سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :4

 

نواز علي شوق

نعت

آ سدا تنھنجو وسيلو، يا محمد مصطفيٰ صه،

تو سوا ٻيو ڪير منھنجو، يا محمد مصطفيٰ صه،

مان ڪٿي جنت گھران ٿو، يا محمد مصطفيٰ صه،

بس پسايو پنھنجو روضو، يا محمد مصطفيٰ صه،

ڏور منزل، پنڌ اھنجو، يا محمد مصطفيٰ صه،

آسرو تنھنجو رھي ٿو، يا محمد مصطفيٰ صه،

ڪوڙ ڪچ مون آ ڪمايو، يا محمد مصطفيٰ صه،

پُر سڄو پاپن سان پڃرو، يا محمد مصطفيٰ صه،

منھنجي سر تي ٿي رھي ھردم براين جي ڀري،

ڪير ٻيو مون جھڙو ھوندو، يا محمد مصطفيٰ صه.

ڪجھه نٿو ڪونين ۾ مون کي کپي توکان سواءِ،

ٿئي عطا ھڪ عشق تنھنجو، يا محمد مصطفيٰ صه.

عرض آھي حشر ۾ حامي ٿجو ھن ’شوق جا،

اُت ڪرم پنھنجو ڪجو ڪو، يا محمد مصطفيٰ صه.

 

رحيم بخش ”قمر

وائي

ونجھه ھڻو ۽ ونجھه، او مانجھي،

ونجھه ھڻو ۽ ونجھه!!

ڪاريءِ رات جو ڪڙڪا ڪن جا،

سير ۾ ساجھر سنجھ، او مانجھي.

ونجھه ھڻو ۽ ونجھه!!

مانگر مڇ کي مڙس ٿي ماريو،

ڏور ڪيو سڀ ڏنجھه او مانجھي.

ونجھه ھڻو ۽ ونجھه!!

’قمر! ڪناري پھچڻ جي ٿي،

مڻيا ماڻھوءَ منجھه، او مانجھي.

ونجھه ھڻو ۽ ونجھه!!

ونجھه ھڻو ۽ ونجھه!!

 

نديم انصاري

غزل

نظر جا رنگ تو بخشيا گلن کي،

ملي وئي برق سان نسبت چمن کي.

حلاوت جا ملي تنھنجي چپن کي،

ملي خيرات ان مان شاعرن کي.

زماني وٽ ته پنھنجو ڪجھه ناھي،

ٿو دھرائي پراڻن تجربن کي.

ٻڌايو موت کي گر زندھه رھڻ جو،

جوانن سر فروشن سالڪن کي.

ستارن جون سُڪون برباد ٿي ويو،

ڏسي تنھنجي اکين ۾ ماڻڪن کي.

اوھان جي بيرخي جي مھرباني.

سڃاتم راھبر ۽ راھزن کي.

اثر باد خزان جو آهَ ۾ آه،

حفاظت ۾ خدا رکجان گلن کي.

ازل کان حسن جي آ بادشاھي،

انھيءَ کان زينت آ ھر انجمن کي.

نظر منھنجي ڍڪايا توکي جلوا،

خدا قائم رکي ھن پيرھن کي

انھيءَ جي دَم سان  ويرانا وسن ٿا،

تو سمجھيو ئي نه آ ديوانه پن کي

نديم“ آيو آ شايد انجمن ۾،

عطا جو ٿي ويئي لذت سخن کي.

 

ا- ح- جئسنگھاڻي ”سام

قطعا

زندگي مھراڻ آ ۽ عشق آھي ان جي موج،

عشق جي ھن موج ۾ پر سر ڏيڻ ۾ آھي اوج،

ڪشتي تن جي ڪئن نه پھچي منزل- مقصود تي،

ساٿ جنھن جو ڏي سدائين غم ۽ دک جي بحري فوج.

*

عشق وارن جي نرالي آھه جڳ ساري کان واٽ،

ھو گھڙن ويھي ڪٿي دشمن جي لئه خود ڪين گھاٽ،

عجز ۽ ٿئي انڪساري تن جو ھڪ ھٿيار خاص،

ضد جي لوھي ڪوٽ کي ھو ٿا ھڻن جنھن سان کاٽ.

*

باغ منھنجي عشق جو جي ڏٺو زاھد ھجي،

ڪين اجايا تون لھين باغ- جنان جا ھتڙي خواب،

ھا ارم شداد جي ۾ ڀي خوشين جا گل فقط،

ڪنھن ڏٺا ھوندا غمن جا ھي مگر ڪارا گلاب.

