سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1984ع (2)

 

صفحو :9

لونگي: سنڌ کان ٻاھر به لونگيون ٺھنديون آھن، پر سنڌ جون لونگيون پنھنجو مٽ پاڻ آھن. لونگيون گھڻو ڪري ريشم مان ٺھنديون آھن، ۽ ڪن ۾ زريءَ جا ڌاڳا به وڌا ويندا آھن. سنڌي لونگي بنا ڪلي جي پٽڪي وانگر ٻڌي ويندي آھي. اڳي سنڌي لونگيءَ جو رواج گھڻو ھوندو ھو، ۽ لونگي عزت ۽ مان مرتبي جي نشاني سمجھي ويندي ھئي. گھوٽ کي مڱڻي يا شاديءَ  ۾ ڪُلھن تي وڌي ويندي ھئي، يا موڙن مھل ٻڌائي ويندي ھئي. امير ماڻھو يا حڪمراني طبقي جا ماڻھو انعام طور به ڪنھن ماڻھوءَ کي لونگي ڏيندا ھئا، ۽ چوڻ ۾ ايندو ھو: ”فلاڻي کي لونگي پھرائي وئي. “ فوتيءَ تي به لونگي وڌي ويندي ھئي. ھينئر لونگيءَ جو رواج تمام گھٽجي ويو آھي.

ماضي قريب ۾ پٽڪي جو ھڪ قسم ”پيچون“ به ٺھندو ھو، جيڪو سپاھي ٻڌندا ھئا. اھي پيچون ھر ھنڌ ٺھندا ھئا، پر ھينئر انھن جو رواج ڪونھي.

ململ: اڳ ۾ جنھن سنھي ڪپڙي ”سنڌڻ“ جو ذڪر ڪيو ويو آھي، ان کي ململ چيو ويندو آھي. اھو تمام سنھي سٽ مان ٺھندي آھي. ڪوري جڏھن پھريائين ان کي ٺاھيندو آھي ته ان کي ”ململ ڪوري“ چيو ويندو آھي. ان کانپوءِ جڏھن کٽي ان کي ڌوئي صاف ڪندو آھي ته ان کي اڇي ململ چيو ويندو آھي. قديم زماني ۾ ملتان تائين سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ ٺھندي ھئي، ھينئر سنڌ ۾ ململ ٺاھڻ جو رواج ختم ٿي ويو آھي. ملتان ۾ اڃا تائين وڏي تعداد ۾ ٺھي ٿي، ۽ سنڌ ۾ ملتان مان اچي ٿي.

کاڌي: ململ کان ٿورو ٿلھو ڪپڙو ھوندو آھي. قديم زماني ۾ سوسيءَ کان سواءِ ٻيو جيڪو به ڪپڙو تيار ٿيندو ھو، ان کي کاڌي چيو ويندو ھو. ململ صرف اڇي ٿيندي آھي، پر کاڌي مختلف رنگن ۽ ڊزائينن ۾ به ٿيندي آھي. ھن کي سوسيءَ وانگر ڪَني ڪانه ٿيندي آھي. ھن مان گھڻو ڪري قميصون ۽ پھرياڻ ٺھندا آھن- چادرون ۽ گاديلا پاٽ به کاڌيءَ جو قسم آھن. کاڌيءَ جو ھڪ قسم ”روھڙي مل“ آھي. ھي ڪپڙو پھريائين روھڙيءَ جي ڪارخانن ۾ ٺھندو  ھو، انھيءَ ڪري مٿس اھو نالو پيو. کاڌيءَ جو رواج به ھينئر گھڻو گھٽجي ويو آھي. البت ھينئر نفيس قسم جي ٿلھي ميٽائين رنگ جي کاڌي فيشن طور پاتي وڃي ٿي.

شوھي: ڪجهه قدر ٿلھي سٽ مان اڇو ڪپڙو تيار ڪيو ويندو ھو، جنھن کي ”شوھي“ سڏيو ويندو ھو. اھو ڪپڙو عام طرح سياري ۾ پاتو ويندو آھي. ھن ڪپڙي ٺاھڻ جو رواج قديم زماني کان ھليو اچي. اڳي ھن مان ماڻھو پھرياڻ، صدريون، چادرون ۽ سوڙيون ٺھرائيندا ھئا، ھينئر فقط سوڙين ٺاھڻ ۾ ڪم اچي ٿو. ڪپڙي کي سوڙن جي صورت ڏيڻ لاءِ، مخصوص نموني ڇُريون ويندو آھي.

جوڙيِ: شوھي کان وڌيڪ ٿلهو ڪپڙو به تيار ڪيو ويندو ھو، جنھن کي جوڙي چيو ويندو ھو. ”جوڙي“ غريب ماڻھو پائيندا ھئا، ۽ ان جي ٺاھڻ جو رواج انگريز جي دور تائين موجود ھو. جوڙي صرف اڇي ٿيندي آھي. موھن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته اُن زماني ۾ به ھن قسم جو ڪپڙو اُڄندو ھو، ڇاڪاڻ ته ان قسم جي ڪپڙي جي رڳڙ جا نشان ڪن مھرن تي مليا آھن. قديم زماني ۾ ڪپڙي جي ٿان کي به ”جوڙي“ سڏيو ويندو ھو. حضرت سچل سرمست چيو آھي:

ڪوري آھيان مان ڪوري، اڻان ھٿ ڪپڙي جو ٻڌايان جوڙي

گمبٽ کھڙا راڄ اسان جو، راڻيپور دنگ توڙي.

