراڻ“ ۾ جيئن جو تيئن شايع ڪجي ٿو.

تازه ترين معلومات:

        خليفي ميان محمد بابت مبهم يا درست ڄاڻ برٽش لئبريريءَ جي ڪيٽلاگرن مهيا ڪري اسان جي رهنمائي ڪئي. هن ڏس ۾ اڃا به وڌيڪ معلومات ۽ درست مواد تڏهن سامهون آيو، جڏهن مصنف جون انڊيا آفيس ۾ موجود ٻه تصنيفون، فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ اسان جي آڏو آيون. هنن سٽن لکجڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته ميان محمد لوڪ رومانوي داستان تي به طبع آزمائي ڪئي هئي. سندس هڪ ڪتاب ” قصو ليليٰ مجنون“ سال1871ع ۾ قاضي ابراهيم بمبئي شهر مان ڇپرائي پڌرو ڪيو هو(17). هن وقت ان بابت گهڻي ڄاڻ موجود ڪانهي. ڏسجي ٿو ته خليفو ميان محمد گهڻ پهلو ليکڪ هو. ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ سندس باري ۾ وڌيڪ معلومات سامهون اچي.


(1) ) تاريخ معصومي، مرتبه عمر بن محمد دائود پوٽہ، ص 114، بمبئي 1938ع.

 

(2) سلطان محمد فخري هروي: ” روضة السلاطين“ مقدمہ سيد حسام الدين راشدي، طبع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1968ع.

(3) ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ص ص 777_ 808، انجمن تاريخ سنڌ ڪراچي 1981ع.

 (4) هندستان ڏي ويل بزرگن جو تذڪرو سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوريءَ تيار ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ” برهانپور ڪي سندهي اولياء“ جي نالي سان 1957ع ۾ شايع ڪيو. تازو بورڊ وري ان جو ٻيو ايڊيشن به نروار ڪيو آهي.

(5) ڏسجي رسالو ” مهراڻ“ 3/1986ع؛ ۽ پڻ ساڳيو رسالو 3/ 1988ع.

(6) ڪرسٽوفر شيڪل جو انڊيا آفيس جي پنجابي ۽ سنڌي قلمي نسخن بابت ڪيٽلاگ، ص ص 67- 68، لنڊن 1977ع.

(7) محمد صديق ميمڻ : سنڌ جي ادبي تاريخ _ برٽش حڪومت کان اڳ“ ، ص ص 191_ 200.

(8) رسالو ” مهراڻ“ ، ص 88، ص 91، نمبر3، سال 1986ع.

 (9) رسالو ”مهراڻ“، ص 89. 3/ 1986ع.

_ خليفي محمد ۽ ان جي ڪتاب بابت هي مقالو پهريون ماخذ آهي.

(10) رسالو مهراڻ، صه صه 89 – 90، نمبر 3، سال 1986ع.

(11) ڊاڪٽر شيڪل 1201هه لاءِ. 1780ع جو سال متعين ڪري ٿو جو غلط آهي. درست 1787ع ٿيندو. رسالي ” مهراڻ“ ۾ ڇپيل منهنجي مقالي ۾ پريس جي غلطين سبب سنگين مغالطو پيدا ٿيو آهي. صفحي 89 تي 21 رمضان بجاءِ 12 رمضان ڇپيو آهي. صفحي 90 تي 1201هه بجاءِ 1251 هه ڇپيو آهي ( 3/1986ع). ان پس منظر ۾ فاضل محقق ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي صاحب، خليفي محمد بابت پنهنجي بهترين تحقيق ۾ لکيو آهي ته خليفو صاحب 1251هه/ 1835ع تائين زنده هو ( مهراڻ: 3- 4/1994ع، ص 58.) ڏسجي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، جڏهن پنهنجي ڪتاب ۾ برٽش لئبرريءَ جي ڪتابن جو وچور ڏنو آهي، تڏهن هن حوالي سان منهنجا ڇپيل ٻئي مقالا يقيناً سندن سامهون هئا، ليڪن پاڻ انهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو اٿن. ٻيءَ صورت ۾ ساڳي 1251هه واري غلطي نه دهرائجي ها. ان کان علاوه پاڻ لکن ٿا ته هن جلد ۾ پنج منظوميا آهن جو پڻ درست ڪونهي ( سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، حاشيو، صه 407، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سال 1990ع). حقيقت ۾ هن جلد ۾ ڪل ڇهه ڪتابڙا آهن جنهن ۾ ڪل 138ورق آهن، جيئن مٿي ذڪر ٿيو آهي.

(12) ڏسجي” افادة العينين“ جي مذڪور ۾ اهڙو اشارو مهراڻ، 3/1986ع ص 91.

(13) رسالو ”مهراڻ“ نمبر1، سال 1990ع.

(14) تحقيق، نمبر6، سال 1992ع، ص 383، اردو شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

(15) هن هلڊ ۾ ٻيو نسخو ” عهدنامه “ آهي. هن ۾ ڪل 16 ورق آهن. ڪاتب مختلف آهن. ڪاغذ جي صورتحال، تحرير جو انداز ۽ نسخي جي عمومي صورتحال ساڳي آهي.

(16) پرلس فرام دي انڊس سنڌي ادبي بورڊ 1986ع ص63.

(17) ڊاڪٽر الهرکيي ٻٽُ جو مقالو، مهراڻ نمبر1، سال 1995ع ص 116.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com