*

شوق جي نرگس ڌري ٿي چشم ڪيئن نت نت نوان،

مست منھنجي دل رھي ٿي جئن رھي گل آفتاب

مان انھن جون مکڙيون چونڊي ھار ٿو ٺاھيان ھتي،

”سام پائيندس ڳلي ۾ يار جي سو بي حجاب.

 

خاڪي جويو

وائي

 

پرھه ڦٽي جو پيار اسان جو، ڳوٺ وڻن ۾ ڳائيندو،

جُوءِ سڄي جاڳائيندو

لڪ لتاڙي، پاڻ پڇاڙي، ڪو ته پنھونءَ کي پائيندو.

پگھر پرينءَ جي پاڇولي ۾، سڀڪو ھيلھَهُ سُڪائيندو.

ڳاڙھه ڳٽوليءَ ڳڀروءَ وت سان، رُوحُ اسان جو لانيئدو.

مَد متي جي مئخاني ۾، ڪوته ڪڙو کڙڪائيندو.

سُونھن سڳنڌ سرھاڻ ڀري ڪو، سوچن منجھه سجائيندو.

امرتُ اوتي عشق الستي، جيون کي جاڳائيندو.

پرھه پريءَ سان پاند اسان جو، ڪوته  وڃي اٽڪائيندو

”خاڪي“  پنھنجا خيال خماريل، پرين سان پرچائيندو.

 

تاج جويو

وائي

(1)

لک لک طعنا، سَوَ سَوَ سُھمون،

سڀ ڪجھه سر تي سھبو،

سنگ سڄڻ جي رھبو!

ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿيو ته به،

اُف نه واتان ڪُڇبو!

جيڪو دل جون ڳالھيون ڄاڻي،

سُر اُنھيءَ سان سلبو!

چندن سوڻ، پوکبي اڱڻ ۾،

اُن جي لامن لُڏبو!

”حسين“  فقير نماڻا! جڳ ۾،

جيئڻ خاطر مربو!

سنگ سڄڻ جي رھبو!

(2)

گھور وڃان مان توتان سائين،

مَنَ جا محرم يار!

ڪڏھن ته پاڻ پساءِ اسان کي،

پريتم پردي دار!

توڏي من جو ڪاڍو ڪيڏو،

پل پل تُنھنجي سارا!

چوي ”حسين“  فقير نماڻو،

ساڻ ھجين ھر وار.

اھه حُسين جي پنجابي ڪافين جو ترجمو)

 

نور شاھين

رباعيات

 

ڪا پنھنجي عطا پنھنجي گنھگار تي ڪر

دارو جي نظر پنھنجي تون بيمار تي ڪر

تاحشر نظر منھنجي به سيراب رھي

ڪا اھڙي نظر تشنهء ديدار تي ڪر.

 

ھن دل ۾ اھا باھه سڙي ڀڙڪي ٿي

ڄڻ آھي ڪا بجلي جا مٿان ڪڙڪي ٿي

لرزش ۾ اچي آھي وئي دنيا ڄڻ

شاھين ڪُٺي جان ائين ڦڙڪي ٿي.

 

ماضي جي گذر گاھه کي تون ياد نه ڪر

ڪنھن ڪوڙي تمنا تي وري شاد نه ڪر

ڪر حال جي منزل جي ڪڙاين تي نظر

اي دل تون مون کي ھاڻ ته برباد نه ڪر.

 

ھر جاءِ سڙي عشق جي سڀ ماڳ سڙيا

خود عشق سڙيو آه! سندس ڀاڳ سڙيا

ھر راڳ محبت جو ڦري آه بڻيو

سڀ سوڻ سڙيا عشق جا ۽ لاڳ سڙيا.

 

تون آھين محبت جي اٿئي بي خبري

مان آھيان ۽ دردن جي اٿم چاره گري

توسان ٿا رھن جورو جفا، عيش و طرب

مون سان ٿو رھي پيار ۽ آشفته سي.

 

بازار محبت جا خريدار آھيون

خود درد ۽ دردن جا طلبگار آھيون

دل ۾ڪي جنون خيز ذخيرا آھن

اسرار غم عشق جا انبار آھيون.

 

نثار بزمي

سڏ

وارو ڪر ڪو وارو يار آ وقت وڃئي ٿو اڳتي وھندو

(1) سانگين جي ڪا سار لڌي ٿي؟

ڪَڪَر اٿيو آ ڪارو يار!

وقت وڃئي ٿو اڳتي وھندو

 

(2) سج به پنھنجي سگھه وڃائي

پوهُ سٽي ٿو پارو يارَ!

وقت وڃئي ٿو اڳتي وھندو

 

(3) لوچڻ ۽ سوچڻ جي ڌاران

ڪھڙو آھي چارو يار!