ھينئر جوڙي جو رواج به ختم ٿي ويو آھي.

اجرڪ: اجرڪ، سنڌ جي خاص نشاني آهي. ھي ھڪ قسمجي ويڙھڻ جو ڪپڙو آھي، جنھن تي ڳاڙھي ۽ نيري رنگ جا نقش و نگار ھوندا آهن. ھن قسم جيڪپڙي استعمال ڪرڻ جو رواج به قديم زماني کان لاڳيتو ھليو اچي. موھن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻھو ان زماني ۾ به اجرڪ اوڍيندا ھئا، ڇاڪاڻ ته ڪن مجسمن کي اھڙي چادر ويڙھيل آھي، ڇاڪاڻ ته جنھن جي ڊزائين اجرڪ جھڙي معلوم ٿئي ٿي. ڪي اجرڪ ھڪ پڙا ته ڪي ٻه پڙا  ٿيندا آھن. عورتون ٻن پڙن کي ملائڻ لاءِ وچ تي کير ھڻنديون آھن. ھينئر اجرڪ سنڌي ثقافت جو اھڃاڻ سمجھيو وڃي ٿو. ويڙھڻ کانسواءِ ھينئر اجرڪ مان عورتون قميصون، مرد بشرٽون، ۽ گھرن جا پردا به ٺاھيا وڃن ٿا. ڪي نوجوان ته اجرڪ مان ٽائيون به تيار ڪرائين ٿا. اتر سنڌ ۾ عدد واحد لاءِ چون اجرڪ ۽ جمع لاءِ چون، اجرڪ؛ لاڙ ۾ واحد لاءِ  اھي اجرڪ ۽ جمع لاءِ چون اجرڪون. اتر ۾ اجرڪ جنس مذڪر آھي، ۽ لاڙ ۾ مونث.

ڊزائين جي لحاظ کان ڪي اجرڪ ڪڪرن تي، ڪي ڦلن تي، ته ڪي دٻلين تي ٿين. ڪن اجرڪن تي جاميٽريءَ جون ڊزائينون ٿينديون آھن ته ڪن تي گل ۽ پن به ٿيندا آھن. جاميٽريءَ جي ڊيزائن گھڻو ڪري ننڍن ۽ وڏن ڳوٺن ۾ اڌ گولن تي مشتمل ھوندي آھي.

قديم زماني ۾ اڇي جوڙيءَ کي رنڱي ۽ ڇري تيار ڪيو ويندو ھو. ھينئر مل جي ڪپڙي بافتي يا ھرک مان اجرڪ تيار ڪيو وڃي ٿو، نه فقط ايترو، پر ريشمي ڪپڙي مان به اجرڪ تيار ڪيو وڃي ٿو. اجرڪ جي ڇُرائي ۽ رنڱائي سان ڪورين جو واسطو ڪونھي. قديم زماني ۾ اھو ڪم کٽي ڪندا ھئا.

کھنبو: عورتن جي مٿي ڍڪڻ جو خاص ڪپڙو ٿيندو آھي، جنھن تي مخصوص نقش و نگار ھوندا آھن. خاص طرح سان شاديءَ رات ڪنوار کي پارايو ويندو ھو. ھينئر ھن قسم جي ڊزائن جا روا فيشن طور پاتا وڃن ٿا.

ھن قسم جي ڪپڙي جي تيار ٿيڻ ۽ پائڻ جو رواج به تمام قديم زماني کان سنڌ ۾ ھليو اچي. موھن جي دڙي جي ڪن مورتين ۽ مھرن تي اُڪريل عورتن جي تصوير جي مٿي تي اھڙي نموني جو ڪپڙو نظر اچي ٿو. ماھرن جو خيال آھي ته سوٽي ڪپڙي کي ڪلف ڏيئي ڪنھن قالب ۾ وجھي، اھو مٿي جو ڪپڙو تيار ڪيو ويندو ھو. ھينئر ”کھنبو“ ململ مان ڇري، رنڱي ۽ ڪلف ڏيئي ٺاھيو وڃي ٿو.

سوسيِ: سنڌ جو خاص ڪپڙو ”سوسي“ آھي. اڳين زماني ۾ نه فقط عورتون، پر مرد به سوسين جون سٿڻون وڏي شوق سان پائيندا ھئا، ڀائنجي ٿو ته ھن ڪپڙي جي نسبت بابلي تھذيب جي شھر”سوسا“ سان آھي. معلوم ٿئي ٿو ته ”سوسا“ طرف ھي ڪپڙو تمام گھڻي انداز ۾ ويندوھو، انھيءَ ڪري مٿس نالوئي ”سوسي“ پئجي ويو. ھڪ راءِ ھيءَ به آھي ته سنڌ جي اسماعيلي خوجن واپارين ٽيونس جي شھر جو ڪپڙو گھرائي، اھڙو ڪپڙو سنڌ جي ڪورين کان ٺھرايو، انھيءَ ڪري ان تي نالو ”سوسي“ پئجي ويو. انگريزن جي دور تائين ھي ڪپڙو ايران، عراق، مسقط، يمن وغيره تائين ويندو ھو. ھن کي سنڌ ۾ ڪن ھنڌن تي ”ڪورڪي“ به چيو ويندو آھي. ھن ڪپڙي جي سڃاڻپ اھا آھي ته ھي ڪپڙو اڇو يا ھڪ رنگونه ٿيندو آھي، پر ڪانه ڪا مختلف ليڪن يا پٽن واري ڊزائين ٿيندي آھي، اھا ڊزائين ڪپڙي اُڻڻ وقت مختلف رنگن جي تانين ذريعي رکي ويندي آھي. پيٽو فقط ھڪ رنگو ڳاڙھو، ڪرمچي يا ڪارو ٿيندو آھي. انھن کان سواءِ ٻي ڪنھن به رنگ جو پيٽو نه ٿيندو آھي.

