سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :23

ٽين نشت

ٻئي ڏينھن صبح جو، ڪانفرنس جي ٽين نشت منعقدف ٿي، جنھن جي صدارت جناب اي. ڪي. بروھي ڪئي. ھن نشت جو موضوع ھو ”ادب ۾ه ترجمن جي اھميت“. جناب غلام رباني، جناب عبدالله جمال ديني، جناب دلشاد ڪلانچوي ۽ جناب ڊاڪٽر مرتضيٰ اختر جعفري پنھنجا مقالا پڙھيا.

جناب غلام رباني جي مقالي ۾ سمايل علمي تجويزن کي مندوبين ايترو ته پسند ڪيو، جو سامعين تقاضا ڪئي ته ان مقالي کي، قرار داد جي صورت ۾، ٺھرائن جي مسودي ۾ شامل ڪيو وڃي. صديقي صاحب، ان موقعي تي اعلان ڪيو ته مندوبين جي خواھش جي پوئواري ڪئي ويندي.

جناب بروھي صاحب نھايت بصيرت افروز تقرير ڪئي ۽ ”اديب“ کي حضرت ”بلال“ سان تشبيھه ڏني، جنھن جو ڪم ماڻھن کي فلاح ۽ نيڪي ڏانھن سڏڻ آھي.

آخر ۾ صدر نشست اي. ڪي. بروھي جي عالمانه خطاب سان مجلس پوري ٿي.

قرار داد ڪميٽيءَ جو اجلاس

منجھند جو اڪيڊميءَ طرفان لنچ کانپوءِ، اسلام آباد ھوٽل ۾ قرارداد ڪميٽي پنھنجو کليل اجلاس منعقد ڪيو، جنھن کي خطاب ڪندي، ڪميٽي جي سربراھه ڊاڪٽر جاويد اقبال ٻڌايو ته ڪميٽيءَ کي مندوبين وٽان ٽيھه ٺھراءَ وصول ٿيا، جن مان ستن جي چونڊ ڪئي ويئي آھي. سمورا ٺھراءَ اتفاق راءِ سان، منظور ڪيا ويا جي ھن ريت آھن:

(1) اجلاس تجويز ڪري ٿو ته ملڪ جي قومي ۽ علائقائي زبانن جي تخليقي ادب، لوڪ ادب ۽ تخليقي ڪاوشن جي ترجمن لاءِ اعليٰ سطح جو ھڪ خودمختيار ادارو قائم ڪيو وڃي، جيڪو قومي سطح تي معياري ترجما ڪرائي شايع ڪرڻ جو ڪم ڪري. اھو عمل پاڪستان جي سمورين ٻولين جي علمي ۽ ادبي ارتقا لاءِ بيحد ضروري آھي.

تجويز ڪندڙ: جناب غلام رباني آگرو

تائيد ڪندڙِ مسز ثاقبه رحيما لدين

جناب ڊاڪٽر محمدنواز طائر

(2) اجلاس وفاقي حڪومت کي سفارش ڪري ٿو ته سنڌي زبان جي برک دانشورن مثلاَ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، حسن علي آفندي جي ولادت ۽ وفات جا ڏينھن قومي سطح تي ملھايا وڃن ۽ سرڪاري ابلاغ عامه ۽ قومي اخبارون ان ڏس ۾ ڀرپور حصو وٺن.

تجويز ڪندڙ: جناب ڪريم بخش خالد

تائيد ڪندڙ؛ پروفيسر محمد اسحاق ابڙو.

(3) اجلاس تجويز ڪري ٿو ته قومي ۽ علائقائي ٻولين جي مصنفن جي ادبي تخليق ۽ تحقيقن جي اشاعت لاءِ ھڪ ’پبليڪيشن پول“ قائم ڪيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ سنڌي ادبي بورڊ، پشتو اڪيڊمي، انجمن ترقيءَ اردو ۽ ٻين برک ادارن کي مالي مدد ڏني وڃي. اھڙن ڇپيل ڪتابن جي آمدني مجوزه پول ۾ ئي گڏ ٿيندي رھي، جيئن نشر و اشاعت جو اھو سلسلو سدائين جاري رھي.

تجويز ڪندڙ: ڊاڪٽر محمد نواز طائر

تائيد ڪندڙ؛ جناب غلام حيدر حسرت

(4) اجلاس سفارش ڪري ٿو ته اردو ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين جي ڪتابن تي ڏيڻ وارن انعامن جي رقم ھڪ جھڙي ھئڻ گھرجي.

تجويز ڪندڙ: جناب عابد لغاري

تائيد ڪندڙ؛ جناب محسن ڀوپالي

(5) اجلاس سفارش ڪري ٿو ته اڪيڊميءَ جي ادبي ھجري انعامن ۾ اردو، انگريزي، سنڌي، پنجابي، پشتو، سرائڪي ۽ بلوچي ٻولين سان گڏ ھندڪو، پوٺو ھاري، بروھي، ڪشميري، گجراتي ۽ ٻين گروھي ٻولين کي پڻ نمائندگي ڏني وڃي.