وقت وڃئي ٿو اڳتي وھندو

 

(4) ڪوڙ نسوروڳالھائي ٿو

جوڳي وارو ڍارو يار!

وقت وڃئي ٿو اڳتي وھندو

 

(5) جاڳ ڪَوي! ھن سانت سمي ۾،

لوڪ سُتو آ سارو يار!

وقت وڃئي ٿو اڳتي وھندو

 

(6) رات کُٽڻ تي آئي آھي

باقي ھڪڙو تارو يار!

وقت وڃئي ٿو اڳتي وھندو

 

(7) ”بزمي“ توکي سَمھڻ لڳو آ

ڪھڙو ھاڻي پيارو يار!

وقت وڃئي ٿو اڳتي وھندو

 

غلام حسين رنگريز

ڪافي

نه وسرن ٿا مونکان منھنجا مُلڪ واسي،

اُنھن جي ته در جي آءٌ ٻانھي آءٌ داسي.

ڀلي ٿر به ٿيلي، عُمر مُلڪ ڀيلي،

ڪبي ڪونه ڪڏھن ڪا دلڙي اُداسي.

نه وسرن ٿا مونکان منھنجا مُلڪ واسي.

وڻن ڪين مُئيءَ کي عمر طعام تنھنجا

انھن کان ته بھتر لسي ڀَت باسي.

نه وسرن ٿا مونکان منھنجا مُلڪ واسي.

ٿڌا ٿر به ٿيندا، وَسي بَر به ويندا،

مڙي ايندا بادل جڏھن ڀُرا ناسي.

نه وسرن ٿا مونکان منھنجا مُلڪ واسي.

بٺي تي به بادل پيا منھنجي بَرسي،

وطن ويندو سارو ئي خوشبو سان واسي.

نه وسرن ٿا مونکان منھنجا مُلڪ واسي.

چٽي چنڊ چانڊاڻ رنگريز ٿيندي،

اجھو بس وھامي ويندي رات اُماسي،

نه وسرن ٿا مون کان منھنجا مُلڪ واسي.

 

اياز گل

وائي

سپنا! ساڀيا ماڻ

ھيل ته خوشيون آنِ

ڏاڍا ڏک مليا ھن.

چاھت پنھنجي ڀور ڀور

جذبا رتو ڇاڻ

ڏاڍا ڏک مليا ھن.

يادن آندي پاڻ سان

اکڙيُن ۾ آلاڻ

ڏاڍا ڏک مليا ھن.

کليو منھنجي حال تي

رُنس جنھن جي ڪاڻ

ڏاڍا ڏک مليا ھن.

جنڙي جھوني ناوَ آ

وقت جيئين مھراڻ

ڏاڍا ڏک مليا ھن.

 نياز ھمايوني

ڪلام

اکيان جو ماھي چاتيان،

ٿيان صبح اسانڏيان راتيان!

سکيا مُرڪڻ ميڏي يار جڏان، ٿيسن قتل غريب ڪڏان نه ڪڏان،

اسان ھُڻ ئي ڪفنيان پاتيا!

تيڏا مُکڙي جيھا ماڻ پرين، ڪيوين کڻسين اسان ڪونه ساڻ پرين،

اسان لُڪ لُڪ پاندي جھاتيان!

تُسان چاتا گھڙا سٽ ٻانھن سَيان، ساڏي سُرت دي ٻيڙي ٻوڙ ڳيان،

اھي ڇُوليان جيھيان ڇاتيان!

وچ مقتل ٻجھندي روز فغان، جاڳيا عشق جڏان ٿيسين عام تڏان،

آڇي ڪسڻ تي سسيان آتيان!

ساڏي عمر وھاڻي رُوھان تي، ساڏي لُڙڪ گواھه  اندوھان تي،

اسان وَل وَل پريتيان تاتيان!

ڪائي اڀل اُداسيان اھان دي، ڪائي ڇانو اڪيليان راھان دي،

وانگ ڪونجان لنوندي اون لاتيان!

تُسان سج تي چنڊ ستاري ميان، دل ڪنھن دي سجدي ساري ميان،

اسان الڳ سُھائيان لاتيان!

لکين گھايل اپڻي گوندر دي، پڇين ٺام ٺڪاڻي وندر دي،

اُٿان در  در اڀيان ڪاتيان!

تيڏا حسن تي وصل دي آس عجب، ڀلا عشق تيڏا ماھي يار غضب،

بن موت مرينديان ماتيان!

ساڏا عشق به ھڪ اقرار به ھڪ، ساڏا روپ ”نيازڻ“ يار به ھڪ

تيڏي حسن ديان لک ذاتيان!