قديم زماني ۾ نفيس ۽ عمدي قسم جي سوسيءَ جي تانيءَ کي اَڏاڻي تي آڻڻ کان اڳ ۾ ان کي ”پائڻ“ جي ذريعي ملائم ڪيو ويندو ھو. ڇا ڪندا ھئا، تانيءَ کي ”پائڻ (پٽڙي لئي) ۾ پسائي ڪانن ۽ ڪاٺين جي گھوڙين تي ڊگھيو ڪري، ٻه ٽي ماڻھو مٿان بيھي، ان کي خاص قسم جي وڏن برشن سان نرم ۽ ملائم ڪندا ھئا. ان کي ”پائمو“ چيو ويندو ھو. انھن برشن کي ”سواري“ چيو ويندو ھو. انھن جي مٿان مُٺيو ھوندو ھو، جنھن ۾ ھٿ وجھي سواري تانيءَ تي گھمائي ويندي ھئي، جنھن ۾ مُٺيي جي ھيٺان ھڪ گدي ھوندي ھئي، جنھن ۾ نم جون اھي سنھيون ڪاٺيون وڌل ھونديون ھيون جن ۾ نموريون نموردار ٿينديون آھن. پائمي جورواج انگريزن جي دور تائين موجود ھو، ھينئر ختم ٿي ويو آھي.

سوسيءَ جي ٻي اھم نشاني ھي آھي ته ھن قسم جي ڪپڙي کي ”جڏا رنگ جي ڪُني“ به ٿيندي آھي. جنھن رنگ جو ”تر“ ھوندو، ڪني ان کان مختلف رنگ جي ٿيندي آھي. ڪاري ڪني بلڪل نه ٿيندي آھي.

سوسيءَ کي لاڙ ۾ ”گربي“ چيو ويندو آھي، ھن جو بَرُ ڏھن گرھن کان وال تائين ٿيندو آھي. سوسي سوٽي بھ ٿيندي آھي، ته ريشمي به ھنر جي لحاظ کان ھن جا ٻه قسم ٿين ٿا. سادي سوسي ۽ موٺڙو چئو پيرو ٿيندو آھي، يعني ٺاھڻ وارو، موٺڙي تيار ڪرڻ لاءِ اُڻڻ وقت ڊزائين موجب رٿيل چار پيرا مٽيندو آھي. ھينئر موٺڙي ۾ سونھنري تار به وڌي وڃي ٿي، ان کي ”چمڪي موٺڙو“ يا ”تار وارو موٺڙو“ يا ”تلا“ سڏيو وڃي ٿو، سادي سوسيءَ ۽ موٺڙي ۾ فرق ھي ھوندو آھي، جو موٺڙي ۾ ليڪو ھوندو آھي، جيڪو ٻه رنگون يا ٽي رنگو ٿيندو آھي، ۽ اڇي مختلف رنگن واريون تارون اھڙي نموني جڙيل ھونديون آھن، جوليڪي وارا رنگ ٽوپي وانگر ور وڪڙ نظر ايندا آھن. سوسيءَ جو ليڪو سڌو ٿيندو آھي. ان کانسواءِ سوسيءَ جي ڪن ڊزائينن ۾ پٽا به ٿيندا آھن. موٺڙي ۽ سوسيءَ جا ڊزائين موجب ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن مان ھي عام آھن.

1- گلبدن: ھن ۾ ڳاڙھو يا واڱڻائي تَرُ ھوندو آھي، ۽ وچ ۾ اڇا ليڪا ٿيندا آھن. ھن کي ڪوري ”ھڪ ليڪي“ به سڏيندا آھن. ان کي ”ميرخاني“ به چيو ويندو آھي. جيڪب آباد وارا ان کي ”گيگم“ به سڏيندا آھن. ھي سوسيءَ جو بھترين قسم سجھيو ويندو ھو، ۽ ان جي وڏي عزت ھوندي ھئي. خوشحال ۽ امير ماڻھن جون عورتون ھن قسم جون سٿڻون پائينديون ھيون. بادشاھه عنايت چيو آھي:

”گلبدن جون گجريون، ارم- اوڍيائون. “

امير ماڻھو ۽ مير صاحب به ھن ڪپڙي جون سٿڻون وڏي شوق سان پائيندا ھئا، ڪن اميرن ۽ زميندارن ته ھن ڪپڙي تي خوش ٿي، ڪورين کي زمينون انعام ۾ ڏئي ڇڏيون. ھن کي ڪوري ”سنھه خطو“ به سڏيندا آھن.

 

2- دوخطي: گلبدن ۾ ھڪ ليڪو ٿيندو آھي، پر ھن ۾ ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي به ليڪا ٿيندا آھن.

3- ملتاني ڇڳي: ھيءَ اصل ملتاني ڊزائين آھي. سنڌ ۾ رائج ٿي ته ان کي ”ملتاني ڇڳي“ سڏيو ويو.

4- ڪنگڻي پاو: ھن کي پنج- پٽو به سڏيندا آھن.

5- سوسنو: ھن کي ”بنوشو“ ۽ ”نير ٻڌي“ به چوندا آھن.