پيش ڪندڙ: پروفيسر خاطر غزنوي

تائيد ڪندڙ؛ جناب سردار فنا

(6) اجلاس اڪيڊمي کان مطالبو ڪري ٿو ته آئينده ڪانفرنس ۾ عورتن کي پڻ مقالن پڙھڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

پيش ڪندڙ؛ خليق تبسم

تائيدڪندڙ؛ محترمه سيده حنا

(7) اجلاس تجويز ڪري ٿو ته:

مصنفن جي حقن جي تحفظ لاءِ مروج ڪاپي رائيٽ ائڪٽ ۾ مناسب ۽ موثر ترميمون ڪيون وڃن، جيئن ناشرن جي استحصال کان بچاءُ ٿئي.

ريڊيو، ٽي وي ۽ سرڪاري مطبوعات ۾ ايندڙ تخليقن جي معاوضي ۾ معقول واڌارو ڪيو وڃي.

پاڪستان ۽ ڀارت جا بعض ادارا مصنفن کي معاوضي ڏيڻ کانسواءِ سندن تخليقون شايع ڪري، ڪمائي رھيا آھن، جنھن جي روڪ ٿام لاءِ بين المملڪتي طور تي موثر انتظام ڪيا وڃن.

اڪيڊمي پنھنجن متن ۽ مقصدن ۾ اھڙا اقدام ۽ انتظام شامل ڪري، جنھن وسيلي ھر اديب ۽ شاعر آسودگيءَ سان پنھنجو تخليقي ڪم جاري رکي سگھي.اڪيڊمي، اديبن جا ڪتاب ۽ رسالا معقول تعداد ۾ خريد ڪري، جيئن انھن جي سرپرستي ٿي سگھي.

اڪيڊمي پنھنجي اساسي ميمبرن جون ميٽنگون منعقد ڪري، ۽ انھن سان اديبن جي مسئلن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري.

پيش ڪندڙ: جناب ملڪ محمد رمضان

تائيد ڪندڙ؛ جناب غلام رباني آگرو

جناب سيد رسول رسا

جناب سردار گشڪوري

جناب نسيم دراني

جناب جاويد ملڪ

 

اختتامي اجلاس

شام جو پنجين بجي وفاقي مجلس شوريٰ ھال ۾ صدر مملڪيت جي پھچڻ تي وفاقي وزير تعليم جناب ڊاڪٽر محمد افضل، اڪيڊميءَ جي چيئرمين جناب ڊاڪٽر شفيق الرحمان ۽ ڊائريڪٽر جنرل جناب مسيح الدين احمد صديقي، سندس استقبال ڪيو.

اختتامي اجلاس جي ڪاروائي تلاوت قرآن مجيد سان شروع ٿي.

اول، اڪيڊميءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر شفيق الرحمان مرحبائي تقرير ڪندي ٻڌايو ته صدر مملڪت، سمورين اھل قلم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري، پاڪستان جي قومي زندگيءَ ۾ ڪاغذ ۽ قلم، ادب ۽ فن جي اھميت جو علمي اعتراف ڪندي ادب جي سرپرستيءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي.

ان موقعي تي، ھن صاحب صدر موصوف کي اڪيڊميءَ پاران نوان ڇپيل ٻه ڪتاب: ”پنجابي شاعريءَ جو اردو ترجمو“ از پروفيسر شريف ڪنجاھي ۽ ”مفالات 1981ع“ پيش ڪيا.

اڪيڊمي ايوارڊس جي تقسيم

اڪيڊمي طرفان 1401 ھجري، دوران ڇپيل ڪتابن مان چونڊيل بھترين ڪتابن تي قومي ھجري ادبي انعامن جو اعلان ڪيل ھو، جي صدر مملڪت ھن موقعي تي انھن جي مصنفن ۾ تقسيم ڪيا.

شاعر مشرق علامه اقبال ايوارڊ، جناب محسن احسان کي، سندس اردو نظم جي ڪتاب ”ناتمام“ تي ڏنو ويو.

باباي اردو مولوي عبدالحق ايوارڊ، مرحومه خديجه مستور جي اردو نثر جي ڪتاب ”کٽا ميٺا پاني“ لاءِ ھو، جيڪو سندس ڌيءَ محترمه ڪرن فياض ورتو.

شاھه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، جناب حميد سنڌيءَ کي، سندس سنڌي ڪھاڻين جي مجموعي ”ويريون“ تي مليو.

وارث شاهه ايوارڊ، پنجابي زبان ۾لکيل ڪتاب جي مرحوم مصنف پير افضل گجراتيءَ لاءِ ھو،جيڪو سندس پونئرن جي پاران پروفيسر شريف ڪنجاھيءَ ورتو.

خوشحال خان خٽڪ ايوارڊ، پشتو ادب جي ڪتاب تي جناب ھاشم بابر حاصل ڪيو.

مست طوق علي ايوارڊ، بلوچي زبان جي اديب جناب عزيز بگٽيءَ لاءِ ھو، جيڪو سندس پاران جناب سردار خان گشڪوري ورتو.

خواجه غلام فريد ايوارڊ، سرائڪي زبان جي ليکڪ جناب محمد اسماعيل احمداڻيءَ کي مليو.

پطرس بخاري ايورڊ، انگريزي زبان لاءِ ھو، جيڪو جناب ڊاڪٽر عبدالرشيد تبسم کي سندس ڪتاب ”ونڊو ٽو ايسٽ تي مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com