سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :22

نفيس احمد شيخ

(مبصر خوصي)

4- ڪُل پاڪستان اھل قلم ڪانفرنس

(خصوصي رپورٽ)

پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، گذريل 5-6 آڪٽوبر 1983ع تي اسلام آباد ۾ 4 ڪل پاڪستان اھل قلم ڪانفرنس منعقد ڪئي.

ٻن ڏينھن واري ھن ادبي اجتماع ۾، ملڪ جي چئني صوبن سان گڏ اترين علائقن ۾ آزاد ڪشمير جي اديبن به شرڪت ڪئي، جن ۾ قومي ۽ علائقائي ٻولين جي لکندڙن سان گڏ سرائڪي، گجراتي، ھندڪو، بروھي، شينا ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين جا ليکڪ پڻ شامل ھئا. ڪانفرنس جي اھميت جا ھونئن ته گھڻا ئي پھلو ٿي سگھن ٿا، پر خاص طرح سان به قابل ذڪر آھن؛ پھريون ھي ته حڪومت معاشري ۾ اديبن جي اهميت کي تسليم ڪري ٿي، جنهن جي تائيد جنرل محمد ضياء الحق جي تقرير جي ھن اقتباس مان پڻ ملي ٿي؛ ”اھل قلم، حاڪمن جا رھنما ۽ قوم جي زبان ھوندا آھن. “ وفاقي وزير تعليم جناب ڊاڪٽر محمد افضل، پڻ ساڳئي نقطه نگاه جي وضاحت ڪندي چيو؛ ”اھل قلم، معاشري جي ٽين اک آھن. اھا ٽين اک، اُنھن لمحن ۾ به سجاڳ رھي ٿي، جڏھن ٻن اکين وارا غافل ھوندا آھن. “

ٻيو اھم نقطو اھو آھي ته مذڪوره ڪانفرنس وسيلي، حڪومت ۽ لکندڙن جي وچ ۾ مفاصلو گھٽيو آھي، جا ڳالھه پڻ پنھنجيءَ جاءِ تي اھميت رکي ٿي.

مندوبين جي آمد

4- آڪٽوبر تي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ادبين ۽ شاعرن جي پھچڻ تي اڪيڊمي طرفان سندن آجيان ڪئي ويئي. سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن مان جناب غلام رباني، جناب علي احمد بروھي، جناب ناز ھمايوني، جناب حميد سنڌي، جناب ايم ايڇ پنھور، جناب عبدالقادر جوڻيجو، جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالممجيد سنڌي، جناب عنايت بلوچ، جناب پروفيسر اسحاق ابڙو، جناب قاضي خادم، جناب ڪريم بخش خالد، جناب فيض بخشاپوري، جناب عابد لغاري، جناب پروفيسر قلندر لڪياري، جناب آغا نور محمد پٺاڻ، جناب مرزا اعجاز علي بيگ، جناب ڪرم الاھي چنا، جناب ڪئپٽن محمد يوسف شيخ، جناب قربان علي بگٽي، جناب اسد الله ڀٽو ۽ بنده راقم الحروف، اسلام آباد پھتا ته اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر جنرل جناب مسيح الدين احمد صديقي ۽ سندس ساٿين ھوائي اڏي تي سندن استقبال ڪيو.

اسلام آباد ۾ موجود سنڌي عالم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ جناب ڊاڪٽر عبدالواحد ھاليپوٽو، ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.

افتتاحي اجلاس

5- آڪٽوبر صبح  جو، وفاقي مجلس شوريٰ ھال ۾ ڪانفرنس جو افتتاحي اجلاس منعقد ٿيو، جنھن جي صدارت وفاقي وزير تعليم جناب ڊاڪٽر محمد افضل ڪئي.

تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت شريف کانپوءِ،ا ڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر جنرل، جناب مسيح الدين احمد صديقي، مرحبائي تقرير ۾، اڪيڊميءَ جي سابقه ڪاڪردگيءَ جو اجمالا ذڪر ڪندي، آئنده جي پروگرامن تي سير حاصل روشني وڌي. ھن صاحب ٻڌايو ته گذريل ڪانفرنس جي موقعي تي، صدر مملڪت، اڪيڊمي جي ادبي انعامن جي رقم ھڪ لک روپين مان وڌائي ٻه لک رپيا ڪئي ھئي، جنھن کي ملڪ جي علمي حلقن ساراھيو آھي. صديقي صاحب فرمايو:

”........توھان کي اھو ٻڌي خوشي ٿيندي ته اڪيڊمي پاران ٻن مشھور چيني شاعرن وين چيئي يوانگ جي گڏيل تصنيف ’مھڪندڙ ھار جي اردو ترجمي جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي. چيني ٻوليءَ جا اھي نظم، شاعرن جي دوره پاڪستان جي تاثرات تي مشتمل آھن، جن کي چيني ٻوليءَ مان سڌي طرح محترمه ڪوثر جمال ترجمو ڪيو آھي. اڪيڊمي پنھنجي محدود وسيلن جي باوجود بين الاقوامي ادبي اجتماعن ۾ پاڪستاني اديبن جي شرڪت ۽ سندن ٻاھرين ملڪن جي دورن کي وڏي اھميت ڏني آھي. 1982ع ۾ پاڪستان جي اديبن جو ھڪ وفد جيڪو جناب غلام رباني سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ جناب مرزا اديب تي مشتمل ھو. چين جي ثقافتي دوري تي موڪليو ويو. ثقافتي تبادله جي پروگرام ھيٺ، ھن سال، جيڪو سلواڪيه جي ممتاز اديب ڊاڪٽر يان وليڪ وسڪيءَ جي ميزبانيءَ جو شرف اسان کي حاصل ٿيو... “