6- ڪناويز: ھن کي ”تسر“ به چوندا آھن. ھي گھڻو ڪري ريشم مان ٺھندو ھو. پنجاب ۾ ان کي ”ناسو“ چوندا ھئا.

7- دوخطي چوتار: ھن ۾ گڏ ٻه اڇا ليڪا ٿيندا آھن، پر ھر ليڪي ۾ ٻن تارن بدران چار تارون ٿينديون آھن. ھن کي ”چرٻي“ به چيو ويندو آھي.

8- پنج رنگي 9- ڇھه رنگي 10- ست رنگي 11- سنھي ڇڳي 12- اڳٽ پٽي 13- مور کنڀي 14- سرڻ 15- ڄمون 16- ڀڳڙي ڦار 17- موٺ 18- ڪچومون 19- ڪشمش 20- تڪمي تي 21- تيلي پٽو22- بادامي 23- ليمائي 24- صوفائي 25- مٽر گل وغيره.

ماضي قريب ۾ سوسيءَ جا وڏا مرڪز ھوندا ھئا: ھالا، گمبٽ، کھڙا، پير ڳوٺ، لاھوري محلو لاڙڪاڻو ۽ سکر ضلعي جاڳوٺ: ماڙي، لکي، وزير آباد، شڪارپور، چڪ، ڀرڪڻ ۽ عبدو وغيره، هينئر سوسيءَ جو رواج بلڪل ختم ٿي ويو آهي، انهيءَ ڪري هينئر سوسي فقط ھالا، گمبٽ ۽ کھڙن ۾ اڄي ٿي، سا به تمام ٿوري تعداد ۾. ٻئي ڪنھن به ڳوٺ يا شھر ۾ سوسي ڪانه ٿي اُڄي جيڪا سوسي اُڄي ٿي، سا به گھڻو ڪري ريشمي. ھينئر فيشن طور ريشمي سوسيءَ مان عورتون سٿڻ کانسواءِ قميصون ڪن ٿيون ڪي شوقين نوجوان بشرٽون به سبرائين ٿا.

انگوڇو: ھي ھڪ چوڪڙي تي ڪپڙو ٿيندو آھي، جيڪو عام طرح ڏيڍ کان ٻه وال ڊگھو، ۽ مُني وال کان وال ويڪرو ٿيندو آھي. چوڪڙي سنھي به ٿيندي اٿس ليڪو ڳاڙھو ٿيندو اٿس. پر جيڪڏھن تَرُ ڳاڙھو، ته ليڪو وري اڇو ٿيندو اٿس. ڪن ڊزائنن ۾، ٻٽو ليڪو به ٿيندو اٿس. ھن کي ڪَني به ٿيندي آھي.

 انگوڇو وھنجڻ وقت ھيٺ تي ٻڌو ويندو آهي، ڪمي ڪاري ۽ هاري ناري ڪم ڪار وقت هيٺ انگوڇو ٻڌندا آهن. ٻھراڙيءَ جا ڪيترا ماڻھو مٿي ڍڪڻ لاءِ مٿي تي انگوڇو ٻڌندا آھن. ڀائيبند جڏھن ٻاھر نڪرندا آھن ته ڪلھي تي انگوڇو رکي ھلندا آھن. خاص طرح سان اتر سنڌ ۾ انگوڇي جو تمام گھڻو رواج آھي. انھيءَ ڪري انگوڇن جو تمام وڏو کاپو آھي. سکر ۽ خيرپور ضلعن جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ انگوڇا تمام وڏي تعداد ۾ تيار ٿين ٿا. سنڌي ڪورين کانسواءِ سکر شھر ۽ ضلعي ۾ مھاجر ڪوري ۽ ماڙيچا به انگوڇا ٺاھين ٿا. سکر شھر جي ڪپڙي مارڪيٽ ۾ انگوڇن ۽ پوتڙن جا ٻڌي جا ڪيترائي دڪان آھن.

پوتڙو: سنڌ ھڪ گرم علائقو آھي، انھيءَ ڪري عام طرح سان مردن کي چيلھه کان ھيٺ پيرن تائين ھوندو آھي. اھو سوا ٻن والن کان ٽن والن تائين ڊگھو ٿيندو آھي. بَرُ- سوا وال يا ڏيڍ وال ٿيندو آھي. ان کي گوڏ يا پوتڙو چئبو آھي. خاص طرح سان اتر سنڌ ۾ گوڏ جو عام رواج آھي. عام ماڻھو ته اندر ٻاھر گوڏ ٻڌندا آھن پر خوشحال ماڻھو ۽ ڪامورا بھ اونھاري ۾ گھرن ۾ گوڏ ٻڌندا آھن. سنڌ کانسواءِ پنجاب ۾ به گوڏ جو عام رواج آھي. پنجاب ۾ عورتون به گوڏ ٻڌنديون آهن، پر اھا گوڏ گھڻو ڊگھي ۽ ويڪري ٿيندي آھي.

پاڪستان کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ گوڏ جو عام رواج آھي. جھڙوڪ: ھندستان، انڊونيشيا، ملائيشيا، ڪمبوڊيا، ٿائلينڊ ۽ يمن وغيره.

سنڌ ۾ گوڏ جو رواج تمام قديم زماني کان ھليو اچي. موھن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته اھو رواج ان زماني ۾ به موجود ھو. موھن جي دڙي جي ھڪ مجسمي کي چيلهه تي ھڪ ڪپڙو پھرڻ جو ٻڌل آھي. يجر ويد ۾ به اھڙي ڪپڙي پھرڻ جو ذڪر آيو آھي، ۽ ان کي ”يوپاوتيا“ چيو ويو آھي. اھو لفظ سنڌي لفظ ”پوتڙو“جي بدليل صورت معلوم ٿئي ٿي.

