سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :26

بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جي ڪم تي توجھه ڏنو ۽ ان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري، چاليھن کان وڌيڪ ڪتاب تيار ڪري بورڊ کي ڏنا. ان صورتحال سبب، لغات جي ڪم ۾ البته ناغو پهچي ويو. چنانچه، لغات جي ڪم کي پايه تڪميل تي پھچائڻ لاءِ بورڊ 1977ع ۾، جناب غلام مصطفيَ قاسميءَ جي سربراھيءَ ۾ ھڪ ٽه رڪني ڪميٽي مقرر ڪئي، جنھن جي ٻين ميمبرن ۾ جناب محمد ابراھيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب شامل ھئا.

بھرحال، اڳتي ھلي، جناب قاسمي صاحب جي اھتمام سان لغات جو ٻيو ڀاڱو مرتب ٿي سگھيو ۽ تازو اُن کي شايع ڪيوويو آھي. گويا ھن ڀاڱي جو شروعاتي مرتب جناب ڊاڪٽر بلوچ آھي ۽ نظرثاني قاسمي صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڪئي آھي.

ھن ڀاڱي ۾ ”ڀ“ کان وٺي ”چ“ تائين حرف سمايل آھن، جي صفحي 517 کان وٺي 1047ع تائين آھن ۽ پھرئين ڀاڱي سان تسلسل رکن ٿا.

ناشر طرفان ٻه اکر لکندي، جناب غلام رباني، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، ڄاڻايو آھي ته ”لغات اھڙيءَ نوعيت جو ڪتاب آھي، جنھن جي تيار ڪرڻ ۾ عالمن کي وڏو عرصو لڳي ٿو. خصوصن، سنڌي زبان ۾، جيئن ته ھيءَ پھرين پھرين جامع لغات آھي، ان ڪري ان جي تياري ۽ اشاعت ۾ ھيڪاري وڌيڪ وقت لڳو آھي. تاھم اميد آھي ته جامع سنڌي لغات جا باقي رھيل جُلد سُتت ئي شايع ٿيندا.....“

 [جناب رباني صاحب جي ڏنل اطلاع مطالب، لغت جو ”ٽيون ڀاڱو“ ڇپائيءَ م آھي جيڪو عنقريب شايع ٿيندو.

بھترين ڇپائي، ڊبل ڪرائون سائيز، قيمت پنجاھه روپيا، صفحا 540، بورڊ جي اسٽال تان ملي سگھي ٿو.

3- ڪلام خوش خير محمد ھيسباڻي

سنڌ جي مشھور صوفي شاعر فقير خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جي ڪلام کي سنڌ جي صوفيانه شاعري ۾وڏي اھميت ھاصل آھي ۽ فقراءَ سندس ڪلام وڏيءَ سڪ ۽ سوز سان الاپيندا آھن.

سنڌي ادبي بورڊ، فقير صاحب جي ڪلام ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم جناب تنوير عباسي کي سونپيو ھو، جنھن وڏيءَ محنت سان، سالن جا سال جفاڪشي ڪري، متعدد قلمي نسخا ۽ ماخذ ڀيٽي، فقير صاحب جو ڪلام مرتب ڪيو آھي جو تازو بورڊ طرفان شايع ٿيو آھي.

فاضل مرتب ڪتاب جو سير حاصل مقدمو پڻ لکيو آھي، جنھن ۾ ھن فقير صاحب جي سوالع ۽ حالات سان گڏ، سندس ڪلام  تي ڀرپور اڀياس پڻ ڏنو آھي، جنھن ۾ صوفي شاعر جي زبان، مزاج، اسلوب، گھاڙينُس، رواني، موسيقيت ۽ رومانويت کي اجاگر ڪيو اٿس.

فقير خوش خير محمدجو ڪلام“ جو پيش لفظ سنڌ جي علم دوست وزير تعليم جناب جسٽس سيد غوث علي شاھه لکيو آھي،جنھن ۾ شاھه صاحب ڄاڻايو آھي ته سچل نئشنل سيمينار 1982ع جي موقعي تي عالمن طرفان ڏنل تجويزن مان ھڪ اھا به ھئي ته سچل سائينءَ جي ھر سال ميلي جي موقعي تي سچل سائينءَ جي ڪنھن نه ڪنھن طالب يا ھمعصر شاعرجو ڪلام شايع ڪيو وڃي، چنانچه سيمينار کانپوءِ منعقد ٿيل ميلي جي موقعي تي ھي ڪتاب شايع ڪيو ويو.

ڪتاب خوش خير محمد ھيسباڻيءَ جو ڪلام، 184 صفحن تي مشتمل آھي، جنھن مان 40 صفحن تي مقدمو آيل آھي. سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافين سان گڏ ھندي ڪلام پڻ ڏنو ويو آھي. سائيز ڊيمي، جاذب سرورق قيمت اوچو ڪاغذ ويھه رپيا، سادو ڪاغذ پندرھن رپيا، بورڊ جي بوڪ اسٽال، ڄامشوري سان ملي سگھي ٿو.