جناب ڊاڪٽر افضل وزير تعليم حڪومت پاڪستان پنھنجي افتتاحي خطاب ۾ اعلان ڪيو ته اسلام جي فڪري پھلوئن متعلق ڪتابن تي ممتاز اردو نقاد جي ياد ۾ ”سليم احمد ايوارڊ“ ڏنا ويندا. ھن صاحب اديبن جي ٽرسٽ بنائڻ جي تجويز ڏني، جيئن سندن فلاح  ۽ بھبود جو مؤثر انتظام ٿي سگھي ۽ سندن حقن ۽ ضرورتن جي نظرداري پڻ ڊاڪٽثر صاحب پنھنجي عالمانه تقرير ۾ ٻين علمي موضوعن سان گڏ علائقائي ادب جي اھميت بابت نھايت اھم گفتگو ڪئي. ھن صاحب فرمايو:

”..... اسان جي ادب جي ڳالهه نامڪمل رھجي ويندي، جيڪڏھن اسان پنھنجي تھذيبي ورثي جو ذڪر نه ڪريو، جيڪو اسان جي علائقا.ئي ٻولين ۾ موجود آھي.

اردو اسان جي قومي زبان آھي، ان ڪري ان کي قومي ورثي جو آئينه دار ھجڻ گھرجي. صرف علائقائي ادب جا ترجما ئي ڪافي نه آھن، مان ھتي ترجمن جي اھميت کان انڪار نٿو پيو ڪريان، ليڪن قومي يڪجھتي ۽ فڪري ھم آھنگي جي لاءِ ان ڳالھه جي اھميت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي، ته مختلف علائقن جي روز مره واري زندگيءَ جون سچيون، چٽيون ۽ سنئيون سڌيون تصويرون اسان جي قومي ادب ۾ موجود ھئڻ گھرجن. اسان جي درميان ڪيترائي ويڇا، ناروا تعصبن ۽ محض بي خبريءَ جي ڪري پيدا ٿيا آھن، جن کي ختم ڪري سگھجي ٿو. باھمي منافرت کي ادب جي ذريعي مٽائي سگھجي ٿو. علائقائي ھم آھنگيءَ جي لاءِ ھڪ ٻن ڏينھن جي ڪانفرنس ڪافي ناھي، جو ته ايتري ٿوري عرصي ۾ ماڻھو ھڪٻئي سان متعارف ئي مس ٿي سگھي ٿو. مون اڪيڊميءَ کي تجويز ڏني آھي ته اھڙا سيمينار ملڪ جي مختلف شھرن ۾ منعقد ڪيا وڃن، جيئن ادب لاءِ ميدان وسيع ٿي سگھن، فڪر جون دوريون گھٽجن ۽ لساني مطالع لاءِ نوان نوان موضوع سامھون اچن....

اڪيڊميءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر شفيق الرحمان جي شڪريه اداريءَ سان افتتاحي اجلاس پورو ٿيو ۽ ان کان پوءِ مندوبين، وزير موصوف سان گڏ ڪيفي ٽيريا ۾ چانھه پيتي.

پھرين نشست

منجھند جو 12 بجي، تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪانفرنس جي پھرين نشت شروع ٿي جنھن جي صدارت جناب ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله ڪئي. ”ادب ۽ تاريخي شعور“ جي موضوع تي ھن ابتدائي نشست ۾ مرحوم سليم احمد جو مقالو جناب امين راحت چغتائي پڙھيو ۽ جناب عارف عبدالمتين ۽ جناب مظفر علي سيد پنھنجا مقالا پڙھيا ۽ آخر ۾ صدر مجلس جي صدارتي تقرير سان نشست پوري ٿي.

قرار داد ڪميٽي جو قيام

ان موقعي تي جناب مسيح الدين صديقي اعلان ڪيو ته ڪانفرنس لاءِ جيڪي ٺھراءَ بحال ڪيا ويندا، تن جي اڀياس ۽ ڇنڊ ڇاڻ لاءِ ھڪ ڪميٽي قائم ڪجي ٿي، جنھن جي تشڪيل ھن ريت ھئي.

جناب جسٽس ڊاڪٽر جاويد اقبال     چيئرمين

جناب غلام رباني آگرو        ميمبر

جناب ميان سيد رسول رسا    ==

جناب سردار خان گشڪوري   ==

جناب ملڪ محمد رمضان    ==

جناب نسيم دراني    ==

جناب انعام الھق جاويد       سيڪريٽري

منجھند جو، اسلام آباد ھوٽل ۾ يونيورسٽيءَ گرانٽس ڪميشن طرفان مندوبين جي اعزاز ۾ لنچ ڏني ويئي.

ٻي نشست

”ادب ۽ عصري آگھي“ جي موضوع تي جناب ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي صدارت ڪانفرنس جي ٻي نشست شورع ٿي، جا شام تائين ھلي. جناب قمر جميل (شاعري)، جناب ڊاڪٽر انور سديد (انشائيه)، جناب آغا ناصر (ڊرامه) ۽ جناب ڊاڪٽر سليم اختر (افسانه) پنھنجا مقالا پڙھيا ۽ صدر مجلس پنھنجي فڪر انگيز صدارتي تقرير ڪئي. رات جو پاڪستان بئنڪنگ ڪائونسل مندوبين جي اعزاز ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com