پراڻي زماني ۾ اڇي ڪپڙي کي نير جي رنگ ۾ ٻوڙي تيار ڪيو ويندو ھو. پر پوتڙي کي پاسن ۽ وچ تي ڊزائين ٺاھڻ لاءِ اڇي ڪپڙي کي پھريائين ڊزائين موجب ڌاڳا ٻڌي پوءِ نير ۾ ٻوڙيو ويندو ھو. نيرو مان ڪڍڻ کانپوءِ سڪائي ڌاڳا کوليا ويندا آھن، ڊزائين ظاھر ٿي پوندي ھئي. ھينئر اھو رواج گھڻو گھٽجي ويو آھي. ھينئر اُڻڻ وقت ئي مختلف ڊزائينون رٿيون وينديون آھن. اھي ڊزائينون ڪي پَٽي واريون ھونديون آهن، ته ڪي ليڪي واريون ڪي موٺڙيءَ تي ھونديون آھن، ته ڪي چوڪڙي تي ھونديون آھن. ڪن تي وڏن پٽن جي وچ تي راڪيٽ جي صورت وارا اڇا ڪڪر آھن، انھن کي راڪيٽ وارا پوتڙا چيو ويندو آھي. ڪن کي وري ھڪ رنگي وڏي ڪني ٿيندي اھي. اھڙيءَ اٽڪل سان اھي پوتڙا  اُڻيا ويندا آھن، جو چوڪڙيءَ وارو پيٽي جو ليڪو وچ تي ھوندو آھي، پر ڪني ۾ نه ايندو آھي.

پوتڙن جو ايترو ته کپ آھي، جو سکر ۽ خيرپور ضلعن جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ تمام وڏي تعداد ۾ پوتڙا گھرائيندا آھن. ھينئر ھٿ سان ھلندڙ آڏاڻن کانسواءِ پاور لوم (مشين) تي پوتڙا تيار ٿين ٿا.

 

ماخذات

انگريزي

Sir John Marshal, Arthur: Mohen jo Daro and the Indus Civilization, London, 1931. Vol: 1.

N.C Majumdar: Explorations in Sind, 1934.

Herodotus (included in “Great Books of the Western. World”, Editor in Chief: Rolurt Maynard Hutchins, Vol: 6, Chicago, 1971.

E. Gibbon: History of the Decline and fall of Roman Empire, Vol: I: VII, London.

Encyclopadia Britannica, Vol: 6, 1968

Manick Pithawala: The Indus and its Navigation in Karachi, 1937.

Ishwari Tope: Indian Civilization, Vol: 6, 1948.

William Vincent, D.D: The Voyage of  Nearchus from Indus to Euphrates, London, 1766.

James Tod: Annals and Antiquities of Rajisthan, London, 1914

R. Hughes Thomas: Memories on Sind, 1855, Reprint 1979.

Nicolos Manuchi: Travels Through Mughal India, 1653- 1708, English Trans: William Jruine, 1913, Reprint 1976, Lahore.

Gazetteer of  Karachi Dist: Bomby1919.

Gazetteer of Sukhur Dist. Bomby1928.

Gazetteer of  Hyderabad Dist: Bomby1920.

Gazetteer of  Tharparkar  Dist: Bomby1920.

سنڌي

رحميداد خان مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، سنڌ يونيورسٽي. 1952ع.

رحميداد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع.

ڇٻلاڻي: سنڌ جي اقتصادي تاريخ، سنڌي ترجمو: سراج الحق ميمڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع

ڊاڪٽر نبي بخش قاضي: مقالو ”سنڊن“، شايد ٿيل سه ماھي ”مھراڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، جلد 17، نمبر 3.

عربي

مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي: بذل القوه في حوادث سني النبوه، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1966ع.

اردو

علامھ سيد سليمان نوي: عرب و ھندلآ تعلقات، ھندوستاني اکادمي، الـﮧ آباد، 1930ع.

مولانا مسعود علي ندوي: ھندستان عربون کي نظر مين، دارالمصنفين اعظم ڳڙھ، 1960ع.

خورشيد احمد فاروق: عربي لٽريچر مين قديم ھندوستان، ندوه المسلمين دھلي، 1962ع

نڪولاس منوچي: ھندوستان عھد مغليه مين (اسٽوريا ڊومو گر) ترجمه: ملڪ راجا شرما، ناولسٽ ايجنسي، لاھور.

اعجاز الحق قدوس: تاريخ سنڌ، مرڪزي اردو بورڊ، لاھور، 1974ع.

 

قريشي حامد علي خاناڻي

ڪوٽڙي مغل

(شاھه لطيف جي مجازي بستي)

شاھه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي تذڪره نگارن ۽ مقدمين سندس باري ۾ جيڪي ڪجھه لکيو آھي، سو اڃان تائين سطحي آھي. سنڌ جي عالمن ۽ اديبن ھن وقت تائين شاھه صاحب کي اسان سنڌ وارن جي اڳيان صرف ھڪ روپ ۾ پيش ڪيو آھي، اھو آھي شاھه صاحب جي تصوف وارو روپ، پر شاھه صاحب جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڪيتريون ئي ڳالھيون اڃان تحقيق طلب آھن. جن تي اسان کي تحقيق ڪري، مفصل روشني وجھڻ گھرجي. دراصل شاھه صاحب جو رسالو سنڌ جي سرزمين جي ھڪ پوري تاريخ آھي ۽ سنڌ اندر ٿيندڙ واقعن ۽ حقيقتن کي لطيف سائينءَ پنھنجي عوامي شاعريءَ جي ويس ۾ اشارن ۽ ڪناين ۾ پيش ڪيو آھي. اھڙا ڪيترائي ان دؤر جا تاريخي واقعا سندس زندگيءَ سان واسطو رکن ٿا.