4- نانڪ يوسف جو ڪلام

سنڌ جي مشھور صوفي شاعر فقير نانڪ يوسف جو ڪلام، لائق اديب ۽ شاعر محترم تنوير عباسي مرتب ڪيو آھي ۽ انکي سنڌي ادب بورڊ، شايع ڪيو آھي.

فقير نانڪ يوسف، سنڌ جي عظيم بي باڪ صوفي شاعر حضرت سچل سرمرست جو ھمعصر ۽ سندس طالب ٿي گذريو آھي ۽ سندس مخصوص انداز بيان ۽ فڪر جو مقلد ۽ ترجمان.

فقير خير محمد ھيسباڻي، روحل فقير، مراد فقير، فقير غلام حيدر، رکيل شاھه، فقير ولي محمد خان لغاري- ھن سٿ جا ڪجهه  ٻيا نامور شاعر ٿي گذريا آھن، جن ۾ فقير نانڪ يوسدف ھڪ ممتاز درجو رکي ٿو.

فقير نانڪ يوسف جي فڪر ۽ فن تي حضرت سچل جي خيالن جي گھري ڇاپ آھي، پر فقير صاحب، پنھنجي فڪر جي بلندي ۽ روشنيءَ طبع سان انھن سڀني موضوعن ۾ مضمونن کي وڻندڙ ۽ دلاويز انداز سان نباھيو آھي. سندس ڪلام ۾ ڪمال جو سوز گداز ۽ روح پروري ۽ نغمگي آھي. موسيقيت ته ھن سٿ جي سڀني صوفي شاعرن جي حيات آفرين شعر جو معراج آھي. ڪلام جو مرڪزي نقطو آھي تصوف ۽ وحدت الوجود..

اکڙين منجھه الله! پرين!

تنھنجي اکڙين منجھه الله!

-----

تون تان مالڪ ملڪ جو آھين، ٻيو تان سڀ سپاھه،

يار يوسف کي ٿا پڻ ڪوٺن، ڪيئي نانڪ شاھه.

-------

نانڪ يوسف جي ڪلام جي ھن مجموعي ۾ سنڌي بيت به آھن ته سنڌي ڪافيون پڻ. سرائڪي ڏوھيڙا به آهن، ته سرائڪي ڪافيون پڻ، ريختو ۽ ھندي ڪلام به آھي ته ٻاڻيون به.

محترم تنوير عباسي، ورھين جي ڪشالن کانپوءِ، فقير صاحب جي ڪلام جا ڪيئي نسخا ھٿ ڪري، صحيح متن مرتب ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. ان طرح فقير صاحب جي سوانح بابت پڻ تنوير صاحب، وڏي محنت سان جامع ۽ تفصيلي مقدمو لکي تحقيق جو حق ادا ڪيو آھي. سندس شاعريءَ ۽ فن تي جيڪا تنوير صاحب گفتگو ڪئي آھي، اھا شاعر جي ڪلام کي سمجھڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿي. سمورو مواد، ڪلام توڙي مقدمو، تحقيق جي جديد ۽ سائنٽيفڪ اصولن موجب، مرتب ڪيو ويو آھي ۽ ان طرح ھن روشن ضمير شاعر جو حيات پرور فڪر ۽ ڪلام، شايان شان طريقي سان منظر عام تي آندو ويو آھي.

ڪتاب جي شروع ۾ جناب جسٽس سيد غوث علي شاھه وزير تعليم و ثقافت سنڌ فرمايو آھي:

”گذريل سال 1982ع ۾ سچل نئشل سيمينار جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ، سچل سائين جي سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جا نوان ڇاپا شايع ڪري، اسان سڀني جي دعا ۽ تحسين حاصل ڪئي ھئي. بورڊ ٻيو خير جو ڪم اھو ڪيو، جو سُتت، ڪجهه مھينن اندر، خوش خير محمد فقير جو ڪلام شايع ڪيائين. فقير صاحب کي سچل سائينءَ سان خاص نسبت ھوندي ھئي.

ھاڻي، ٻئي سيمينار 1983ع جي موقعي تي بورڊ، سچل جي پياري فقير نانڪ يوسف جو ڪلام شايع ڪري رھيو آھي. خوش خير محمد جي ڪلام وانگر ھن ڪتاب جو مرتب پڻ سنڌي زبان جو ممتاز اھل قلم ڊاڪٽر تنوير عباسي آھي. “

ڊيمي سائيز جي چار سؤ صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت اڇو ڪاغذ چاليھه رپيا ۽ ھلڪو ڪاغذ ٽيھه روپيا رکي وئي آھي. سر ورق نھايت دلڪش آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com