ٿيان صبح اسانڏيان راتيان.

 

مير محمد پيزادو

گيت

 

تنھنجو جيءُ جھڙاليون آھي

پرھ ته تنھنجي پيشانيءَ جيان

تنھنجا مڌ متوارا نيڻ، تنھنجا پيارا پيارا نيڻ.

آسن آندا جوان امنگ

پوئين رات، چڙا ۽ چنگ

توريءَ يار اوڌورا ڀاسن، سانوڻ رُت، رسيلا رنگ

پن پن مون لئه پاراتو ٿيا،

وڻ وڻ بڻيا آھن ويڻ

تنھنجا پيارا پيارا نيڻ.

رات نه رھندي آھي فاني

صبح ته اچڻو آھي جاني

ھر ڪنھن ڪرڻي ڀرڻي رھندي، پرھ ڦٽيءَ جو وڃي نشاني.

نيٺ ته پرچي سرچي ايندا،

مون وٽ منھنجا سھڻا سيڻ

تنھنجا پيارا پيارا نيڻ.

جن جا دل ۾ درد ھزار

اچڻا آھن اڄ سي يار،

ايندن جي لئه ھڪ ھڪ پوڻي، ٺاھج ھيڏا سارا ھار.

منھنجا ڳوڙھا موتي چونڊي

منھنجي ڀر ۾ ويھي ڀيڻ

تنھنجا پيارا پيارا نيڻ.

 

واجد

غزل

تن ۾ تنھنجي تات رھي،

لڙڪن جي برسات رھي.

مور، پپيھا، ڪوئل چُپ، ڳيرن ۾ پڻ سانت رھي.

سچ سڙي به سرھو ٿيو، مصلحتن جي مات رھي.

جذبن ۽ احساس تي، ڇانيل ڪاري رات رھي.

ھيل اسان جي وستيءَ ۾، ڏاڍي چپ چپات رھي.

رنجيده ماحول رھيو، ھر دل ۾ ھيھات رھي.

نفرتن جي نرڳ اندر، سڙندي ھر سوغات رھي.

جيوت جي ھن جيل اندر، قيدي پنھنجي ذات رھي.

ماٺ جي ھن مانڊاڻ اندر، جاڳيل منھنجي ذات رھي.

 

سوز ھالائي

غزل

 

رات جي نيڻن ۾ ھيڪاندو ڪجل،

ڦھليل ماحول ۾ خوشبو ڀنل.

سونھن جي ھٿن تي مينديءَ جو لڳڻ، باک جي اُھڃاڻ جو آھي بدل،

رُت بسنتيءَ جي اماسي رات ۾، ڪيترو آڪاش آ نڪري پيل،

ساھه سھڪي ۾ ”لئه“ ڀرجي وئي، آ ھوائن جي ھٿن ۾ ”سر منڊل“.

ھر ستارو ڄڻ ڏياريءَ جو ڏيئو، ھر ڏسا ۾ جوت جر ڦل جرڪيل.

چنڊ کي شايد وئي ڪا اک لڳي، ھو گھڻن راتين جو آ اوجاڳيل.

ڄڻ ته ڪو تڙ تي تماچي ٿو اچي، ڄاڻ ٿي ڪينجھر ھندوري جي مھل.

روز جي وايون وصالن جون ٿين، روز لکبا، ڳائبا، سھڻا غزل.

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ارپڻ بعد

جڏھين ٻنهي گڏجي سڏجي،

پنھنجا جيون، جوڀن ڇڏيا-

ھڪٻئي کي ارپيا ھئاسين.

 

تڏھن ائين لڳو ھو مون کي،

ساڀيا ھئي يا سپنو ھو ڪو،

يا ڌرتي ۽ آڪاس مليا ھئا،

۽ وقت جو گھوڙو بيھي ويو ھو،

رسمن جي ديوار ٽُٽي ھئي،

خوابن کي تعبير مليو ھو.

 

جڏھن ٻنھي گڏجي سڏجي،

پنھنجا جيون، جوڀن جذبا-

ھڪٻئي کي ارپيا ھئاسين.

 

منھنجي ديد

ديد اسانجي،

ڄڻ ڪا تنھنجي-

پاليل ھرڻي!

 

ماڻھن جي ھجوم ۾ ھوندي،

توکي ڏسندي،

نچندي ٽپندي،

ڀڄندي ڪڏندي،

تو وٽ ڪيئن ٽڪاءُ ڪري ٿي.

 

ديد اسانجي،

ڄڻ ڪا تنھنجي،

پاليل ھرڻي!

ڌاليل ھرڻي!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com