شاھه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڄمڻ جي ھنڌ جي باري ۾ پڻ اڃا تائين سنڌ جي اديبن ۽ عالمن ۾ اختلاف پئي رھيو آھي. شاھه صاحب جي ڪن سوانح نگارن سندس ڄمڻ جو ھنڌ ”ھالا حويلي“، ته ڪن وري ”ڀئي پور“ ڪري لکيو آھي. انھيءَ متعلق شمس العلماء مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته:

”شاهه عبداللطيف، جنھن کي گھڻو ڪري ”شاھه ڀٽائي“ يا ”ڀٽائي گھوٽ“ يا ”ڀٽائي بادشاھه“ ڪري سڏيندا آھن. سو سال 1106 ھجري مقدس يا 1689 عيسوي، حيدرآباد ضلعي جي ھالن جي تعلقي ۾ کٽياڻن جي ڳوٺ ويجھو ”ڀئي پور“ ۾ ڄائو ھو. سندس ڄمڻ جي جاءِ ”ھالا حويليءَ“ ۾ ھئي، جا ڀئي پور جي لڳ ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ ڏي ھئي. جنھن گھر ۾ شاھه صاحب ڄائو، اتي پوءِ ھڪڙي مسجد جوڙائي ويئي ھئي، جا اڃان تائين نصيرواھ جي ڪلھي تي بيٺل آھي. “ (1)

مرزا قليچ بيگ مرحوم جي انھيءَ مٿئين بيان ۾ تضاد نظر اچي ٿو. مرزا صاحب پھرين شاھه صاحب جي جنم جو ھنڌ ”ڀئي پور“ ۾ ڄاڻائي ٿو ۽ پوءِ وري اڳتي ھلي ”ھالا حويلي“ ۾ سندس ڄمڻ جي جاءِ ٻڌائي ٿو. حالانڪه اھي ٻئي ڳوٺ سندس ئي لکڻ موجب الڳ الڳ آھن. پوءِ ڪھڙيءَ طرح سان ٻئي ڳوٺ ڄمڻ جا ھنڌ ٿي سگھن ٿا؟ اسان جي رايي موجب اھو بلڪل صحيح ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ان باري ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي ”مقدمه لطيفي“ ۾ سواءِ ڪن ڪجهه ڳالھين جي، باقي سمورو بيان مرحوم مرزا صاحب وارو ئي دھرايو آھي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:

”شاھ عبداللطيف حيدرآباد ضلعي جي ھالا تعلقي ۾ ”ھالا حويلي“ جي ڳوٺ ۾ ڄائو ھو. اھو ڳوٺ ھاڻي ويران آھي، ڀٽ کان اٽڪل نَو ڪوھه پري، ان جا ڦٽل نشان اڃان ڏسڻ  ۾ پيا اچن. جنھن کي گھر ۾ شاھه صاحب ڄائو ھو، تنھن مٿان آخرھڪ مسجد جوڙائي ويئي هئي، جا اڃان تائين قائم آھي. “ (2)

ڊاڪٽر گربخشاڻي پنھنجي ان بيان ۾ ”ڀئي پور“ ڳوٺ جو نالو حذف ڪري ڇڏيو آھي. خبر نه آھي ته ان لاءِ وٽس ڪھڙو سبب ھو؟ سنڌ جي ھڪ ٻئي عالم پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي وري مرزا قليچ بيگ واري بيان کي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وانگي ”ڀئي پور“ ڳوٺ جي نالي کي خارج ڪندي، باقي ساڳيو رايو دھرايو آھي. ھو لکي ٿو ته:

”شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو جنم 1102ھ مطابق 1689ع- 1690ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي ھالا تعلقي ۾، ھالا حويلي“ جي ڳوٺ ۾ ٿيو. اھو ڳوٺ ڀٽ کان نَو ڪوھه پري، ھينئر ڦٽل صورت ۾ پيو آھي. جنھن گھر ۾ شاھھ جو جنم ٿيو، اتي پوءِ مسجد ٺھرائي ويئي ھئي، جا اڃان تائين قائم آھي. چون ٿا ته اھا مسجد لونگ فقير، جنھن جي تربت خيرپور ياست جي ويجھو آھي، تنھنجوڙائي ھئي. “ (3)

پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، شاهه صاحب جو جنم ”هالا حويلي“ ۾ ڏيکاريندي لونگ فقير جي جوڙايل جنهن مسجد شريف جو ذڪر ڪيو آهي، اها ”هالا حويلي“ ۾ نه، بلڪه ”ڀئي پور“ ۾ ٺهرايل آهي، انهيءَ جي متعلق اسان اڳتي هلي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون. مولانا دين محمد وفائي، شاهه صاحب جي ڄمڻ جو صحيح هنڌ ڄاڻندي لکي ٿو ته:

”شاھه عبداللطيف جي ولادت باسعادت سال 1102 ھجري مطابق سال 1690ع ۾ ٿي. شاھ جي ولادت يا جنم ھالا تعلقي جي ھڪ ڳوٺ ”ڀئي پور“ ۾ ٿيو، جو ڀٽ کان نَو ڪوھه پري، ھن وقت ويران حالت ۾ دڙا لڳو پيو آھي. شاھه صاحب جنھن گھر ۾ ڄائو ھو، اتي لطيفي جماعت جي لونگ فقير مھيسر لوڙھي واري، جنھن جو مقبرو خيرپور رياست لڳ آھي، ھڪ مسجد جوڙائي آھي، جا نصير واھه جي ڪپ تي بيٺل آھي. “ (4)

مولانا دين محمد وفائي مرحوم جو اھو مٿيون رايو اسان جي نظر ۾ وڌيڪ صحيح ۽ مستند آھي. اسان کي ”ڀئي پور“ ۽ ”ھالا حويلي“ جي آسپاس رھندڙ وڏڙي عمر جي ماڻھن وٽان جيڪي صدري روايتون مليون آھن، تن جي وفائي صاحب جي ان بيان مان پوري تصديق ٿئي ٿي. انھيءَ مٿئين سموري بحث کانپوءِ اسان ان نتيجي تي اچون ٿا ته سنڌ جو سدا حيات شاعر شاھه عبداللطيف ڀٽائي سن 1102ھه سن 1689ع ۾ سنڌ جي قديم ڳوٺڙي ”ڀئي پور“ ۾ ڄائو ھو.  (5) شاھه صاحب جو ننڍپڻ انھيءَ بستيءَ ۾ گذريو. دراصل ”ڀئين“ سنڌ جي ھڪ قديم قوم ھئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ”ڀئي“ ۽ ”ھالا“ قوم جا ماڻھو ھميشه پيا پاڻ ۾ وڙھندا ھئا. اڄ به انھيءَ طرف اھا چوڻي مشھور آھي ته ”ڀئين ۽ ھالن“ وانگي يا پاڻ ۾ وڙھن. (6) ”ڀئي پور“ ڳوٺ ۾ جنھن جاءِ تي شاھه صاحب ڄائو ھو، اتي سندس معتقد مريد لونگ فقير ھڪ مسجد جوڙائي ھئي، جا اڄ ڏينھن تائين قائم آھي.

شاھ ڀٽائي اڃان ٻالجتيءَ ۾ ئي ھو ته سندس والد شاھ حبيب ”ڀئين“ ۽ ”ھالا“ قوم جي پاڻ ۾ گھرو جھڳڙن کان تنگ ٿي ، ”ڀئي پور“ مان لڏي اچي ”ھالا ڳوٺ“ ۾ ويٺو. ”ھالا ڳوٺ“ جو نالو سيدن جي ”حويليءَ“ ٺاھي اچي رھڻ ڪري ”ھالا حويلي“ پئجي ويو. ”ھالا حويليءَ“ جو اھو ڳوٺ ڀٽ شاھه کان اٽڪل ٻه اڍائي  ڪوھه کن پري آھي ۽ سنڌ جي قديم تاريخي شھر نصرپور کان ٽن- چئن ميلن تي آھي. ھن وقت ڳوٺ جو اھو اڳوڻو اوج نه رھيو آھي.  ”وائيءَ جو ڳوٺ“ پڻ ”ھالا حويليءَ“ جي نزديڪ آھي. اتان جي آخوند نور محمد ڀٽي کي، شاھه حبيب خاص طرح پنھنجي فرزند شاھه عبداللطيف جي پڙھائڻ لاءِ ”ھالا حويليءَ“ ۾ گھرايو ھو. (7)

ان زماني ۾ نصرپور ھڪ واپاري شھر ھو ۽ آسپاس جا ماڻھو سودو سلف خريد ڪرڻ لاءِ نصرپور ۾ ايندا ھئا. شاھ حبيب پڻ گھرو سامان ۽ سودي سلف خريد ڪرڻ لاءِ ”ھالا حويليءَ“ کان نصرپور ايندو ھو. ان زماني ۾ نصرپور شھر جي شاھي بازار جي منڍ ۾ ”ابراھيم“ نالي ھڪ سالڪ مجذوب درويش کٻڙ جي ھيٺان ويٺوھوندو ھو. شاھه حبيب جي باري ۾ مقامي ماڻھو روايت ڪن ٿا ته جڏھن پاڻ نصرپور ايندو ھو ته پنھنجي پياري فرزند لطيف کي به گھوڙي تي پنھنجي پوئتان سوار ڪري ايندو ھو ۽ پنھنجي گھوڙي انھيءَ مجذوب واري کٻڙ وٽ اچي ڍريندو ھو. ابراھيم مجذوب ھميشه لطيف سائينءَ کي غور سان گھوريندو ھو. ھڪڙي ڀيري ھن درويش شاھه حبيب کي فرمايو ته سائين! ھن نينگر جي پيشاني ٻڌائي ٿي ته ھي وڏو عابد، زاھد ۽ پنھنجي وقت جو وڏو ولي ڪامل ٿيندو. توھان کيس پنھنجي پوئتان گھوڙيءَ تي سوار نه ڪندا ڪريو! ابراھيم مجذوب جي مرازاڄ به نصرپور جي شھر جي وڏي بازار جي منڊ ۾  موجود آھي. پاڻ پنھنجي وقت جو وڏو ولي الله ۽ سالڪ مجذوب ٿي گذريو آھي. (8)

شاھه عبداللطيف ڀٽائي اڃا ويھن ورھين جي ڄمار جو مس ھو ته سندس والد شاھه حبيب ڪن زماني جي حالتن سبب ”ھالا حويلي“ ڳوٺ مان لڏي وڃي ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ حويليءَ ٺاھي رھيو. شاھه صاحب جا گھڻو ڪري سڀئي سوانح نگار ان ڳالھه تي متفق آھن ته شاھه حبيب ”ھالا حوالي“ مان ئي لڏي وڃي. ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ دائمي سڪونت اختيار ڪئي ھئي. (9)

ڪوٽڙي مغل“ جو قديم تاريخي ڳوٺ ھالا تعلقي ۾ ڀٽ شاھه کان پنج ڪوھه پراڻي ”سانڱري واھه“ جي ڪنڌيءَ تي ھڪ وسندڙ ۽ واپاري ڳوٺ ھو. ھن وقت اھو ڳوٺ زماني جي حادٿن ۽ ”سانڱري واھه“ جي ڦٽڻ سبب ڦٽي ڀڙپانگ ٿي ويو آھي. ھن ڦٽلبستيءَ جا نشان واريءَ جي دڙن جي صورت ۾ اڄ بڪ موجود آھن. ”سانڱري واھ“ جو وھڪرو درياھه سنڌ جي قديم وھڪرن مان ھڪ آھي. ھن واھ جي ڪلھي تي اڳئين زماني ۾ ڪيترائي قديم ڳوٺ، واھڻ، ۽ وستيون آباد ھيون، جي سندس بند ٿيڻ کانپوءِ زماني جي انقلابن ۽ حادثن ڪري معدوم آھن. تاريخ سنڌ جي مطالعي مان اھا ڳالھ ظاھر ٿئي ٿي ته انھيءَ درياھي وھڪري جي ڪناري تي سنڌ جو مشھور شھر نصرپور پڻ بلي بلي ھو ۽ نصرپور جو واپار ڏورانھن ڏيھن، انھي واھه جي رستي ھلندو  ھو. نصرپور ھن وھڪري جو مشھور بندر ھو. ھن قديم درياھي وھڪري جا نشان اڄ به نصرپور شھر جي اتر، اوڀر ۽ ٽنڊي الھيار جي اولھه ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. چون ٿا ته سن 1752ع ۾ ميان غلام شاھه ڪلھوڙي جي دور ۾ درياھه سنڌ جي رخ ڦيرائڻ ڪري ”سانڱري واھ“ وارو وھڪرو پڻ ڦٽي تباھه ٿي ويو.

چون ٿا ته ”ڪوٽڙي مغل“ اصل ۾ سيدن جو ٻڌايل ڳوٺ آھي. (10) ”ڪوٽڙيءُ“ جي سر زمين ۾ سيد اُڀن شاھه دفن ٿيل آھي. ان ڪري ھن کي اوائل ۾ ”ڪوٽڙي اُڀن شاھ“ ڪري سڏيو ويندو ھو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ انھن خاندانن جا ڪيترائي گھر لڏي اچي ھتي آباد ٿيا. انھي ڪري بعد ۾ ڪوٽڙي مغل“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ه آيو. ارغونن ۽ ترخانن جي قبيلن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي قبيلا ھن ڳوٺ ۾ رھندا ھئا. ”ڪوٽڙي مغل“ جي بستي ان زماني ۾ نصرپور کانپوءِ چڱو درياھي بندر ھو.

شاھه حبيب جنھن وقت ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ اچي رھيو، ان وقت اتان جو جاگيردار مرزا جان بيگ ھو. مرزا جان بيگ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ مرزا لاله بيگ عرف مرزا مغل بيگ اتان جو جاگيردار ٿيو. اھو غالبن ڪلھوڙن جو شروعاتي دور ھو. شاھه ڀٽائيءِ جي سوانح نگارن مرزا مغل بيگ کي ”ارغون گھراڻي“ مان ڪري ڄاڻايو آھي. ساڳئي وقت مرزا مغل بيگ جي تربت تي جيڪو تاريخي ڪتبو اُڪريل آھي، اُن تي پڻ ”ارغون“ لکيل آھي، ان ڪري ان ڳالھه جي ھيڪاري پڪ ٿئي ٿي ته پاڻ ”ارغون“ خاندان مان ھو. انھيءُ سلسلي ۾ نصرپور جي مغل خاندان جي ھڪ نوجوان مرزا خير محمد ”ڪوٽڙي مغل“ جي ” مغلن لاءِ هڪ ٻئي روايت بيان ڪري ٿو، هن صاحب جو چوڻ آهي ته (ڪوٽڙي محلي) ”مرزا مغل بيگ“ جي گھراڻي جو تعلق سنڌ جي ”ارغون“ يا ”ترخان“ گھراڻي سان نه آھي، پر مرزا مغل بيگ بن مرزا جان بيگ جي گھراڻي جو تعلق اورنگزيب جي ڀاءُ ”شھزادي مراد بخش“ جي آڪھه سان آھي. غالبن وانگرزيب جي برادر ڪشي واري دور ۾ جڏھن شھزادي مراد بخش کي گواليار جي قلعي ۾ قيد ڪرائي قتل ڪرايو ھو، تڏھن اُن وقت سندس اولاد مان ڪو شھزادو جان بچائي ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ ”ڪوٽڙي مغل“ ۾ اچي رھيو. اورنگزيب جڏھن پوريءَ طرح سان ھندستان جي تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻيو ۽ ڪوبه خطرو محسوس نه ڪيائين، تڏھن سنڌ ۾ آيل مراد بخش جي خانداني آڪھه کي ”ڪوٽڙي“ ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو جاگير طور ڏنائين (11)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com